Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, March 19, 2022

مني بجيٽ، نواز شريف جي واپسي ۽ حڪومتي تبديلي

   Pahenji Akhbar Dec 31, 2021

وڏو ٿرٿلو مٿل آهي ته نوازشريف ٿو اچي، اجھو ٿو اچي، نواز ليگ جو چوڻ ته ٺهي به ٿو جو هو چوي ته ڇوڪرا ڇوڪرا پاسي ٿيو نوازشريف ٿو اچي. پر پاڻ حڪومتي صفن ۾ به ٿرٿلو متل آهي، وزيراعظم کان وٺي ان جي خاص صلاحڪارن تائين سڀني جي وات تي اها وائي آهي ته نوازشريف ٿو اچي، جو حڪومتي ڌر چوي ٿي ته هو ايئن ڪيئن ايندو؟ مٿس ڪيس هلندڙ آهن، قيد جي سزا آيل آهي، هو ايئن ڪيئن وزيراعظم ٿي ويندو، هرڪو پنهنجي طور تي اهو راڳ ڳائي رهيو آهي، ايڏو گوڙ ۽ شور متل آهي جو ٻيو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ يا وري سمجھه ۾ نٿو اچي. حڪومتي ڌر ايئن ڇو پئي ڪري؟ هي هڪ وڏو سوال آهي. هڪ خيال اهو آهي ته نوازشريف صرف تڏهن اچي سگھندو جڏهن عمران خان نه هوندو. عمران خان هوندو ته ڪنهن نه ڪنهن نقطي تي هو آڏو اچي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن هڪ ڀيرو ميان صاحب ڦاٿو ته اتان نڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو ۽ هن پنهنجي توڙي ميان شهباز شريف جي لنڊن روانگي واري تجربي مان اها ڳالهه ضرور سکي هوندي، يعني نوازشريف جو اچڻ بنهه عمران خان جي وڃڻ سان مشروط آهي.

لنڊن توڙي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ گذريل ٻن هفتن کان جيڪي ڳالهيون هلي رهيون هيون تن جو اڃا تائين ڪو حتمي نتيجو نه نڪتو آهي يا ايئن کڻي چئجي ته ڪو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي پر بظاهر لڳي ٿو ته ڪجھه نه ڪجھه ٿيو ضرور آهي. ڪجھه نه ڪجھه ٿيڻ واري ڳالهه ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندي رهي آهي، ظاهر آهي ته وزيراعظم عمران خان جا ذريعا وڌيڪ موثر ۽ باخبر آهن جن کيس پڪي پختي خبر ڏني هوندي، ان ڪري هو اهو ئي سمجھندو ته کيس هٽايو پيو وڃي. هو پنهنجي بچاءَ ۾ مختلف شيون چئي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ سماجي توڙي غير مصالحتي حلقن ۾ سندس خامي توڙي نواز شريف جي مخالفن کي معاملي کان آگاهه ڪري رهيو آهي، هونئن به چئي سگھجي ٿو ته هو نوازشريف مخالف پنهنجي موقف تي بيٺو آهي. پر هرڪو ڄاڻي ٿو ته عمران خان رڳو موقف تي بيهڻ وارو ماڻهو ناهي، هو “يوٽرن” وٺندو رهيو آهي ۽ يوٽرن وٺڻ کي جائز به سڏيندو رهيو آهي.

ان ڪري ڳالهه اصولي موقف کان اڳتي اچي وئي آهي، اهو ڊپ ته نوازشريف کي ايندو ته سندس حڪومت هلي ويندي، ته حڪومتي ڌر  طرفان ته نواز شريف اچي پيو جي بيان جي حمايت جو هڪ ٻيو سبب اهو به چيو پيو وڃي ته ان سڄي گوڙ ۾ باقي سموريون شيون دٻجي وڃن ۽ غير اهم ٿي وڃن. خاص طور تي مني بجيٽ، جيڪا ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي. ان بجيٽ لاءِ پاڪستان بابت آءِ ايم ايف جي ڇهين نظرثاني رپورٽ جي لاءِ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو 12 جنوريءَ تي ٿيندڙ آءِ ايم ايف جي بورڊ ۾ پاڪستان کي قرض جاري رکڻ بابت فيصلو ٿيڻو آهي. مني بجيٽ ۾ رڳو ٽئڪس ۽ عوام کي مختلف اسمن تي ملندڙ رعايتن يا سهولتن جي خاتمي جي حوالي سان اپوزيشن جماعتن جا بيان پنهنجي جاءِ تي پر معيشت جا ڄاڻو چون ٿا ته ان بعد ملڪ جو سمورو مالي نظام اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي آءِ ايم ايف وٽ هليو ويندو. ملڪي ادارن يا پارليامينٽ جي وس ۾ ڪو به مالي معاملو نه هوندو، هنن کان اڳ  ملڪ جو  رڳو معاشي نظام ٻاهرين ادارن يا ملڪن جي حوالي هو پر هاڻي مالي نظام به انهن وٽ هليو ويو آهي، ڊالر جي قيمت ۾ جيڪا لاڳيتي واڌ ٿيندي ٿي رهي،

اهو ان ڳالهه ڏي شروعاتي اشارو هو ته مالي نظام آءِ ايم ايف جي وس ٿيڻ جا ملڪ جي معيشت، سماج توڙي سياست تي ڪهڙ اثر پوندا؟ ان بابت ماهرن جا رايا خطرناڪ حد تائين آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جون پارٽيون ۽ اڳواڻ ان جي چٽي تصوير عوام آڏو پيش نه ڪري رهيون آهن،  آءِ ايم ايف وارو اهو قصو هو جنهن لاءِ آصف علي زرداري چوي ٿو ته وٽس فارمولا آهي سو بهرحال حڪومت به انهيءَ ۾ خوش آهي ته مخالف ڀلي ان ۾ خوش هجن ته “مومل ٿي اچي” اسين پويان مني بجيٽ جي ذريعي پنهنجو ڪم ڪري وٺنداسين.

نواز ليگ جو خيال آهي ته کڻي ڪجھه ڪري وٺن، ڪمپني گھڻا ڏينهن هلي ڪونه سگھندي، بلڪه اهي سموريون حرڪتون هيڪاري نواز شريف جي ان موقف کي سگھارو ڪنديون ته هڪ دفعو آخري ڀيرو طئي ٿي وڃڻ گھرجي ته حڪومتي معاملا هلائڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي ۽ ٻيو اهو ته پنجاب جي قيادت سياستدانن کي ئي ڪرڻي آهي.

انهي بيانيي خلاف وڏي وٺ پڪڙ ٿي، ڪيس هليا، قيد ۽ ملڪيتون ضبط ٿيڻ جا فيصلاآيا، وڏي وٺ پڪڙ ٿي، ايتري قدر جوکيس ملڪ مان نڪرڻو پيو. نوازشريف پرڏيهه علاج ڪرائڻ لاءِ ويو اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي پر ان کان وڌيڪ اهم اهو آهي ته هو جيڪڏهن پاڪستان ۾ جيل اندر قيد رهي ها ته پنهنجي صحت ۽ وري پنهنجي سياست کي سنڀالي سگھي ها، اهي ٻئي سندس وس کان ٻاهر ٿي وڃن ها. هو ملڪ کان ٻاهر رهندي وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آزاد فضائن ۾ رهندي جيل واري پريشاني ۽ اذيت به ناهي. نوازشريف جو ملڪ کان ٻاهر هجڻ پارٽيءَ لاءِ به فائديمند آهي ڇاڪاڻ جو سندس پارٽي سان جيڪي سلهاڙيل حلقا آهن اهي سمجھن ٿا ته نوازشريف اڃا ايترو ڪمزور نه ٿيو آهي، ان ڪري اهي ان سان جڙيل رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.

2018ع جي الڪيشن جي موقعي تي، توڙي ان کان پوءِ نيب ۽ ٻين حلقن طرفان سمورا زور لاتا ويا، دٻاءُ، ڪيس، گرفتاريون، ڊپ، داٻا پر ان باوجود نواز ليگ جا اليڪٽيبل، ورڪر، ووٽر پارٽي سان جڙيل رهيا، اصل ۾ نوازشريف جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اها ئي آهي. چوندا آهن ته فوجي حڪمت عملي ۾ وڏي ۾ وڏو جنرل اهو ناهي جيڪو سٺي نموني سوڀ حاصل ڪري ٿو جڏهن طاقت آهي ته سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا وڏي ڪارڪردگي نه کپي، وڏو جرنيل اهو مڃيو وڃي ٿو جيڪو سٺي نموني شڪست کائي ٿو، يعني گھٽ ۾ گھٽ نقصان ٿئي. نوازشريف به انهيءَ حڪمت عملي تي عمل پيرا نظر اچي ٿو.

نوازشريف جي وطن ورڻ واري ڳالهه سندس پارٽي جي ماڻهن توڙي ورڪرن ۾ جوش خروش پيدا ڪيو آهي، بلڪه نئون ساهه وڌو آهي. هي هڪ اهڙو موقعو آهي جڏهن حڪومت پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ڏي وڃي پئي، ان ئي موقعي تي نواز ليگ ۾ ٻيهر سگھه اچڻ کيس چونڊون کٽڻ ۾ سولائي پيدا ڪندي، ان کي جيترو نواز ليگ اڀاريو، ان کان وڌيڪ حڪومتي ڌر اڀاريو، هاڻي چوٻول اهو ئي آهي ته نواز ٿو اچي، نواز شريف وطن واپس ڪهڙي صورت ۾اچي سگھي ٿو؟ پهرين اها جيڪا وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وزير سمجهي رهيا آهن، يعني وزيراعظم عمران خان حڪومت جي ختم ٿيڻ بعد ئي هو ايندو، ٻين لفظن ۾ اهو ته عمران خان جيستائين وزيراعظم جي عهدي تي آهي، هو نه ايندو. ٻيو اهو ته پاڪستان سرڪار پنهنجو ڪيس ٺاهي،

انٽرپول کي چوي ته اسان جو ڏوهاري لنڊن ۾ ويٺو آهي، ان کي پڪڙي اسان جي حوالي ڪيو پر انٽرپول ۾ اهو ڪيس رکڻ ۽ اتي پنهنجو موقف مڃائڻ ايڏو سولو ڪم ناهي، نئين صورت اها ٿي سگھي ٿي ته نوازشريف کي برطانوي حڪومت نيڪالي ڏئي. جيتوڻيڪ نوازشريف جي ويزا ختم ٿيل آهي پر سندس اپيل بابت برطانوي حڪومت اڃا ڪو فيصلو نه ڪيو آهي هو اتي انساني همدردي جي بنياد تي رهيل آهي. نواز شريف ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهي ۽ پاڪستان جي هڪ مقبول پارٽيءَ جو ميمبر آهي خود لنڊن ۾ نواز ليگ جا ڪيترائي حامي آهن جيڪي برطانوي شهريت وٺي ووٽ جو حق رکن ٿا، ان ڪري ايڏي تڪڙ ۾ ۽ آسانيءَ سان انگريز سرڪار وٽان فيصلو نه ايندو.

