Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, March 27, 2019

پ پ جو ٽرين مارچ ڪو سياسي پيغام ڏئي سگهندو؟



پ پ جو ٽرين مارچ ڪو سياسي پيغام ڏئي سگهندو؟


پيپلز پارٽي احتجاج ۾ داخل ٿي چڪي آهي. پهرين جهلڪ راولپنڊي ۾ نظر آئي جڏهن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيءُ سان گڏ نيب آڏو پيش ٿيو. ٻي جهلڪ 26 مارچ تي حيدرآباد کان لاڙڪاڻي تائين ٽرين مارچ جي موقعي تي سامهون ايندي. گذريل چئن مهنين کان مني لانڊرنگ ڪيس ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس وارا معاملا جنهن رخ ۾ وڌي رهيا هئا، تن مان لڳو پئي ته هاڻوڪي پيپلز پارٽي جي قيادت انهي پڪڙ کان بچي نه سگهندي، ان ڪري پيپلز پارٽي احتجاج جي موڊ ۾ اچي ويئي. وڌيڪ ڪاريگري نيب ۽ حڪومت ڪئي جو ان نيب آڏو آصف زرداري، بلاول ۽ فريال ٽالپر کان پڇا ڳاڇا ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪئي. ان جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي جيڪڏهن ريفرنس هلندو ته اهو به راولپنڊي ۾ هلندو. پيپلز پارٽي اهڙي امڪاني صورتحال کان آگاهه نظر ٿي اچي جو ڪيس منتقل ڪرڻ کان اڳ بلاول جيل پهچي نواز شريف سان ملاقات ڪري ورتي. ايئن حڪومت جي ان قدم مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين کي هڪ پيج تي آڻي بيهاري ڇڏيو.
تاريخي طور تي پيپلز پارٽي ۽ پنڊي جا رشتا ۽ جهيڙا پراڻا آهن. هن شهر سان پيپلز پارٽي جون ڏکوئيندڙ يادون وابسته آهن. انهي شهر ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، محترمه کي هن شهر جي باغ ۾ قتل ڪيو ويو.
پيپلز پارٽي هونئن سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ ۽ تحريڪ هلائڻ جا اعلان پئي ڪيا پر ڪيسن جي جاچ پنڊي کڻي وڃڻ سان ماڳهين پيپلز پارٽي کي ڪوٺ ملي ته اها اقتدار جي مرڪز ۾ اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري. ان هنڌ جي ڪيترن حوالن سان اهميت آهي. هڪ اهو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ۽ بينظير ڀٽو جو قتل هن شهر ۾ ٿيو. ٻيو شهر جي عسڪري مرڪز واري اهميت سان گڏوگڏ هي شهر ان ڪري به اهم آهي جو وفاقي گاديءَ واري هنڌ سان گڏيل شهر آهي. هن هنڌ تي خيبر پختونخواه توڙي پنجاب مان ماڻهو آساني سان پهچي سگهن ٿا. پاڪستان جي سياسي توڙي اقتداري بناوٽ اهڙي آهي جو ان ۾ گهڻي اهميت پنجاب ئي رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ذوالفقار علي ڀٽو توڙي بينظير اقتداري سياست جي حوالي سان سدائين پنجاب کي اهميت ڏني. بينظير کان پوءِ جڏهن پيپلز پارٽي آصف زرداري جي هٿن ۾ آئي ته ان به گهڻا ئي زور لاتا ته پنجاب ۾ اثر ۽ حمايت رهي پر نواز شريف کيس پير کوڙڻ ئي نه ڏنا. پنجاب ۾ پنهنجي مقبوليت جي بحالي لاءِ آصف زرداري ڪيترائي حيلا هلايا، نسخا آزمايا. بلاول هائوس اتي ٺهرايو، هفتن جا هفتا بلاول ڀٽو کي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ رهايو، ڪو گهڻو فرق نه پئجي سگهيو. پنجاب جي حوالي سان ٻي وڏي تبديلي اها به آئي ته نواز ليگ کان پري بيٺل ماڻهو کي عمران خان پنهنجي جهول ۾ جهلي ورتو، نتيجي ۾ پنجاب ۾ ٻه نه پر ٽي پارٽيون ميدان ۾ نظر اچڻ لڳيون، اهڙي صورت ۾ پيپلز پارٽي جي ٽئين پوزيشن وڃي بيٺي. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جيڪي هڪ ٻئي کي بنهه نه پيون سهن تن کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته هاڻي اهي هڪ ٻئي جون مخالف نه پر اتحادي آهن. پر ان احساس کي عملي شڪل ڏيڻ کان اڳ معاملو گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو.
