Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 21, 2023

آفت جي خدشي جي انتظام ڪاري

 

 

 

 

 

Disaster Management 

 

 

 

 

 

 

صوبي سنڌ، پاڪستان لاءِ

مقامي سطح تي آفت جي خدشي

جي انتظام ڪاري

 


 

 

 

 

 

 

 

صوبي سنڌ، پاڪستان لاءِ

مقامي سطح تي آفت جي خدشي

جي انتظام ڪاري

 

 

 

مرتب  ۽ ايڊيٽنگ انگريزي متن: آصف اقبال آصف

نظر ثاني:                                    عرفان مقبول

 

سنڌي ترجمو:                      منصور ميراڻي

ايڊيٽنگ:                            خالد آزاد

نظرثاني:                                     امين لغاري

ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ:          محمد رمضان ترڪ


عنوانن جي فهرست

 

مقامي سطح تي آفت جي خدشي جي انتظامڪاريءَ جو تعارف

آفتن جي انتظامڪاري ۾ مروج بنيادي اصطلاح ۽ تصور

آفت جي انتظامڪاري جو سرشتو

سنڌ صوبي جي آفتن جو تفصيل

سي بي ڊي آر ايم جو جائزو

سي بي ڊي آر ايم سرشتو

پاڪستان ۾ سي بي ڊي آر ايم

 

مقامي سطح تي آفت جي خدشي جي پڙتال

خدشي جي پڙتال جو مقصد

خطري جي تشخيص

ڪمزورين جي تشخيص

صلاحيتن جي تشخيص

آفت جي خدشي جي انتظامڪاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ شيون

 

آفت جي خدشي جي انتظامڪاري جي رٿا ۾ شراڪتداري

روايتي سوچ ۽ سي بي ڊي آر ايم  جي ڀيٽ

مقامي سطح تي منصوبابنديءَ جو ڪردار ۽ اهميت

سي بي ڊي آر ايم جا اصول

مقامي سطح تي قائم ڪيل آفتن جي انتظامڪاري جون تنظيمون

 

ڊي آر آر ۽ سي سي اي کي مقامي سطح تي لاڳو ڪرڻ

ڊي آر آر جون بچاءَ واريون ترڪيبون مقامي سطح تي لاڳو ڪرائڻ.

موسمياتي تبديلين کي اپنائڻ ۽ تڪليفون گهٽائڻ واري رواج کي اختيار ڪرڻ

مقامي اقتصاديات ۾ ڊي آر آر ۽ سي سي اي کي داخل ڪرڻ.

مقامي ثقافت ۾ ڊي آر آر ۽ سي سي اي کي داخل ڪرڻ.

 

 

مقامي سطح تي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ واري انتظامڪاري

هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ واري انتظامڪاري.

مقامي سطح تي اڳواٽ خبرداري جي اطلاع جو سرشتو.

باهه وسائڻ ۽ جان بچائڻ.

مقامي آبادي کي ٻاهر ڪڍڻ جي رٿا.

مقامي سطح تي ڳولا ۽ بچاءَ جو عمل.

مقامي سطح تي ڊي آر ايم جي جاڳرتا ۽ اهليت وڌائڻ.

 

آبڪلاڻي جي ٻوڏ، شهرن ۾ آيل ٻوڏ ۽ سمنڊ جي پائڻ، ڏڪار ۽ سامونڊي طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ سي بي ڊي آر ايم جي رٿا

خدشي جي ڪٿ.

سي بي ڊي آر ايم رٿا.

فرضي مشقون ۽ انهن جي تياري.

ڊي آر آر ۽ سي سي اي کي ترقياتي عمل ۽ ثقافت جو حصو بنائڻ.

منصوبي جي پائيداري.

 

حوالا

 

 


مقامي سطح تي آفتن جي خدشن جي انتظامڪاريءَ جو تعارف

آفتن جي انتظام ڪاريءَ ۾ مروج بنيادي اصطلاح ۽ تصور

آفتون

سماجي وهنوار جي اهڙي رڪاوٽ جنهن ۾ شديد انساني ۽ مالي نقصان سهڻو پوي ۽ جنهن کي وسندين جي حد تائين پنهنجي سر منهن ڏيڻ سخت ڏکيو هجي.

يو اين اي ايس ڊي آر موجب تباهيون ان وقت اينديون آهن، جڏهن هيٺيون ٽي حالتون هڪ ئي وقت پيدا ٿين:

·        جڏهن ڪو خطرناڪ فطري يا انساني عمل ٿئي.

·        جڏهن ماڻهو ۽ وسيلا خطري هيٺ هجن (جهڙوڪ آبادين جي ويجهو موجود متحرڪ ٻرندڙ جبل، ڏکيون جابلو لاهيون جتان لينڊسلائيڊنگ ٿيندي رهندي هجي يا اهي دريائي علائقا ۽ بند جيڪي ڪنهن به وقت ٻوڏ جو شڪار ٿي تباهي ڪري سگهن.

·        ڪو اهڙو عمل جيڪو ڪنهن به وقت نقصان جو سبب ٿي سگهي ٿو، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي ان کان بچاءُ جون ڪي به تدبيرون اختيار ڪيل نه هجن.

گهٽ ايندڙ پر وڏي شدت واريون آفتون

عالمي سطح تي گهڻي شدت وارين آفتن جي ڪري ئي وڏيون تباهيون اينديون آهن ۽ ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويندا آهن، اهي تباهيون سنئون سڌو اقتصادي تباهي جو به سبب بڻجنديون آهن، پر اهڙيون آفتون ڪن خاص هنڌن تي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اينديون آهن، جپان ۾ آيل تازي سونامي ۽ پاڪستان جي اتريئن علائقن ۾ 2005ع ۾ آيل زلزلو هن جا مثال آهن.

اڪثر ايندڙ پر گهٽ شدت واريون آفتون

هي مقامي سطح تي سرجندڙ آفتون هونديون آهن، جيڪي وقت به وقت اڪثر اينديون رهنديون آهن، انهن جا اثر سڀني شعبن تي هڪجهڙا پوندا آهن، مقامي سطح تي لڳل گهار، باهيون ۽ شديد بارشون انهي جا ڪجهه مثال آهن. انهن جي تباهي به انهي هنڌ يا علائقي ۾ محسوس ڪري سگهبي آهي، توڙي جو انهن آفتن جي ڪري جاني نقصان گهٽ ٿئي ٿو پر انهن سان فصل، ڪچا گهر ، مقامي روڊ رستا ۽ وسنديون گهڻيون متاثر ٿين ٿيون، هنن ۾ روڊ حادثا به شامل آهن.

وڏي شدت واريون اڪثر ايندڙ آفتون

ڪن خاص علائقن ۽ ملڪن ۾ وڏي شدت واريون آفتون اڪثر اينديون رهنديون آهن، انهن آفتن جي ڪري سماج ۽ انهن جي اقتصاديات کي وڏو نقصان رسندو آهي. اهڙين تباهين کي روڪڻ لاءِ مختلف سماج ۽ ملڪ ڪي اهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪندا آهن، جن سان انهن تباهين جي ڪري نقصان گهٽ کان گهٽ ٿي سگهي. پاڪستان ۾ 2010ع، 2011ع ۽ 2012ع ۾ آيل شديد بارشون ۽ ٻوڏون اهڙين تباهين جا مثال آهن.

آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ڪاري

هتي ”انتظامڪاري“ کي هڪ جامع اصطلاح طور ورتو ويندو آهي، هن ۾ منصوبا بندي ۽ تباهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريءَ جي انتظام ڪاري شامل آهي ۽ آفتن کان اڳ ۽ پوءِ جا ٻيا سڀ لاڳاپيل عمل پڻ هن دائري ۾ اچن ٿا.

 

خطرا

اهڙو خطرناڪ عمل، سرگرمي يا حالت جنهن سان جاني نقصان ٿئي، ڌڪ لڳي ۽ زخم ٿئي يا صحت کي ڪو ٻيو نقصان رسي، جائداد کي نقصان رسي، روزگار متاثر ٿئي، سماجي سهولتون متاثر ٿين، اقتصادي ڪاروهنوار متاثر ٿئي يا ماحولياتي نقصان ٿئي.

طبعي خطرا

اهڙو خطرناڪ عمل يا سرگرمي جيڪا زمين مان اُسري، جهڙوڪ زلزلو، ٻرندڙ جبل جو ڦاٽڻ.

موسمي خطرا

اُهي موسمي خطرا جيڪي مختصر وقت لاءِ اچن يا ماحولياتي سرشتي ۾ ننڍڙي شروعات سان وڏي تناظر ۾ بدلجي وڃن. (مختصر وقت کان شروع ٿي، ڏينهن ۾ بدلجندڙ جيئن، سامونڊي طوفان يا مقامي طوفاني بارشون وغيره.)

آبي خطرا

اهڙا خطرا جيڪي پاڻيءَ جي عام وهڪرن ۾ تبديليءَ  جي ڪري اچن يا ماحول ۾ هوا جي داٻ ۾ تبديلي سان سامونڊي ويرن جي چڙهڻ جي صورت ۾ اچن، جيئن غير معمولي بارشون، سامونڊي چاڙهه، دريائي گهارا ۽ جبلن جا حصا کسڪجڻ.

ماحولياتي خطرا

اهي خطرا جيڪي مندن جي ڦيري ۾ توازن جي بگاڙ جي ڪري پيدا ٿين ۽ مند هڪ هنڌ بيهي رهڻ ڪري پيش اچن (مند جي شروع ٿيڻ کان پوءِ ان مند جو ڏهاڪن تائين هڪ هنڌ بيهي وڃڻ مثال طور يڪو شديد گرمي جي لهر هلڻ ختم ئي نه ٿيڻ يا ائين يڪو سردي جي لهر هلڻ، يا وڏن ٻيلن کي لڳل باهه جو نه وسامجڻ.

حياتياتي خطرا

اهي خطرا جيڪي مختلف جراثيمن جي ڪري جاندارن ۾ يعني انسانن، جانورن ۽ پکين ۾ وبائي بيمارين جي صورت ۾ ظاهر ٿين ۽ ٻيا جيڪي زهريلن مادن جي ڪري پيش اچن. جهڙوڪ وبائي وچڙندڙ بيماريون، مڇرن ۽ جيتن جي يلغار ۽ جانورن جي ڀاڄ وغيره.

 

اوڻايون

ڪنهن وسندي، تنظيم يا اثاثن جون اهڙيون ڪمزور خاصيتون ۽ صورتحال جن جي ڪري خطرن آڏو نقصان جو خدشو وڌي وڃي ته ان کي اوڻايون چئبو آهي.

اوڻاين جا قسم

طبعي اوڻايون: اهي طبعي ڪمزوريون يا بنيادي ڍانچي جي اڻ هوند، جنهن سان عمارتن، سرمائي يا علائقن کي آفت دوران نقصان جو خطرو هجي.

سماجي اوڻايون: سماجي تڪرار، وسيلن ۽ ڄاڻ جي اڻاٺ فني هنرن جي مهارت ۽ تياريءَ جي اڻڄاڻائي يا سماج جو غير ذميواري وارو رويو. انهن اوڻاين جي ڪري آفتن کي منهن ڏيڻ دوران ڏکيائون پيش اچن ٿيون.

اقتصادي اوڻايون: اقتصادي وسيلن جي اڻاٺ يا ڪنهن  هڪ روزگار تي ڀاڙڻ، جنهن سان سماج يا ان جو ڪو حصو آفت جي زد ۾ هجي.

ماحولياتي اوڻايون: ماحولياتي پَستي، ٻيلن جي واڍي يا ڪو ٻيو ماحولياتي مسئلو، جنهن سان آس پاس جي علائقن ۾ ڪنهن به امڪاني آفت دوران مقابلي ڪرڻ جي سگهه نه رهي.

 

 

آشڪار

 اهي آفتون جيڪي عوام آڏو ظاهر هجن ۽ فردن، بنيادي ڍانچي يا ملڪيتن کي ويجهو هجن ۽ ڪنهن به وقت نقصان جو سبب بڻجي سگهن.

اهليت

 روين، مستقل مزاجي، وسيلن ۽ صلاحيتن جي انهيءَ مجموعي کي اهليت چئبو آهي، جيڪو ڪنهن به وسندي يا تنظيم ۾ موجود هجي. اهليت سان نه صرف طئي ٿيل مقصد حاصل ڪري سگهبا آهن، پر موجود وسيلن کي استعمال ڪندي خطرن جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ به مدد ملندي آهي. اهليت سان اهڙا سماج جوڙي سگهجن ٿا، جيڪي آفتن کان بچاءُ جي صلاحيت رکندا هجن.

 

آفت جي امڪان جا ترتيبي جزا

 

آفت جو امڪان=    خطروx ويجهڙائيx اوڻايون

صلاحيت

خدشن جو حل

خدشن جي حل مان مراد  خدشي جي نوعيت کي تبديل ڪرڻ جو عمل آهي. ان ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ترڪيبون لاڳو ٿين ٿيون ۽ اهي ضابطي طور ڪم ڪن ٿيون يا وري موجوده ضابطن کي تبديل ڪن ٿيون. خدشن جي حل لاءِ جيڪي ڳالهيون شامل آهن، انهن ۾ خطرن کي پٺ تي ڌڪڻ، خطرن کان بچڻ، خطرن کي گهٽائڻ يا وري خطرن جي نوعيت کي تبديل ڪرڻ اچي وڃي ٿو.

آفتن جي خدشن جي انتظام ڪاري

آفتن جي خطرن جي انتظامڪاريءَ جو مقصد ماڻهن، مال ۽ ماحول تي تباهيءَ جي ناڪاري اثرن کي گهٽائڻ يا منتقل ڪرڻ آهي، جيڪو مختلف سرگرمين ۽ اُپائن ذريعي ڪري سگهجي ٿو. اهو هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن ۾ انتظامي اختياريون، تنظيمون ۽ عملي مهارتون ۽ صلاحيتون، حڪمت عمليون، پاليسيون ۽ بهتر انداز ۾ تباهي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن کي لاڳو ڪرڻ شامل آهن، اهي حڪمت عمليون لاڳو ٿيڻ سان آفتن جي خراب اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ وڏي تباهيءَ جي امڪان کي پڻ ختم ڪري سگهجي ٿو.

آفتن جي خدشن کي گهٽائڻ جو عمل

حڪمت عملين ۽ سرگرمين جي تيارين ۽ استعمال ذريعي ڪمزورين کي گهٽائڻ جو عمل ئي دراصل آفتن جي خدشن کي گهٽائڻ جو عمل آهي، جنهن جي لاڳو ٿيڻ سان پوري سماج مان آفتن جي خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. اهو هڪ اهڙو تصور ۽ عمل آهي، جنهن ۾ هڪ سرشتي هيٺ آفتن جي عام عنصرن جو جائزو ورتو ويندو آهي ۽ اُنهن جي انتظامڪاري ڪري آفتن جي خدشن يعني امڪانن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ خطرن ڏانهن ويجهڙائيءَ ۾ ڪمي، ماڻهن ۽ مال جي ڪمزورين ۾ گهٽتائي، زمين ۽ ماحول جي استحڪام واري انتظامڪاري ۽ بهتر تياري ۽  انهن حادثن کي منهن ڏيڻ جي تياري، جن جا اثر تمام خراب ٿي سگهن ٿا. اِهي سڀ شامل آهن.

گهٽتائي

اُهي سڀ عمل جيڪي آفتن جي پکيڙ يا امڪاني آفتن کي گهٽائڻ لاءِ استعمال ٿين، انهن کي آفتن کي گهٽائڻ لاءِ ورتل اپاءُ چئبو آهي. اهڙن اپائن ۾ طبعي اُپاءَ ، غير طبعي اپاءُ ۽ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ورتل اپاءَ اچي وڃن ٿا.

 

تياري

آفتن جي تياريءَ ۾ اُهي مخصوص اپاءَ شامل آهن. جيڪي آفتن اچڻ کان اڳ ۾ وٺڻ گهرجن. اهڙن عملن ۾ آفتن جي اڳڪٿي ۽ اڳواٽ خبردار ڪرڻ شامل آهي. سرڪار، سکيا ورتل امدادي ۽ بحاليءَ واريون تنظيمون، وسنديون ۽ فرد جيڪي اثرائتي نموني سان خطرن کي منهن ڏين ۽ خطرن اچڻ کان پوءِ انهن جي اثرن کان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي سگهن ۽ امڪاني خطرن يا موجوده خطرن جي حالتن ۽ حادثن بابت پنهنجون صلاحيتون ۽ ڄاڻ مهيا ڪن ٿا.

بچاءَ

اُهي سمورا عمل جيڪي تباهين جي منفي اثرن کان بچڻ لاءِ کنيا وڃن، جهڙوڪ اهليت جو واڌارو، وسندين جي سطح تي آفتن جي خطرن جي انتظام ڪاري (CBDRM) وغيره.

موٽ

اُهي سمورا عمل جيڪي آفتن جي اچڻ کان پوءِ ترت کنيا وڃن، جيڪي متاثرن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ تڪڙا اپاءُ وٺڻ لاءِ ضروري هجن. اهڙن عملن ۾ ڳولا ۽ بچاءُ، امداد، تحفظ، ٻارن جو تحفظ ۽ ڪمزور ماڻهن يعني پوڙهن، عورتن، معذورن ۽ ٻارڙن جي گهرجن جو پورائو سڀ شامل آهي.

مدد

مددي سرگرمين مان مراد انساني زندگين کي بچائڻ ۽ تحفظ ڏيڻ، تڪليف ۾ ورتل ماڻهن کي امداد پهچائڻ ۽ اثرائتي طريقي سان ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ آهي.

امداد

اهم سرگرمين جي بحالي، ضروري سهولتن جي فراهمي، مناسب سطح تي پاڻمرادو پنهنجي مدد پاڻ واري سهولت ڪاري کي متاثر وسندين ۾ هٿي وٺائڻ امداد ۾ شامل آهي

واپسي

واپسيءَ مان مراد، سهولتون، روزگار ۽ متاثر وسندين ۾ رهڻ واريون پهريون حالتون بحال ڪرڻ ۽ انهن جي بهتري آهي، هن ۾ آفتن جي خطري جي عنصرن کي گهٽائڻ جون ڪوششون به شامل آهن.

ٻيهر بحالي

ڪنهن به شيءَ جو پنهنجي ساڳي حالت ۾ موٽڻ ۽ آفتن کان پوءِ ذري گهٽ عملي حالتن کي ساڳي سطح تي آڻڻ کي ٻيهر بحالي چئبو آهي. جنهن ۾ اهم سهولتن جي ٻيهر اڏاوت ۽ اهم معاشي ۽ سماجي سرگرمين جي بحالي شامل آهي.

ٻيهر اڏاوت

تباهه ٿيل گهرن ۽ عمارتن جي مستقل اڏاوت لاءِ ورتل اپاءَ ته جيئن اقتصادي سرگرمين کي ساڳي حالت تي آڻي سگهجي.

مقامي سطح تي آفتن جي خطرن جي انتظام ڪاري

سي بي ڊي آر ايم هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن ۾ امڪاني خطرن هيٺ وسنديون ڪن خاص عملن ۾ رڌل هجن ٿيون جن ۾ آفتن جي خطرن جي ڳولا، جائزو، حل، نگراني ۽ پرک جو عمل شامل آهي، جنهن سان هو پنهنجون اوڻايون گهٽائي ۽ اهليت وڌائي سگهن ٿيون.