ان سڄي قصي ۾ آخري ٻه ڳالهيون يعني انٽرپول جي ذريعي گھرائڻ يا برطانوي سرڪار وٽان نيڪالي مشڪل نظر اچي ٿي. شروع واري ڳالهه پاڪستان جي وس ۾۽ پاڪستان جي حالتن سان ٺهڪندڙ آهي. ان ڏس ۾ ڪجھه ڳالهيون ٿيون آهن، ڪجھه اڃا ٿيڻيون آهن، معاملو ته مارچ تائين وڃي سگھي ٿو، هونئن به نواز ليگ کي ڪهڙي کٽي کنئي آهي جو اها مني بجيٽ ۽ ٻيا معاملا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي. سو نواز شريف به ايندو  پنهنجي مرضيءَ سان ايندو. سو هو اچي ٿو يا نٿو اچي. بهرحال سندس پارٽي اچي ٿي. ستارن جي ڪجھه گردش ٿي آهي، ڪجھه ڳالهيون اڳتي وڌيون آهن پر اڃا مڪمل نه ٿيون آهن ڪجھه معاملا رهيل آهن، تيستائين هي حڪومت جھڙي به آهي ان مان ڪم هلائڻو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها ڏينهو ڏينهن وڌيڪ ڪمزور ٿيندي پئي وڃي پر مسئلو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪهڙو ۽ ڪنهن جو سيٽ اپ هجي ان تي اتفاق راءِ نه پيو بيهي.

Pahenji Akhbar Dec 31, 2021 
Mini Budget, Nawaz Sharif's homecoming, Change of PTI govt? by Sohail Sangi

Labels: , ,

Saturday, July 06, 2019

ڇا آصف، نواز ۽ ”رياست“ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهنديون؟


ڇا آصف، نواز ۽ ”رياست“ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهنديون؟
Zardari, Nawaz Sharif,, 2019, PPP_state Talks

ڇا آصف، نواز ۽ ”رياست“ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهنديون؟

هاڻي ڳالهه اتي وڃي بيٺي آهي ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف اڌ پئسا ڏين ته ڊالر هيٺ اچي ويندو. اهو وزيراعظم عمران خان پاڻ چيو آهي. هونئن بظاهر اهو جملو ٻٽي معنيٰ رکي ٿو پر سياست ۾ ايئن ئي ڳالهائبو آهي. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته سياست سچ ڳالهائڻ جو ڏانءُ آهي. (Politics is the art of telling truth) ان جي هڪڙي ئي معنيٰ ورتي پئي وڃي ته ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل ٻه وڏا سياستدان ۽ اڳوڻا حڪمران پئسو ڏين، مسئلو حل ٿي ويندو. ساڳئي وقت وزيراعظم سان اهو جملو منسوب ڪيو پيو وڃي ته انهن همراهن جي آزادي لاءِ ڪا سفارش نه هلندي. جڏهن انهن ٻنهي جملن کي گڏي پڙهجي ٿو ته ڏاڍو عجيب لڳي ٿو. اها ڳالهه عام آهي، ان تجربي مان ذري گهٽ هر پاڪستاني گذري چڪو آهي ته جڏهن ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ڪم ڦاسندو آهي ته چيو ويندو آهي ته، “سفارشون نه هلنديون، مال ڇڏايو.” بهرحال وزيراعظم ڪو رشوت نه پيو گهري پر اهو نيب جي ڄار ۾ ڦاٿل سياستدانن کي گس پيو ٻڌائي ته ڪيئن سندن جان بچي سگهندي. هونئن نيب قانون ۾ اها شق شامل آهي ته ڪو جوابدار جيڪڏهن “پلي بارگين” يعني سودي بازي ڪري ۽ هضم ٿيل رقم موٽائي ڏي ته سندس سمورا گناهه بخشجي ويندا. اسان اهو به ڏٺو آهي ته پلي بارگين ڪيل آفيسر واپس پنهنجي عهدن تي اچي نوڪري ڪرڻ لڳا آهن.
ڇا وزيراعظم جي ان ڳالهه کي پلي بارگين جي آڇ سڏي سگهجي ٿو؟ عام طور تي پلي بارگين نيب آڏو ٿيندي آهي پر جيئن ته هي سڀ ڪجهه اعليٰ سطح جو معاملو آهي ان ڪري وزيراعظم طرفان اهڙو اظهار ڪيو ويو آهي. ڪجهه هفتا اڳ اها ڳالهه هُلي پئي ته انهن ٻنهي اڳواڻن کي اڻ سڌي طرح اهڙي آڇ ڪئي ويئي هئي. هڪڙا چون ٿا ته معاملو ان تي اٽڪي پيو ته ڪل ڪيتري رقم واپس ڪرڻي آهي ۽ پهرين قسط ڪيتري هوندي. چوڻ وارا چون ٿا ته نواز شريف ذري گهٽ ان تي راضي به ٿي ويو هو پر مريم نواز اهڙي سودي بازي لاءِ تيار نه هئي. ساڳي صورتحال آصف زرداري جي لاءِ به ٻڌائي پئي وڃي. خيال آهي ته اها ڳالهه مڃڻ کان انڪاري ٿيڻ تي مني لانڊرنگ وارا ڪيس ٺهيا. بازار ۾ اهي ڳالهيون به ٿينديون رهيون ته جيڪي ڌوٻي ۽ ٽانگي وارن جي کاتن مان پئسا پئي نڪتا سي دراصل رقم واپس ڪرڻ جو هڪ طريقو هو. دليل اهو پئي ڏنو ويو ته “توهان کي پئسا واپس پيا ملن پوءِ خميسي خان جي کاتي ۾ اچن يا جمعي خان جي کاتي ۾.”
لڳي ٿو ته آءِ ايم ايف، ايشيائي بئنڪ کان ورتل قرض، سعودي عرب ۽ قطر کان اوڌر تي ملندڙ تيل توڙي انهن ٻنهي ملڪن طرفان اسٽيٽ بئنڪ وٽ ڊالر ڌراوت طور رکڻ جي باوجود ملڪي معيشت جو گاڏو نه هلبو. ڊالر ۽ مهانگائي کي ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي، جن تي حڪومت ڪو چيڪ رکڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. حڪومت چاهي ٿي ته پنهنجي نالائقي کي به اڳوڻن حاڪمن جي کاتي ۾ لکائي ڇڏي.هن ڀيري ڳالهين جي لوڙهه بجيٽ جي ڪري حڪومت کي هئي، پر ان جو اشارو شهباز شريف ۽ آصف زرداري ڏنو. حڪومت بجيٽ ته پاس ڪرائي ورتي، پر ان کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ آئي ته اپوزيشن وڙهڻ جون ڌمڪيون ڀلي پئي ڏئي پر ان کي به ڪا لاچاري آهي جو ڳالهين لاءِ تيار آهي. بهرحال قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ٽياڪڙي ڪئي. هن ويچاري جو اوتروئي رول هو. باقي ڳالهيون سندس قدڪاٺ ۽ وس کان مٿي هيون. بعد ۾ اڻ سڌن طريقن، نياپن، اشارن ۽ اخباري بيانن ذريعي شرط شروط آيا. نواز ليگ لاءِ سڀ کان اهم معاملو ميان صاحب جي بيماري جو پرڏيهه ۾ علاج ۽ ٽيپ مان نڪرڻ آهي. ان بابت عدالت به کيس ڪو رليف نه ڏئي سگهي آهي جو اتي ڏنل درخواستون رد ٿي چڪيون آهن. پيپلزپارٽي جو معاملو آصف زرداري جي نيب جي تحويل آهي. انهن ٻنهي پارٽين “وڏن” جي چوڻ تي تحريڪ هلائي ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ معاملي جو رخ چيئرمين سينيٽ کي هٽائڻ ڏي ڪري ڇڏيو. ان ذريعي انهن بجيٽ خلاف تحريڪ هلائڻ مان پنهنجي جان ڇڏائي پر ساڳئي وقت “وڏن” کي اهو نياپو ڏنو ته اسان وٽ ترڪش ۾ اڃا به ڪي تير آهن، کيڏڻ لاءِ ڪجهه ٻيا ڪارڊ به آهن.
آصف زرداري هاڻي چوي ٿو ته اسين عمران خان سان نه پر رياست سان ڳالهائينداسين. هن کان اڳ بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي اهو چوندا رهيا ته جن عمران خان کي آندو آهي صرف انهن سان ئي ڳالهيون ٿينديون، ڇاڪاڻ جو وزيراعظم عمران خان سان ڳالهائڻ بي فائده ٿيندو. مٿان وري آرمي چيف جو تازو بيان آيو، جنهن ماڳهين اپوزيشن پارٽين جي ان موقف کي هٿي ڏني ته اصل واڳ ڌڻين سان ئي ڳالهائجي. جيڪڏهن ٻن منٽن لاءِ فرض ڪجي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري رقم موٽائڻ لاءِ تيار آهن، ايئن ڪرڻ کان پوءِ انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو؟ سندن سياست ۾ اهليت ۽ ٻين ڪيسن جو ڇا ٿيندو؟ خود سياست ۾ سندن رول ڪهڙو بيهندو؟ کين آزادي سان سياست ڪرڻ جي اجازت هوندي؟ پئسن ملڻ کان پوءِ واڳ ڌڻي عمران خان کي ايترو ئي سهارو ڏيڻ جاري رکندا؟ يا پئسن جي واپسي بعد ماڳهين منظرنامو ته تبديل نه ٿي ويندو؟ تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جڏهن عمران خان چوي ٿو ته ڪو اين آر او نه ڏنو ويندو ته ان جو مطلب ته پيسن جي واپسي بعد به انهن سياستدانن جو رول ختم ڪرڻ آهي. ان ڪري اهي ٻئي پارٽيون اصل واڳ ڌڻين سان ئي ڊيل ڪرڻ چاهينديون. مطلب ڳالهه ٻولهه هلي پئي، مختلف آپشنز ۽ گسن تي ويچار ڪيو پيو وڃي. ايندڙ هفتي دوران ڪجهه وڌيڪ شيون سامهون اينديون ته پتو پوندو ته معاملو ڪهڙي رخ تي وڃي رهيو آهي، في الحال اپوزيشن وارو پاسو ڳرو آهي.