نواز شريف جي بيماري نواز ليگ کي به احتجاج طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، سندس ڌيءَ مريم علاج ڪرائڻ لاءِ جيل جي ٻاهران ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو، بلاول جو ٽرين مارچ ۽ مريم نواز جي ڌرڻي جو اعلان ساڳئي ڏينهن ٿيا آهن. انهن اعلانن بعد حڪومت هڪ هڪ وک ٻنهي پاسن کان پوئتي هٽي آهي. پسند جي ڊاڪٽر کي جيل ۾ نواز شريف جو معائنو ڪرڻ ۽ ملاقات جي اجازت ڏني وئي، سڌ سماءُ واري وزير فواد چودري بلاول ڀٽو زرداري کي غدار سڏڻ وارن لفظن جي وضاحت ڪئي ۽ کيس محب وطن قرار ڏنو. اصل ۾ پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته حڪومت کي سندن ذاتي لفظن ۽ سندس ئي ڄار ۾ ڦاسائي. ان لاءِ هر حڪومتي بيان کي ڳنڍي پنهنجو هڪ مڪمل بيانيو ٺاهي رهي آهي.
چونڊن کان پوءِ بلاول ڀٽو جو سنڌ جي ماڻهن سان ٽرين مارچ واري موقعي تي پهريون ڀيرو سڌو ڏيکاءُ ٿيندو، ان ذريعي بلاول جي شخصيت ماڻهن اڳيان کلندي، ڇاڪاڻ جو چونڊ مهم مختلف ڳالهه هوندي آهي. اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته بلاول ڀٽو اهو ئي ڪري ٿو جيڪو سندس پيءُ چوي ٿو. تڏهن بلاول جي شخصيت، سندس عمل ۽ سوچ کي زرداريءَ کان ڌار ڪري نه پئي ڏٺو ويو. گهڻي ڀاڱي ميڊيا به کيس ان طرح سان وٺي رهي هئي. هاڻي ماڻهو کيس اڳ کان مختلف بلاول ڪري وٺي رهيا آهن، جنهن جا پنهنجا به ڪي فيصلا آهن، پنهنجي به ڪا سوچ آهي، ان جي باوجود جو مٿس وڏي زرداري جي سوچ جو پاڇو گهڻو ڇانيل رهندو. بلاول جي عوام ۾ حقيقي لانچنگ هاڻي ٿي رهي آهي. ائين هو عوامي ليڊر طور سياسي منظر تي اڀري رهيو آهي. بينظير ڀٽو سياسي منظرنامي تي تڏهن آئي جڏهن آمر ضياءَالحق سندس پيءُ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، ان بعد کيس قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري سزا ڏني وئي. هوءَ جيتوڻيڪ پنهنجي پيءُ کي بچائي نه سگهي ۽ کيس ڦاهي تي چاڙهيو ويو. بينظير ڀٽو ان بعد جڏهن ميدان ۾ لٿي ته سندس هٿ ۾ ٻه تلوارون هيون. مظلوميت ۽ جمهوريت جي بحالي. محترمه جيڪي به فيصلا ڪيا تن بابت بيگم نصرت ڀٽو سان صلاح مشورو ضرور ڪيو ويو پر گهڻي ڀاڱي اهو سڀ ڪجهه آزادي سان ڪيو.
بلاول ڀٽو ماءُ جي قتل بعد سياسي منظر تي آيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماڻهن کيس بينظير ڀٽو جو پٽ هجڻ جي ناتي محبت ڏني ۽ همدردي به ڏني. ان موقعي بعد ٽي ڀيرا چونڊون ٿيون، پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آئي. آصف علي زرداري صدر به ٿيو، سنڌ ۾ اڄ به پارٽي جي حڪومت آهي. لڳاتار حڪومت ۾ رهڻ به ڪڏهن ڪڏهن برائي ڳڻي ويندي آهي. ناڪاميون، مشڪلاتون، ناراضگيون جام ٿي وينديون آهن، بلاول ڀٽو کي اهو سمورو بار کڻي احتجاج جي سياست ۾ لهڻو پيو پوي، جڏهن ته وڏي حد تائين مظلوميت واري کاتي مان گذريل ٽن چونڊن دوران گهڻو حصو کاڄي ۽ کپي ويو آهي.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي بهرحال اڄ به وڏي پارٽي آهي ۽ حڪومت ۾ به آهي، ٽرين مارچ ته ڪامياب ٿي ويندو، پر ان ذريعي ڌر ڌڻين کي ڪو وڏو سياسي پيغام نه ملي سگهندو. ڏسڻو اهو آهي ته ان ٽرين مارچ تي حڪومت ڪيئن ٿي موٽ ڏي ۽ ان بعد پيپلز پارٽي ٽرين مارچ کانپوءِ ڪهڙي حڪمت عملي ٿي جوڙي.