 

 

 

آفتن جي انتظام ڪاريءَ جو سرشتو

 

آفتن جي انتظام ڪاريءَ جو سڄو سرشتو عام طور تي آفتن کان اڳ ۽ آفتن کان پوءِ وارن عملن ۾ ورهايل آهي. آفتن کان پوءِ واريون سرگرميون، عالمي معيارن مطابق متاثر ماڻهن جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ جوڙيو وينديون آهن. اهڙيون سرگرميون فوري بچاءَ ۽ امداد سان شروع ٿين ٿيون ته جيئن متاثرن جي انگن اکرن مطابق گهرجن جو پورائو ڪري سگهجي. انهن سرگرمين کي امدادي سرگرميون چئبو آهي ۽ انهيءَ عمل ۾ڪمزور ماڻهن يعني پوڙهن، عورتن، معذورن ۽ ٻارڙن جو تحفظ خاص نقطو هوندو آهي. واپسي واري مرحلي ۾ سهولتون، روزگار ۽ رهڻ جون حالتون ان حد تائين بهتر ڪيون وينديون آهن جو ٻيهر بحاليءَ جو عمل شروع ٿي سگهي ۽ زندگين کي پنهنجي عام وهنوار ڏانهن موٽائي سگهجي. ٻيهر اڏاوتن جو عمل اُن وقت ئي شروع ڪري سگهجي ٿو، جڏهن آفتن کان متاثر ٿيل ماڻهو ساڳي حالت ۾ بحال ٿي چڪا هجن، جڏهن ته شهرن ۾ گهرو ۽ ڪاروباري سرگرميون ٻيهر بهتر نموني شروع ٿي چڪيون هجن ۽ مستقبل ۾ ساڳي نوعيت جي خطري آڏو اوڻايون به گهٽ رهجي وڃن.

آفتون

آفتن کان اڳ

آفتن کان پوءِ

اڳواٽ خبرداري                          ڳولا ۽ مدد

تياري                                        امداد

آگاهي ۽ اهليت ۾واڌارو                 واپسي

بچاءَ ۽ گهٽتائي                            ٻيهر بحالي

خطري جو جائزو                                    ٻيهر اڏاوت

 

آفتن کان اڳ وارا عمل خطرن جي پرک سان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ خدشن، اوڻاين، آشڪاري، وسيلن جي چڱي طرح پرک، آفتن جي خطرن جي پکيڙ، اُن جي امڪاني نقصانن، ڪمزور فردن ۽ ڳوٺن ۾ آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود اهليت ۽ وسيلن جي چڱي طرح پرک شامل آهي. اها پرک آفتن کان اڳ جي سمورين سرگرمين لاءِ جڙندڙ حڪمت عملين ۽ ترجيح لاءِ بنيادي طور ڪم ڪري ٿي. آفتن کان اڳ وارين سرگرمين ۾ بچاءَ ۽ گهٽتائي جا اپاءُ، آگاهي ۽ ماڻهن ۽ آفتن جي انتظام ڪاريءَ جي عملدارن جي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪرڻ شامل آهي جيئن آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ٿي سگهي ۽ سهپ جي قوت به بهتر ٿي سگهي ۽ آخرڪار هڪ اهڙو اڳواٽ خبرداري وارو نظام جڙي سگهي، جنهن سان آفتن جي خطرن کي گهٽائي سگهجي. ان حقيقت کي عالمي طور تي مڃيو ويو آهي ته آفتن جي خطري کي گهٽائڻ لاٰءِ آفتن کان اڳ واري مرحلي ۾ ڪيل سيڙپ معاشي طور تي وڌيڪ فائديمند هوندي آهي. ڇو ته اُن جي نتيجي ۾ آفتن کان پوءِ واري مرحلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ فائدو پوي ٿو. اهڙي طرح سرڪار ۽ آفتن جي انتظامڪاري جا ادارا ڪنهن به حادثي لاءِ تيار رهن ٿا. انهن جي توجهه جو مرڪز آفتن کان اڳ وارين سرگرميون تي هوندو آهي. جيڪو هجڻ به گهرجي، ته جيئن آفتن کي ڀوڳڻ جي سهپ رکندڙن کي هٿي ملي.

 

سنڌ صوبي جي آفتن جو تفصيل

تاريخي طور تي سنڌ صوبو انساني ۽ قدرتي آفتن جو محور رهيو آهي. جڏهن ته صوبي کي وڌ ۾ وڌ خطرو ٻوڏن، تيز برساتن، ساحلي پٽيءَ جي طوفانن، سمنڊ جي پائڻ، سوڪهڙي، زلزلن ۽ وبائي بيمارين منجهان آهي.

ٻوڏون ۽مينهن

سنڌ صوبي جي طبعي بيهڪ ميداني آهي، جيڪو سنڌوءَ جي آبپاشي سرشتي جي پڇاڙيءَ ۾ واقع آهي. سنڌو ندي ۽ ان کي ڀريندڙ ننڍين ندين ۽ نالن  جو واڌو پاڻي ۽ ان سان گڏوگڏ چؤماسي جي بارشن جو اهو پاڻي جيڪو خيبر پختون خواهه کان ٿيندو سنڌ مان گذري ٿو ۽ بلوچستان جي اوڀر واري جابلو سلسلي مان نڪرندڙ نين جو پاڻي به سنڌونديءَ ذريعي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين اُن تي دٻاءُ رکي ٿو ۽ سنڌ جي نين مان وهي ايندڙ پاڻي به سنڌونديءَ جي وهڪري ۾ واڌارو ڪندو رهي ٿو. سنڌ جي هي سنڌوءَ ندي ڏاڍي خطرناڪ آهي، ڇو جو اها جابلو لاهينءَ وانگي آهي، روڻ يا گهارو پوڻ جي صورت ۾ ٻاهر وهندڙ پاڻي واپس درياءَ ۾ ڪنهن به هنڌان نٿو آڻي سگهجي، سنڌو درياهه وهڪرا تبديل ڪرڻ جي ڪري به مشهور آهي. 1932ع ۾ جڏهن جديد آبپاشي نظام جڙيو تڏهن  کان وٺي اڄ تائين وڏيون ٻوڏون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سنڌو درياهه تي ٻنهي پاسن کان بچاءُ بند ڏنل آهي. جن جي ڊيگهه 1400 ميل يعني 2252 ڪلوميٽر آهي. اهي بند ٽن بئراجن مان نڪرندڙ آبپاشي نظام کي بچائن ٿا. اُهي بئراج هڪ ڪروڙ 28 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪن ٿا. اُن کانسواءِ صوبي ۾ سم نالا ۽ ڇنڊڻو، 6000 ٽيوب ويل، روڊ ۽ ريلوي جو نظام، شهر ۽ ڳوٺ موجود آهن.

سامونڊي طوفان

سامونڊي پٽي وارا ضلعا پڻ تيز بارشن ۽ طوفانن جي ڪري ڏاڍو متاثر ٿيندا رهيا آهن. ان حوالي سان ٽي ساحلي ضلعا ڪراچي، ٺٽو ۽ بدين شديد زد ۾ آهن. ٺٽو ۽ بدين ضلعا ڪيترائي ڀيرا تمام خراب نموني متاثر ٿي چڪا آهن. طوفانن نه رڳو گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا پر ڪيتريون ئي انساني جانيون ۽ ڍور ڍڳا پڻ اجل جو شڪار ٿيا. اُن سان گڏوگڏ انهن طوفانن جي ڪري مهاڻن جا هوڙها پڻ تباهه ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ضلعن جي اڪثر آباديءَ جو روزگار متاثر ٿيو. تاريخي طور تي ٽراپيڪل سائيڪلون کي ڏسجي ته اُهي به عربي سمنڊ مان اٿيا آهن ۽ سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي بارشون ڪن ٿا. گذريل 100 سالن ۾ سنڌ ۾ جيڪي وڏا طوفان آيا آهن، اهي هن ريت آهن.

مئي 1902ع، جون 1926ع، جون 1964ع، نومبر 1993ع، جون 1998ع، مئي 1999ع، جون 2007ع (سائيڪلونA20 )  1999ع ۾ جيڪو طوفان يمن مان آيو، ان سنڌ جي ٽن ضلعن کي متاثر ڪيو، جنهن ۾ 244 ماڻهو ۽ 40177 جانور اجل جو شڪار ٿيا. جڏهن ته 1449 ڳوٺ پڻ متاثر ٿيا، جنهن ۾ 19873 گهر تباهه ٿيا ۽ 50 لک ماڻهن جون زندگيون متاثر ٿيون. مجموعي طور تي 231. 3 ارب روپين جو نقصان ٿيو. تاريخ ۾ ڪيٽي بندر چار دفعا سمنڊ جي چاڙهه سبب تباهه ٿي چڪو آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران 2010ع ۾ ڦيٽ ۽ 2011ع ۾ ڪيلا طوفان آيا، جن مان ڦيٽ جي ڪري ٺٽي ضلعي ۾ ڪافي تباهي آئي.

سونامي

 سنڌ صوبو سونامي جو شڪار پڻ ٿي سگهي ٿو. نومبر 1945ع ۾ بلوچستان جي مڪران ساحل ۾ آيل سونامي 12 کان 15 ميٽر وڏيون ويرون پيدا ڪيون، جنهن ۾ 4000 ماڻهن پنهنجون حياتيون وڃايون هيون. جيتوڻيڪ ڪراچي اُن جي مرڪز کان پري هو، تڏهن به اتي 6 فوٽ وڏيون ويرون پيدا ٿيون، جنهن جي ڪري ڪراچي ۽ ۾ موجود بندر گاهي سرگرميون متاثر ٿيون. سونامي عام طور تي مارچ، اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ اينديون آهن. ڊسمبر 2004ع واري سونامي جا اثر پاڪستان جي ساحلي پٽيءَ تي پڻ محسوس ڪيا ويا هئا، جنهن جي ڪري ڪيٽي بندر وٽ سامونڊي سطح ۾ اوچتي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي. جنهن ڪراچيءَ جي ساحلي آبادي ۾ به هلچل پيدا ڪري ڇڏي هئي.

سوڪهڙو يا ڏڪر

سنڌ جي جاگرافي چئن حصن ۾ ورهايل آهي. اوڀر ۾ ٿر جو ريگستان اولهه ۾ جابلو علائقو يعني ڪوهستان، ڏکڻ ۾ ساحلي پٽي ۽ وچ وارو علائقو زرخيز زرعي زمين تي مشتمل آهي. جنهن کي بئراجي علائقا به چئبو آهي. صوبي جو سٺ سيڪڙو علائقو خشڪ آهي. جتي سانوڻي ۾ برساتون پون ٿيون ۽ ڊسمبر ۽ جنوري ۾ اولهه کان ايندڙ برساتن جو سلسلو به هلي ٿو. خشڪ علائقن جي آباديءَ جو دارومدار بارش، چوپائي مال ۽ آڌائين فصلن تي هوندو آهي. گهٽ مينهن پوڻ ۽ عالمي ماحولياتي اثرن جي ڪري سنڌو جي دريائي نظام ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ لاڳيتوگهٽتائي آئي آهي. سنڌ صوبو ڇوڙ ۾ هئڻ ڪري گهٽ پاڻي وصول ڪري ٿو. اُن کانسواءِ جر جو ٽيون حصو کارو آهي ۽ 80 سيڪڙو زرعي زمين سم ۽ ڪلر جي ڪري متاثر ٿي آهي. خشڪ علائقن جا ماڻهو ڏڪر ۾گهڻو ڪري بئراجي علائقن ۾ وڃي رهندا آهن، پر 1998ع کان 2002ع تائين سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي لاٿ جي ڪري سڄي صوبي کي پريشاني ڏسڻي پئي. تاريخي طور تي سنڌ ۾ بدترين ڏڪر وارا سال 1871ع، 1881ع، 1899ع، 1931ع، 1942ع، 1999ع، کان 2002ع ۽ 2014ع رهيا آهن.

زلزلو

تازو 2001ع ۾ ڪڇ گجرات سان لاڳو ضلعي ٿرپارڪر ۾ وڏو زلزلو آيو، جنهن جي ڪري ڀر وارا ضلعا بدين ۽ عمر ڪوٽ پڻ ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ ان زلزلي ۾ 12 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته 115 ماڻهو زخمي ٿيا. 1989گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا. 43,643 گهرن کي ٿورو نقصان پهتو ۽ 1406 سرڪاري عمارتون ڊهي پٽ پيون. مجموعي طور تي 4. 2 ارب روپين جو نقصان ٿيو. زلزلي جي خطري واري هڪ ارضياتي ليڪ ڪراچيءَ کان ٿيندي ٿر جي جبلن وٽان لگهندي اوڀر ڏانهن وڃي ٿي ۽ ٻي سنڌ جي اُتر اولهه يعني دادو کان ٿيندي اڳتي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري مستقبل ۾ سنڌ کي وڏي زلزلي جو خطرو آهي. 16 اپريل 2013ع تي ايران ۾ زلزلو آيو هو، جنهن جا اثر پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ به محسوس ڪيا ويا هئا. ڪراچيءَ ۾ ريڪٽر اسڪيل تي ان زلزلي جي شدت 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جنهن جي ڪري پوري صوبي ۾ لوڏا محسوس ٿيا هئا.

سمنڊ جو پائڻ:

سمنڊ جي پائڻ جي ڪري سنڌ ڏاڍي متاثر ٿي رهي آهي. ٺٽو ۽ بدين ضلعا سڀ کان ڪمزور علائقا آهن، اهي ڪوٽڙي بئراج جا هيٺيان ضلعا آهن. ڪوٽڙي بئراج جو هيٺاهون وهڪرو مسلسل گهٽتائيءَ جو شڪار آهي. جنهن جي ڪري ذڪر ڪيل ضلعن ۾ تمام وڏي پئماني تي سمنڊ ساحلي پٽيءَ کي پائي رهيو آهي. ان پائڻ جي ڪري نه رڳو انساني آبادي ۽ مڇين کي وڏو خطرو آهي، پر وڏي پئماني تي زرعي زمين پڻ تباهيءَ جو شڪار ٿي رهي آهي. سمنڊ جي پائڻ سان گانگٽ ۽ مڇيءَ جي آباديءَ کي نقصان رسيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سامونڊي خوراڪ جي مارڪيٽ ۾ هر سال گهٽتائي اچي رهي آهي. هڪ اندازي مطابق ٺٽي ۽ بدين ضلعي جا 9 تعلقا، 87 ديهون، 47 واهن ۽ شاخن کي  ملائي ڪل 12 لک ايڪڙ ايراضي متاثر ٿي آهي.


 

سنڌ سان لاڳاپيل اوڻائين ۽ خطرن جي وڌندڙ صورتحال جو ضلعيوار جائزو هيٺ ڏجي ٿو

(هي ڄاڻ سنڌ صوبي جي صوبائي ڊي آر ايم رٿا تان ورتل آهي)

ضلعا

سوڪهڙو

ٻوڏ/برسات

سامونڊي طوفان

سونامي

زلزلو

لينڊسلائيڊس

وچڙندڙ بيماريون

باهه

ماڪڙ/ جيت

خراب صورتحال

صنعتي ۽

کاڻن جا حادثا

پناهگير ۽ عارضي لڏپلاڻ

ڪراچي

4

3

4

4

3

1

3

5

---

5

5

3

ٺٽو

4

4

4

4

2

-----

4

2

---

2

1

3

بدين

4

5

5

4

3

-----

4

1

1

2

1

4

ٿرپارڪر

5

3

3

3

4

-----

4

2

4

3

1

1

عمرڪوٽ

5

3

2

1

2

-----

3

2

3

1

1

2

ميرپورخاص

4

3

2

2

2

-----

3

3

1

1

1

1

ٽنڊوالهيار

3

4

2

1

2

-----

3

3

1

1

1

1

ٽنڊو محمد خان

3

4

2

1

2

-----

4

2

1

1

1

1

حيدرآباد

3

3

1

1

1

-----

3

3

1

3

3

3

مٽياري

3

4

1

1

1

-----

3

1

1

1

1

1

نوابشاهه

4

4

1

1

1

-----

3

2

3

1

2

3

نوشهروفيروز

3

4

1

1

1

-----

4

1

1

1

1

1

خيرپور

4

4

1

1

1

-----

3

1

4

1

2

1

سکر

3

3

1

1

1

-----

4

2

4

2

2

1

گهوٽڪي

3

4

1

1

1

-----

3

2

4

1

3

3

شڪارپور

2

3

1

1

1

-----

3

3

1

3

1

2

ڪشمور

2

5

1

1

1

-----

4

2

1

3

1

3

جيڪب آباد

3

5

1

1

1

-----

4

1

1

4

1

3

لاڙڪاڻو

3

3

1

1

2

-----

4

1

1

3

1

2

قمبر شهدادڪوٽ

5

5

1

1

2

-----

3

1

1

3

1

3

دادو

5

4

1

1

3

-----

3

1

1

3

2

3

ڄامشورو

5

3

1

1

3

-----

4

1

1

1

2

1

سانگهڙ

4

4

2

1

3

-----

2

2

1

1

1

3

 

سي بي ڊي آر ايم جو جائزو

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ سرڪار ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي. پر ماڻهن جي حصيداري حڪومت ۽ انهن ادارن جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. خاص طور تي ڊگهي عرصي وارين مستحڪم ڪاميابين لاءِ عوامي شرڪت ضروري آهي. ڪو به ترقياتي ڪم جيڪو ماڻهن جي ڀلي لاءِ جوڙيو وڃي. اهو به وڏن مسئلن جي ور چڙهي سگهي ٿو. جيڪڏهن وسندين جي ماڻهن جي فائدن، ضرورتن ۽ انهن جي ثقافتي قدرن کي منصوبابندي ۾ عملي طور شامل نه ڪيو ويندو. انهي ڪري ڊگهي عرصي جي ڪاميابين جي جٽاءُ لاءِ سرڪار جي مختلف اپائن ۾ مقامي آبادي جو شريڪ رهڻ لازمي آهي ۽ اهڙين رٿائن جي سمورن مرحلن ۾ مقامي ماڻهن جي صلاح شامل هئڻ گهرجي. ساڳي نموني آفتن جي انتظام ڪاريءَ جون سموريون سرگرميون ۽ عمل رڳو ان ئي صورت ۾ اثرائتا ٿي سگهن ٿا، جڏهن اُهي مقامي ماڻهن جي ضرورتن، ثقافتي قدرن ۽ نظرئي موجب هوندا، جيڪي آفت کان متاثر آهن يا وري کين متاثر ٿيڻ جو خدشو هجي. اهڙيءَ طرح آفتن جي انتظام ڪاريءَ جي تصور ۾سرڪار ۽ مقامي ماڻهن جي حصيداريءَ کي هر سطح تي همٿائڻ شامل آهي، ڇو جو سڀ اپاءَ آفتن جي انتظام ڪاريءَ جي سرشتي تحت مرحليوار پورا ڪري سگهجن ٿا ۽ ڪو به قدم تيستائين ڪامياب نٿو ٿي سگهي، جيستائين مقامي آبادي اُن ۾ مدد نه ڪري يا حصو نه وٺي. ان ضرورت کي نظر ۾ رکندي مقامي سطح تي آفتن جي خطرن جي انتظام ڪاريءَ جو نظام جوڙيو ويو آهي. جنهن جو مقصد اهڙا موقعا پيدا ڪرڻ آهي، جن سان مقامي آبادي سان حصيداري جوڙي سگهجي، ته جيئن آفتن آڏو جٽاءُ رکندڙ سماج جوڙي سگهجن. ان تصور جا هيٺيان فائدا آهن:

·        مقامي آبادي ۾ اهليت پيدا ڪرڻ سان سي بي ڊي آر ايم ۾ پاڻ مرادو انهن جون اوڻايون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ اهڙي طرح سڀني آفتن جو خطرو گهڻي ڀاڱي گهٽجي وڃي ٿو.

·        ان سان مقامي سطح تي خطرن آڏو سهپ جي قوت وڌي ٿي ۽ آفتن اچڻ جي صورت ۾ نقصان گهٽ ٿئي ٿو. ذهني طور تي ناڪام ۽ مايوس ٿيڻ بدران ان مان اميد جاڳي ٿي ۽ مقامي آبادي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو، جيڪو آفت واري صورتحال ۾ اهم ثابت ٿئي ٿو.

·        ماڻهو آفتن جي جهٽڪي کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا ان جو انتظام به سنڀالي وٺن ٿا، پاڻ کي نقصان کان بچائي به وڃن ٿا ۽ ان سان آفتن آڏو انفرادي ڪاروبار به جٽادار ٿي پون ٿا، جيڪي قومي معيشت لاءِ هڪ اهم اثاثو آهن.