Labels: , , ,

Friday, December 28, 2018

ڪپتان خان ٽي 20 نه ، ٽيسٽ مئچ کيڏو

ڪپتان خان ٽي 20 نه ، ٽيسٽ مئچ کيڏو

سڄو ملڪ غير يقيني جي ڪوهيڙي ۾ ورتل آهي، هينئر ڇا ڪرڻو آهي؟ سڀاڻي ڇا ڪرڻو آهي ؟ ايندڙ وقت ۾ ڇا ڪرڻو آهي ؟ ان بابت نه ڪو ادارو ۽ نه ئي وري اعليٰ آفيسر ڪجهه سوچي ۽ ڪري رهيا آهن. مٿان کان آرڊر اچي ٿو ته ڪرپشن جي جاچ ڪريو ته سڀ ان جاچ ۾ لڳي ويندا آهن، وري حڪم ٿئي ٿو ته “حددخليون هٽائڻيون آهن” سڀ حددخليون هٽائڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ لڳي ٿا وڃن، ڀڄ ڀڄان آهي، جنهن جو ڪو طئي ٿيل نه رخ آهي نه منزل.
ملڪ کي درپيش سڀ کان وڏومسئلو مالي بحران آهي جنهن جي حل لاءِ وزيراعظم پرڏيهي توڙي خزاني وارا وزير ذري گهٽ اڌ دنيا گهمي ويا آهن، چين، ملائشيا، سعودي عرب، گڏيل عرب اماراتون، روس توڙي ترڪي سڀني ملڪن مان ٿي آيا، آءِ ايم ايف سان به رابطو ڪيو ويو پر تازن اطلاعن موجب آءِ ايم ايف به ايڏو سولائي سان قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، آءِ ايم ايف جو خيال آهي ته پاڪستان قرض موٽائڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، قرض ته کڻي ڏجي پر اهو ڀربو ڪٿان ؟ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن به تقريبن 5- ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ رکرايا آهن، ان ذريعي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڄڻ 5- ارب ڊالر پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ اچي ويا آهن، اهي پئسا پاڪستان جا ناهن، بلڪه بينڪ ۾ رکيل ڌرادت آهي جنهن کي اوهان خرچ نٿا ڪري سگهو، اها رقم رڳو توهان جي ڪارپت ڏيکارڻ لاءِ آهي، جيئن عام واپار ۾ ٿيندو آهي ته ڪارپت سٺي هجڻ جي صورت ۾ ان کي ٻي ڪا ڌر قرض ڏيئي ڇڏيندي آهي پر اها ڪارپت به ملڪ جي مالي حالتن کي بهتر بڻائي نه سگهي، جو ان بنياد تي کيس ڪو قرض ملي نه سگهيو آهي، ڇا ڪاڻ جو اهي سڀ ڄاڻن ٿا ته اهي پراوا پئسا آهن، اسين هرو ڀرو پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪيون ويٺا آهيون.
سڀ پاسا ڏسي اچڻ کانپوءِ نالي وارو وزير روز مني بجيٽ جا دڙڪا پيو ڏي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجڻ باوجود عام ماڻهو کي رليف نه ڏنو ويو. بظاهر ڊالر جي اگهه جو بهانو آهي پر ڊالر جو اگهه ته اڳ وڌيو هو، تيل جون قيمتون پوءِ گهٽيون آهن. توانائي جو گهوٽالو به شدت اختيار ڪري رهيو آهي، 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ صوبي سنڌ کي گئس کان محروم رکيو پيو وڃي.
حڪومت چين جي آسري تي ڪُڏي رهي هئي پر ان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي مامرن تي نظرثاني ٿيڻ ڏي وڃي رهي آهي، انهن سمورين حالتن ۽ غيريقيني واري صورتحال ۾ ڪو ننڍو وڏو سيڙپڪار سيڙپ لاءِ تيار ناهي، معيشت جو ڦيٿو بنهه ڍرو ٿي رهيو آهي جنهن سان بيروزگاري وڌڻ ۽ ڪاروبار ۾ ٻاڙائي هيڪاري وڌي ويندي.
ساڳي صورتحال ملڪ جي سياسي معاملن جي آهي، پنجن ڇهن سيٽن تي بيٺل حڪومت سڀني کي جيل ۾ وجهي ٺيڪ ڪرڻ جي فارمولي تي هلي رهي آهي، ٻي ڪنهن پارٽي يا نقطه نظر کي سمجهڻ ۽ رڪموڊيٽ ڪرڻ جي صلاحيت کان وانجهيل کان وانجهيل حڪمران ملڪ جي ماحول ۽ ڪلچر کي غيرسياسي بڻائي رهيا آهن، جيترو ماحول غير سياسي بڻبو اوترو ئي اڻ سهپ وارو ۽ غير جمهوري ٿيندو ويندو.
سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جي خواهش چڱي ڳالهه آهي. چوندا آهن ته خواهشون جيڪڏهن گهوڙا هجن ها ته سمورا فقير به سواري ڪن ها، پر رڳو خواهشن جي بنياد تي ملڪ جو ڪاروهنوار، سو به هر پاسي کان گهوٽالي ۾ ورتل ملڪ کي هلائڻ ڏکيو نه بلڪه ناممڪن ٿو لڳي، گڏيل صلاح مشوري سان نظام ٺاهي ۽ انهن ۾ سڌارا آندا ويندا آهن، شخصي خواهشن جي بنياد تي ٺاهيل نظام يا ڪي سڌارا گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهندا آهن. جيئن ايوب خان جو جوڙيل سمورو نظام سندس وڃڻ بعد ڊهي پٽ پئجي ويو، ساڳي ريت ضياءُ الحق جو نظام به اڏامي ويو، اها ڳالهه آهي ته ضياء جي باقيات واريون انگهون ۽ کُتون اڃا تائين ماڻهن توڙي جمهوري ڌرين ۽ ادارن کي چڀنديون رهن ٿيون.
هڪ افراتفري ۽ غير يقيني جي ڌنڌ آهي، مٿان وري ٽي چار پاور سينٽر ٺهڻ ڪري معاملو ويتر مونجهاري جو شڪار آهي.
حڪومت، جاچ ڪندڙ ادارا ۽ عدليه پنهنجي پنهنجي رخن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو وڻي سو عدليه فيصلو ڏي ٿي انهن فيصلن جي ڳوڙهي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته ان سان ايندڙ وقت ۾ سموري پاڪستان ۽ ملڪ جي ماڻهن تي ڏاڍا ناخوشگوار اثر پوندا.
بنا ڪنهن ڊائريڪشن جي ڪارپيٽ هيٺان گڏ ٿيل سالن جي دز هٽائڻ نه ڪو ايڏو سولو ڪم آهي ۽ نه وري اڪيلي سر هٽائي سگهجي، رڳو دز هٽائڻ جي ڪوشش دز کي اڏائي سڄي معاشري جي منهن تي ته پئجي سگهي ٿي پر اها مڪمل طور صاف نٿي ٿي سگهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمران خان پنجن ڏينهن واري ٽيسٽ ميچ جو رانديگر آهي، هو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ به ڪاميابي سان کيڏي چڪو آهي پر هو ٽي ٽوئنٽي ڇو کيڏي رهيو آهي، ايڏي ڪهڙي تڪڙ اٿس؟

Labels: , , , ,

Wednesday, June 20, 2018

نواز شريف کي مقابلي مان ڪڍڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا پتا کيڏيا ويندا؟