Labels: , ,

Sunday, March 17, 2019

پيپلز پارٽي قيادت جي گرفتاري : تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ



پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل، پارٽي جي قيادت جي گرفتاري جي صورت ۾ تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي. گذريل ٻن مهينن کان نيب ۽ حڪومت طرفان هر هفتي اهو ڏيکاءُ ڏنو پيو وڃي ته پارٽي جو سپريمو بس اجهو گرفتار ٿيو. ڪجهه هفتا اڳ خود آصف علي زرداري به اهڙي تياري ڪري ورتي هئي، جڏهن هن سنڌ جي مختلف ضلعن، خاص ڪري اهي هنڌ جتي سندس زمينون ۽ جائداد آهي، اتي جو دورو ڪيو ۽ جلسا پڻ ڪيا. جلسن ۾ هن اهڙي ئي ڏکي ٻولي ڳالهائي هئي، جهڙي 2010ع ۾ ڳالهائي پوءِ ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو، مطلب پيپلز پارٽي توڙي زرداري صاحب هاڻي گرفتاري لاءِ تيار آهن.

پارٽي کي ٻه هفتا کن اڳ اهڙي سڻڪ پئجي ويئي هئي، جنهن کي آڏو رکندي بلاول ڀٽو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. نواز شريف لاءِ رپورٽون آهن ته هو سخت بيمار آهي پر هو جيل توڙي ملڪ جي اندر ڪنهن اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪيو بيٺو آهي. نواز شريف جي انڪار ان ڳالهه کي کولي وڌو آهي ته ڊيل جون مڙيئي ڳالهيون پئي هليون، اهي نواز ليگ کي انگيج رکڻ لاءِ يا وري عوام جي واهپي لاءِ هيون، دراصل ڪا به ڊيل نه ٿي آهي. ماضي ۾ سيد خورشيد شاهه جي بيانن جي باوجود پيپلز پارٽي هاڻي سمجهي ٿي ته سرڪار ۽ نواز ليگ وچ ۾ ڪو ٺاهه نه ٿي رهيو آهي، ان جو اعتراف جيل ۾ ملاقات بعد صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو به انهن لفظن ۾ ڪيو آهي ته، ”نواز شريف اصولن تي قائم آهي، مان نٿو سمجهان ته ڪو ڊيل ٿي آهي يا نواز شريف ڪو سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، آئون سمجهان ٿو ته نواز شريف پنهنجي اصولن تي بيٺل رهندو.“ بلاول ڀٽو جي نواز شريف سان ملاقات رڳو طبيعت پڇڻ لاءِ ڪونه هئي، هڪ ته حالتن ٻنهي ڌرين کي ڌڪي گڏ بيهاريو آهي، سندن لاءِ ضروري آهي ته اهي گڏ بيهڻ جو ڏيکاءُ به ڏين، گڏوگڏ اهو ته ڪا گڏيل حڪمت عملي به ٺاهين. بلاول ڀٽو ٻڌايو آهي ته نئون چارٽر آف ڊيموڪريسي ٺاهي سگهجي ٿو، جنهن ۾ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کي ڇڏي باقي سڀ پارٽيون شريڪ هجن. ياد رهي ته پهريون چارٽر آف ڊيموڪريسي لنڊن ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ٿيو هو، جنهن جو مقصد سويلين اختيار جي بحالي / بالادستي هو.
بلاول ڀٽو جي نئين ميثاق جمهوريت لاءِ تحريڪ انصاف کي ڇڏي باقي جماعتن کي گڏ ڪرڻ جي ٽوڙ طور حڪومت شدت پسند گروپن کي مين اسٽريم سياست جو حصو بڻائڻ واري حڪمت عملي جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن اها اڪيلي نه ٿي سگهي ۽ ساڳئي وقت وٽس اسٽريٽ پاور، جنهن جي هٿن ۾ لٺيون به هجن، تنهن جو ساٿ ملي ويندو. پيپلز پارٽي حڪومت جي انهي تجويز جي مخالفت ڪري رهي آهي.
پيپلز پارٽي کي مليل اطلاع صحيح نڪتو. بلاول – نواز شريف ملاقات جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪراچيءَ جي بئنڪنگ ڪورٽ مان مني لانڊرنگ ۽ ڪوڙن اڪائونٽن وارا ڪيس نيب سنڌ مان راولپنڊي منتقل ڪري ڇڏيا، انهن ڪيسن ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين کي جاچ لاءِ نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن. هوڏانهن ڪيسن منتقل ڪرڻ خلاف ملوث ڄاڻايل ماڻهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي آهي. هن وقت پيپلز پارٽي سان واڳيل ڊزن کن وزيرن يا سابق وزير ۽ اڳواڻ جاچ هيٺ آهن يا وري انهن تي ڪيس هلي رهيا آهن، جڏهن ته ٻه ڊزن ڪامورا پڻ انهيءَ لسٽ ۾ آهن، ايئن اٽڪل ٽي ڊزن سنڌ سان واسطو رکندڙ سياستدان جن ۾ پارٽي جي مک قيادت، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سراج دراني به شامل آهن، تن خلاف ڪارروائي يا جاچ هلي پئي. ان صورتحال پيپلز پارٽي کي اهو چوڻ ۾ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي ته ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ ئي ٿي رهي آهي؟ سنڌ جا ڪيس ٻاهر موڪلڻ امتيازي سلوڪ آهي.