·        بچاءُ، گهٽتائي، خطري ۾ ڪمي ۽ خطرن جي انتظام ڪاري جون حڪمت عمليون ۽ منصوبا مقامي سطح تي چڪاس لاءِ هڪ پائليٽ پراجيڪٽ طور لاڳو ڪري سگهجن ٿا ۽ انهن جي ڪاميابيءَ يا ناڪاميءَ جا نتيجا صوبائي ۽ وفاقي سطح جي منصوبابندي ۽ حڪمت عملي جوڙڻ جي عمل ۾ فائديدمند ثابت ٿي سگهن ٿا.

·        اهو جيتوڻيڪ هڪ مڃيل سچ آهي ته آفتن جي خطرن جي انتظام ڪاريءَ جي ڪاميابيءَ ۾ سي بي ڊي آر ايم جو اهم ڪردار آهي، تنهن هوندي به اهو ضرور محسوس ڪرڻ گهرجي ته وسيلن جي کوٽ جي ڪري مقامي سطح تي خطرن جي انتظام ڪاريءَ جي نظام جي صلاحيت محدود رهي ٿي. حڪومت کي گهرجي ته ان نظام کي هر سطح تي هٿي وٺرائي، ڇو جو  قومي ۽ صوبائي سطح تي آفتن جي انتظامڪاريءَ جي ڪاميابيءَ ۾ ان جو اهم ڪردار هوندو آهي.

 

سي بي ڊي آر ايم سرشتو

مقامي سطح تي آفتن جي خطرن جي انتظام ڪاري عام طور تي پنجن مرحلن ۾ ورهايل آهي، جيڪي هيٺ ڏنل خاڪي ۾ ٻڌايا ويا آهن.  مقامي آبادي ۾ سي بي ڊي آر ايم دوران انهن جي فرضن بابت آگاهي ۽ سندن صلاحيتن بابت احساس ڏيارڻ سان هي نظام شروع ٿئي ٿو ۽ هڪ تربيت يافته وسندي تيار ٿي وڃڻ تي مڪمل ٿئي ٿو، اها وسندي پوءِ پنهنجو پاڻ هڪ نظام جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي، پنهنجي مدد پاڻ تحت ننڍي سطح جي مقامي آفتن کي منهن ڏئي سگهي ٿي ۽ ڪنهن وڏي آفت اچڻ جي صورت ۾ سرڪار کي ترت اپاءُ وٺڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهي ٿي.


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


خطرن جو جائزو

مقامي سطح تي آفتن جي انتظامڪاريءَ جي تنظيم کي گهرجي ته منصوبابندي دوران علائقي ۾ موجود خطرن جو جائزو وٺي، پوءِ ان جي منصوبابندي مڪمل ڪري، جنهن ۾ اوڻايون، ڊپ ۽ اهليت جي پرک شامل هئڻ گهرجي. انهي عمل سان تنظيم نه رڳو خطري جي قسم، شدت ۽ پکيڙ بابت ڄاڻي سگهندي پر ان سان خطري هيٺ آيل شين ۽ خطري جي تاريخي معلومات پڻ ملي سگهندي ۽ انهن وسيلن کي دريافت ڪري سگهبو، جن ذريعي آفتن دوران نقصانن کي  گهٽائي سگهجي. ان سان گڏوگڏ موجوده اهليت ۽ اها اهليت جيڪا امڪاني نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ هئڻ گهرجي اُن ۾ فرق ڪري سگهبو.

مقامي سطح تي آفتن جي خطرن جي منصوبابندي ڪرڻ

اول ته مقامي آبادين کي ٻاهرين مدد سان مقامي سطح جي آفتن جي انتظامڪاري جي تنظيم جو منصوبو ٺاهڻو پوندو. موجوده وسيلن ۽ گهرجن مطابق ماڻهن ۾ اهليت پيدا ڪرڻي پوندي. مقامي سطح تي آفتن جي انتظامڪاريءَ جو منصوبو جوڙڻ ضروري آهي، جنهن جو دارو مدار خطرن جي ڪيل پرک تي هجڻ گهرجي.

تربيتي مشقون ترتيب ڏيڻ ۽ عمل ڪرائڻ

هن مرحلي دوران جوڙيل منصوبي جو گهرو جائزو ورتو ويندو آهي. جنهن ۾ اُن جي سڀني فائدن ۽ نقصانن، ضرورتن ۽ پابندين ۽ سماجي توڙي اقتصادي رڪاوٽن جي جاچ ڪئي ويندي آهي. اُن کان پوءِ تنظيم منصوبي جي چٽائي ۽ مناسبت کي جاچڻ لاءِ اُن کي حقيقي حالتن ۾ لاڳو ڪري، بعد ۾ ضرورتن موجب تبديل ڪري بهتر بڻائي ۽ اُن کان پوءِ مشقن ۽ سرگرمين لاءِ اُن کي آخري صورت ڏيڻ گهرجي. پر اُن کان اڳ تنظيم لاڳاپيل ماڻهن کي چونڊي ۽ انهن کي انهن سان واسطو رکندڙ ڪم ۽ ذميواريون ڏئي.

ڊي آر آر کي ترقياتي عمل ۾ شامل ڪرڻ

آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن لاءِ تياري ڪرڻ هڪ دفعي جو ڪم ناهي. اهو نه صرف سرشتو آهي، جنهن کي لاڳو ڪرڻ گهرجي پر اها اهڙي ثقافت آهي، جنهن کي اپنائڻ گهرجي ۽ ڊي آر آر کي مقامي زندگيءَ جو حصو بنائڻ گهرجي ۽ مقامي ثقافت ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، ماڻهن جي سماجي قدرن، رسمن ۽ ريتن سان ملائڻ گهرجي، سرڪار سان گهربل ضروري واسطا جوڙي، مروج نظام سان ملائي مقامي سطح تي ترقياتي منصوبابنديءَ جي عمل جو حصو بنائڻ گهرجي.

سي بي ڊي ايم اوز ۽ سي بي ڊي آر ايم جي استحڪام کي يقيني بنائڻ

سي بي ڊي ايم اوز ۾ اهليت جي واڌاري ۽ وسيلن جي ورڇ ائين ٿيڻ گهرجي جو هو پنهنجن پيرن تي بيٺل هڪ يونٽ ۾ تبديل ٿي سگهي. اهڙي يونٽ جي جوڙجڪ وقت علائقي جي جاگرافي، آدمشماري، مذهبي پس منظر، سياسي ۽ اقتصادي صورتحال کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ ماڻهن توڙي وسيلن جو بهتر استعمال ٿي سگهي. سماجي قبوليت، سياسي شموليت سرڪاري تائيد ۽ اقتصادي طور پاڻ ڀرائي حاصل ٿي سگهي .

 

پاڪستان ۾ سي بي ڊي آر ايم

جيتوڻيڪ آفتن جي انتظام ڪاري ۽ تڪڙيون سهولتون پهچائڻ وارو سرشتو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود هو، پر 2005ع واري زلزلي ۾ وڏي پئماني تي مالي ۽ جاني نقصان کان پوءِ پاڪستان ۾ خطرن جي انتظام ڪاريءَ لاءِ اهڙا ادارا ۽ نظام جوڙڻ جي گهرج کي شدت سان محسوس ڪيو ويو. وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي قانون ۽ ادارن جو سرشتو متعارف ڪرايو ويو ۽ آهستي آهستي منصوبا ۽ پاليسيون جڙڻ لڳيون ته جيئن نقصان ڏيندڙ آفتن جي اتنظامڪاري ۽  خدشن جي پرک ۽ جائزي جو ڪم ڪري سگهجي ۽ گڏوگڏ امڪاني خطري وارن علائقن جي نقشي بندي، آفتن جي خدشن ۾ گهٽتائي، اڳواٽ خبرداريءَ وارو نظام ۽ عوامي آگاهيءَ، اپائن وارا ڪم ۽ سي بي ڊي آر ايم واري عمل ۾ شامل ٿي سگهن. انهن حڪمت عملين آفتن جي انتظام ڪاري بابت نه رڳو سرڪار جو نظريو تبديل ڪيو، پر ان سان عوام جي سوچ ۾ پڻ تبديلي آئي. هاڻي عوام پاڻ کي نظام جو حصو سمجهي ٿو ۽ آفتن جي انتظام ڪاريءَ جي منصوبن ۽ ترڪيبن ۾ پنهنجي حصيداريءَ جي اهميت کي محسوس به ڪري ٿو. اهڙي طرح اين جي اوز، ڊونر ايجنسين ۽ سرڪاري ادارن جي مدد سان مقامي سطح تي آفتن جي انتظام ڪاريءَ جي رٿائن جا منصوبا جوڙيا ويا ۽ انهن کي هٿي ڏني وئي. آزاد ۽ تڪڙي ميڊيا سي بي ڊي آر ايم جي تصور کي پوري ملڪ ۽ عام ماڻهن ۾ مقبوليت ڏيارڻ ۽ هٿي وٺرائڻ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.


 

مقامي سطح تي آفتن جي خدشي جي پڙتال

 

آفتن جي خدشن جي پڙتال ڪرڻ مان مراد آهي، خدشن، اوڻاين پڌرائي ۽ مخصوص آبادين جي اهليت، علائقائي ۽ سماجي ڍانچي جو جائزو وٺڻ آهي ۽ مقامي سطح تي آفتن جي خدشن جي جائزي جو مقصد مقامي آبادي جي تربيت ۽ صلاحيت ۾ واڌارو ڪرڻ آهي، جنهن سان وسندي کي درپيش خدشن جو جائزو وٺڻ جون ترڪيبون جڙي سگهن. مختلف آفتون مختلف خطرا آڻينديون آهن. مثال طور ٻوڏ گهريلو زندگين، زراعت، مال، صنعت ۽ صحت جي سهولتن کي ڪافي نقصان ته پهچائيندي آهي، پر زلزلا گهر، زندگيون ۽ اهم ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. آفتن جي خدشن جي جائزي ۾ آفتن جي خطرن، پکيڙ، ڪثرت ۽ ٻين مختلف رخن جو نچوڙ پيش ڪيو ويندو آهي، جيڪي ماڻهو انهن آفتن جي ويجهو هوندا آهن، انهن جي اوڻاين کي جانچيو ويندو آهي. مقامي اهليت ۽ وسيلن جي جاچ پڻ ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي وڌايو به ويندو آهي، جيڪي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڀاليل هوندا آهن ته جيئن انهن جو وقت تي استعمال ٿي سگهي.

خدشن جي پڙتال جو مقصد

·        ڳوٺن ۽ آس پاس جي علائقن جي اوڻاين ۽ امڪاني خطرن کي ڳولڻ.

·        آفتن جي امڪاني وڏن نقصانن جو اندازو لڳائڻ ۽ انهن جو جائزو وٺڻ.

·        حفاظتي ۽ موافقت رکندڙ حڪمت عملين ۾ موجود اوڻائين کي ڳولڻ ۽ انهن جو اڀياس ڪرڻ.

·        اوڻاين تي ضابطي آڻڻ ۽ اپائن لاءِ حقيقي بنيادن تي اهليت تجويز ڪرڻ ۽ ڳوليل ۽ پرکيل آفتن جي خدشن کي گهٽائڻ ۽ متاثرن جو ڀرجهلائو ٿيڻ.

·        خدشن جي تشخيص مان بچاءُ جي طريقن جي فائديمندي، اثرن ۽ اهليت جي پڪ ڪندي انهن کي اڃا به وڌائڻ.

·        مختلف مفادن کي توازن ۾ رکڻ.

·        اپائن جي استعمال، جواز ۽ پهچ کي اهميت ڏيڻ.

·        آفتن جي خدشن کي گهٽائڻ جي اپائن تي امڪاني سماجي معاهدا ڪرڻ.

·        خدشن ۽ خطرن جي جائزي جي نتيجن کي استعمال ڪندي، سي بي ڊي آر ايم جو منصوبو جوڙڻ.

·        علائقائي سطح تي خطرن کي سمجهي، سي بي ڊي آر ايم رٿا لاءِ سرگرميون ۽ گڏجاڻيون ڪرڻ.

خطرن جي تشخيص

خطرو ڀلي قدرتي هجي يا ڪنهن انساني عمل جي صورت ۾ هجي، اهو زندگي، وسيلن ۽ بنيادي ڍانچي کي نقصان رسائي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن گهٽتائي ۽ تحفظ جا اپاءُ نه ورتا وڃن ته خطرو تباهي جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. خطري جي تشخيص جي عمل دوران مقامي آبادين کي هيٺين سوالن جي جوابن ڳولڻ جي تربيت ڏني ويندي آهي:

·        ڪنهن به علائقي ۾ موجود خطري جي نوعيت ۽ شدت ڪيتري آهي؟

·        ڪهڙيون ڪهڙيون شيون خطري هيٺ آهن؟ (مقامي آبادي، وسيلا، ڪاروبار، موريون، اسپتالون، گهر ۽ اسڪول وغيره).

·        انهن خطرن جي ڪري امڪاني نقصان جي پکيڙ ڪيتري ٿي سگهي ٿي؟

·        انهن خطرن جو عرصو ڪيترو ٿي سگهي ٿو؟ ۽ اهي خطرا پاڻ ۾ ملي، هڪ گڏيل وڏي خطري جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿا؟

·        خطرن جي تشخيص دوران مقامي ماڻهو، اُن مخصوص علائقي ۾ ماضي جي خطرن جي تجربن جو مطالعو ڪندا آهن. انهن جي اثرن ۽ نقصانن کي آڏو رکندي، ماضي جي نقصانن مان سڀ کان وڌيڪ نقصان رسائيندڙ آفت کي ڳوليو ويندو آهي. هو ايندڙ خطري جي رفتار ۽ عرصي جو جائزو وٺندا آهن ۽ اهو پڻ ڏسندا آهن ته اُن جي شدت وڌي رهي آهي يا گهٽ ٿي رهي آهي يا هڪ هنڌ بيٺل آهي؟ هو لاڳاپيل علائقي ۾ اڳواٽ خبرداريءَ جي نظام جي معيار، قابليت، جٽاداري، ذريعن، نشانين ۽ اُن جي اثرائتي هجڻ جو جائزو وٺندا آهن. هو انهن علائقن، ڳوٺن، معاشي وسيلن ۽ عمارتن جو جائزو پڻ وٺندا آهن، جيڪي خطرن جي ويجهو هوندا آهن ۽ ماضيءَ ۾ انهن آفتن جي هٿان ٿيل نقصان کي پڻ ڏٺو ويندو آهي.

ڪمزورين جي تشخيص

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته قدرتي آفت جهڙي ڪا به ٻئي شيءَ ايتري خطرناڪ ڪونهي، ڇو ته آفتون ڀلي قدرتي هجن يا انساني، اهي تباهيءَ جو سبب بڻبيون آهن. ڇو جو انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ يا ته وسنديون تيار نه هونديون آهن يا وري اُهي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪمزور هونديون آهن. يعني اهليت نه رکنديون آهن، ڪنهن به سماج جي ڪمزورين جا ڪيترائي سبب ۽ رخ ٿي سگهن ٿا. ڪمزورين جي تشخيص ۾ طبعي، معاشي، سماجي، سياسي ۽ ماحولياتي ڪمزوريون شامل آهن، جن کي جاگرافيائي، ارضياتي، سماجي، اقتصادي ۽ نفسياتي رخن کان جاچيو ويندو آهي ۽ انهن جي سببن کي ڳوليو ويندو آهي.

ڪمزورين جي تشخيص مقامي آبادي جي عملي حصيداريءَ کانسواءِ اثرائتي نموني نه ٿي سگهندي، ڇو جو ڪمزورين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سندن صلاحيتن کي وڌائڻ تمام ضروري آهي. ڪجهه وسيلا يا وسنديون خطرن جي منهن ۾ هوندا آهن، پر پنهنجي خاصيتن جي ڪري ڪمزور ناهن ليکبا. ان جي ابتڙ ڪجهه ٻيا اثاثا جيڪي خطرن جي منهن ۾ کڻي نه به هجن، پر ڪمزور ضرور هوندا آهن. مثال اُها ڪالوني جيڪا ٻوڏ واري علائقي ۾ ٺهيل آهي، جنهن جي تعمير ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهندڙ بلڊنگ ڪوڊ مطابق نه آهي، ته اها ٻڏي ويندي ۽ نقصان به گهڻو ٿيندو پر ان جي مقابلي ۾ اُهي گهر جيڪي ڀلي ڪمزور جوڙيل آهن، پر زلزلي واري ليڪ کان پري آهن، انهن کي آفتن مان ڪجهه گهٽ خطرو آهي. ڪمزورين جي تشخيص دوران مقامي آبادي هيٺين سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي آهي:

·        ڪهڙن سببن ڪري مختلف وسنديون، وسيلا، عمارتون ۽ اقتصاديات خطري هيٺ آهن؟

·        ڪمزورين جي نوعيت ڪهڙي آهي؟ ۽ ڪهڙا عنصر طبعي، سماجي، معاشي يا ماحولياتي لحاظ کان ڪمزور آهن؟

·                 انهن ڪمزورين پٺيان ڪهڙا سبب آهن؟ انهن کي ڳولجيءَ،  انهن کي گهٽائڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن ته جيئن ايندڙ خطرن کي گهٽائي سگهجي.

·        سرڪار جو آفتن جي انتظام ڪاريءَ وارو نظام، ڪهڙن سببن جي ڪري خطرا گهٽائڻ ۾ناڪام ويو آهي ۽ آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ واري موجوده نظام ۽ اپائن ۾ ڪهڙيون گهٽتايون آهن؟

·        موجوده ڪمزوريون ڪهڙي ريت اڃا به ڪمزور ٿي سگهن ٿيون؟ مواصلاتي نظام، تعليم، صحت ۽ ٻين سرشتن جي متاثر ٿيڻ جي ڪري ڪمزوريون اڃا به وڌي سگهن ٿيون.

·        اُهي وسنديون جيڪي هيڻيون آهن ۽ خطري جي منهن ۾ آهن، انهن لاءِ ڪهڙا ذريعا بچاءَ طور ڪم آڻي سگهجن ٿا؟

صلاحيتن جي تشخيص

اها سموري ڄاڻ، مهارتون، وسيلا، اپاءَ، ضابطا، منصوبا ۽ حڪمت عمليون جيڪي آفت جي خدشي کي گهٽائڻ ۽ آفتن کان پوءِ واري نقصان کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪم اچن، انهن کي مجموعي طور تي صلاحيت چئبو آهي. صلاحيتن جي تشخيص ان لاءِ ضروري آهي جو اُن کان پوءِ ئي خدشن ۽ ڪمزورين سان صلاحيت کي ڀيٽي سگهجي ٿو ۽ اهڙي طرح صلاحيتن جي واڌاري ۽ آيل ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ لاءِ مناسب فيصلا ڪري سگهجن ٿا. مقامي آبادي جي صلاحيت جو سڀ کان اهم جز ذميواريءَ جو احساس آهي. ڇو جو آفتن آڏو جٽادار، مستحڪم ۽ ذميوار وسندين کانسواءِ بچاءَ ممڪن ڪو نه آهي. صلاحيتن کي عام طور تي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:

اقتصادي صلاحيت

مقامي ماڻهن جي معاشي حالت ۽ روزگار جي ذريعن کي ڪنهن به وسندي جي اقتصادي صلاحيت چئبو آهي. جنهن علائقي ۾ روزگار جا گهڻا ذريعا موجود هوندا آهن، اُتا جا ماڻهو سکيا ستابا هوندا آهن ۽ ان سان انهن جي آفتن کي منهن ڏيڻ واري صلاحيت به پاڻ مرادو وڌي وڃي ٿي. ٻئي پاسي جيڪڏهن سمورو علائقو هڪڙي ئي روزگار تي دارومدار رکي ٿو ته اُتي سماج جو گهڻو حصو غربت جي ليڪ کان هيٺ گذاري ٿو. جنهن سان وسندين جي آفتن کي منهن ڏيڻ واري صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي ۽ اهڙي طرح ڪمزورين ۽ آفتن جي خطرن ۾ واڌارو اچي ٿو.