سهيل سانگي

اربع 21 مارچ 2018ع
سينيٽ چونڊ ۽ ان کانپوءِ چيئرمين توڙي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن ملڪ جي ويجهي سياسي مستبقل جو نقشو واضح ڪري ڇڏيو آهي. چونڊن ۾ رڳو اڪثريت رکندڙ پارٽيءَ ناهي هارايو بلڪه سمورين وڏين پارٽين هارايو آهي، يعني اڪثريت هارايو ۽ اقليت کٽيو آهي. جماعتي نظام ۽ جماعتي چونڊن ۾ پارليامينٽ جو اپر حصو غير جماعتي ٿي ويو آهي. ائين هڪ دفعو وري ٻه ڳالهيون ثابت ٿيون ته، ملڪ ۾ اڃان تائين ”ڪنٽرولڊ جمهوريت“ آهي. جنهن جي شروعات ايوب خان ڪئي، جيڪا پوءِ روپ مٽائيندي جنرل مشرف تائين پهتي. ان عرصي دوران 90ع واري ڏهاڪي ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جون حڪومتون ڊٺيون، انهن کي آئيني مدت پوري ڪرڻ نه ڏني وئي. مشرف دور ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪري، جيڪو ٺاهه ڪيو هو، سو ”ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي“ مان ٻاهر نڪرڻ جي سگهاري ڪوشش هئي. بينظير ڀٽو ان معاهدي تي عمل شروع ٿيڻ کان اڳ شهيد ٿي ويئي پر ان ٺاهه جي ڇٽيءَ هيٺ سياسي ڌرين جي اتحاد نيٺ مشرف کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اها ڳالهه جمهوريت کي حدن ۾ رکڻ وارين ڌرين کي بنهه ڪانه وڻي. اهي 2008ع کان 2013ع تائين پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتي دور ۾ سرگرم رهيون. چار دفعا اهڙيون ڪوششون ٿيون جو پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ويندي ويندي بچي. جڏهن 2013ع جي چونڊن بعد نواز شريف حڪومت آئي ته ساڳيون ڌريون ٻيهر سرگرم ٿيون. نواز شريف پنجاب ۾ سياسي توڙي چونڊن جي حوالي سان مضبوط حيثيت رکندڙ آهي. هن رڳو 90ع واري ڏهاڪي ۾ سياسي اٿل پٿل کي ڏٺو، بلڪه چارٽر آَف ڊيموڪريسي کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو. هن پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومتي دور مان به ڪجهه سبق ورتا. نيٺ ان نتيجي تي پهتو ته، حڪومتي ادارن جي سرشتي تبديل ڪرڻ کانسواءِ سويلن راڄ ۽ سويلين بالادستي نٿي رهي سگهي. عمران خان جي هلايل تحريڪ سندس ويساهه کي هيڪاري مضبوط ڪري وڌو. ان ڪري کيس نااهل ڪرڻ به ضروري ٿي پيو. سندس پارٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش به ٿي پر ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ”ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي“ وارين ڌرين سينيٽ جي وسيلي پنهنجو ڪم ڏيکاريو.
اڄ سينيٽ جنهن شڪل ۾ اچي بيٺي آهي سا اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت لڳي ٿي. اها اهڙي آهي جهڙي ضياءَ دور ۾ هُئي. عجيب ڳالهه چئجي جو غير جماعتي نظام کي جماعتي بڻايو ويو پر 2018ع ۾ جماعتي نظام غير جماعتي بڻجي ويو. نواز شريف سينيٽ ذريعي پنهنجي سياسي بحالي يعني نااهلي واري قانون ۾ تبديليءَ سان ملڪ جي ڪجهه ادارن جون حدون مقرر ڪرڻ  پئي گهريون. نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هلندڙ ان ويڙهه ۾ ننڍا گروپ اهم ٿي ويا. وڏيون پارٽيون غير اهم بڻجي ويون. جڏهن نواز شريف پنجاب جي سياست ۾ مذهبي بيانيو اڀارڻ ۽ عمران خان جي اتي رستا روڪ ڪئي. ملڪ جي اهم صوبي مان سياسي طور نواز شريف ختم نه ٿي سگهيو ته اها ڳالهه هڪ دفعو وري سامهون آئي ته، پنجاب ۾ هن جا پير مضبوط آهن. ان ڪري ساڻس ڪنهن ٻي پچ تي مقابلو ڪجي. اها پچ ننڍا صوبا ۽ ننڍا گروپ هُئا. سو صوبن جي نمائندا ايوان يعني سينيٽ ۾ نواز شريف هارائي ويو يعني اها جدول ڪجهه هن طرح وڃي بيٺي ته، سويلين بالادستي يا جمهوريت بمقابلا اسٽيبلشمينٽ يا ننڍا صوبا ۽ ننڍا گروپ بمقابلا جمهوريت.
بظاهر لڳي ٿو ته، چونڊ مهم جو گهنڊ وڄي چڪو آهي. نگران حڪومت جو وقت اچي ويو آهي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته، نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين خلاف سزا وارو فيصلو نگران حڪومت کان اڳ ايندو. نگران حڪومت جوڙڻ بابت ارڙهين ترميم کانپوءِ آئين ۾ ڳالهيون واضح آهن. سو اهو آهي ته حڪومتي ڌر ۽ اپوزيشن اتفاق راءِ سان نگران سيٽ اپ ٺاهينديون. 2013ع ۾ جڏهن ملڪ جون حالتون ۽ سياسي ڌرين جا هڪ ٻئي سان بهتر لاڳاپا هئا، تڏهن به اهي متفق نه ٿي سگهيون هيون. پيپلز پارٽي ڊاڪٽر حفيظ شيخ، عشرت حسين ۽ جسٽس نواز خان جا نالا نگران وزيراعظم طور ڏنا هئا. ان جي مقابلي ۾ نواز ليگ جسٽس ناصر اسلم زاهد، جسٽس شاڪر الله ۽ رسول بخش پليجو جا نالا پيش ڪيا. ٻئي ڌريون ان مان ڪنهن تي به متفق نه ٿي سگهيون ته، سرڪاري ڌر ۽ اپوزيشن 8 رڪني ڪاميٽي ٺاهي پر اتي به اتفاق نه ٿي سگهيو. نيٺ اليڪشن ڪميشن جسٽس کوسو کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو.
نگران سيٽ اپ جوڙڻ هڪ اهم مرحلو آهي. معاملو نيٺ اليڪشن ڪميشن يا سپريم ڪورٽ تائين وڃي سگهي ٿو. پراڻي سياستدان جاويد هاشمي تازو اهڙي پيشنگوئي ڪئي آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن نگران سيٽ اپ تي متفق نه ٿي سگهنديون. بلڪه هو هڪ اهڙي نگران سيٽ اپ کي ڏسي ٿو، جيڪو چونڊون وقت تي نه ڪرائيندو. چونڊون وقت تي نه ڪرڻ جا بهانا يا دليل ڪيئي ٿي سگهن ٿا. بلڪه ڪي پيدا به ڪري سگهجن ٿا. وڏي ۾ وڏو آسرو اهو ته سڀني جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب ڪيو وڃي وغيره وغيره. ڪرپشن جو ڪارڊ به ڪيڏي مهل استعمال ڪري سگهجي ٿو. هي اهڙي ڪڙي گوري آهي، جيڪا عوام به آساني سان کائڻ لاءِ تيار آهي پر هتي ٻه سوال اٿن ٿا. ڇا آئين ان جي اجازت ڏي ٿو؟ ڇا نگران سيٽ اپ چونڊون ملتوي ڪرائي واقعي احتساب واري نعري تي عمل ڪرائي سگهندو؟ نوي واري ڏهاڪي ۾ امپورٽ ڪيل نگران وزير اعظم معين قريشي به اهو ئي چورن وڪڻڻ آيو هو، ڏاڍيون لسٽون ٺهيون، قرض معاف ڪرائيندڙڻ جا نالا اخبارن ۾ ڇپيا پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. اهو چونڊون ملتوي ڪرڻ جو بهانو ته ٿي سگهي ٿو پر مقصد نه.
جيڪڏهن جاويد هاشمي جي بيان کي ساڳي ڏينهن تي آيل نواز شريف جي بيان سان گڏائي پڙهجي، جنهن ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو هو ته ”هو اميد ٿو ڪري ته چونڊون وقت سر ٿينديون“ ان مان لڳي ٿو ته نواز شريف کي به چونڊن جي وقت تي ٿيڻ بابت شڪ آهي. اهڙيون خبرون سينيٽ جي چونڊن بابت به ٿيون هيون پر جڏهن ”ڪنٽرول ڊيموڪريسي“ وارن شهه سوار گهوڙا خريد ڪري ورتا ته سينيٽ جون چونڊون ٿي ويون. ائين گهوڙن جا واپاري لوهه جي واپارين کان ميلو لٽي ويا. جيڪڏهن لوهه ڳرو ثابت ٿئي ها ته شايد سينيٽ جون چونڊون نه ٿين ها. في الحال پنجاب ۾ صورتحال اها آهي ته اتي نواز شريف مقبول آهي. اهڙي مقبوليت ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته نواز ليگ کٽي، جيڪا ڳالهه سينيٽ ۾ گڏ ٿيندڙ ڌرين ۽ انهن ڌرين کي گڏائيندڙن کي بنهه پسند ڪونهي. لڳي ٿو ته چونڊون ملتوي ڪيون وينديون ۽ ڊگهي مدي تائين نگران حڪومت رهندي. نواز شريف کي سزا لڳڻ ۽ نواز ليگ کي حڪومت کان ٻاهر رکي حالتن جو جائزو وتو ويندو. خيال آهي ته انهن ٻنهي سببن ڪري هن پارٽي ۾ ويٺل اقتدار پسند همراهن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي ويندي. ساڳي وقت نواز ليگ سياسي ميدان ۾ پنهنجي اها گرمي به برقرار نه رکي سگهندي. پوءِ اهڙو ماحول جڙي سگهي ٿو، جنهن سان ٻي ڌر کي پنجاب ۾ چونڊون کٽڻ جو وجهه ملي وڃي. جڏهن اهڙي صورتحال ٿيندي تڏهن ئي چونڊون ٿينديون. ڏسجي ايندڙ مهيني ڏيڍ ۾ ڇا ٿيڻو آهي. موجوده اسيمبلين پهرين جون 2013ع ۾ قسم کنيو هو. نگران حڪومت ان حساب سان بجيٽ بعد ٺهندي پر ڪجهه ماحول هينئر ئي ٺهڻ شروع ٿيندو. ڪجهه چالون ايندڙ مهيني کان نظر اچڻ لڳنديون.

Labels: ,

Monday, December 11, 2017

ذري تان بچي ويل نواز شريف!