انهيءَ سڄي پس منظر ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ گرفتارين جي صورت ۾ تحريڪ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پارٽي قيادت يعني آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر گرفتار ٿين ٿا ته ڇا اها تحريڪ رڳو سنڌ ۾ هلائي ويندي؟ پارٽي ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ به موجود آهي، تحريڪ جو بار رڳو سنڌ تي ڇو وڌو ويندو؟ اهو ان ڪري به لڳي ٿو جو پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ٽي چار ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ وڃڻ ۽ پوءِ پارٽي جي اجلاس ۾ خاص طور تي شرڪت ۽ سندس اجلاس کي خطاب هن اجلاس جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو آهي. ڇا پارٽي جي قيادت جي گرفتاري جي صورت ۾ فوري طور تي تحريڪ شروع ٿي سگهي ٿي؟ ماضي جا مثال ٻڌائين ٿا ته تڪڙ ۾ ايئن نه ٿي سگهندو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ گرفتاري، ڪيس جي فيصلي اچڻ توڙي ڦاهي اچڻ انهن ٽنهي موقعن تي ڪجهه احتجاج ضرور ٿيا هئا، پر تحريڪ نه هلي سگهي هئي، تحريڪ گهڻو پوءِ اٿي. ساڳي ڳالهه نواز شريف جي گرفتاري، جيل وڃڻ، ڪيس ۾ سزا، وطن واپسي ۽ وري گرفتاري جي صورتحال ۾ به ٿي هئي، احتجاج ضرور ٿيو، پر تحريڪ نه هلي سگهي. تحريڪ هلائڻ لاءِ خود اهڙيون حالتون هجڻ ۽ سياسي صف بندي هجڻ ضروري آهي، ايم آر ڊي تحريڪ جي پويان جماعت اسلامي، ڪشميري اڳواڻ سردار قيوم کي ڇڏي باقي سڀ جماعتون شامل هيون، اهي جماعتون تڏهن پيپلز پارٽي سان بيٺيون جڏهن انهن ضياءُ الحق مان آسرو پليو يا ڪي نيون اميدون وابسته ڪيون، جيڪي هو نه پيو پوريون ڪري سگهي. ايم آر ڊي ٺهڻ واري عمل دوران هڪ مرحلي تي جماعت اسلامي به شريڪ ٿيڻ جي حامي ڀري هئي، هن وقت رڳو آصف علي زرداري جي گرفتاري تي احتجاج ته ٿي سگهي ٿو پر تحريڪ نٿي هلي سگهي، تحريڪ ۾ هر ڪا ڌر پنهنجي مفادن يا مقصدن لاءِ شريڪ ٿيندي آهي.
هڪ ڳالهه ضرور آهي ته جيڪڏهن نواز شريف جي بيماري ۽ آصف زرداري جي گرفتاري کي گڏايو وڃي ته پوءِ سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي ۾ وڏو آواز ضرور پيدا ٿيندو، ڇا ان جو مطلب اهو سمجهيو وڃي ته بلاول نواز ملاقات ۾ اهڙي ترڪيب بابت ڳالهايو ويو يا ڪجهه طئه ڪيو ويو؟ ان جو جواب اهو ئي آهي ته ڳالهايو ضرور ويو آهي، ڇاڪاڻ جو موٽ ۾ عمران خان کان وٺي شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد تائين سڀ بلاول ڀٽو کي ٽارگيٽ بڻائي رهيا آهن، ايئن هو نه رڳو بلاول ڀٽو جي وڌيل رول تي بلڪه جهڙي حڪمت عملي جي هو اڳواڻي ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ان تي تنقيد ڪري رهيا آهن. موجوده حڪومتي سيٽ اپ ۾ سنڌ ۽ پنجاب پنهنجي پاڻ کي موجود نٿو سمجهي، ان جو خيال آهي ته اهي ٻئي صوبا ان سيٽ اپ کان ٻاهر آهن، اهڙي صورت ۾ ٻن صوبن سو به وڏن صوبن جو گڏجڻ اهم صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو. پيپلز پارٽي پنهنجي سنڌ ۾ حڪومت وڃائڻ نه چاهيندي، نواز ليگ وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، ان ڪري ٻنهي پارٽين جا مفاد هڪ جيترا ۽ ساڳيا ناهن، ميدان ۾ رڳو اهي ٻه پارٽيون ناهن، تحريڪ انصاف به آهي، اصل ڌر ڌڻي به آهن، ڏسجي ايندڙ هفتي راند ڪيئن ٿي کُلي.

