Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, April 30, 2022

معاشي ۽ سياسي پاليسين کي خام خالي مان ڪڍڻ جي ضرورت

 April 29,2022 

 تيزي سان ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ واقعا ان ڳالهه کي چٽو ڪن ٿا ته عمران خان جي اڳواڻي ۾ آيل تحريڪ انصاف  وارن جي حڪومت ملڪ جي اهم معاشي سياسي ۽ پرڏيهي بنيادي پاليسين ۽ حڪمراني ۾ ڪجهه اهڙي نموني سان تبديلون ڪيون هيون جن کي واپس پنهنجي جاءِ تي آڻڻ ڏکيو ٿي رهيو آهي. عمران خان سياسي بحران کي آئيني بحران ۾ بدلائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر اهو نه ٿي سگهيو. هاڻي هو هڪ دفعو وري سياسي بحران ڏي ڌڪي رهيو آهي، سندس خيال آهي ته سياسي بحران گهرو ٿيڻ بعد معاملو موجوده گهڻ پارٽي حڪومت جي هٿن مان نڪري ويندو ۽ هڪ دفعو وري راند هٿن ۾ اچي ويندي.

  ڳالهه رڳو  ايتري ڪونهي. قومي اسيمبلي مان بي اعتمادي واري رٿ ذريعي هٽڻ بعد عمران خان ۽ سندس ساٿي ڪجهه اهم تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪر ي رهيا آهن. پهريون اهو ته جن پاليسين ۽ طرز تي هو حڪومت هلائي رهيو هو ان جي نه رڳو عوامي صفن ۾ بلڪه چڱن ڀلن ادارن ۾ به حمايت حاصل آهي. ۽ سندس خيال آهي ته ڪو ايڏو سولو ڪونهي ته عمران خان جي پاليسين کي تبديل ڪري سگهجي. اهي اندروني پاليسيون هجن ياپرڏيهي پاليسيءَ سان وسطو رکندڙ هجن، ٻيو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو وڏا جلسا ڪري عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. ٽيون اهو ته سوشل ميڊيا جيڪو  انهن جي پروپئگنڊا جو اهم هٿيار آهي ان تي سرگرم “ يوٿيا” دنيا ۾ پنهنجو تاثر ڏيڻ ۽ دنيا جو پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائي رهيا آهن. چوٿون تاثر اهو آهي ته عمران خان پنهنجي فڪر جو هڪ فرقو ٺاهي ورتو آهي جيڪو هروڀرو هر ڳالهه ۾ کيس صحيح ۽ باقي سمورن پارٽين خيالن ۽ فڪر کي غلط قرار ڏئي ٿو. بلڪه اهي ٻئي ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار به ڪونه آهن. پنجون تاثر اهو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ سياسي جماعت طور اڀرندي.

ملڪ جي معاشي حالتن ۽ مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو عمران خان جي حڪومت کان بيزاري ڏيکاري. سندس مخالفت ۾ سموريون سياسي ڌريون نڪري آيون. ان سان گڏوگڏ وڏن ادارن به عمران خان کان پري يا ڌار هجڻ جوا ظهار ڪيو. ان صورتحال ۾ عام ماڻهو جون اميدون گهڻيون وڌي ويون. ايئن ٿيڻ فطري ڳالهه به هئي. پر ڊالر ۽ تيل جون قيمتون نه رڳو اهو ته گهٽجي نه سگهيون. پر موجوده گڏيل حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان ۾ واڌارو آيو آهي. ان ڪري عام ماڻهو جيترو  رليف ملڻ جي آسري ۾ هو ان کي مايوسي ٿي ۽ ملڪ جي معاشي حالتن کي سري لنڪان سان به  ڀيٽيو پيو وڃي. جنهن وٽس ڊالر نه هجڻ جي صورت ۾ ڏيوالو هجڻ جو اعلان ڪيو. ڊالر نه هجڻ ڪري سري لنڪا تيل نه پيو وٺي سگهي. نتيجي ۾ بجلي، ٽرانسپورٽ وغيره سخت متاثر ٿي ۽ ان ۾ پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ تي چيو پئي ويو ته ان کان سمنڊ پار رهندڙ فائدو وٺي رهيا هئا، ڇاڪاڻ جو اهي ڊالرن يا پائونڊ ۾ ڪمائي رهيا هئا. ان جي حمايت ۾ اهو دليل ڏنو پئي ويوته سمنڊ پار پاڪستانين جي فائدي جي لاءِ تحريڪ  انصاف جي حڪومت مختلف اسڪيمون جاري ڪيون. ايتري قدر جو کين ووٽ جو حق ڏيئي ملڪ جي بنيادي قانون سازي ۾ پڻ شريڪ ڪرڻ  ڏي وڃي رهي هئي.

ڏٺو وڃي ته حقيقي معنيٰ ۾ پاڪستان معاشي ڌٻڻ ڏي ڌڪجي رهيو هو. ايتري قدر جو اسٽيٽ بئنڪ ملڪ جي خانگي بينڪن کي لکيو ته اهي حڪومت کي قرض ڏيڻ کان پاسو ڪن. ڇاڪاڻ جو اها رقم ٻڏڻ جو خطرو آهي. اهڙين خراب معاشي صروتحال کي ڏسندي سمورين سياسي پارٽين کي گڏيل حڪومت ۾ کنيو ويو ته جيئن حالتن جي ذميواري سموريون ڌريون گڏيل طور تي کڻن. پر ان جي باوجود وزيراعظم شهباز شريف حڪومت سنڀالڻ بعد پنهنجي پهرين تقرير ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ هو سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائڻ کان ڦري ويو. پر  پينشن وڌائڻ واري ڳالهه تي حڪومت قائم آهي. ان لاءِ جو از اهو پيو ڏنو وڃي ته ٻن مهينن بعد بجيٽ اچڻي آهي اوڏي مهل سرڪاري ملازمن کي هڪڙي شيءَ آڇيندي. پر لڳي ٿو ته حڪومت اصولي طور اهو فيصلو ڪيو ته جيڪي وڌيڪ  غريب يعني ڪمزور ڏتڙيل ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا تن جي ڪا واهر جي ڪوشش ڪري.