جمع 21 اپريل 2017ع
نواز شريف جي حڪومت ذري تان بچي وئي، پر کيس اهو ڌڪ اڃا پچائڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو پاناما ڪيس هلائيندڙ پنجن مان ٽن ججن جي فيصلي نواز حڪومت کي بچائي ورتو آهي. جڏهن ته ٻن ججن اختلافي نوٽ وارو فيصلو ڏنو آهي. عدالت جي آءِ ٽي (جوائنٽ انويسٽگيشن ٽيم) ٺاهڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته، سٺ ڏينهن اندر جاچ جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، يعني ڪيس جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن وقت تائين آيل فيصلي جي هڪ تشريح اها آهي ته نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو آهي، جو سندس حڪومت بچي وئي آهي. ٻي تشريح اها آهي ته خطرو ٽريو ناهي، ڄڻ ايندڙ شنوائي تائين ڳالهه ڊيگهه کائي وئي آهي.
هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو ڪنهن ايڏي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ٺهي آهي، سا به وري عدالتي حڪم تي- هن کان اڳ ڪراچي ۾ ٻه ٽي ڊزن جي آءِ ٽي ٺهيون، پر انهن جي رپورٽن کي عدالتن ۾ اها مڃتا نه ملي. سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي بعد ممڪن آهي ته هاڻي جي آءِ ٽي کي عدالتن ۾ مڃتا ملي. هن فيصلي اچڻ کان اڳ ميڊيا پنهنجي پراڊڪٽس جو خوب ڪاروبار ڪيو. اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا ۾ آيل تبصرن ۽ تجزين مان لڳي ٿو ته فيصلو انهن جي اميدن وٽان نه آيو آهي. عدالتون ڪو ورلي عوام جي خواهشن وٽان فيصلو ڪنديون هجن، عدالتي فيصلن جا پنهنجا مڪينزم هوندا آهن. هونئن به پاڪستان جي عدليه جي اپروچ ايترو وقت گذرڻ ۽ ڪجهه سڌارو اچڻ جي باوجود انصاف ڏيڻ جي بدران قانون جي پنڌ پيچرن ۾ هلڻ ۽ گهمڻ رهيو آهي. رڳو پاڪستان ئي نه، پر دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ به ائين ئي آهي، ڇاڪاڻ جو عدالتي فيصلا قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ جي بنياد تي ايندا آهن.
پيپلزپارٽيءَ جي انهيءَ دعويٰ کي هٿي ملي ٿي ته لاهور جي وزيراعظم جي خلاف ڪورٽ فيصلو نه ڏيندي. پيپلزپارٽيءَ جي خلاف عدالتي فيصلن جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف آيل فيصلي کان وٺي يوسف رضا گيلاني تائين جي وڏي ڪهاڻي آهي. هن فيصلي جي حوالي سان هڪڙو موقف سياسي پارٽين جو آهي، جنهن ۾ نواز ليگ پنهنجي پاڻ کي فائدي ۾ سمجهي ٿي ۽ ڏاڍو خوش آهي. جنهن کي نواز ليگ جي جذباتي فتح جو نالو ڏنو پيو وڃي. عمران خان به خوش آهي، جو هڪ ته ٻن ججن اختلافي نوٽ هنيو. ٻيو اهو ته ڪيس جي اڃا جاچ ٿيندي، ان ڪري هو پنهنجي اخلاقي فتح سمجهي ٿو. پيپلز پارٽي کي ڪا اهڙي فتح ته نصيب نه ٿي، ان کي موقعو مليو ته اها ملڪ م موجود سياسي راءِ کي سامهون رکندي نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪري. هن وقت تائين مخالف ڌر جون به وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف نواز شريف کان اهڙو مطالبو ڪري چڪيون آهن.
سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن نظر وڌي وڃي ته اتي موجود ايڪٽوسٽ به مايوس ٿيا. سندن خيال هو ته عدالت فيصلي ۾ ڄڻ نواز شريف کي ڪرپٽ قرار ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. عدالت آڏو ڪيس عمران خان آندو، جنهن وٽ ڪي به اهڙا ٺوس ثبوت نه هئا، جو عدالت نواز شريف يا سندس خاندان کي ڪا سزا ڏئي سگهي. پئسا پرڏيهه ۾ شريف فيملي وٽ ڪيئن گڏ ٿيا؟ ڪيئن ملڪيتون ٺهيون، ان جو پيرو کڻڻ ۽ ثابت ڪرڻ ضروري هو. عام عدالتي اصول موجب فريادي ڪيس ثابت ڪندو آهي، پر موجوده صورتحال ۾ جوابدار يعني نواز شريف تي اهو بار وڌو ويو هو ته هو ثابت ڪري ته الزام سچا ناهن يا اهو ته هو ثبوت پيش ڪري فريادي ڌر جي موقف کي غلط ثابت ڪري. ان ڪري قانوني ٻولي ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڳالهه ڀلي سچي آهي، پر ثبوت موجود ناهن. اها ڳالهه ڪيس هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بنچ جي سربراهه جسٽس کوسا پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ به چئي آهي. هو ماريو پوزو جي جگ مشهور ناول ”گاڊ فادر“ جي ان جملي سان شروعات ڪري ٿو ته، ”هر ججهي مال ملڪيت جي پويان ڏوهه هوندو آهي.“ اهو ڏوهه ڪڏهن ڳولي نه سگهبو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ڏوهه ڏاڍي ڪاريگر سان ڪيل هوندو آهي. هتي به اهڙو ئي معاملو لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو مختلف حڪومتي ادارا نواز شريف جي پرڏيهه ۾ ملڪيت ميڙن جا پيرا کڻڻ ۾ ناڪام ويا يا وري انهن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙو اشارو اختلافي نوٽ ۾ به ملي ٿو. هاڻي جڏهن عدالت ملڪيت ميڙڻ جا پيرا کڻڻ جي جاچ لاءِ ٽيم ٺاهڻ جو فيصلو ڏنو  آهي، تڏهن ڏسڻو پوندو ته اهي پيرا ڪڏهن کان ۽ ڪٿان کان کنيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو اصغر خان ڪيس ۾ عدالت جو فيصلو موجود آهي، جنهن ۾ آءِ جي آءِ ٺاهڻ لاءِ ججهي مقدار ۾ ڏوڪڙ ورهايا ويا هئا. انهيءَ آءِ جي آءِ ٺاهڻ ۽ ان کانپوءِ ان کي هلائڻ ۾ نواز شريف جو اهم ڪردار رهيو آهي. ٻيا به ڪيترا اهڙا موقعا آيا ۽ معاملا سامهون آيا، جن ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جون خبرون ميڊيا ۾ آيون. اهو معاملو رڳو نواز ليگ يا نواز ڪٽنب تائين محدود ناهي، ان جو دائرو تمام وڏو آهي. ساڳي طرح ڪرپشن جا الزام ۽ ڪيس پيپلز پارٽي جي قيادت جي باري ۾ به ايندا رهيا. ڪن تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته، پيپلزپارٽي مبينا ڪرپشن ڏاڍي بي افعالي سان ڪئي، جو ان جا پيرا کڻڻ سولا آهن، شريف خاندان ڏاڍي سياڻپ کان ڪم ورتو.
هن ڪيس جا ڪجهه ٻيا پاسا به اهم آهن. انهن ۾ وڌيڪ اهم پاسو سياسي آهي. ايندڙ سال يا ممڪن آهي ته ان کان به گهٽ مدي ۾ جيڪي چونڊون ٿيڻون آهن، انهن چونڊن دوران هيءُ اڌ ۾ ڦاٿل ڪيس نواز ليگ ۽ نواز شريف لاءِ وڌيڪ ڏکيائون پيدا ڪندو. ڪرپشن وارو معاملو پنهنجي جاءِ تي حقيقت جيان لڳي ٿو، پر هن ڪيس جي پويان سياسي معاملا آهن ۽ ان جون سياسي Implications به آهن. ڪن ڌرين جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اسٽيبلشمنٽ ڪنهن به وزيراعظم کي پنج سال پورا ڪرڻ ڇو نٿي ڏيڻ چاهي. گذريل ڀيري پيپلز پارٽي ئي آئيني مدت پوري ڪئي، پر ان جي وزيراعطم آئيني مدت پوري نه ڪئي هئي. بهرحال ان ڳالهه جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو ته نواز ليگ کي پنهنجو وزيراعظم بدلائڻو پوي. بهرحال اهو ضرور آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪرپشن وارو نعرو چونڊن جو نعرو بڻبو. اهو ساڳيو نعرو پيپلز پارٽي کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو ته ساڳي وقت نواز ليگ کي به- اهو نعرو ماڻهن کي ڇا ڏئي سگهندو؟ ڪا نئين جماعت يا ڪو نئون ماڻهو حڪومت ۾ ايندو؟ اهي سوال اڃا تائين اڻ نبريل آهن، ڇاڪاڻ جو سمورين ڳالهين جي باوجود عمران خان گهڻين ڌرين لاءِ ڪا پسنديده شخصيت ناهي.