طبعي صلاحيت

وسندين ۾ گهرن جي معيار، وسنديءَ ۾ موجود آفتن جي گهٽائڻ جا ٽيڪنيڪي اپاءَ، طبعي وسيلا ۽ اوزار جيڪي خدشن کي گهٽ ڪرڻ ۽ آفتن جي موٽ ۾ استعمال  ٿيندا هجن، انهن کي طبعي صلاحيتون چئبو آهي. اهڙين صلاحيتن ۾ اهڙيون عمارتون جيڪي آفتن کي روڪيندڙ بلڊنگ ڪوڊز تحت ٺهيل هونديون آهن يا ڪو به ڊيم، دريائي ڇاڙهه يا طبعي اڏاوت جيڪا وسندي ۽ وسيلن کي آفتن کان بچائڻ جي سگهه رکي ۽ مواصلاتي نظام يا ڪو اهڙو اوزار، جنهن کي آفتن کان اڳ ۾ يا وري آفتن دوران استعمال ڪري سگهجي سڀ شامل آهن. اهي شيون آفتن جي ڪري ٿيل نقصانن کي منهن ڏيڻ واري صلاحيت کي وڌائن ٿيون.

سماجي صلاحيت

سماجي صلاحيت ۾ تربيت يافتا ماڻهو يا اهي ماڻهو جيڪي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ذهني طور تي تيار هجن، اچي وڃن ٿا ۽ اُهي سماج پڻ اچي وڃن ٿا، جيڪي پاڻ ۾ آهن ۽ ذميواريون کڻن لاءِ راضي آهن. سماجي صلاحيت مان مراد اها به آهي ته ماڻهن جو اهو جٿو جيڪو منظم هجي ۽ ان ۾مخصوص ماڻهن کي پنهنجون ذميواريون ڏنل هجن. انهن کي پنهنجي ڪم جي تربيت ڏنل هجي ۽ مشقون ڪرايل هجن. اهڙين وسندين کي وڏو فائدو پهچندو آهي ۽ اهي مخصوص ماڻهو  پنهنجون ذميواريون ڪيل مشقن مطابق پوريون ڪندا آهن، جنهن سان آفتن جا خدشا ۽ نقصان گهٽ ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي ڳوٺ جنهن جا واسطا مقامي ۽ ضلعي سطح تي سرڪاري اختيارين سان ۽ پاڙي وارين وسندين سان مضبوط هوندا آهن، اُهي پڻ آفتن جي شديد خطرن کان بچي ويندا آهن ۽ اُهي وسنديون جن ۾ هڪ اثرائتو سرڪاري يا مقامي سطح جو آفتن جي انتظام ڪاري جو نظام يا تنظيم موجود آهي اُن کي پڻ اهم سماجي صلاحيت سمجهڻ گهرجي.

قدرتي ۽ ماحولياتي وسيلا

قدرتي ٻيلا، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا وسيلا، او سي پاسي موجود مٽيءَ جا دڙا ۽ ٻيا اهڙا قدرتي وسيلا، جيڪي آفتن واري صورتحال ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا. اهي سڀ قدرتي ۽ ماحولياتي وسيلا آهن. ان ڪري ئي انهن جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ تشخيص ڪرڻ گهرجي ته جيئن ضرورتن موجب انهن جو امڪاني استعمال ڪري سگهجي. ڪن حالتن ۾ ٻيلن ۽ صاف پاڻيءَ جي وسيلن جي متاثر ٿيڻ يا آفتن آڏو ڪمزور ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي بهتر بنائڻ گهرجي ۽ انهن کي تڪليفن ۾گهٽتائيءَ جي اپائن طور استعمال ڪرڻ گهرجي. مثال طور تمر جا ٻيلا سمنڊ جي پائڻ آڏو رڪاوٽ طور ڄاتا وڃن ٿا ۽ جابلو ٻيلا ننڍين برساتي ٻوڏن کان بچائن ٿا.

لائيف لائين انفرا اسٽرڪچر ۽ سهولتون

بهتر مواصلاتي انفرا اسٽرڪچر ، صحت جون سهولتون، تعليمي انفرا اسٽرڪچر ۽ آمدرفت جو نظام، آفتن دوران وڏي صلاحيت طور ڪم اچي سگهن ٿا. مواصلاتي نظام تڪليفون گهٽائڻ وارن اُپائن دوران مدد ڪري ٿو ۽ واپسي واري مرحلي ۾ مواصلاتي نظام جو هميشھ اهم ڪردار رهيو آهي. آفت اچڻ جي صورت ۾ صحت جون سهولتون قيمتي جانيون بچائن ٿيون، جڏهن ته آمدرفت، تعليم ۽ ٻيون ضرورتون آفتن دوران زندگيءَ جي وسيلن طور ڪم اچن ٿيون ۽ انهن کي ڳولڻ گهرجن ۽ آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ انهن جي تشخيص ڪري، انهن کي بهتر بنائڻ گهرجي. مٿي ڏنل صلاحيتن جي تشخيص ڪرڻ دوران هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهرجن:

·        مقامي ماڻهن کي اهي سڀ وسيلا، گهر ۽ سهولتون دريافت ڪرڻ گهرجن، جيڪي انهن کي امڪاني آفتن کان محفوظ رکن ۽ آفتن واري صورتحال ۾ ڪرنگهي جي هڏي طور ڪم اچن. مثال طور هڪ سادو زمين جو دڙو ٻوڏ ۾ ماڻهن کي محفوظ رکي سگهي ٿو ۽ زلزلي جي صورت ۾ هڪ کليل ميدان خطرن کان بچائي سگهي ٿو.

·        ساڳي طرح ڪي سرشتا ۽  ترڪيبون آفتن دوران جيڪر انسانن ۽ بنيادي ڍانچي کي محفوظ رکڻ ۾ مدد ڏين ته اُنهن کي دريافت ڪرڻ گهرجي ۽ هنگامي صورتحال ۾ امڪاني استعمال لاءِ انهن جو جائزو وٺڻ گهرجي.

·        مقامي وسندين کي سماجي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ضابطا معلوم هئڻ گهرجي ۽ ثقافت ۽ ريتن رسمن کي به ڄاڻڻ گهرجي. جيڪي آفتن دوران ڪمائتا ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ اُن سان گڏوگڏ اُهي سماجي قدر ۽ ترڪيبون مقامي ثقافت جو حصو بنائڻ گهرجن، جيڪي آفتن دوران فائديمند ثابت ٿين.

·        ايتري تائين جو مذهبي عقيدن ۽ صحت بابت لاڙن کي پڻ ڄاڻن گهرجي ۽ انهن ذريعي مقامي سطح تي آفتن جي امڪانن کي گهٽائڻ لاءِ هٿي ڏيارجڻ گهرجي.

آفت جي خدشي جي انتظامڪاري ۾ استعمال ٿيندڙ شيون

خدشن جي اشتراڪي تشخيص، مقامي سطح تي آفتن جي خدشن جي انتظامڪاريءَ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش سان گڏ هلي ٿي. اهڙن آسان اوزارن يا شين لاءِ ڪنهن به خاص ٽيڪنيڪل مهارت جي ضرورت نه پوندي آهي. مقامي ماڻهن جي عام معلومات ئي ان ڏس ۾ لاڀائتي ٿابت ٿيندي آهي. اُهي معاشرا جيڪي اڪثر ڪري آفتن کي منهن ڏيندا رهن ٿا پاڻ مرادو اهڙين سرگرمين کي جوڙي وٺندا آهن ۽ عام طور تي ان لاءِ ڪو مخصوص ضابطو جوڙيل نه هوندو آهي. سي بي ڊي آر ايم اهڙين سرگرمين کي وڌيڪ منظم ۽ سولو ڪري ٿو ۽ ان کي هڪ نظام جي صورت ڏئي ٿو. آفتن جي خدشن جي اشتراڪي تشخيص جا اوزار هيٺ ڏجن ٿا:

آفتن جي خدشن جي نقشي بندي

انٽرنيٽ، سرڪاري نقشا، گوگل اميجز، G.I.S، عمارتن جا نقشا، شڪليون، ڊزائينون، مشاهدا ۽ اوزار، خطرا، ڪمزوريون ۽ وسندين ۽ اوسي پاسي جي علائقن جون صلاحيتون استعمال ڪري، آفتن جي امڪانن جي نقشابندي ڪئي ويندي آهي. نقشي بنديءَ جو اهو اوزار سڄي دنيا ۾ مروج آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ آفتن جي نقشي بندي جو ڪم اين ڊي ايم اي ۽ اُن سان لاڳاپيل پي ڊي ايم ايز جو آهي.

تاريخي خاڪو

تاريخي خاڪي ذريعي وسنديون ۽ اتي جا مقامي ماڻهو ماضيءَ ۾ آيل آفتن، انهن آفتن ۾ ٿيل نقصانن، مختلف آفتن ۾ ڪمزور علائقن، ڪمزوريءَ جو احاطو ڪندڙ شين ۽ تحفظ ۽ تڪليفن جي گهٽتائيءَ جي اثرائتن اپائن جا انگ اکر گڏ ڪندا آهن. ان تاريخي خاڪي جي مدد سان تحفظ جون رٿائون جوڙيون وينديون آهن ۽ گهٽتائي ۽ موٽ جا اپاءَ رٿيا ويندا آهن.

مندن جو ڪئلينڊر

هيءَ هڪ آسان ۽ جامع ترڪيب آهي، جنهن ۾ هڪ ڪئلينڊر ۾ آفتن جي وقت ۽ عرصي کي ظاهر ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڪنهن مخصوص علائقي لاءِ خطرو هوندا آهن. تاريخي انگن اکرن جي تشخيص ۽ آفتن جي خدشن جي نقشي بندي لاءِ پڻ اهڙو ڪئلينڊر جوڙي استعمال ڪري سگهجي ٿو ته جيئن مقامي سطح تي ڪنهن به آفتن جي اچڻ کان اڳ جا بچاءُ وارا اُپاءُ وٺي سگهجن. سنڌ صوبي جي حوالي سان اهڙي ڪئلينڊر جي مدد سان فصلن جي پوکي راهي ۽ لاباري جو سرشتو جوڙي سگهجي ٿو ۽ ٻين معاشي سرگرمين جي منصوبابندي به ڪري سگهجي ٿي.

آفتن جي فهرست ڪاري:

هن اوزار جي مدد سان وسندين کي درپيش آفتن کي ڄاڻڻ کان پوءِ انهن جي شدت ۽ ماضي ۾ ٿيل نقصانن جي حساب سان انهن جي درجابندي ڪئي ويندي آهي. ان کان پوءِ ان فهرست مطابق صلاحيتن ۽ ڪمزورين جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي ۽ آخر ۾ شديد آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ بچاءَ ۽ گهٽتائي جون حڪمت عمليون جوڙيون وينديون.

ٽرانزيڪٽ والڪ

هي هڪ تمام آسان طريقو آهي، جنهن ۾ ڪو به عام ماڻهو ٿورڙي معلومات ۽ ٿورڙي تربيت سان گهمندي ڦرندي ڪمزورين ۽ صلاحيتن کي ڄاڻي سگهي ٿو ۽ بعد ۾ ان تي بچاءَ ۽ گهٽتائي جا اپاءَ رٿي سگهي ٿو.


آفتن جي خدشي جي انتظامڪاري جي

رٿا ۾ شراڪتداري

روايتي سوچ ۽ سي بي ڊي آر ايم جي ڀيٽ

سي بي ڊي آر ايم آفتن جي انتظامڪاريءَ جي بنيادي تصورن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. لاڳاپيل ماڻهن کي ڪردار ۽ ذميواريون ملڻ سان ته ان ۾ اڃا به وڌيڪ تبديلي اچي وئي آهي. هي ماڻهن ۽ وسندين سان لاڳاپيل نظام آهي، جنهن ۾ ماڻهو سرگرمي سان حصو وٺندا آهن ۽ آفتن جي انتظام ڪاري جي عمل جي عوامي سطح تي مالڪي وڌندي آهي. هن نظام جي ڪري آيل اهم تبديليون هيٺ ڏجن ٿيون.

·        مروج طريقيڪار موجب آفتن دوران ماڻهو بي يارو مددگار هوندا هئا، پر سي بي ڊي آر ايم واري نظام ۾ ساڳيا ماڻهو روزگار ۽ زندگين جي بحاليءَ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندا آهن. اها تبديلي نظام ۽ عمل کي نئين اهميت ۽ سگهه ڏئي ٿي.

·        اڳ ۾ متاثر گهڻو ڪري ٻاهرين امداد وٺندا هئا. پر نئين نظام تحت ماڻهن جي پنهنجي مدد سان، انهن منجهه صلاحيتون پيدا ڪيون وينديون آهن، جيڪي استعمال به ڪيون وينديون آهن. نئون نظام وڏي عرصي تائين جٽاءُ ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ان کي ثقافت ۽ ريتن رسمن جو حصو بڻائجي ته اڃا به وڌيڪ اثرائتو ٿيندو.

·        اڳ ۾ نقصان ۽ گهرجن جي تشخيص ٻاهرين ماڻهن جي مدد سان ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته هاڻي تشخيص دوران صلاحيتن ۽ گهرجن کي مقامي ماڻهن سان گڏجي پرکيو ويندو آهي. اهڙي تبديليءَ سان مقامي حصيداريءَ سان وڌيڪ مستند تشخيص جڙي ٿي.

·        عام نظام  جو ڌيان ٽيڪنيڪل حل ڳولڻ ۽ مالي امداد تي هوندو آهي، جڏهن ته سي بي ڊي آر ايم جو زور ڪمزوريءَ وارن معاملن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪرڻ تي هوندو آهي. اهڙي تبديليءَ سان عارضي حل جي جاءِ تي مستقل حل ڳوليا وڃن ٿا.

·        اڳين اپائن ۾ انفرادي طور تي گهرن تي ڌيان ڏنا ويندا هئا، پر هاڻي اهڙن اپائن جو مقصد مقامي تنطيمن ۽ ڍانچن کي مضبوط ڪرڻ آهي. اهڙي تبديليءَ سان سي بي ڊي آر ايم جي اپائن جي پائيداري گهڻي ڀاڱي وڌي آهي، ڇو جو ان ۾ سماج ۽ اُن جا وسيلا هڪٻئي سان سلاڙهيل هوندا آهن.

·        اڳ ۾ آفتن جي انتظامڪاري امدادي ادارن جي هٿن ۾ هوندي هئي، خاص طور تي سرڪاري ادارا پر سي بي ڊي آر ايم ۾ آفتن جي خدشن جي گهٽتائيءَ جو عمل مقامي سطح تي جاڳرتاپيدا ڪرڻ آهي ۽ ڳوٺن جي حصيداري ۽ ڊي آر آر کي سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ ترقياتي رٿائن جو حصو بنائڻ آهي.

·        اڳئين نظام جو مقصد طاقتن کي موٽ ڏيڻ، هنگامي ضرورتن تي پورو لهڻ ۽ زندگيءَ کي آفتن کان اڳ وارين ساڳين حالتن ۾ موٽائڻ هو، جڏهن ته نئين نظام جو مقصد ڪمزوريون گهٽائڻ ۽ صلاحيتن ۾ واڌارو ڪري وڌيڪ جٽادار وسنديون ٺاهڻ آهي.

 

مقامي سطح تي منصوبابنديءَ جو ڪردار ۽ اهميت

آفتن جي انتظام ڪاريءَ جي ڪا به حڪمت عملي ايتري تائين ڪامياب ۽ جامع طريقي سان، ملڪ ۾ آفتن جي مسئلن کي سنڀالي نٿي سگهي، جيستائين ماڻهن ۽ خاص طور تي لاڳاپيل ماڻهن کي نظام جو حصو نه بڻايو ويندو، خاص ڪري لاڳاپيل ماڻهن جي راءِ جو احترام نه ڪيو ويندو. مقامي آباديءَ کي هر مرحلي تي منصوبابندي ۽ ان جي عملداري ۾حصيدار بڻائڻ گهرجي. جي نه ته منصوبو حقيقي نه رهندو، ان جي ڪاميابي شڪي رهندي، ان جو ڦل عام ماڻهوءَ تائين پهچي نه سگهندو. آفتن جي انتظامڪاري رڳو ڊيم ٺاهڻ، بلڊنگ ڪوڊس تيار ڪرڻ ۽ پليون ٺاهڻ جو نالو نه آهي، پر هي هڪ معلومات گڏ ڪرڻ جي رٿا آهي جنهن ۾ خدشن جي نقشي بندي ۽ تشخيص لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ، خدشن جي گهٽتائي ۽ بچاءَ، موٽ ۽ عام ڪاروهنوار جا اپاءَ، سماجي ۽ اقتصادي انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ آخرڪار لاڳاپيل ماڻهن جي مدد سان انهن جي صلاحيتن ۽ قابليتن کي استعمال ڪندي هڪ جٽادار سماج کي هٿي ڏيڻ جو اشتراڪي سرشتو آهي. هيءَ هڪ اهڙو گڏيل سرشتو آهي، جيڪو مقامي سطح کان شروع ٿي وفاقي سطح تائين هر درجي تي سگهارو ٿيڻ گهرجي ۽ حقيقت تي ٻڌل هجي.

مقامي سطح تي رٿابندي جي اهميت

·        ان سان عوام ۾ آگاهي جو شعور اجاگر ڪرڻ کي هٿي ملي ٿي ته جيئن هو اوسي پاسي جي خطرن کي سمجهڻ ۽ نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ سمورن اپائن ۾ حصو وٺن.

·        مقامي سطح تي رٿابندي ڪرڻ سان آفتن جا خدشا تمام گهڻو گهٽجي ويندا آهن، ڇو جو اهي رٿائون مقامي ماڻهن جي مدد سان لاڳو ڪيون وينديون آهن.

·        ماڻهن جي صلاحيتن ۾ واڌارو اچي ٿو. انهن کي اهميت ملي ٿي ۽ آخر ۾ انهن جي حصيداري وڌي وڃي ٿي.

·        سي بي ڊي آر ايم جي نظام جو مرڪز عام ماڻهو آهي، جنهن جي صلاحيتن کي وڌائي ان کي هن نظام ۾ ذميوار شهري بڻائڻ آهي.

·        همٿ هاري ويهڻ واري سوچ بدران انهن ۾ چستي سان مقابلي جو جذبو اجاگر ٿئي ٿو، جيڪو آفتن دوران فائديمند ثابت ٿئي ٿو.

·        هن نظام سان انهن خطرن بابت جيڪي امڪاني طور عام ماڻهن کي ڏسڻا پئجي سگهن ٿا، انهن بابت آگاهي ۾ اضافو ڪرڻ آهي ۽ اهڙي طرح هو بهتر نموني سان تياري ڪري سگهن ٿا ته جيئن ٻاهرين امداد جو اثرائتو استعمال ڪري سگهجي.

·        ان نظام هيٺ لوڪ ڏاهپ ۽ مقامي ريتن ۽ رسمن کي بهترين نموني استعمال ڪيو ويندو آهي. ان مقصد سان ته جيئن حقيقتن تي ٻڌل آفتن جي انتظامڪاري جي رٿابندي ٿي سگهي.

·        هڪ تربيت يافتا وسنديءَ جي مدد سان هنگامي طور مهيا ڪيل سهولتن جي معيار، موٽ ۽ رفتار کي بهتر بنائي سگهجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح آفتن جي اثر کي گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ بهتري اچي ٿي. سي بي ڊي آر ايم جي سرشتي ۽ ڊي آر آر کي ترقياتي سرشتي جو حصو بنائڻ واري عمل تي ٻڌل ترقياتي رٿابندي، پائيدار ترقي جي صورت اختيار ڪري ٿي.

 

سي بي ڊي آر ايم جا اصول

·        ماڻهن جي حصيداري لازمي آهي، جيئن ته هي نظام ماڻهن سان لاڳاپيل آهي، ان ڪري اُنهن جي ذهانت، ڄاڻ ۽ صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪيو ويندو آهي.