ان ڏس ۾ پينشن ۾ واڌ سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت اهو اعلان ڪيو ته  گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا هجڻ گهرجي. هتي جيتوڻيڪ فيصلي ۾ حڪومت اها ڳالهه کائي وئي ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار جو مطلب غير هنر مند مزدور جو اجورو هوندو آهي، ساڳي ريت وفاقي ڪابينا ۾ پيپلزپارٽي جي عيوضي شازيه مري بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اهي ساڍا 8 لک نالا ٻيهر شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪي عمران خان جي حڪومت  خارج ڪيا هئا. هتي اها ڳالهه اهم آهي ته حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو پر ان تي عمل ڪرڻ لاءِ اثرائتي ميڪنزم ۽ عمل بابت ڪو به اڃا تائين اپاءُ نه ورتو ويو آهي. ڇاڪاڻ جو ان جي لاءِ انڊسٽريل رليشنز آرڊيننس۽ سوشل سيڪيورٽي توڙي ڪم جي حالتن جي حوالي سان اڳ موجود قانون کي عمل ۾ آڻڻ ليبر ڪورٽن کي فعال ڪرڻ  ضروري آهي. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه ملڪ اندر ٽريڊ يونين کي جيارڻ  ضروري آهي. متحرڪ منظم ٽريڊ يونين بنا حڪومت جي ان اعلان تي عمل نه ٿي سگهندو ۽ اهو رڳو  ڪاغذن تي رهندو.

ساڳيءَ طرح سان حڪومت پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان به وڏو چئلينج درپيش آهي. عمران خان جي سازش واري ٿيوري ۾ ڪو وزن ڪونه ٿو لڳي. پر ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي ته پاڪستان پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ٻه واٽي تي ٽنگيل هو. خود عمران خان به ان بابت ڪو واصح رخ ڏيئي سگهيو ۽ نه ئي پوري طرح وضاحت ڪري ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي هڪ طرف بيهاري سگهيو. هن رڳو آخري ڏينهن ۾ ان کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. ڏٺو وڃي ته اهڙو ڪهڙو دور آهي جڏهن پاڪستان تي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان دٻاءُ نه رهيو هجي؟ هونئن به هر ملڪ جون پرڏيهي پاليسيون مختلف وقتن تي مختلف دٻائن هيٺ رهنديون آهن.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ خاتون خودڪش بمبار واري واقعي به چين ۽ پاڪستان جي ناتن تي دٻاءَ وڌايو آهي. بلڪه هي اهڙو واقعو آهي جنهن جو ملڪي صورتحال تي اثر پوندو. هڪ پاسي ملڪ اندر قوم پرستي جي سياست ڪندڙ ڌريون آهن جن لاءِ ممڪن آهي ته ڏکيايون وڌي وڃن. ٻئي طرف خود پاڪستان جي پاليسي سازن لاءِ به هڪ سوال آهي. جنهن کي اطلاعات واري اڳوڻي وزير مشاهد حسين روزاني ڊان سان ڳالهائيندي پاليسي سازن کي سجاڳ ٿيڻ ۽ اکيون کولڻ جو سڏ ڏنو آهي.

 اهو صحيح آهي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ملڪي مفادن وٽان هئڻ گهرجي. ساڳئي وقت اها ڳالهه به لازمي آهي ته پرڏيهي پاليسي ملڪ جي اندروني يا گهرو پاليسي جي عڪاس هوندي آهي. اسان پاڻ کي ڪيترن سالن  کان سيڪيورٽي اسٽيٽ قرار ڏيو ويٺا آهيون. ملڪ ۽ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي پاليسين کي ان خام خيالي مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي. اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ معيشت ۽ معاشي ترقي اهم بڻيل آهي. ان سان گڏوگڏ انساني حق ۽ جمهوري حق ان ترقي جو لازمي حصو آهن. اهڙين حالتن ۾ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ٿي بيهي ته اسين پنهنجي پاڙي وارن سان ٺهي  هلون. پنهنجو وڻج واپار به هن ڏکڻ ايشيا واري خطي ۾ ڪرڻ کي اوليت ڏيون. امپورووٽ ۽ ڪچو مال ايڪسپورٽ ڪرڻ جي بدران ملڪ اندر هڪ پوري رٿا بندي سان صنعتڪاري تي ڌيان ڏيون. جيڪڏهن ايئن  نٿا ڪريون ۽ رڳو ڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض کڻي، ته ڪڏهن نار واري ڪنهن ملڪ کان يا وري سعودي عرب کان ڊالر اوڌر تي وٺي پنهنجي بئنڪ ۾ رکڻ توڙي اوڌر تي تيل وٺڻ جهڙن اپائن سان  هلون ته گهڻو وقت  معاملو هلي ڪونه سگهندو . 

Pahenji Akhbar, Sohail Sangi 

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home