Nawaz Sharif

Labels: ,

Friday, December 08, 2017

سويلين بالادستيءَ لاءِ نواز شريف مارچ کان اڳتي ايندو؟

Nawaz Sharif has to come forward for civilian supremacy 
ڇنڇر 12 آگسٽ 2017ع
اڳوڻي وزيراعظم عهدي تان لهڻ بعد گهر موٽڻ واري سفر کي پنهنجو نئون سياسي سفر بڻائي ڇڏيو آهي. هو جي ٽي روڊ ذريعي جلسا جلوس ڪڍندو، ريلي جي شڪل ۾ لاهور اچي رهيو آهي. جيئن جيئن پنڊي کان پري ٿيندو پيو وڃي، تيئن سندس لهجي ۾ به تيزي اچي رهي آهي. نواز شريف جي روڊ شو پنجاب توڙي وفاقي حڪومت کي تڪليف ۾ وڌو آهي، پر هو اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته ڀلي عدالت طرفان نااهل ڪيل هجي، پر اصل پارٽي ليڊر هو ئي آهي. پاناما ڪيس ۾ هو سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي ناخوش هو، پر هاڻي هو ان فيصلي کي عوام ۾ چئلينج ڪري رهيو آهي. گوجرانوالا جي تقرير ۾ هن چيو ته، آئون واپس عوام جي عدالت ۾ آيو آهيان. مون عدالت ۾ ڪا به اپيل نه ڪئي، منهنجي اصل ڪورٽ توهان عوام آهيو. هو عوام کي سڏ ڏيئي رهيو آهي ته توهان جي ووٽ جي عزت نه ڪئي وئي، ڇا آئون توهان کي سڏ ڏيان ته توهان مون سان گڏ بيهندئو؟ اڳوڻي وزيراعظم طرفان لاهور واپسي لاءِ موٽر وي بدران جي ٽي روڊ جي چونڊ اهو پيغام ڏنو هو ته هو اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي موڊ ۾ آهي. پر سندس مٿي ڄاڻايل جملن ذريعي چئي رهيو آهي ته هو ڪيتري حد تائين وڃي سگهي ٿو. خيال هو ته جي ٽِي روڊ تي اچڻ جي اعلان بعد اڳوڻي وزيراعظم ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڳالهيون شروع ٿي وينديون، پر اهڙي ڪا صورت نه نڪري سگهي. ماڳهين ان جي ابتڙ صورتحال وڃي اها بيٺي ته اڳوڻي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ شهباز شريف جي ڪجهه ويجهن حلقن طرفان ميڊيا ۾ کليل لفظن ۾ نواز شريف جي مهاڏي اٽڪائڻ واري پاليسي جي مخالفت سامهون آئي. رڳو چوڌري نثار علي ئي نه، پر نواز ليگ جي اندر ڪجهه حلقا مهاڏي واري حڪمت عملي کي پارٽي سان اڻ ٺهڪندڙ سمجهي رهيا هئا. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي ته ماضي ۾ نواز ليگ ڪنهن به اهڙي صورت ۾ عوام ڏانهن رجوع نه ڪيو آهي. 1990ع واري ڏهاڪي جي اڌ ۾ جڏهن کيس صدر غلام اسحاق خان لاٿو هو يا وري 1999ع ۾ پرويز مشرف سندس چونڊيل حڪومت ڊاهي، قيد ڪري سزا به ٻڌائي ته ٻنهي موقعن تي نواز ليگ مهاڏي بدران مصالحت واري پاليسي اختيار ڪئي. ڏيئي وٺي سندس کاتي ۾ افتخار محمد چوڌري ۽ ٻين ججن جي بحالي جي موقعي تي ڪيل لانگ مارچ اچي ٿو. پر اهو لانگ مارچ به اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نه هو، تڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ۽ نواز ليگ ان تي دٻاءُ وجهي رهي هئي. اڃان لانگ مارچ اڌ ۾ ئي هو ته جنرل ڪياني جي وچ ۾ پوڻ تي جج بحال ٿي ويا.
ڏٺو وڃي پيو ته موجوده مارچ نواز شريف جي مجبوري بڻجي ويو، جو سندس سياسي بقاءَ جو سوال پيدا ٿي پيو هو. جيئن پارٽي خاقان عباسي کي وقتي وزيراعظم ۽ شهباز شريف کي باقي آئيني مدت لاءِ وزيراعظم جو فيصلو ڪيو ته پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پارٽي اندر مختلف لابين ۽ گروپن وچ ۾ ڊوڙ ۽ تضاد تيز ٿي ويا. پنجاب پارٽي جو اصل بيس آهي. اتي ميان نواز شريف ڪو به کٽراڳ نٿو چاهي. رڳو ايترو ئي نه، پر پنجاب جي وڏ وزارت واري سوال تي خود شريف خاندان ۾ به ڏار نظر اچڻ لڳا. نتيجي ۾ شهباز شريف کي پنجاب جي وڏ وزارت تان چورڻ وارو فيصلو تبديل ڪيو ويو. هاڻي بيگم ڪلثوم نواز لاهور واري سيٽ تان پارٽي جي اميدوار آهي، جيڪا وقت اچڻ يا اڪثريت جي چوڻ تي وزيراعظم جي عهدي جي به اميدوار ٿي سگهي ٿي.
نواز شريف خلاف عمران خان به جي ٽي روڊ تان لانگ مارچ ڪيو هو، جي ٽي روڊ پنجاب بلڪه پاڪستان جي سياست ۾ اهم ڪردار اد ڪندو رهيو آهي. ان ڪري عمران خان پير ڊاهڻ لاءِ به اهو ضروري سمجهي پيو. نواز شريف اهو روٽ اختيار ڪري انهي تاثر کي به ڌوئي رهيو آهي ته پنجاب نواز ليگ کان ڦري ويو آهي ۽ اهو عمران خان جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي. اڳوڻو وزيراعظم سويلين بالادستي جو نعرو کڻي ميدان ۾ لٿو آهي. اهو نعرو ڏاڍو پُرڪشش آهي، ملڪ جي معروضي حالتن جمهوريت پسندن ۽ ترقي پسند حلقن کي نواز شريف سان گڏ بيهاري ڇڏيو آهي. سوال اهو آهي ته ميان صاحب جي هن نعري ۽ بيانيه ۾ ڪيتري سچائي آهي؟ اهو به ته هو پاڻ هن نعري سان ڪيترو سچو آهي؟
جيستائين نعري جي سچائيءَ جو سوال آهي ته پاڪستان ۾ ڪو به چونڊيل وزيراعظم پنهنجي آئيني مدت پوري نه ڪري سگهيو، ساڳئي وقت چونڊيل حڪومتن کي سدائين خطرو رهيو آهي. 50ع واري ڏهاڪي کان وٺي مختلف واقعن کي ڏسجي ته سياستدانن جي سدائين هار ٿي آهي. اها هار ڪڏهن صدر جي هٿان ته ڪڏهن وري عدالتن جي هٿان ته ڪڏهن وري عسڪري ڌرين جي هٿان. اڪثر حالتن ۾ ڏٺو ويو آهي ته اهي ٽيئي ڌريون چونڊيل حڪومتن جي معاملي ۾ جُٽ رهيون آهن. پيپلز پارٽي جيئن تيئين 2008ع وارين چونڊن بعد آئيني مدو پورو ڪيو پر کيس ٻه وزيراعظم مٽائڻا پيا. ضياءُالحق جي ”حادثاتي“ موت بعد جڏهن 1988ع جي چونڊن ۾ بينظير ڀٽو کي حڪومت ڏني وئي ته اها به شرطن شروطن تي هئي، جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو شرط غلام اسحاق خان کي صدر چونڊڻ هو. مطلب ته چونڊون کٽيندڙ پارٽي بااختيار نه رهي. اهڙي طرح چونڊيل وزيراعظم ۽ چونڊيل پارليامينٽ به بااختيار نه رهي. ميان نواز شريف جيڪو اڄ سويلين بالادستي، عوام جي ووٽ ۽ پارليامينٽ جي بالادستيءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سو 1988ع وارين چونڊن ۽ ان کانپوءِ جي صورتحال ۾ پاڻ ان ڳالهه جو جوابدار رهيو آهي. بلڪه 1990ع واري ڏهاڪي ۾ مسلسل هو چونڊيل حڪومت توڙي پارليامينٽ جا اختيار گهٽائڻ ۾ عملي طرح وڏي پيماني تي حصو وٺندو رهيو آهي. هو جيڪڏهن تڪڙ نه ڪري ها، پارليامينٽ ۽ سويلين بالادستي مضبوط ڪري ها ته کيس نه 1999ع وارا ڏينهن ڏسڻا پون ها ۽ نه ئي وري اڄوڪي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ها. محترمه بينظير ڀٽو 1990ع واري ڏهاڪي ۾ نواز شريف حڪومت خلاف اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ يا آڌار تي جيڪو ڪردار ادا ڪيو، تنهن جو ازالو هن جمهوريت واري پڌرنامي ذريعي ڪيو. ڇا نواز شريف کي پنهنجي ان رول بابت ڪو پڇتاءُ، ڪو احساس آهي، جيڪو هن 1988ع کان وٺي 2013ع تائين پيپلز پارٽي حڪومت دوران ادا ڪيو؟ ان رول جي نتيجي ۾ پارليامينٽ جمهوريت به ڪمزور ٿي ۽ سويلين بالادستي به گهٽي. جيڪڏهن ائين آهي ته کيس ان جو کليل طرح سان اظهار ڪرڻ گهرجي ته هن غلطي ڪئي. ان سان گڏوگڏ ان جي ازالي لاءِ به ۽ ان تي عمل ڪري ڏيکارڻ گهرجي.
ڏٺو وڃي ته 1988ع واري ڏهاڪي کان 2013ع تائين ۽ ان کان اڳ واري دور ۾ پنجاب جون حڪمران ڌريون، جن کي سياسي معنائن ۾ پنجاب چئي سگهجي ٿو، سو ملڪ ۾ جمهوريت ۽ حقن واري جدوجهد ۾ آڏو رهيو آهي يا مخالف رهيو آهي. جڏهن ملڪ جي مختلف صوبن جا ماڻهو جمهوريت، حقن ۽ سويلين بالادستيءَ لاءِ اڳين صفن ۾ جدوجهد ڪندا رهيا، تڏهن پنجاب انهن جو ساٿ نه ڏنو. اها صورتحال ايم آر ڊي تحريڪ دوران به رهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪابه ڳالهه ڪيتري سٺي ڇو نه هجي، ان کي تيستائين مڃتا نه ملندي آهي، عمل ۾ نه اچي سگهندي آهي، جيستائين پنجاب اها نه چاهيندو آهي. ملڪ ۾ جمهوريت تڏهن آئي جڏهن بنگلاديش ٺهڻ بعد باقي بچيل پاڪستان ۾ پنجاب اڪثريت ۾ آيو. ساڳي ريت پاڪستان جون قومپرست ڌريون ۽ ننڍا صوبا ملڪ ٺهڻ کان وٺي صوبائي خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا، جيلون ڪاٽيندا رهيا. پر ارڙهين ترميم تڏهن آئي جڏهن پنجاب چاهيو. سو اڄ به سويلين بالادستي جي اشد ضرورت آهي. پنجاب اها ڳالهه محسوس ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته پوءِ اڳتي اچي پنهنجو قرض چڪائي ۽ ڪفارو ادا ڪري. ان مقصد لاءِ رڳو ريليون، جلوس ۽ تقريرون ڪافي ناهن. عوام جي عدالت رڳو جلسا به ناهن. نواز ليگ کي ان کان اڳتي اچڻو پوندو. ملڪ جي جمهوري ڌرين ۽ صوبن سان ڳالهائڻو پوندو ۽ مستقل طور سويلين بالادستي لاءِ ميڪنزم ٺاهڻو پوندو، ميثاقِ جمهوريت جهڙو هڪ ٻيو ٺاهه جوڙڻو پوندو.

Labels: , ,

Saturday, September 30, 2017

ذري تان بچي ويل نواز شريف!


سهيل سانگي



نواز شريف جي حڪومت ذري تان بچي وئي، پر کيس اهو ڌڪ اڃا پچائڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو پاناما ڪيس هلائيندڙ پنجن مان ٽن ججن جي فيصلي نواز حڪومت کي بچائي ورتو آهي. جڏهن ته ٻن ججن اختلافي نوٽ وارو فيصلو ڏنو آهي. عدالت جي آءِ ٽي (جوائنٽ انويسٽگيشن ٽيم) ٺاهڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته، سٺ ڏينهن اندر جاچ جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، يعني ڪيس جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن وقت تائين آيل فيصلي جي هڪ تشريح اها آهي ته نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو آهي، جو سندس حڪومت بچي وئي آهي. ٻي تشريح اها آهي ته خطرو ٽريو ناهي، ڄڻ ايندڙ شنوائي تائين ڳالهه ڊيگهه کائي وئي آهي.

هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو ڪنهن ايڏي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ٺهي آهي، سا به وري عدالتي حڪم تي- هن کان اڳ ڪراچي ۾ ٻه ٽي ڊزن جي آءِ ٽي ٺهيون، پر انهن جي رپورٽن کي عدالتن ۾ اها مڃتا نه ملي. سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي بعد ممڪن آهي ته هاڻي جي آءِ ٽي کي عدالتن ۾ مڃتا ملي. هن فيصلي اچڻ کان اڳ ميڊيا پنهنجي پراڊڪٽس جو خوب ڪاروبار ڪيو. اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا ۾ آيل تبصرن ۽ تجزين مان لڳي ٿو ته فيصلو انهن جي اميدن وٽان نه آيو آهي. 

عدالتون ڪو ورلي عوام جي خواهشن وٽان فيصلو ڪنديون هجن، عدالتي فيصلن جا پنهنجا مڪينزم هوندا آهن. هونئن به پاڪستان جي عدليه جي اپروچ ايترو وقت گذرڻ ۽ ڪجهه سڌارو اچڻ جي باوجود انصاف ڏيڻ جي بدران قانون جي پنڌ پيچرن ۾ هلڻ ۽ گهمڻ رهيو آهي. رڳو پاڪستان ئي نه، پر دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ به ائين ئي آهي، ڇاڪاڻ جو عدالتي فيصلا قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ جي بنياد تي ايندا آهن.
پيپلزپارٽيءَ جي انهيءَ دعويٰ کي هٿي ملي ٿي ته لاهور جي وزيراعظم جي خلاف ڪورٽ فيصلو نه ڏيندي. 

پيپلزپارٽيءَ جي خلاف عدالتي فيصلن جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف آيل فيصلي کان وٺي يوسف رضا گيلاني تائين جي وڏي ڪهاڻي آهي. هن فيصلي جي حوالي سان هڪڙو موقف سياسي پارٽين جو آهي، جنهن ۾ نواز ليگ پنهنجي پاڻ کي فائدي ۾ سمجهي ٿي ۽ ڏاڍو خوش آهي. جنهن کي نواز ليگ جي جذباتي فتح جو نالو ڏنو پيو وڃي. عمران خان به خوش آهي، جو هڪ ته ٻن ججن اختلافي نوٽ هنيو. ٻيو اهو ته ڪيس جي اڃا جاچ ٿيندي، ان ڪري هو پنهنجي اخلاقي فتح سمجهي ٿو. 

پيپلز پارٽي کي ڪا اهڙي فتح ته نصيب نه ٿي، ان کي موقعو مليو ته اها ملڪ م موجود سياسي راءِ کي سامهون رکندي نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪري. هن وقت تائين مخالف ڌر جون به وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف نواز شريف کان اهڙو مطالبو ڪري چڪيون آهن.

سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن نظر وڌي وڃي ته اتي موجود ايڪٽوسٽ به مايوس ٿيا. سندن خيال هو ته عدالت فيصلي ۾ ڄڻ نواز شريف کي ڪرپٽ قرار ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. عدالت آڏو ڪيس عمران خان آندو، جنهن وٽ ڪي به اهڙا ٺوس ثبوت نه هئا، جو عدالت نواز شريف يا سندس خاندان کي ڪا سزا ڏئي سگهي. پئسا پرڏيهه ۾ شريف فيملي وٽ ڪيئن گڏ ٿيا؟ ڪيئن ملڪيتون ٺهيون، ان جو پيرو کڻڻ ۽ ثابت ڪرڻ ضروري هو. 

عام عدالتي اصول موجب فريادي ڪيس ثابت ڪندو آهي، پر موجوده صورتحال ۾ جوابدار يعني نواز شريف تي اهو بار وڌو ويو هو ته هو ثابت ڪري ته الزام سچا ناهن يا اهو ته هو ثبوت پيش ڪري فريادي ڌر جي موقف کي غلط ثابت ڪري. ان ڪري قانوني ٻولي ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڳالهه ڀلي سچي آهي، پر ثبوت موجود ناهن. اها ڳالهه ڪيس هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بنچ جي سربراهه جسٽس کوسا پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ به چئي آهي. هو ماريو پوزو جي جگ مشهور ناول ”گاڊ فادر“ جي ان جملي سان شروعات ڪري ٿو ته، ”هر ججهي مال ملڪيت جي پويان ڏوهه هوندو آهي.“ اهو ڏوهه ڪڏهن ڳولي نه سگهبو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ڏوهه ڏاڍي ڪاريگر سان ڪيل هوندو آهي. هتي به اهڙو ئي معاملو لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو مختلف حڪومتي ادارا نواز شريف جي پرڏيهه ۾ ملڪيت ميڙن جا پيرا کڻڻ ۾ ناڪام ويا يا وري انهن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙو اشارو اختلافي نوٽ ۾ به ملي ٿو. 

هاڻي جڏهن عدالت ملڪيت ميڙڻ جا پيرا کڻڻ جي جاچ لاءِ ٽيم ٺاهڻ جو فيصلو ڏنو  آهي، تڏهن ڏسڻو پوندو ته اهي پيرا ڪڏهن کان ۽ ڪٿان کان کنيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو اصغر خان ڪيس ۾ عدالت جو فيصلو موجود آهي، جنهن ۾ آءِ جي آءِ ٺاهڻ لاءِ ججهي مقدار ۾ ڏوڪڙ ورهايا ويا هئا. انهيءَ آءِ جي آءِ ٺاهڻ ۽ ان کانپوءِ ان کي هلائڻ ۾ نواز شريف جو اهم ڪردار رهيو آهي. ٻيا به ڪيترا اهڙا موقعا آيا ۽ معاملا سامهون آيا، جن ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جون خبرون ميڊيا ۾ آيون. 
اهو معاملو رڳو نواز ليگ يا نواز ڪٽنب تائين محدود ناهي، ان جو دائرو تمام وڏو آهي. ساڳي طرح ڪرپشن جا الزام ۽ ڪيس پيپلز پارٽي جي قيادت جي باري ۾ به ايندا رهيا. ڪن تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته، پيپلزپارٽي مبينا ڪرپشن ڏاڍي بي افعالي سان ڪئي، جو ان جا پيرا کڻڻ سولا آهن، شريف خاندان ڏاڍي سياڻپ کان ڪم ورتو.

هن ڪيس جا ڪجهه ٻيا پاسا به اهم آهن. انهن ۾ وڌيڪ اهم پاسو سياسي آهي. ايندڙ سال يا ممڪن آهي ته ان کان به گهٽ مدي ۾ جيڪي چونڊون ٿيڻون آهن، انهن چونڊن دوران هيءُ اڌ ۾ ڦاٿل ڪيس نواز ليگ ۽ نواز شريف لاءِ وڌيڪ ڏکيائون پيدا ڪندو. ڪرپشن وارو معاملو پنهنجي جاءِ تي حقيقت جيان لڳي ٿو، پر هن ڪيس جي پويان سياسي معاملا آهن ۽ ان جون سياسي Implications به آهن. ڪن ڌرين جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اسٽيبلشمنٽ ڪنهن به وزيراعظم کي پنج سال پورا ڪرڻ ڇو نٿي ڏيڻ چاهي. 
گذريل ڀيري پيپلز پارٽي ئي آئيني مدت پوري ڪئي، پر ان جي وزيراعطم آئيني مدت پوري نه ڪئي هئي. بهرحال ان ڳالهه جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو ته نواز ليگ کي پنهنجو وزيراعظم بدلائڻو پوي. بهرحال اهو ضرور آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪرپشن وارو نعرو چونڊن جو نعرو بڻبو. اهو ساڳيو نعرو پيپلز پارٽي کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو ته ساڳي وقت نواز ليگ کي به- اهو نعرو ماڻهن کي ڇا ڏئي سگهندو؟ ڪا نئين جماعت يا ڪو نئون ماڻهو حڪومت ۾ ايندو؟ اهي سوال اڃا تائين اڻ نبريل آهن، ڇاڪاڻ جو سمورين ڳالهين جي باوجود عمران خان گهڻين ڌرين لاءِ ڪا پسنديده شخصيت ناهي.

Sohail Sangi

جمع 21 اپريل 2017ع 

ذري تان بچي ويل نواز شريف!

Labels: ,

Wednesday, February 05, 2014

تھر کے خواب اور کوئلہ


گزشتہ بائیس سال سے تھر کے لوگوں کو کیا کیاخواب دکھائے جا رہے ہیں کہ اس ریگستان میں 175ارب ٹن اعلیٰ معیار کا کوئلہ موجود ہے، یہ مقدار دو بڑے تیل پیدا کرنے والے ممالک سعودی عرب اور ایران کے تیل کے مشترکہ ذخائر کے برابر ہے۔ یہ بھی کہ اس کالے سونے کے استعمال سے ایک لاکھ میگاواٹ بجلی دو سو سال تک پیدا کی جاسکتی ہے۔لیکن ہر مرتبہ یہ خواب شرمندہ تعبیر ہوتے ہوتے رہ جاتا ہے۔ کبھی تیل کی لابی، تو کبھی کالاباغ ڈیم کے حامی، تو کبھی وفاق اور صوبائی حکو مت کے درمیان تنازع یا پھر رقم کی عدم موجودگی آڑے آجاتی ہے۔ کالے سونے کے ذخائر نکالنا تھر کے لوگوں کے لیے بادلوں کی طرح ہوگئے ہیں جو ہر مرتبہ آتے تو ہیں مگر برستے نہیں۔ جیسے ہر مرتبہ لوگ بارش کے لیے آسمان میں آنکھیں ڈالے بیٹھے رہتے ہیں اسی طرح لوگ حکومت کے اعلان سنتے رہتے ہیں۔