·        سڀني کان وڌيڪ اهميت ڪمزور ماڻهن کي ڏني وڃي ٿي. هن نظام ۾ سماج جا ڪمزور جز نه رڳو ڳوليا ويندا آهن، پر انهن جي ضرورتن جو آفتن دوران وڌ کان وڌ خيال رکيو ويندو آهي.

·        سرگرميون گهڻو ڪري ڪمزورين ۽ صلاحيتن جي تشخيص تي ٻڌل هونديون آهن.

·        خدشن جا مختلف رخ ڄاتا ويندا آهن، جيئن ته هن نظام ۾ جديد سائنسي تحقيق سان گڏ مقامي لوڪ ڏاهپ پڻ سلهاڙيل هوندي آهي، ان ڪري خدشن جا مختلف رخ دريافت ٿي سگهندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مسئلن جو جامع حل ملي ويندو آهي.

·        خدشن جي گهٽتائيءَ جا اپاءَ مقامي وسندين لاءِ ئي آهن، اُهي اپاءَ بنيادي طور تي مقامي هوندا آهن، پر اُن سان گڏوگڏ ملڪ جي سمورين ڊي آر آر حڪمت عملين سان سلهاڙيل هوندا آهن.

·        سي بي ڊي آر ايم جون سرگرميون وسندين جا ماڻهو پاڻ ئي سنڀاليندا آهن ۽ انهن کي منظم ڪندا آهن ۽ جٽاءَ بخشيندا آهن. جيتوڻيڪ شروعات ۾ وسندين کي ٻاهرين مدد ۽ وسيلن جي ضرورت پوندي آهي، پر اڳتي هلي اهو سرشتو انهن جي ثقافت جو حصو ٿي ويندو آهي ۽ ٿوري گهڻي اقتصادي مدد سان هو پاڻ مرادو آفتن جي انتظامڪاريءَ جي يونٽن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.

 

مقامي سطح تي قائم ڪيل آفتن جي انتظامڪاريءَ جون تنظيمون

سي بي ڊي آر ايم اوز جون اهم ذميواريون:

·        هي آفتن ۾ ”فرسٽ رسپانڊر“طور ڪم ڪنديون آهن.

·        مقامي اڳواڻن کي روزانو جي رٿائن ۽ سرگرمين بابت آگاهه ڪنديون آهن.

·        هفتيوار تربيتي مشقون ڪرائينديون آهن ۽ مشقون ترتيب ڏينديون آهن.

·        امڪانن کي جاچي، امڪانن کي گهٽائڻ  لاءِ منصوبا جوڙي، انهن کي لاڳو ڪرائڻ لاءِ مقامي اڳواڻن آڏو پيش ڪنديون آهن.

·        وسندين ۾ آفتن جي انتظامڪاري جي منصوبي جي تياري ڪنديون آهن.

·        سي بي ڊي آيم اوز جو تجويز ڪيل ڍانچو هيٺ ڏجي ٿو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


هر دستي جون ذميواريون

يونين ڪائونسل ڪوآرڊينيٽر

-         سي بي ڊي ايم اوز جي سرگرمين جي نگراني ڪرڻ

-         سي بي ڊي ايم اوز جي اڳواڻن ۽ جنرل باڊي جون گڏجاڻيون ڪرائڻ.

-         هنگامي صورت حال ۾ سي بي ڊي ايم اوز جي ميمبرن جون تڪڙيون ڊيوٽيون لڳائڻ ۽ اوڏانهن موڪلڻ

-         ڏنل سال لاءِ ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ جي پڪ ڏيارڻ

-         سي بي ڊي ايم اوز لاءِ اوزارن ۽ ٻين سهولتن جا انتظام ڪرڻ

ٽيم ليڊر

-         فيصلا ڪرڻ ۽ منصوبابندي.

-         آپريشنل گروپ ٺاهڻ

-         وسيلن جي ورڇ ڪرڻ

-         ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ

-         اوزارن جي فراهمي جو انتظام ڪرڻ

-         هنگامي صورتحال يا آفتن دوران خوراڪ ۽ پاڻي جو انتظام ڪرڻ

-         انگ اکر گڏ ڪرڻ

-         آفت متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ

-         سرڪاري ۽ لاڳاپيل شعبن سان تعلق جوڙڻ ۽ قائم رکڻ

-         آپريشنل گروپن سان رابطو قائم ڪرڻ

-         ڳوٺ خالي ڪرائڻ جي صورت ۾ سفري بندوبست ڪرڻ

-         ڊاڪومينٽيشن ڪرڻ

اسسٽنٽ ٽيم ليڊر

-         ٽيم ليڊر جي مدد ڪرڻ ۽ سندس غير موجودگي ۾ ٽيم سنڀالڻ.

انتظامي، لاجسٽڪ ۽ مواصلاتي گروپ

-         وسنديءَ مان خاندانن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ.

-         گهرن کي پيش اچي سگهندڙ وڏن خطرن کي دريافت ڪرڻ.

-         اهم مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ ته جيئن اهي وقت تي حل ٿي سگهن.

-         معلومات ۽ مواصلات جي جامع حڪمت عملي جوڙڻ.

-         ڪنهن به هنگامي صورتحال بابت معلومات ڏيڻ لاءِ ذميوار هجڻ.

-         ”هنگامي صورتحال موٽ ٽيمن“ ۽ ٻين ايجنسين کي سموري ڄاڻ ۽ انگ اکر مهيا ڪرڻ.

-         آفت جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي اثرن کي لاڳاپيل ايجنسين سان ونڊڻ.

-         موجود معلومات ۽ انگن اکرن جي بنياد تي، واپسي، بحالي ۽ ٻيهر اڏاوت جو عمل شروع ڪرائڻ.

وسندي خالي ڪرائيندڙ گروپ

-         جن ماڻهن لاءِ وسندي خالي ڪرائڻ جو منصوبو جوڙڻو آهي، انهن جي پڪ ڪرڻ.

-         مقامي آبادي مان خالي ڪرائڻ واري عمل لاءِ ڪميٽيون جوڙڻ، انهن کي فرض ۽ ذميواري ڏيڻ.

-         ننڍي ۾ ننڍي متبادل رستي جي ڳولا ڪرڻ، (وسندين، اسڪولن ۽ اسپتالن مان نڪرڻ لاءِ)

-         خطري هيٺ آيل علائقن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ انهن کي ٽولن ۾ ورهائڻ.

-         خالي ڪرائڻ کان اڳ، انهن کي هڪ محفوظ هنڌ تي گڏ ڪرڻ.

-         قيمتي مال ۽ چوپائي مال کي منتقل ڪرڻ لاءِ، آمدرفت جي ذريعي ۽ ترڪيب جو پڪو بندوبست ڪرڻ.

-         ضروري سامان جهڙوڪ دوائون، کائڻ جون شيون ۽ پاڻي، وسندي خالي ڪرڻ دوران گڏ کڻڻ گهرجن.

-         ضروري دستاويز جهڙوڪ شناختي ڪارڊ، تعليمي سندون ۽ جائداد جا دستاويز، وسندي خالي ڪرڻ دوران ساڻ کڻجن.

-         وسندي خالي ڪرائڻ لاءِ مسلسل مشقون ڪرڻ گهرجن.

فرسٽ ايڊ گروپ

-         متاثر ماڻهو جي، مٿي کان پيرن تائين مڪمل چڪاس ڪرڻ.

-         تازي هوا جا لنگهه کليل رکڻ

-         رت وهڻ تي ضابطو آڻڻ

-         ڪرنگهي جي ڌڪي کي چرپر کان روڪڻ.

-         زخمن جي ملم پٽي ڪرڻ.

-         جسم جي ڪنهن هڏ کي لڳل ڌڪ جو علاج ڪرڻ

-         طئي ٿيل اصولن موجب شروعاتي تياري ڪري ڇڏڻ

-         متاثر جي طبي مرڪز يا اسپتال ڏانهن منتقلي جو بندوبست ڪرڻ

باهه وسائڻ وارو  گروپ

-         هلڪي باهه وسائڻ.

-         گئس ۽ بجلي وغيره جا مک ڪنيشن بند ڪرڻ.

-         خطرناڪ مادي کي باهه کان پاسيرو ڪري ڇڏڻ.

ڳولا ۽ مدد وارو گروپ

-         بچائيندڙن جي حفاظت.

-         ڳولڻ جي ترڪيب اختيار ڪرڻ

-         متاثرن جي ڳولا ڪرڻ

-         متاثرن کي بچائڻ.

-         متاثرن کي ٻاهر ڪڍڻ


ڊي آر آر ۽ سي سي اي کي مقامي سطح تي لاڳو ڪرڻ

 

1990ع جي آخري عرصي کان وٺي، انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو پيو وڃي ته ڊي آر آر کي ترقياتي رٿائن جو حصو بنايو وڃي ۽ جيڪي تباهه ڪاريون انسانن هٿان ٿين ٿيون يا قدرتي آفتن ۽ ماحولياتي تبديلي ڪري اچن ٿيون، انهن کي منهن ڏئي سگهجي. خاص ڪري وچ مدتي حڪمت عملين جي جوڙجڪ، علائقائي حڪمت عملين ۽ ملڪي پاليسين ۾ ڊي آر آر ۽ سي اي اي کي شامل ڪيو وڃي ۽ جيڪي ملڪ اهڙن خطرن کي وڌيڪ ويجهو آهن، انهن جي رٿائن ۾ اها ڳالهه لازمي شامل ڪئي وڃي. انهي پس منظر ۾ هن ڳالهه ۾ خاص دلچسپي ورتي وئي ۽ ان کي وڌيڪ هٿي ڏني وئي ته ڊي آر آر ۽ سي سي اي کي مقامي سطح تي لاڳو ٿيڻ گهرجي. ظاهر آهي ان جو ڪارڻ هر سال تباهين جي نقصانن ۾ واڌارو هو ۽ شروعاتي مرحلي تي انهن آفتن ۽ انهن جي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ جو احساس به هو. هن ۾ اهي سڀ تباهيون  جيڪي انسانن هٿان ٿيون يا قدرتي آفتن جي ڪري آيون ۽ جن سان اقتصادي ۽ سماجي اثاثا تباهه ٿيا اهي سڀ شيون شامل هيون، گڏوگڏ عوامي ڀلائي ۽ روزگار پهچائڻ کي به هن رٿ ۾ شامل ڪيو ويو.

مستند ڄاڻ موجب 1950ع کان 1990ع تائين آيل آفتن جي تباهي ۾ پندرهوڻ تي اضافو ٿيو ۽ 1984ع کان 1993ع تائين متاثر ماڻهن جو تعداد وڌي هڪ ارب سٺ ڪروڙ تائين وڃي پهتو.

ڊي آر آر جي ضرورت محسوس ڪندي، آخر ڪار جنوري 2005ع ۾ هن کي ترقيءَ جي ذمري ۾ ان وقت آندو ويو، جڏهن جپان جي شهر ”هايوگو“ (Hyogo) ۾ آفتن جي تباهين کي گهٽائڻ لاءِ هڪ عالمي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ”هايوگو فريم ورڪ  فار ايڪشن“ يعني عمل لاءِ جوڙيل هايوگو طريقڪار جوڙيو ويو. هن طريقيڪار جي متن تي 168 ملڪن کانسواءِ اڳ اهڙو ڪم ڪندڙ بين الاقوامي ادارن به صحيحون ڪيون.  هايوگو طريقيڪار ٽن اصولي حڪمت عملين جي پورائي تي مرڪوز آهي، جنهن ۾ پهرين حڪمت عملي اها آهي ته هر سطح تي تمام اثرائتي نموني، آفتن جي خطرن کي مستحڪم ترقياتي پاليسين، رٿائن ۽ پروگرامن جو حصو بڻايو وڃي، جنهن ۾ آفتن کي روڪڻ، بچاءَ ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ۽ انهن جي تڪليفن کي گهٽائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. لاڳو ڪرڻ مان مراد ڪا وقتي ٽيڪنيڪي سرگرمي نه آهي، پر هي هڪ مسلسل هلندڙ عمل آهي. هن عمل جي ڪاميابي رڳو موافق سوچ پيدا ٿيڻ ۽ گهربل آوزارن جي دستيابي سان سلاڙهيل نه آهي، پر هن کان وڌيڪ اڳتي آهي، جنهن لاءِ اڳ موجود منظم ثقافت ۾ تبديلي آهي، ته جيئن هن موضوع کي سڀني پروگرامن ۾ شامل ڪري سگهجي ۽ ماحولياتي تبديليءَ کي به اپنائڻ لاءِ هر سطح جي آرگنائيزيشن ۾ رابطي ڪاري ۽ ميل ميلاپ جو سلسلو مستقل بنيادن تي جاري رهي. ڊي آر آر ۽ سي اي اي کي لاڳو ڪرڻ جا ٽي مقصد آهن:

·        اها پڪ ڪرڻ ته سموريون ترقياتي رٿائون آفتن جي خطرن کان بچڻ ۽ انهن جي تباهه ڪارين کي روڪڻ واري اصول کي نظر ۾ رکندي، جوڙيون ويون آهن.

·        اها پڪ ڪرڻ ته سمورا ترقياتي پروگرام ۽ پراجيڪٽ سماجي، طبعي، اقتصادي ۽ ماحولياتي هاڃيڪارين کان پاڪ آهن ۽ آيل يا ايندڙ آفتن جي ڏکيائين ۾ اضافو نه  ڪندا.

·        اها پڪ ڪرڻ ته آفتن، بحالي ۽ امداد جا سمورا پروگرام ۽ رٿائون ترقياتي حدفن جي پورائي ۾ مدد ڪنديون ۽ مستقبل ۾ آفتن جي خدشن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون.

 

 

 

ڊي آر آر جون بچاءَ واريون ترڪيبون مقامي سطح تي لاڳو ڪرائڻ

گهڻي ڪوشش ڪئي وئي ته قومي سطح تي ڪي اهڙا ادارا جوڙجن، جيڪي آفتن جي تباهين کي روڪڻ ۽ گهٽائڻ سان گڏوگڏ بحالي ۽ بچاءَ جي عمل لاءِ ڪم ڪن، اهڙا ادارا گهڻو ڪري آفتن جي تباهين کان پوءِ واري هنگامي صورتحال جي انتظام ڪاري تي ئي رڳو توجهه ڏين ٿا ۽ انهن ادارن کي پنهنجي طور ڊي آر آر ۽ وسيلن بابت پاليسي جوڙڻ جو به اختيار نه هوندو آهي. خطرا ۽ تباهي کي روڪڻ ۽ گهٽائڻ ٻن قسمن جو هوندو آهي:

آفتن  جي خطرن جي امڪانن کي گهٽائڻ واري تناظر ۾ بنيادي ڍانچي کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ

آفتن کي روڪڻ ۽ انهن جي تڪليفن کي گهٽائڻ وارو طريقيڪار اختيار ڪرڻ سان قدرتي آفتن جي تباهي جا اقتصادي ۽ سماجي اثر گهٽائي سگهجن ٿا. عام طور تي ڪنهن به رٿا جي بنيادي ڍانچي جي تياري وقت صحيح نموني انجنيئرنگ جو استعمال ڪندي اهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا، جيڪي آفتن جي امڪانن کي گهٽائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿين. مثال طور بجلي جي ڪنهن سرشتي جي اهڙي ڊزائين تيار ڪرڻ يا روڊ رستن جو اهڙو مواصلاتي ڍانچو جوڙڻ، جيڪو هر موسم ۽ زلزلي جي اثر کان محفوظ هجي. بجلي جون تارون زمين مان ان ڪري گذاريون وينديون آهن ته جيئن طوفان دوران انهن جي ڪرڻ ۽ ٽٽڻ جو انديشو ئي نه رهي. ڊيم تعمير ڪيا ويندا آهن ته جيئن پاڻي کي روڪي ٻوڏ کي گهٽائي سگهجي. ٻوڏ جي ٻين تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ سيلابي نالا ۽ وهنديون به ٺاهيون وينديون آهن، پاڻي کي ضابطي ۾ رکندڙ ڍانچي جي تعمير، ڪي ننڍا بند ۽ ننڍا ڊيم، پاڻي روڪڻ لاءِ بئراجي دروازا، نيڪال سرشتي جي بحالي، جنهن ۾ دريائي چاڙهن جي بحالي به شامل آهي ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جا سرشتا اهي سڀ ان ۾ شامل آهن. آفتن جي تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ ڪي ساديون ترڪيبون به استعمال ڪري سگهجن  ٿيون، جن لاءِ مختصر سرمائي جي ضرورت هوندي آهي. اهڙا ڪم مقامي سطح تي وسندين جا ماڻهو پاڻ به ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته وڏيون رٿائون آفتن جي انتظامڪاري ڪندڙ حڪومتي ادارن ۽ ٻين ترقياتي ادارن لاءِ ڇڏيون وڃن ته جيئن اهي هنن کي جوڙي پورو ڪن. آفتن جي تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ هاڻ مقامي ماڻهو گهرن جي بناوٽ سادي رکن ۽ اڳ ٺهيل گهرن کي نئين انداز ۾ اهڙي نموني تبديل ڪن جو انهن ۾ آفتن جي تباهي کي سهڻ جي سگهه هجي يا انهن جو نيڪال سرشتو اهڙي طرح سڌاريو وڃي جو پاڻي خود به خود گهرن مان نڪري وڃي.

آفتن جي خطرن جي امڪانن کي گهٽائڻ واري تناظر ۾ بنيادي ڍانچي کانسواءِ ٻين شين کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ

بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي کانسواءِ ٻين شين کي استعمال ڪندي تباهي ۽ خطرن جي امڪانن کي گهٽائڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا آهن، جيڪي انجنيئرنگ جي ذمري ۾ نٿا اچن. هنن قدمن سان خطرن جي تباهڪاري ۽ شدت کي گهٽائي سگهجي ٿو.

هنن اپائن ۾ زمين جي استعمال جي رٿابندي ۽ انتظام، زميني خطن جي ساخت ۽ چونڊ بابت حڪم ناما ۽ جڙيل تعميراتي اصول اپنائڻ، عوامي جاڳرتا ۽ سکيا، ساحلي علائقن، درياهه جي منڍ وارن علائقن ۽ جابلو علائقن ۾ وڏي پئماني تي شجرڪاري شامل آهي.

حڪومتي ۽ نجي ڪارخانن ۽ ڪمپنين طرفان ڪي رعايتون به ڏيڻ گهرجن، جيئن ٻهراڙي جي ترقيءَ  لاءِ ٽئڪس ڪوڊ ۽ ڪٽوتيون لاڳو ڪرڻ ته جيئن مقامي سطح جي ترقيءَ لاءِ سرمايو مهيا ٿي سگهي يا ڪنهن نجي نقصان جي پورائي لاءِ فصل ۽ مال وغيره تي انشورنس پريمئيم ڏيڻ. سڀئي ڌريون هن سرشتي کي مقامي سطح تي لاڳو ڪرڻ لاءِ پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿيون، مثال طور حڪومتي اختياريون تعميراتي اصول جوڙڻ لاءِ ۽ مختلف زميني خطن جي ساخت کي آڏو رکندي قانون سازي ڪري سگهن ٿيون، غير سرڪاري ادارا نقصان کي روڪڻ جا پروگرام شروع ڪري سگهن ٿا ۽ نجي ادارن طرفان نقصان گهٽائڻ لاءِ رعايتون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري سگهجي  ٿو.

تڪليفون گهٽائڻ وارو هي عمل ترقي پذير ملڪن لاءِ تمام ڪارگر آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙيون شيون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڏي سرمائي جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ هي حڪمت عمليون اهڙيون آهن، جيڪي آفتن جي انتظامڪاري لاءِ جوڙيل مقامي سطح جي تنظيمن جي سهڪار ۽ صلاح سان عمل ۾ آڻي سگهجن ٿيون پر اهي ايستائين لاڀ نه ڏئي سگهنديون، جيستائين مقامي آبادي کي هن ۾ شامل نه ڪيو وڃي. هن سلسلي جا وڏا ڪم حڪومتي ادارن لاءِ ڇڏجن، باقي سي بي ڊي ايم اوز کي اهڙا مقصد ماڻڻ لاءِ آفتن کي سمجهڻ ۽ منهن ڏيڻ وارين ڪميٽين ۾ سهڪاري ڪجي.

 

موسمياتي تبديلي کي اپنائڻ ۽ تڪليفون گهٽائڻ واري رواج کي اختيار ڪرڻ

موسمياتي تبديلين کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ سولو ڪم آهي، پر اڪثر ان کي اڻپورو سمجهايو ويندو آهي، ان ڪري لاڳو ڪرڻ ۾ به ڏکيائي پيش ايندي آهي. پر اڃا به وڌيڪ ڏکي ڳالهه هي آهي ته ساڳيو تصور پنهنجي معمول واري ماحول ۾ ڪيئن اختيار ڪجي؟ جنهن ۾ سرگرميون ۽ نشانيون انتهائي معنويٰ انداز ۾ ڏنل هونديون آهن. سي سي اي ۾موسمياتي تبديلي کي رواج ۾ آڻڻ ان ڪري به ضروري آهي، جو انهن تبديلين جو اهم ترقياتي سرگرمين،  محصول، پلاننگ ۽ بجيٽ تي اثر پوي ٿو.

ماحولياتي تبديليءَ کي پنهنجي معمول واري ماحول ۾ ڪيئن اختيار ڪجي؟

·        ماحولياتي تبديليءَ سان ڀيچ کائيندڙ زراعت متعارف ڪرائڻ.

·        زرعي پاڻي جي بچت

·        زمين جو صحيح استعمال.

·        روايتي پوکائي ۾ تبديلي.

·        ماحولياتي تبديلي سان لاڳاپيل آفتن کي گهٽائڻ لاءِ اپاءَ

·        اناج بچائڻ جا اپاءَ

·        سمنڊ ڪناري ٻيلن جي پوکائي.

 

مقامي اقتصاديات ۾ ڊي آر آر ۽ سي سي اي کي داخل ڪرڻ

هن وقت عام طور آفتن ۽ ماحولياتي تبديلي دنيا لاءِ وڌندڙ خطرو آهن، پر پاڪستان ۽ سنڌ جي حوالي سان اهو خطرو اڃا به وڌي وڃي ٿو جو بچاءَ جون صورتون گهٽ هئڻ يا مرڳو هنه هئڻ ڪري اهڙي صورتحال ۾ مقامي اقتصاديات کي وڏو ڇيهو رسي ٿو.ان ڪري سي سي اي ۽ ڊي آر آر ۾ مقامي سطح تي اهڙي اقتصاديات کي هٿي وٺرائڻ جا جتن ڪرڻ جيڪا هن تبديلين کي قبول ڪندي سماج جي رواج ۾ اچي، سي بي ڊي آر ايم جو اهم ڪم آهي. هنن جي مداخلت ۽ مدد سان روزگار جا اهڙا مواقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا، جيڪي آفتن ۽ ماحولياتي تبديلي سان ٺهڪي هلن، اهي ممڪن طور هيٺين طرح ٿي سگهن ٿا:

·        زرعي مقصدن لاءِ ننڍي سطح تي آبپاشي نظام جوڙڻ، جنهن سان باراني، نيم باراني علائقن ۽ ڪچي ۽ پڪي جي زمينن کي آباد ڪري سگهجي.

·        خاص ڪري ساحلي علائقن ۾ زرعي پاڻي جي پهچ ۽ ورهاست کي بهتر بنائڻ.

·        باراني، نيم باراني، ساحلي علائقن ۽ پڪي ۽ ڪچي جي زمينن ۾ جديد پوکي جو نظام متعارف ڪرائڻ ۽ گهريلو شجرڪاري ۽ زرعي شجر ڪاري کي ترقي ڏيارڻ.

·        مقامي سطح تي ڪچي، ساحلي پٽي ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن کانسواءِ ڍنڍن ڍورن سان لاڳو زمينن جو مستقل استعمال.

·        اناج جي تحفظ ۽ واڌاري جي ضرورت کي محسوس ڪندي، پاڻيءَ جي استعمال لاءِ ننڍي سطح تي گهڻ مقصدي رٿائون جوڙڻ.

·        ڀاڄين وغيره جي ڇاپرو ۽ گهريلو سطح واري پوکي متعارف ڪرائڻ ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ.

·        روزگار جا گهڻ رخا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ مرغباني ۽ مينهن ۽ ڍڳين جا ننڍا ننڍا واڙا کولڻ لاءِ همٿائڻ.

·        روزگار جي روايتي طريقن کي تبديل ڪندي، اهڙين ننڍين گهريلو صنعتن کي همٿائڻ،  جن ۾ عورتن کي افرادي قوت طور استعمال ڪري سگهجي. هن سان اڳتي هلي عورتون مالي طور پاڻڀرو ٿي وينديون ۽ هن سان جنسي بنيادن تي اڻ برابري واري رويي کي به ختم ڪري سگهبو  ۽ گڏوگڏ ڪمزور طبقي کي اقتصادي سرگرمين جو حصو بنائي سگهبو ۽ گهر  جي آمدني ۾ واڌارو ڪري سگهبو، هڪ روزگار تي ڀاڙڻ واري رواج کي به ختم ڪري سگهبو. 

 

مقامي ثقافت ۾ ڊي آر آر ۽ سي سي اي کي داخل ڪرڻ

ماحولياتي تبديلي ۽ آفتن جي ڪري ايندڙ تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ سي سي اي ۽ ڊي آر آر کي مقامي آبادي جي رهڻي ڪهڻي، ريتن، رسمن ۽ سماجي قدرن کي تبديل ٿيندڙ صورتحال سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. مقامي آبادي جي هن فطري ثقافتي ورتاءُ کي اثرائتي نموني استعمال ڪندي، آفتن ۽ ماحولياتي تبديلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل بنيادن تي ڪو حل ڳولي سگهجي ٿو. انسان فطري طور تي به اهڙا حل ڳولي وٺندو آهي پر ان پٺيان ڏهاڪن جي تباهي ۽ تجربا شامل هوندا آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ۽ مال ضايع ٿي چڪو هوندو آهي.

سي بي ڊي آر ايم جو حصو بڻائيندي انهي سڄي صورتحال کي ڪنهن نظام هيٺ، خدشن کي نه صرف سمجهڻو ۽ پرکڻو آهي پر تڪليفون گهٽائڻ لاءِ سماجي قدرن ۾ به ڪي اهڙا عمل اختيار ڪرڻا پوندا، جيڪي سماج کي مستقل بنيادن تي تبديل ڪن ۽ جن سان مقامي آبادي خاص ڪري ساحلي علائقن جي ماڻهن کي آفتن جي ڪري ايندڙ تڪليفن مان هميشھ لاءِ نجاد ملي سگهي. هن مقصد لاءِ مقامي آبادي جي ثقافت ۽ تاريخي پس منظر کي ڄاڻڻ ضروري آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن ريتن رسمن ۽ رواج ۾ اهڙي تبديلي آندي ويندي. ثقافت سماجي زندگيءَ جي سموري ونهوار جو احاطو ڪري ٿي. انهي ڪري سماجي زندگيءَ جي هر پهلو ۾ خطرن جي امڪانن جو تفصيلي اڀياس، لاڳاپيل ڪمزورين، وسيلن ۽ سماج جي آفتن آڏو اهليت جهڙن معاملن کي ان ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. هن سان هڪ محفوظ ڍانچو، آفتن ۽ ماحولياتي تبديليءَ کي برداشت ڪندڙ گهر ۽ هڪ اهڙو اقتصادي ماحول جوڙي سگهبو، جيڪو اهڙي ڪنهن به تباهي جو مقابلو ڪري سگهي. هن لاءِ ڪي امڪاني اپاءُ هيٺين طرح ٿي سگهن ٿا:

·        آفتن جي خطري جي آگاهي ۽ رٿابندي لاءِ اوطاق يا مسجد جو استعمال.

·        ايندڙ نسلن جي تحفظ لاءِ، راندين جا ميدان ۽ اسڪول آفتن جي آگاهي وارين سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ، هن مقصد لاءِ آفتن کان آگاهي جو پيغام رکندڙ رانديون ترتيب ڏيڻ ته جيئن نقصان کان بچاءُ واري عمل کي هٿي ڏئي سگهجي.

·        آفتن جي آگاهي واري پيغام کي مقامي شاعري ۽ لوڪ موسيقي جو حصو بڻائڻ ته جيئن اهو پيغام گهڻي عرصي تائين هلندو رهي.

·        گهر ٺاهڻ جو طريقو ۽ نمونو به تبديل ٿيڻ گهرجي، جنهن لاءِ مقامي سامان استعمال ڪندي آفت ۽ موسمي تبديلي کي برداشت ڪندڙ عمارتون ٺاهڻ گهرجن.

·        فصل جي پوک ۽ ترتيب ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي، ٻن قسمن جا فصلن متعارف ڪرائڻ گهرجن، هڪ جيڪي سوڪهڙي دوران گهٽ پاڻي تي تيار ٿي سگهن ۽ ٻيا اهي جيڪي ٻوڏ دوران گهڻو پاڻي برداشت ڪري سگهن ۽ اڳ وارن فصلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اپت به ڏيندڙ هجن ۽ جيڪي بارش جي ترتيب سان ٺهڪندڙ هجن. صديون پراڻا طريقا  هاڻ هن ڦرندڙ صورتحال ۾ ڇڏڻا پوندا، وڻ به اهي پوکيا وڃن، جيڪي گهڻو پاڻي برداشت ڪن.

·        زرعي ۽ گهريلو مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي لاءِ اهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪيون وڃن، جن سان پاڻي گهٽ زيان ٿئي.

مقامي سطح تي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ واري انتظامڪاري

سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن جي سطح تي تياري کانسواءِ، عام ماڻهن کي به انهن خطرن جي خبر هجڻ گهرجي ۽ هو انهن جي امڪاني حل کان به خبر هئڻ گهرجن. ان سان هو ڏکين حالتن ۾ پنهنجي مدد پاڻ ڪري سگهندا ۽ ٻاهرين مدد پهچڻ کان اڳ قيمتي جانيون ۽ مالي نقصان کان گهڻي حد تائين پاڻ بچائي سگهندا. سکيا ورتل عملي جي ٽيم ڳولا ۽ مدد لاءِ دير سوير به پهچي سگهي ٿي پر شروعاتي مدد مقامي آبادي ۾ موجود ماڻهن کي ئي ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪري مقامي سطح جو ترت موٽ جو نظام سي بي ڊي آر ايم جو اهم جز آهي.

هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ واري انتظامڪاري

هر هڪ شهري جي اها بنيادي گهرج توڙي فرض آهي ته هو پاڻ ، پنهنجي خاندان ۽ وسندي جي حفاظت لاءِ ترت موٽ جي انتظام ڪاري جي قاعدن، سرگرمين ۽ ترڪيبن کي سکي. جيڪڏهن هر فرد ننڍي سطح تي هي سرگرميون نڀائي وٺندو ته اهو قومي سطح تي ڏاڍو لاڀائتو ثابت ٿيندو. ترت موٽ جي انتظام ڪاريءَ دوران هيٺيان اپاءَ وٺي سگهن ٿا:

هنگامي صورتحال کان اڳ وارو مرحلو

ڏکين حالتن ۾ سٺو جذبو ۽ نيڪ نيتي رکڻ باوجود پاڪستان ۾ اڻ سکيل ماڻهو، اڪثر سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي صورتحال کي منهن ڏيڻ بدران جذباتي انداز ۾ ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اها صورتحال ويتر خراب ٿي ويندي آهي، جڏهن هن ڪم لاءِ مقرر حڪومتي ادارا به نااهلي سبب گهربل فرض پورا ڪري نه سگهندا هجن، خاص ڪري ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ اهڙو لقاءُ ڏٺو ويو آهي.

سماج اهڙي گهرج کي تڏهن محسوس ڪندو آهي، جڏهن ڪنهن آفت جي تباهي ملڪ کي ڪافي نقصان پهچائي ڇڏيندي آهي ۽ ان نقصان جو پورائو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيستائين اهڙي تباهي پاڻ کي نه ورجائي، جيڪو ڪجهه اڳ ٿيو سو سڀ وسري ويندو آهي. انهيءَ ڪري حڪومتي اداران جي سکيا سان گڏوگڏ عوامي سطح تي ماڻهن ۾ جاڳرتا ۽ انهن جي سکيا به لازمي آهي. انفرادي طور تي هر هڪ کي هيٺين ڄاڻ هئڻ گهرجي:

·        هر فرد کي خطري جي نشانين ۽ اشارن جي ڄاڻ هجي.

·        هنگامي صورتحال دوران پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ضروري قدم کڻي سگهي.

·        فرسٽ ايڊ ڏيڻ جي ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ گهر ۾ زندگي بچائڻ لاءِ ضروري دوائون موجود هئڻ گهرجن.

·        هنگامي صورتحال دوران پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن کي ضروري هدايتون ڏئي سگهي.

·        هنگامي صورتحال دوران ٻين جي مدد ڪري سگهي.

مقامي سطح تي هيٺ ڏنل ڳالهين جو ڌيان رکڻ  گهرجي

·        اڳ آيل آفتن کي نظر ۾ رکندي، مستقبل ۾ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪرڻ.

·        روايتي لوڪ ڏاهپ ۽ بچاءَ جي جديد طريقيڪار کي ملائي فائدو وٺڻ.

·        مقامي سطح تي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اتنظام ڪاري جو منصوبو جوڙڻ.

·        هنگامي صورتحال جي انتظام ڪاري ڪندڙ سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن جي مدد سان، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ڪاري بابت جاڳرتا مهم هلائڻ.

 

 

هنگامي صورتحال وارو مرحلو

هنگامي صورتحال مان مراد اهڙي صورتحال آهي، جيڪا اوچتو اچي ۽ جنهن کي ماڻهو پنهنجي عام صلاحيتن ۽ وسيلن سان منهن ڏئي نه سگهن. البت جيڪڏهن سچي دل سان، منصوبابندي ۽ مشقون ڪيون وڃن ته وسندين لاءِ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ آسان ٿي پوي ٿو ۽ نقصان به گهٽ کان گهٽ ٿئي ٿو. هنگامي صورتحال واري مرحلي جي ڪاميابي، بنيادي طور تي ان کان اڳ واري مرحلي ۾ ڪيل تياري ۽ منصوبابندي تي مدار رکي ٿي، ڇو جو هنگامي صورتحال دوران اهي ئي حڪمت عمليون عمل ۾ آڻبيون آهن، جيڪي اڳ ۾ طئي ٿيل هونديون آهن. اهڙي طرح هي مرحلو پٺين مرحلن جي تسلسل ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ان سان منصوبي جي مناسبت ۽ ان جي ڪاميابي جي سيڪڙي جي به خبر پوي ٿي، جيڪا ان لاءِ طئي ٿيل هئي.

ان کان علاوه هنگامي صورتحال دوران، اڪثر ائين نه ٿي سگهندو آهي جيئن اڳ سوچيو  ويو هو، ان ڪري وقت تي ئي انهن شين ۾ تبديليون ڪرڻ جي گهرج هوندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ فقط تربيت يافتا ۽ گهربل اوزار رکندڙ ٽيم ئي وقتائتو فيصلو ڪري سگهي ٿي ۽ هر هر تبديل ٿيندڙ حالتن تي ڪنهن حد تائين ضابطو آڻي سگهي ٿي. پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ هنگامي صورتحال جو نظام ۽ اهڙي  سهولت جي ڪافي کوٽ آهي، ان ڪري مقامي سطح تي هنگامي صورتحال جي انتظام ڪاري، صلاحيتن جي واڌاري ۽ مسلسل مشقن جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

هنگامي صورتحال کان پوءِ وارو مرحلو

هنگامي صورتحال کان پوءِ واري مرحلي ۾، ڳولا ۽ مدد واري عمل کان پوءِ هيٺيان اپاءَ وٺڻ گهرجن:

·        متاثر علائقن ۾ بنيادي سهولتن کي ساڳي حالت ۾ بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، بجلي، پاڻيءَ ۽ گئس جي سهولتن کي جلد کان جلد ساڳي حالت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪجي.

·        متاثر ماڻهن کي ايستائين صحت، کاڌي، صاف پاڻي ۽ رهڻ جي سهولت فراهم ڪجي، جيستائين هو پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي نه وڃن.

·        تباهي کان پوءِ پهتل نقصان ۽ گهربل ضرورتن جي ترت پڙتال ڪئي وڃي، هن عمل ۾ مقامي آبادي جي شرڪت ان ڪري به لازمي آهي جو درست انگ اکر ۽ صحيح ڄاڻ انهن وٽان ئي ملي سگهي ٿي.

·        وڏي تباهي کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن متاثر ماڻهن لاءِ ڪي ٻيا خطرا به اڀري پوندا آهن، انهن بابت آگاهي ڏجي ۽ انهن جي حل جو به انتظام ڪجي.

·        موجوده هنگامي صورتحال جي انتظامڪاري دوران آيل، ڪميون ۽ ڪوتاهيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ انتظامن ۾ بهتري آڻي سگهجي.

اهو واضح هئڻ گهرجي ته هنگامي صورتحال کان پوءِ واري صورتحال ۾ به مقامي آبادي جي شرڪت اهم آهي، پر اهڙي صورتحال ۾ مقامي آبادي صرف پنهنجن وسيلن سان پنهنجو پاڻ نٿي بچائي سگهي. هن مرحلي تي حڪومت ۽ غير سرڪاري تنظيمن جو لازمي ڪردار وساري نٿو سگهجي. ڇو جو مقامي ماڻهو پنهنجن وسيلن سان مڪمل بچاءَ نه ٿا ڪري سگهن ۽ هن مرحلي تي رياست ۽ اين جي اوز کي حصو بڻائڻ به ضروري آهي.

 

 

مقامي سطح تي اڳواٽ خبرداريءَ جي اطلاع جو سرشتو

اڳواٽ خبرداري مان مراد، مقامي آبادي کي ڪنهن ايندڙ آفت بابت اڳواٽ سجاڳ ڪرڻ  آهي ۽ آفتن اچڻ دوران گهربل قدم کڻڻ ۽ ڪمزور آبادين، اثاثن ۽ امڪاني گهرجن کي نظر ۾ رکندي انهن شين جي حفاظت ۽ رسد جو يقيني بندوبست ڪرڻ  آهي. خبرداري وارو اطلاع سولو، سادو ۽ آساني سان سمجهه ۾ اچڻ وارو هئڻ گهرجي ۽ اطلاع ڪنهن ساک ڀري سرڪاري اداري جي معرفت وڃڻ گهرجي. خبرداري وارا اهڙا اطلاع گهڻو ڪري آفتن بابت انتظامڪاري ڪندڙ حڪومتي ادارا ڏيندا آهن. اهڙن اطلاعن ۾ ايندڙ آفت جي خطري جي انديشن، انهن جو امڪاني دورانيو ۽ انهن علائقن جي به نشاندهي ڪئي ويندي آهي، جيڪي امڪاني طور متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته اهڙن علائقن کي انساني آبادي کان خالي ڪرائڻ جو چتاءُ به ڏنو ويندو آهي، اهو سڀ ڪجهه سرڪاري ادارا ئي ڪندا آهن، پر اهڙن پيغامن جي اثرائتي پهچ ۾ مقامي آبادين جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو.

اڳواٽ خبرداريءَ جا خاص پهلو

·        وسندي يا علائقي کي امڪاني طور پيش ايندڙ خطري جي هئيت، پکيڙ، ڪثرت ۽ عرصي جو تفصيل.

·        اُهي جيڪي خطري هيٺ آهن: جهڙوڪ ماڻهو، گهر، روڊ، رستا، پليون، دڪان، اسڪول، اسپتالون، مسجدون ۽ اقتصادي اثاثا.