بینظیر بھٹو نے 1994ء میں تھاریو ہالے پوٹو کے قریب تھر کول فیلڈ کا افتتاح کیا اور اس کوئلے سے سمندر کے کنارے کیٹی بندر کے پاس بجلی گھر قائم کرنے کا اعلان کیا، مگر نواز شریف نے حکومت میں آکر اس منصوبہ کو سرد خانے میں ڈال دیا۔ جنرل مشرف نے بجلی کے بحران اور بعض دیگر وجوہات کی بنا پر تھر کے کوئلے میں ہاتھ ڈالا۔ ان کی سربراہی میں ایک کمیٹی بھی تشکیل دی گئی۔ مگر بیل منڈھے نہیں چڑھی۔ پیپلز پارٹی کے گزشتہ دور حکومت میں جوہری تونائی کے ماہر ڈاکٹر ثمر مبار ک کرشمے کا دعویٰ کر کے میدان میں آئے کہ وہ تین سال میں زیر زمین ہی کوئلے کو گیس میں تبدیل کر کے استعمال کی ترکیب سے پائلٹ پروجیکٹ شروع کر سکتے ہیں۔ تین سال 2013ء میں مکمل ہوگئے لیکن یہ پائلٹ پروجیکٹ بھی عمل میں نہیں آسکا۔ ان کا کہنا ہے کہ انہیں ایک ارب روپے کی ضرورت ہے جو نہ وفاقی حکومت دے رہی ہے اور نہ ہی سندھ حکومت۔ وزیر اعظم یوسف رضا گیلانی نے کئی مرتبی تھر کوئلے کو یاد کیا۔ لیکن کوئی عملی شکل نہیں نکال سکے۔ ان کے بعد آنے والے پیپلز پارٹی کے وزیر اعظم راجا پرویز اشرف نے تھر فیلڈ کا دورہ کیا اور ایک مرتبہ پھر تھر کے لوگوں کو آسرا دیا۔ مگر نتیجہ صفر رہا۔

تبدیل شدہ حالات میں نواز شریف 31 جنوری کو کوئلہ نکالنے اور اس سے بجلی گھر بنانے کا افتتاح کرنے جا رہے ہیں ۔آج تھر کا کوئلہ دوبارہ یاد آنے کے محرکات یہ ہیں:

الف) زرمبادلہ کی کمی تیل سے پیدا کی جانے والی بجلی کی مہنگائی کے باعث حکومت کے پاس کوئی چارہ نہیں تھا کہ وہ کوئلے کا آپشن اپنائے۔ (

ب) پنجاب 2009ء سے اپنے صوبے میں کوئلے سے بجلی تیار کرنے کے چھ بجلی گھروں پر ہوم ورک مکمل کرچکا ہے۔ وزیر اعلیٰ پنجاب کے حالیہ بیان کے مطابق اب ان پر کام شروع کیا جا چکا ہے اور چینی اور جرمن کمپنیوں سے معاہدے کئے جارہے ہیں۔ پنجاب اپنے سالٹ رینج سے کوئلہ نکالنے کیساتھ ساتھ بلوچستان کے چمالنگ کے مقام سے روزانہ 2400 ٹن کوئلہ حاصل کرکے بجلی گھر چلانے کا معاہدہ کرچکا ہے۔

ت) گڈانی میں کوئلے پر چلنے والے دس بجلی گھر بنانے کے لیے قطر اور چین سے معاہدے ہو چکے ہیں۔ یہ بجلی گھر پنجاب حکومت قائم کر رہی ہے جن میں درآمد شدہ کوئلہ استعمال کیا جائے گا۔

ث) ایشین ترقیاتی بینک پرانے بجلی گھر کوئلے پر شفٹ کرنے کے لیے بھی بھاری رقم فراہم کر رہا ہے۔ یعنی تھر کا کوئلہ استعمال نہیں کیا گیا لیکن ملک میں ڈیڑھ درجن بجلی گھر کوئلے پر بنائے جارہتے تھے ۔ یہ تمام بجلی گھر درآمد شدہ کوئلے پر ہی بنائے جارہے تھے۔ اس صورتحال نے کئی سوالات کھڑے کردیئے۔ مزید برآں یہ کہ نواز شریف کی وفاقی حکومت کی جانب سے سندھ کو نظر انداز کرنے پر مختلف حلقوں میں تنقید ہوئی ۔ اور سندھ حکومت بھی زیر تنقید آئی کہ وہ کچھ نہیں کررہی۔یہ ہے وہ پس منظر جس میں ایک بار پھر تھر کے لوگوں کے خواب زندہ کر لیے گئے اور سندھ حکومت اکتیس جنوری کو وزیر اعظم نواز شریف اور آصف زرداری کو تھاریو ہالے پوٹو لے کر جارہی ہے۔

نواز شریف پر سندھ میں یہ بھی سخت تنقید ہوتی رہی ہے کہ 90 کی دہائی میں انہوں نے کیٹی بندر، تھر کول سمیت سندھ کے بعض ترقیاتی منصوبے منسوخ کردیئے تھے۔ ان کے لیے یہ سنہری موقع تھا کہ وہ یہ تنقید دھو ڈالیں۔ یعنی رند کے رند رہے ہاتھوں سے جنت نہ گئی۔

تھر کے لوگوں کو ابھی تک یقین نہیں کہ اس پروجیکٹ پر واقعی عمل ہوگا۔ تھر کول بھی کالاباغ ڈیم کی طرح ہوگیا ہے۔ جس پر ہر فریق سیاست کر رہا ہے۔ کسی کو لالچ، کسی کو آسرا تو کسی کو خواب اور کسی کو اس سے ڈارایا جارہا ہے۔

تھر کول پروجیکٹ کے حوالے سے کئی کہانیاں ہیں۔ چونکہ یہ پروجیکٹ قومی اہمیت کا حامل ہے لہٰذا وفاقی حکومت نے 60 فیصد رقم فراہم کرنے کا اعلان کیا تھا۔ اس کے ساتھ سرمایہ کاروں کو مطلوبہ گارنٹی بھی دینے کا فیصلہ کیا تھا۔ ستم ظریفی یہ ہے کہ پیپلز پارٹی پانچ سال حکومت میں رہی لیکن اس نے مطلوبہ رقم فراہم کی اور نہ ہی گارنٹی دی۔ چینی کمپنی کے برسوں تک کام کرنے کے بعد بجلی کا نرخ دیا وہ بھی سرسری طور پر مسترد کردیا گیا۔ حالانکہ یہ نرخ آج کی صورتحال کو دیکھتے ہوئے کوئی زیادہ نہیں تھا۔ حالانکہ آج ہم تین اور چار گنا زیادہ نرخ ادا کر رہے ہیں۔

کراچی الیکٹرک سپلائی کارپوریشن اپنا ایک بجلی گھر کوئلے پر شفٹ کرنا چاہتی ہے۔ اس مقصد کے لیے بن قاسم پورٹ پر ایک نئی جیٹی بھی تعمیر کی جارہی ہے۔ سندھ حکومت میں اتنا نہیں کر سکی کہ وہ کے ای ایس سی اور گڈانی میں زیر تعمیر دس بجلی گھروں کو پابند بنائے کہ وہ درآمد شدہ کوئلے کے بجائے تھر کا کوئلہ استعمال کریں۔ یوں امپورٹ پر خرچ ہونے والی بڑی رقم بچ جائے گی۔ اور بجلی کی لاگت میں بھی کمی واقع ہوگی۔ اینگروکمپنی جو تھر میں کول پروجیکٹ شروع کر رہی ہے اس کی فرمائش ہے کہ اسے جامشورو کا بجلی گھر بھی بیچ دیا جائے۔ تعجب کی بات ہے کہ نئے پروجیکٹ شروع کرنے والی کمپنی کی آنکھ بنے بنائے اثاثوں پر ہے۔

کوئلے کا پروجیکٹ شروع ہونا اچھی بات ہے۔ کہا جارہا ہے کہ اس سے اس کے ساتھ ساتھ تھر کے لوگوں کو برسوں سے دکھائے جانے والے خواب کی حقیقت کیا ہے اس کا بھی پتہ لگے گا۔ تھر میں کوئلہ اوپن پٹopen pit کے ذریعے نکالا جائے گا۔ یعنی ایک وسیع علاقے میں تین سے چار سو فٹ تک کھدائی ہوگی۔ اس سے زیر زمین پانی کے ذخائر بری طرح سے متاثر ہونگے۔ درخت ، پودے، پرندے اور مال مویشی کے لیے مطلوبہ ماحول ختم ہو جائے گا۔ یہ بات قابل ذکر ہے کہ مویشی پالنا تھر کے لوگوں کا دوسرے نمبر پر ذریعہ روزگار ہے۔ اس کے علاوہ متاثرہ علاقے میں گھر، گاؤں، کھیت اور آسائشی زمین بھی متاثر ہوگی جو کہ یہاں کے غریب لوگوں کے جینے کے اہم وسائل ہیں۔ اس صورتحال کے باوجود متاثرہ لوگوں کی بحالی کے لیے کوئی پالیسی نہیں بنائی گئی ہے۔ جب کہ پوری دنیا میں تیل، گیس ، کوئلے اور دیگر معدنیات کی کھدائی کے لیے متاثرہ علاقوں میں بنائی جاتی ہے ۔ سٹلمنٹ پالیسی بنانے کا ٹھیکہ ایک نجی کمپنی کو دیا گیا تھا، جو کہ تین سال میں بھی یہ پالیسی نہیں بنا پائی ہے۔ اس حوالے سے اس کمپنی نے بعض سماعتیں کیں جن میں مجوزہ پالیسی کو لوگوں نے مسترد کردیا تھا۔ اب حکومت برطانوی راج کے قانون لینڈ اکیوزیشن ایکٹ مجریہ 1848 کے تحت لوگوں سے زمینیں لے رہی ہے۔ سامراجیوں کا بنایا ہوا قانون ہے جس کا مرکز لوگ نہیں بلکہ زمین اور وسائل تھے۔ یہ اس زمانے کا قانون ہے جب انسانی حقوق کا کوئی تصور ہی نہیں تھا۔ تھر کے لوگ کوئلہ نکالنے پر ناخوش نہیں۔ ان کی صرف اتنی سی فرمائش ہے کہ یہ زیر زمین وسائل ان کے ہیں اور وہ بھی اس قوم کا حصہ ہیں اور اس ملک کے شہری ہیں۔ انہیں اور نہیں کم از کم اپنے وسائل میں تو حصہ دیا جائے۔

Labels: , , , , , ,