·        خطري جي نوعيت، جنهن کي ڀوڳڻو پئجي سگهجي ٿو: تيز جهڪ، پاڻي جو ريلو، ڪئنال، چاڙهه يا روڻ، گهرن جو ٻڏڻ، طوفاني برسات يا وبائي بيماريون.

·        ماحولياتي نقصان، پاڻيءَ جي ذريعن جو نقصان، فصلن جو نقصان ۽ هوا ۾ گدلاڻ.

اڳواٽ خبرداريءَ ۾ شامل هدايتون

·        سامونڊي طوفان ۽ طوفاني بارشن دوران، ڪنهن اجهي اندر ئي رهجي.

·        گهارو لڳڻ جي صورت ۾ بندن کي واريءَ ڀريل ٻورين ۽ وڏن پٿرن سان مضبوط ڪجي.

·        سوڪهڙي جي صورت ۾ پاڻيءَ جي وارابندي ڪجي ۽ خوراڪ کي محفوظ رکجي.

·        ضرورت پوڻ تي وسندي خالي ڪرائڻ جون هدايتون ڏجن.

·        وبائي بيماري پکڙجڻ جي صورت ۾ بچاءَ جا اڳواٽ اپاءَ ڪرڻ گهرجن.

اڳواٽ خبرداري جا ذريعا

·        مقامي وسنديون ۽ آفتن جي انتظامڪاريءَ جون قومي، صوبائي ۽ ضلعي ڪميٽيون.

·        پمفليٽ، اشتهار ۽ تصويري پيغام.

·        ڪيبل نيٽ ورڪ.

·        پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا

·        مسجدون

·        لوڪ ميڊيا

·        موبائيل ٽيڪسٽ ميسيج

·        انٽرنيٽ، اي ميل ۽ ٻي سوشل ميڊيا

مقامي آبادي جي اهليت ۾ واڌارو

·        مقامي سطح تي اڳواٽ آگاهي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ.

·        ڪميٽي ميمبرن جي ڪمن ۽ ذميوارين جي نشاندهي ڪرڻ.

·        ڪميٽي ميمبرن جي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪرڻ.

·        عوام جي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪرڻ.

·        رضاڪارن جي سکيا خاص ڪري عورتن کي ان ڪم ۾ شامل ڪرڻ.

·         

باهه وسائڻ ۽ جان بچائڻ

ڪنهن بهتر طبي سهولت تائين پهچڻ کان اڳ  اوچتو بيمار ٿيل يا ڪنهن حادثي ۽ آفتن جي شڪار ماڻهو کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن سکيا ورتل ماڻهو هٿان ان متاثر کي اها فرسٽ ايڊ ملندي ته سندس زندگيءَ بچي سگهي ٿي ۽ ڪنهن معياري صحت جي سهولتن رسڻ تائين متاثر جي حالت وڌيڪ خراب نه ٿيندي. جيڪڏهن ساڳي فرسٽ ايڊ ڪو غير تربيت يافتا ماڻهو ڏيندو ته اهڙي صورتحال ۾ مريض جي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿيندي ۽ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي مناسب طبي سهولتن جي کوٽ آهي، اتي ڪنهن آفت کان وڌيڪ موت ان ڪري ٿين ٿا جو ماهر ۽ سکيا ورتل فردن ۽ طبي سهوليتن جي اڻ هوند آهي. اهو واضع ڪرڻ ضروري آهي ته فرسٽ ايڊ لاءِ ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي ضرورت نه آهي، اهڙي سکيا ورتل فرد مرد توڙي عورتون به اهڙي طبي مدد مهيا ڪري سگهن ٿيون.

طبي امداد ڏيندڙ کي سمجهڻ گهرجي ته:

·        ڪهڙي بيماري يا ڪهڙو زخم آهي ۽ تڙ تڪڙ ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟

·        باهه ۾ سڙيل جي ڪهڙي مدد ڪري سگهجي ٿي ۽ وهندڙ رت ڪيئن روڪي يا ان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو؟

·        جيڪڏهن ڪنهن کي دل جو دورو پيو آهي ته ڇا ڪجي؟ ساهه کڻڻ ۾ مسئلو هجي ته ڇا ڪجي؟ يا ڳلي ۾ ڪا شيءِ ڦاسي  پوي ته ڇا ڪجي؟

·        ٻڏندڙ کي ڪيئن بچائجي؟

·        هڏ ڀڳل ماڻهوءَ کي ڪيئن کڻجي؟

·        ڏينهن لڳي ۽ سخت گرمي وگهي ڪو فرد ڪري پئي ته ڇا ڪجي؟

·        ڪنهن کي نانگ ڪکي ته ڇا ڪجي؟

·        ڪنهن به شخص کي شديد ٿڌ يا گرمي کان ڪيئن بچائجي؟

·        ڊهي پيل عمارت مان زنده ماڻهوءَ کي ڪيئن بچائجي؟

طبي امداد ڏيندڙ جون خاصيتون

·        طبي امداد لاءِ تربيت يافتا ماڻهو جي دستيابي.

·        جيڪو صحت مند، سرگرم، وقت جو پابند هجي جيئن متاثر هنڌ تي تڪڙو پهچي سگهي.

·        بروقت ۽ بهتر فيصلا ڪندڙ هجي، هو سمجهي فيصلو ڪري ته متاثر کي ڪهڙي مدد ڏيڻ گهرجي

·        اڻ تربيت يافتا ماڻهن کان ڪم وٺڻ جو ڍنگ ڄاڻي.

·        ايترو قابل هجي جو طبي اوزار نه هئڻ جي صورت ۾ انهن جو متبادل ڳولي سگهي.

·        خود اعتماد ۽ بهادر هجي ته جيئن هو ڏکي صوتحال ۾ همت نه هاري.

 

 

ٽرائيج(تڪڙي بنيادن تي متاثرن جي فهرست تيار ڪرڻ)

·        اهي ماڻهو جيڪي يا ته فوت ٿي ويا آهن يا وري ايتري ته خراب حالت ۾ آهن، جو انهن جو بچڻ محال هجي، اهڙن ماڻهن کي مدد جي ضرورت نه آهي. فرسٽ ايڊ ڏيندڙ ماڻهو لاءِ هي هڪ امتحان آهي ته هو هن موقعي تي ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري؟ غلط فيصلي جي صورت ۾ شديد بيمار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي سگهي ٿو يا اهڙي ماڻهو تي وقت ضايع ڪري جنهن جي بچڻ جي اميد ئي نه هجي، ائين ڪرڻ سان ممڪن آهي اهي سڀ ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا وڃن جن کي بچائي سگهجي پيو.

·        اهي متاثر ماڻهو جن جو رت وهي رهي آهي يا ڊپ وچان ڏڪڻي ٿي هجين يا نڪ مان رت ايندو هجي يا ڪٽجي وڍجي پيا آهن، ٽنگون ٻاهون ڀڄي پيون هجن يا اهڙي ڪنهن ٻي حالت مان گذرندڙن کي تڪڙي طبي امداد جي ضرورت هوندي آهي.

·        اهي جيڪي هلڪا زخمي آهن يا جيڪي ٿوري گهڻي ڌڪ کان پوءِ طبي امداد جا منتظر آهن، اهڙن ماڻهن کي ترت طبي امداد جي ايتري گهرج نه هوندي آهي

ٽرائيج جا اپاءَ

·        ترسو، ڏسو، ٻڌو ۽ سوچيو.

·        جڳهه جو جائزو وٺڻ ۽ اها پڪ ڪرڻ تي داخل ٿيڻ ۾ ڪو به خطرو نه آهي.

·        هر ان متاثر ماڻهوءَ تي ”هلڪو“ جو نشان لڳايو، جيڪو گهمي سگهي  ۽ انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪرڻ لاءِ ان کي ٿورو هلائي ڦيرائي ڏسجي.

·        جتي بيٺا آهيو، اتان شروعات ڪريو ( ڪنهن طئي ٿيل سرشتي تي  عمل ڪريو)

·        هر متاثر جو جائزو وٺو ۽ ان تي  نشان لڳايو.

·        هلڪو: معنيٰ کيس ڪو به زخم نه آهي ۽ جي آهي ته تمام معمولي.

·        روڪيل: معنيٰ زندگيءَ کي ڪو به تڪڙو خطرو نه آهي.

·        ترت: معنيٰ ترت طبي  مدد نه ملي ته مري ويندو.

·        مئل: ٻه ڀيرا مصنوعي ساهه کڻائڻ جي  ڪوشش ڪريو، پوءِ اهو نشان لڳايو.

·        متاثرن جو ترت علاج ڪريو.

·        مصنوعي ساهه کڻائڻ جو عمل جاري رکو..

·        رت وهڻ تي ضابطو آڻيو.

·        صدمي جو علاج ڪريو.

 

مقامي آبادي کي ٻاهر ڪڍڻ جي رٿا

وڌ ۾ وڌ انساني جانيون بچائڻ لاءِ علائقي کي خالي ڪرايو ويندو آهي. خطري جي ڪٿ کي آڏو رکندي مقامي سطح تي وسندي خالي ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويندو آهي ۽ هن لاءِ اڳواٽ اطلاع وارو نظام، آبادي خالي ڪرڻ لاءِ تياري ۽ آخر ۾ وسندي خالي ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو آهي. بنيادي طور تي اها سرڪار جي ذميواري آهي ته اڳواٽ چتاءَ جاري ڪري. تباهي جي صورتحال کي جاچي پوءِ مقامي وسندي کي خالي ڪرائي، ڇو جو سرڪار وٽ ئي حالتن کي وڏي پئماني تي پرکڻ ۽ پڙتال ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي ۽ علائقو خالي ڪرائڻ دوران ماڻهن جي ملڪيتن کي تحفظ ڏيڻ جي صلاحيت هوندي آهي. بروقت وسندي خالي ڪرائڻ جو نظام ئي وسندي خالي ڪرائڻ جو اهم نقطو آهي. هن سلسلي ۾ مقامي آبادي جي اهليت ۾ واڌارو ڪرڻ ضروري آهي ۽ عوامي آگاهي لاءِ اسڪول بهترين مرڪز آهن.

وسندي خالي ڪرائڻ لاءِ انتظام ڪاري

هيٺين حالتن ۾ وسنديون خالي ڪرائڻ گهرجن:

·        ٻوڏ يا سامونڊي طوفان.

·        ٻيلن يا شهرن ۾ پکڙجندڙ باهه.

·        تمام وڏو زلزلو ۽ ان کان پوءِ ايندڙ جهٽڪا.

·        جنگ، فوجي آپريشن، گهرو ويڙهه يا دهشتگردي.

وسنديون خالي ڪرائڻ هيٺين مرحلن تي ٻڌل هجي

·        اڳواٽ چتاءُ.

·        وسندي خالي ڪرائڻ جون هدايتون.

·        وسندي خالي ڪرائڻ وارو عمل شروع ڪرڻ.

·        ڪئمپن جي هنڌ جي چونڊ، ڪئمپن وچ ۾ رابطي ڪاري ۽ ڪئمپن جو انتظام.

·        وسندي ڏانهن واپسي ۽ بحالي.

مقامي سطح تي وسنديون خالي ڪرائڻ جي منصوبا بندي

ڪنهن به سانحي واري صورتحال ۾ عام زندگيءَ جو وهنوار ۽ سرگرميون شديد متاثر ٿينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن تباهي ايترو جلد اچي ڪڙڪندي آهي، جو وسنديون خالي ڪرڻ جو وقت ئي نه ملندو آهي يا اهڙي عمل جي رٿابندي لاءِ ڪا وٿي ملي نه سگهندي آهي ۽ نه وري اهڙي عمل جي مشق ان وقت ٿي سگهي ٿي، جڏهن وسندي ترت خالي ڪرڻ ضروري هجي. وسندي خالي ڪرائڻ جي رٿابندي دوران هيٺين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي:

·        جنهن وسندي کي خالي ڪرائڻ جو رٿيو  وڃي ان جي آباديءَ جا انگ اکر سامهون رکڻ گهرجن.

·        وسندي خالي ڪرائڻ لاءِ مقامي طور تي ڪميٽيون جوڙيون وڃن، جن کي ذميواريون ڏيڻ گهرجن.

·        وسندين، اسپتالن ۽ اسڪولن مان نڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مفاصلي وارا متبادل رستا چونڊيا وڃن.

·        وسندي خالي ڪرائڻ کان اڳ ماڻهن کي محفوظ ميدان تي گڏ ڪجي.

·        ماڻهن کي جٿن جي صورت ۾ علائقي مان ٻاهر ڪڍجي.

·        قيمتي سامان ۽ چوپائي مال کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ، طريقي ۽ ذريعي جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.

·        اهم شيون جهڙوڪ دوائون، کاڌي پيتي جو سامان ۽ صاف پاڻي گڏ کڻڻ گهرجي.

·        ضروري دستاويز جهڙوڪ شناختي ڪارڊ، تعليمي سندون، ملڪيت جا دستاويز الڳ ڪري ساڻ کڻجن.

·        وسندي خالي ڪرائڻ جون مشقون مستقل بنيادن تي ڪرائڻ گهرجن.

وسندي خالي ڪرائڻ جون مشقون

وسندي خالي ڪرائڻ واري منصوبي جي تياري ايستائين مقصد پورا نٿي ڪري، جيستائين مسلسل مشقون نه ڪيون وڃن. جيئن باهه کان بچڻ لاءِ مسلسل مشقون ڪيون وينديون آهن،ائين وسندي خالي ڪرائڻ واريون مشقون، خاص ڪري اسڪولن، اسپتالن، آفيسن ۽ ٻين عمارتن ۾ لاڳيتو ٿيڻ گهرجن.

هنگامي صورتحال ۾ وسندي خالي ڪرائڻ

سمورين منصوبابندين جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن تباهيون ايڏيون ته تيزيءَ سان اچي وينديون آهن، جو چتاءُ جاري ڪرڻ ۽ وسنديون خالي ڪرائڻ لاءِ قائم ڪميٽين کي متحرڪ ڪرڻ جو وقت ئي نه ملي سگهندوآهي. اهڙي صورتحال ۾ هنگامي طور تي پاڻمراد وسندي خالي ڪرڻ گهرجن ۽ هيٺين ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي:

·        پاڻ سان گڏ ڪجهه کڻڻ جو سوچڻ بدران خطري هيٺ آيل علائقي کي جلدي ڇڏڻ گهرجي.

·        ان ڳالهه جي پڪ ڪرڻ گهرجي ته گهر جا سڀ ڀاتي خطري هيٺ آيل جاءِ ڇڏي چڪا آهن.

·        جيترو ممڪن ٿي سگهي وسندي خالي ڪرائڻ وارين مشقن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو.

وسندي خالي ڪرائڻ جون ڪاميٽيون

تباهي واري تناظر ۾ مقامي سطح تي وسندي خالي ڪرائڻ وارين ڪميٽين جو اهم ڪردار هوندو آهي، ڇو جو انهن ۾ وسنديون خالي ڪرائڻ کان اڳ، دوران ۽ پوءِ وارا مخصوص اپاءَ وٺڻ جي صلاحيت هوندي آهي.

وسندي خالي ڪرائڻ کان اڳ واريون ذميواريون

·        چتاءُ سميت وسندي خالي ڪرائڻ جي رٿا جوڙڻ.

·        مقامي آبادي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ، تربيت ۽ مشقون ڪرائڻ.

·        آفتن جي انتظامڪاري ڪندڙ سرڪاري  اختيارين سان بهتر ميل ميلاپ ۽ رابطي قائم رکڻ سان، هن مد ۾ آيل وسيلن ۽ سهولتن جو بهتر استعمال ڪري سگهجي ٿو.

وسندي خالي ڪرائڻ دوران ذميواريون

·        وسنديون خالي ڪرائڻ دوران هڪٻئي تائين هدايتون پهچائڻ.

·        وسندي خالي ڪرائڻ جي انتظامن کي مڪمل ڪرڻ دوران آمد و رفت جي ذريعن، محفوظ رستن جي نشاندهي ۽ ڪمزور ماڻهن يعني ٻارڙن، عورتن، معذورن ۽ پوڙهن پڪن جو خاص خيال رکڻ.

·        وسندي خالي ڪرائڻ وارو عمل، ترتيب سان هلڻ جي پڪ ڪرڻ.

·        وسندي خالي ڪرائڻ واري عمل دوران ڳولا ۽ مدد واري ڪم کي يقيني بنائڻ لاءِ رهنمائي ڪرڻ.

وسندي خالي ٿيڻ کان پوءِ واريون ذميواريون

·        گهر موٽڻ کان اڳ ڀروسي وارن ذريعن جي معرفت اها پڪ ڪئي وڃي ته صورتحال مڪمل طور ٺيڪ ٿي چڪي آهي.

·        وسندي ۽ گهرن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ گهرن، رستن ۽ سموري علائقي جي پڙتال ڪرڻ ضروري آهي.

 

مقامي سطح تي ڳولا ۽ بچاءَ جو عمل

ٻوڏن، زلزلن، سامونڊي طوفانن، جاين ڊهڻ ۽ لينڊسلائيڊنگ جي صورت ۾ ڳولا ۽ مدد وارو عمل، متاثر انساني جانين کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙين حالتن ۾ ماڻهن کي اڪثر علائقو خالي ڪرائي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ڳولا ۽ مدد جي عمل لاءِ انتهائي ماهر فرد ۽ جديد فني اوزار گهربل هوندا آهن. تنهن هوندي به مقامي ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ واري اصول هيٺ اهڙو عمل شروع ڪرڻ جي سکيا ڏئي سگهجي ٿي، جيستائين هن ڪم ۾ ماهر ٽيمون متاثر هنڌ پهچن.

مقامي ماڻهن جي اهڙي سکيا ان ڪري به ضروري آهي جو انهن کي علائقي، اتي رهندڙ ماڻهن ۽ گهرن گهٽين جي بخوبي ڄاڻ هوندي آهي ۽ اهي حڪومتي ڳولا ۽ مدد وارين ٽيمن جا سهڪاري پڻ ٿي سگهن ٿا. مقامي آبادي جي اهڙي سکيا تمام ضروري آهي، ڇو جو ڪنهن به تباهي جي صورت ۾ هو فطري طور پنهنجن ماڻهن جي مدد ڪندا ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪم جي کين سکيا نه هوندي ته اهي فائدي بجاءِ وڌيڪ نقصان ڪري ويهندا. وڏي پيماني تي آيل تباهي کي حڪومت اڪيلي سر منهن نٿي ڏئي سگهي، اهڙي صورتحال ۾ سکيا ورتل مقامي فردن جو ڳولا ۽ مدد لاءِ اهم ڪردار ٿي وڃي ٿو.

مقامي سطح تي ڳولا ۽ مدد واري عمل جي رٿابندي

آفت اچڻ کان پوءِ ڳولا ۽ مدد اهم جز آهن ۽ مقامي سطح تي اثرائتي عمل لاءِ بهتر نموني رٿابندي جي ضرورت هوندي آهي. ان ڳالهه جو اندازو هئڻ گهرجي ته مختلف آفتن جي صورت ۾ آيل نقصان به مختلف قسم جا ٿين ٿا. ان ڪري وسندين جي مقامي وسيلن کي آڏو رکندي رٿابنديءَ جي عمل دوران هيٺين ڳالهين کي به سامهون رکيو وڃي:

·        تباهي جي شدت موجب فهرست ٺاهڻ.

·        ڪمزور ۽ اڻ ڍنگين عمارتن جي فهرست ٺاهڻ.

·        آفت جي نوعيت ۽ خطري کي سمجهندي، تباهي دوران ڪتب ايندڙ وسيلن ۽ اوزارن جي فهرست ٺاهڻ.

·        ڳولا ۽ مدد واري عمل لاءِ مقرر سرڪاري ادارن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ مسلسل رابطي جو هڪ نظام جوڙڻ.

·        رضاڪارن جي فهرست سازي ڪرڻ، انهن جو رڪارڊ رکڻ ۽ تباهي جي تناظر ۾ کين ذميواري ڏيڻ.

ڳولا ۽ مدد جون ترڪبيون

ڳولا ۽ مددي ترڪيب ۾ واقعي واري هنڌ جو تحفظ، ڳولا ۽ مددي عمل ۾ فني ۽ افرادي قوت جو اضافو، ٽيم جي حفاظت، لاڏو سهولتن جي دستيابي، سامان سهيڙي ٻڌڻ ۽ کڻڻ ۽ روانو ڪرڻ شامل آهن. اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ڳولا ۽ مددي سرگرمين دوران ڪمزور ماڻهن جهڙوڪ عورتن، معذورن، ٻارن ۽ پوڙهن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

ماڻهن کي ڊهي پيل عمارتن ۽ ملبي مان ڪڍڻ

·        واقعي واري هنڌ پهچي مدد ڪندڙ ماڻهون کي گهرجي ته اندر ڦاٿل ماڻهن کي سڏ ڪن، انهن کان انهن جي موجودگيءَ جو هنڌ معلوم ڪن، اندر موجود ٻين ماڻهن بابت به پڇن ۽ انهن کي ٻاهر جي صورتحال کان آگاهه ڪن ۽ انهن کي اهو ٻڌائي آٿت ڏين ته بچاءَ واريون ٽيمون پهچي چڪيون آهن ۽ کين جلد بچائي ٻاهر ڪڍبو.

·        هڪ ماڙ عمارت لاءِ ڳولا ۽ مدد جو عمل هڪ پاسي کان شروع ڪري ٻئي پاسي ختم ڪجي، پر گهڻ ماڙ عمارت ۾ اهڙو عمل هيٺيان کان مٿي يا مٿان کان هيٺ واري ترتيب ۾ ڪرڻ گهرجي. عمارت جي نقشي جي مدد سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته عمارت ۾ ڪهڙن هنڌن تي ماڻهو پناهه وٺي سگهن ٿا.

·        جيڪڏهن سکيا ورتل ٽيمن کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۾ وقت لڳي ته تربيت يافتا رضاڪار هي ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺڻ ۽ مقامي وسيلن جي مدد سان ڪم شروع ڪن، پر ملبي کي ڌيان سان هٽائين، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ملبي جو توازن خراب ٿيڻ جي ڪري زندگين جو نقصان وڌي سگهي ٿو.

·        ملبي کي هٽائڻ لاءِ انساني زنجير جوڙڻ.

·        عمارت جي ويجهو انبوهه گڏ ٿيڻ نه ڏجي ۽ ڪو به گوڙ نه ڪجي ته جيئن ملبي مان ايندڙ آواز کي آساني سان ٻڌي سگهجي ۽ ماڻهن کي بچائي سگهجي ۽ جيڪڏهن ملبي مان آواز نه به اچي ته اهو هرگز نه سمجهجي ته ملبي ۾ شايد ڪو جيئرو ماڻهو آهي ئي ڪو نه.

·        بچايل ماڻهن کي واقعي واري هنڌان ڪڍي جلد محفوظ هنڌ منتقل ڪجي.

 

شهر ۾ لڳندڙ باهه ۾ ڳولا ۽ مدد جو عمل

·        شهرن ۾ لڳندڙ باهه جي ڪري، اڪثر ماڻهو دونهين سان ساهه ٻوساٽجڻ سبب اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن. تنهنڪري اهڙي صورتحال ۾ ڳولا ۽ مددي سرگرمين دوران، انهي ڳالهه کي ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي.

·        مک لائين مان بجلي ۽ گئس بند ڪري ڇڏجي.

·        تيل، گئس، بجلي جي تارن ۽ سڪل ڪاٺ کي باهه جلد لڳندي آهي، ان ڪري اهي شيون باهه کان پري رکجن ته جيئن باهه کي وڌيڪ ڀڙڪڻ ۽ ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي.

·        اندر ڦاٿل ماڻهن کي درين ڏانهن اچڻ لاءِ چئجي يا وري آڪسيجن جي استعمال جو چئجي ته جيئن هو ٻوساٽجي نه مرن.

·        جيڪڏهن پاڻي موجود نه هجي ته باهه وسائڻ لاءِ مٽيءَ جو استعمال ڪجي.

·        جيڪڏهن ڪنهن فرد جي ڪپڙن باهه کي وڪوڙي وڃي ته ان باهه کي روڪڻ جو طريقو اهو آهي ته ان کي ٿلهي ڪپڙي جهڙوڪ رلي يا ڪمبل وغيره سان ويڙهجي ته جيئن لڳل باهه اجهامي وڃي.

شهرن، دريائي يا برساتي ٻوڏ ۾ ڳولا ۽ مدد جو عمل

·        جيتوڻيڪ هن عمل لاءِ تربيت يافتا ۽ مناسب ٽيڪنيڪي سامان رکندڙ ٽيم جي ضرورت هوندي آهي، پر عام ماڻهن ۾ موجود اهڙي اهليت پڻ اهم ليکي وڃي ٿي، ڇو جو انهن وٽ مقامي ماڻهن ۽ علائقي بابت ڄاڻ هوندي آهي ۽ هن حالت ۾ وقت وڏي اهميت وارو هوندو آهي.

·        ٻڏندڙ ماڻهوءَ کي بچائڻ واري ڪوشش دوران رسو يا هوا ڀريل ٽيوب اڇلائي ڏجي.

·        عام ماڻهن ۽ بچايل ماڻهن کي انهن مٿاهين جڳهن يا عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ گهرجي، جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ کان گهڻو مٿي هجن.

·        جتي جتي ماڻهو ڦاٿل هجن، انهن کي گهرجي ته نشاني طور ڪو جهنڊو ڦڙڪائين ته جيئن بچاءَ وارين ٽيمن کي انهن تائين پهچڻ ۾ آساني ٿئي.

·        مقامي ترڪيب استعمال ڪندي غوطا کاڌل ماڻهن جي پيٽ مان پاڻي ڪڍڻ گهرجي.

 

مقامي سطح تي ڊي آر ايم جي جاڳرتا ۽ اهليت وڌائڻ

تباهي جي امڪانن کي گهٽائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته عام ماڻهن ۽ امڪاني آفتن جي زرد ۾ ايندڙ وسندين جي ماڻهن کي اهڙين تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ سکيا ڏجي. هن کان اڳ پاڪستان جي حڪومت، ادارن ۽ مقامي آبادين طرفان اهڙين ذميوارين ۽ ضرورتن کي نظرانداز ڪيو پئي ويو آهي، پر هاڻ جڏهن ملڪ ۾ لاڳيتو انهن آفتن جي ڪري وڏيون تباهيون ٿيون آهن ۽ اهڙين تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ طور طريقا ۽ انتظام ڪاري به نئين انداز ۾ متعارف ٿي آهي ته انهي ڳالهه کي به شدت سان محسوس ڪيو ويو ته هاڻ مقامي آبادي کي اهڙي سکيا ڏيڻ گهرجي، ڇو جو اها سکيا تباهي جي انتظام ڪاري جي عمل ۾ ڪاميابي جي ڪنجي ثابت ٿيندي. سماج جي مڙني ڀائيوار طبقن کي هن عمل جو حصو بنائيندي، کين اهڙي ضرورت جو احساس ڏيارڻو آهي. مقامي سطح تي هيٺيان عمل انتهائي اهم آهن، جن سان جاڳرتا ۽ اهليت وڌائڻ جي عمل کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو:

مقصدن جو تعين

مهم هلائڻ کان اڳ صاف، واضع ۽ مخصوص مقصد جوڙڻ ضروري آهي. ڇو جو واضح ڪيل مقصد ڪنهن به آگاهي مهم ڏانهن پهريون قدم هوندا آهن ۽ جاڳرتا مهم جا عنوان به مقصدن کي سامهون رکي جوڙڻ گهرجن.

 

خطرن جي نوعيت بابت جاڳرتا

جنهن خطري بابت مهم هلائي پئي وڃي، ان جي نوعيت، شدت، پکيڙ، وقت ۽ عرصي جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي، اهڙي  اهم ڄاڻ کي عوام تائين پهچائڻو هوندو آهي.

خاص آبادين لاءِ پيغام جي تياري

مهم جي تياري وقت سماجي پهلوئن کي سامهون رکڻ ضروري آهي، پيغام اهڙو جوڙڻ گهرجي جيڪو ان سماج لاءِ قابل قبول هجي. پيغام آسان، چٽو، سادو ۽ مقامي ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجي. پيغام تيار ڪرڻ وقت مخصوص ماڻهن ۽ وسندين  جو خيال رکڻ گهرجي.

مختلف ابلاغي ذريعن جو استعمال

ٻولي وانگر، ابلاغي ذريعا به ساڳيءَ نموني ئي اهم آهن ته جيئن پيغام چونڊ ماڻهن تائين صحيح طريقن سان منتقل ٿي سگهي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن هن مقصد لاءِ مناسب ابلاغي ذريعي جو استعمال ڪبو. ابلاغي ذريعو ڪو به ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ ريڊيو، ٽي وي، ڪئبل نيٽ ورڪ، اي ميل، سوشل ميڊيا، موبائل ميسيج، پوسٽر، اخبارون، اشتهار ۽ اسڪولن ۽ وسندين ۾ اهڙي مقصد لاءِ ڪرايل بحث مباحثا ، گهر گهر هلايل مهم ۽ مسجد، اسڪول، ٽي وي ڊرامن ۽ خاص مقصد لاءِ تيار ڪيل ڪارٽونن جو استعمال.

جاڳرتا مهم ۾ لاڳاپيل ڌريون

·        سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا

·        تعليمي ۽ تحقيقي ادارا

·        قومي ۽ عالمي ميڊيا

·        واپاري تنظيمون

·        مقامي ۽ چونڊيل نمائندا

·        ماحولياتي تبديليءَ مطابق اپاءُ وٺڻ ۽ اهڙي ماحول سان ٺهڪندڙ روزگار اختيار ڪرڻ


آبڪلاڻي جي ٻوڏ، شهرن ۾ آيل ٻوڏ، سمنڊ جي پائڻ، ڏڪار ۽ سامونڊي طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ سي بي ڊي آر ايم جي رٿا

 

جيئن ته سي بي ڊي آر ايم جو سرشتو ڪٿ جي عمل سان شروع ٿئي ٿو، ان ڪري مقامي آبادي لاءِ اهو ضروري آهي ته  هو پيش ايندڙ خاص خطرن کي ظاهر ڪندي، انهن بابت تاريخي تفصيل تيار ڪن، جنهن ۾ انهن خطرن جي شدت ۽ عرصو درج هجي، جيڪي لاڳاپيل وسندين ۾ اچي چڪا آهن. هن سان گڏ انهن خطرن جي نقشابندي ۽ اڳ آيل آفتن جو دورانيو ۽ اڳ ڪٿيون به هن ڪم لاءِ مقرر حڪومتي ادارن ۽ مقامي ذريعن مان حاصل ڪري وٺن، مقامي آبادي لاءِ اهڙي ڄاڻ تمام وڏي اهميت رکي ٿي.

 

خدشي جي ڪٿ

·        گذريل 20 سالن دوران آيل آفتن جا تاريخي انگ اکر.

·        گذريل آفتن جي هئيت، دورانيو، شدت، ڪثرت ۽ نقصان (جاني، مالي ۽ چوپائي مال جو).

·        لاڳاپيل ظاهري عنصرن جي نشاندهي (ندي ڪنارا، ڪئنال، پاڻي نيڪال جون وڏيون وڏيون سهولتون ۽ گهر)

·        امڪاني خطري هيٺ ايندڙ عنصرن جي اوڻائين جي ڪٿ.

·        اوڻائين جا سبب.

·        مقامي صلاحيتن جو ڪاٿو (سفري ذريعا، سکيا ورتل افرادي قوت، گهريلو استعمال جو سامان وغيره)

·        جان بچائڻ واريون سهولتون ۽ بنيادي ڍانچي جي ڪٿ ۽ فهرست سازي (روڊ رستن جو ڄار، اسپتالون، اسڪول ۽ اوچا ميدان وغيره).

·        متبادل روزگار.

·        ڪمزور طبقن جي ڪٿ (ٻارڙا، عورتون، پوڙها ماڻهو  معذور يا بيمار).

 

سي بي ڊي آر ايم رٿا

·        مقامي آبادي کي سهڪاري عمل جو احساس ڏيارڻ.

·        ڪاميٽيون ٺاهڻ (نگراني لاءِ، ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ، اڳواٽ آگاهي لاءِ، گهر يا وسندي خالي ڪرائڻ لاءِ، رابطي ڪاري لاءِ ۽ اهليت وڌائڻ لاءِ).

·        مختلف مقامي ڪاميٽين جي ڪمن ۽ ذميوارين جي وضاحت ڪرڻ.

·        وسيلن جي نقشي بندي.

·        ايس او پيز ۽ نئين ڪم جي شروعاتي تياري ڪرڻ.

·        گهر يا وسندي خالي ڪرائڻ لاءِ محفوظ گس ڳولڻ.

·        ڪئمپون لڳائڻ لاءِ جڳهن جي چونڊ.

·        نقصان گهٽائڻ ۽ بچاءَ جا اپاءَ ڳولڻ.

 

 

فرضي مشقون ۽ انهن جي تياري

·        وسندي جي سڀني لاڳاپيل ماڻهن سان اهڙو منصوبو ونڊڻ.

·        وسندي جي روشن خيال مذهبي اڳواڻن ۽ راڄ جي چڱن کي مشقن بابت ٻڌائڻ ۽ مشورو ڪرڻ.

·        مردن، عورتن، ٻارن ۽ خاص طور تي اسڪول جي ٻارن کي تسلسل سان اهڙيون مشقون ڪرائڻ.

 

ڊي آر آر ۽ سي سي اي کي ترقيءَ جي عمل ۽ ثقافت جو حصو بڻائڻ

·        روزانو عملي سرگرميون ڪرڻ (اوڻائين کي مضبوط ڪرڻ لاءِ)

·        وڻ پوکڻ لاءِ مهم هلائڻ.

·        آبڪلاڻي دوران ڪچي مان ماڻهن جي عارضي محفوظ لڏپلاڻ.

·        ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ لاءِ طئي ٿيل ”عمارتي ضابطا“ لاڳو ڪرڻ.

·        روزگار جا متبادل ذريعا متعارف ڪرائڻ ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ.

·        لاڳاپيل حڪومتي ادارن سان ڊي آر آر ۽ سي سي اي جي شڪايتي خدشن، مقامي آبادي، گهرن جي تعمير ۽ مرمت، بنيادي ڍانچي جي بحالي، روزگار ۽ ثقافتي ۽ ترقياتي معاملن بابت رابطي ڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ.

 

منصوبي جي پائيداري

·        پاڪستان ۾ انساني همدردي وارين سهولتن جو استعمال.

·        منصوبي ۾ هر ڇهين مهيني بهتري آڻڻ لاءِ مقامي آبادي مان پڙهيل ۽ فني سکيا ورتل فردن کي شامل ڪرڻ.

·        مقامي اختيارين سان گهربل شين، انگن اکرن جي تصديق ۽ منصوبي جي مالي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ.

·        مقامي ماڻهن ۽ مختلف ڪاميٽين جو پاڻ ۾ مسلسل رابطو.

·        منصوبي جي ڊگهي عرصي تائين پائيداري لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ.

 


حوالا:

1.      نئشنل ڊزاسٽر ايڪٽ 2010ع، پاڪستان پرنٽنگ ڪارپوريشن، اسلام آباد.

2.      نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ پلان(2022-2012)، نئشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، اسلام آباد 2012ع.

3.      ڊزاسٽر رسڪ مئنجمينٽ پلان، سنڌ صوبو، صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، ڪراچي 2008ع

4.      ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر رسڪ مئنجمينٽ پلان-ضلعو سانگهڙ، ضلعي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، سانگهڙ، 2009ع.

5.      ڊسٽر ڊزاسٽر رسڪ مئنجمينٽ پلان- ضلعو دادو، ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿار، دادو 2009ع.

6.      ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر رسڪ مئنجمينٽ پلان ضلعو ٿرپارڪر، ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، ٿرپارڪر، مٺي 2009ع.

7.      پارٽيسيپنٽ ورڪ بوڪ، ڪميونٽي بيسڊ ڊزاسٽر رسڪ مئينجمينٽ، نئشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي اسلام آباد 2007ع.

8.      ڊزاسٽر رسڪ مئنجمينٽ نيڊز رپورٽ 2012ع، نئشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، اسلام آباد 2012ع.

9.      سنڌ پرونيشنل مون سون/ فلڊ ڪانٽيجنسي پلان، صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، ڪراچي 2015ع.

10. ايڇ ايف اي پروگريس ان ايشيا پئسفڪ ريجنل سنٿيسز رپورٽ ائٽ www.unisidr.org/asiapacific

11. پرووينشل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، سنڌ، پرووينشل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، ڪراچي 2013ع.

12. پرووينشل ڊزاسٽر رسڪ مئنجمينٽ پلاننگ گائيڊ لائينز پرووينشل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، سنڌ، ڪراچي 2007ع.

13. امپيڪٽ آف ڪلائيميٽ چينج آن رور ڊسچارج، پروجيڪٽيڊ باءِ ملٽي ماڊل نسيمل، نوهارا، اٽ ال 2006ع.

14. پاڪستان فلڊ 2010ع، ايز اپرچونٽي ٽو بلڊ بئڪ بيٽر، پي پي، 103-11، ان سارڪ ورڪشاپ آن فلڊ رسڪ مئنجمينٽ ان سائوٿ ايشيا، 9-10 آڪٽوبر، 2012ع سيليلوئڊ، پٽرپرگنج، انڊسٽريل ايريا، نيو دهلي، 2012ع.

15. 2011ع پاڪستان فلڊس، پرليمينري ڊيميج ائنڊ نيڊز اسيسمينٽ، نئشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي اسلام آباد 2012ع.

16. آءِ پي سي سي 2012ع سمري فار پوليسي ميڪرز، ان مئنجنگ دي رسڪ آف ايڪسٽريم اونٽس ائڊ ڊزاسٽرز ٽو ائڊوانس ڪلائميٽ چينج ائڊاپشن.

17. آءِ پي سي سي 2014ع سمري فار پوليسي ميڪرز، ان ڪلائمينٽ چينج 2014 مٽيگيشن آف ڪلائميٽ چينج، ڪنٽريبيوشن آف ورڪنگ گروپ III، ٽو دي ففٿ اسيسمينٽ رپورٽ آف دي انٽرگورنمينٽل پئنل آن ڪلائمينٽ چئنج.

18. ورلڊ ڪميشن آف انوائرومينٽ ائنڊ ڊولپمينٽس (دي برونڊلينڊ ڪميشن) رپورٽ اور ڪامن فيوچر اوڪسفورڊ: اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 1987ع.

19. هئڊ آئوٽس آف ٽريننگ آف ٽرينرس ان سي بي ڊي آر ايڇ ٽئبنگ ڊسٽرڪٽ، ميانمار.

20.  اوليوشن آف ڊزاسٽر ريسپانس ايجنسيز آف پاڪستان باءِ او سي ايڇ اي نئشنل ڊزاسٽثر ريسپانس ائڊوائيزر اسلام آباد، ڊسمبر 2006ع.

21. ايم ڊاٽ: دي او ايف ڊي اي/سي آر اي ڊي انٽرنيشنل ڊيٽا بيس، www.dat.net

22.  ابرقض. آءِ ائنڊ مرشد، زيڊ 2004، ڪميونٽي بيسڊ ڊزاسٽر رسڪ مئنجمينٽ فيلڊ پرڪٽيشنرز هئڊ بڪ، اي ڊي پي سي، بئنڪاڪ.

23.  بلائڪي، پي ڪئنال، ٽي ڊيويز، آءِ ائنڊ وشنر، بي 1994، ائٽ رسڪ: نيچرل هازرڊز پيپلز ولنرايبلٽي ائنڊ ڊزاسٽرز، روٽلئگ، نيويارڪ.

 

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home