Labels: ,

Saturday, March 02, 2019

پاڪ-انڊيا جهيڙو ۽ خطي ۾ طاقت جو بدلجندڙ توازن!


پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ هلندڙ تازن واقعن ۾ پاڪستان جي موقف جنگجو ڌرين کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو آهي. پاڻ انڊيا به تڪراري بڻيل پلواما واقعي بعد پاڪستان ڏي انڊين ايئر فورس جي ٻه ڀيرا ڪاهه باوجود پاڪستان عالمي سرحدن کي نه اورانگهيو ۽ نه ئي وري انڊيا تي ڪاهه ڪئي. پاڪستان واري پاسي انڊين جهاز ڪيرائڻ بعد اُن جي گرفتار ڪيل پائليٽ کي ٻن ڏينهن ۾ واپس ڀارت حوالي ڪيو. اُن سان گڏوگڏ وزيراعظم عمران خان پلواما واقعي بابت ثبوت ڏيڻ ۽ هر سطح تي جاچ ڪرائڻ ۽ باقاعده جنگ جي ميدان ۾ ٽپي پوڻ جي آخري ليڪي تي بيٺل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ٻئي پاسي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ساڳي موقف تي بيٺو آهي. مئي ۾ ٿيندڙ لوڪ سڀا جي چونڊن واري مهم دوران چوي پيو ته پائليٽ پروجيڪٽ پورو ٿيو، هاڻي ڳالهه اڳتي ويندي، يعني هو اڳرائي ڪرڻ واري موقف تي قائم آهي، هو سڄي ڀارتي ميڊيا کي به انهي بيانئي تي بيهاري بيٺو آهي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته مودي حڪومت دراصل اُتان جي ميڊيا طرفان ٺاهيل جنگي هسٽريا جي دٻاءُ ۾ اچي ويو آهي، پر اهو پاڻ وڏو سوال آهي ته مودي حڪومت ڀارتي ميڊيا کي ان بيان تي بيهاريو يا ميڊيا وزيراعظم مودي کي هن بيانئي تي گهلي آئي؟ ٻنهي صورتن ۾ ڀارتي ميڊيا جو ڪردار سواليه بڻجي وڃي ٿو.
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ ايڪيويهين صدي ۾ روايتي طريقن سان جنگيون نه ٿينديون، اهو دور ويو جڏهن دوبدو ويڙهه ٿيندي هئي، فوجون پاڻ ۾ ٽڪرائبيون هيون، سپاهي هٿيار کڻي هڪٻئي کي هٿين پئجي ويندا هئا، هاڻ ٽيڪنالوجي ۽ هٿيار اهڙا ايجاد ٿي ويا آهن جو جنگ ۾ وڏن لشڪرن جي شموليت بنا حملا ڪري سگهجن ٿا، دشمن کي مات ڏئي سگهجي ٿي. ان جي شروعات شايد ٻي مهاڀاري ويڙهه وقت ئي ٿي چڪي هئي، جڏهن امريڪا جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ايٽم بم وسائي کيس هار مڃڻ تي مجبور ڪري وڌو هو. هاڻي جنهن کي محدود اسٽرائيڪ يا سرجيڪل آپريشن يا اسٽرائيڪ جو نالو ڏنو وڃي ٿو سو اڄ ڪلهه ڄڻ جنگ جو ٻيو نالو آهي، جنهن کي اصطلاح ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
1965 واري جنگ 5 آگسٽ تي شروع ٿي جيڪا 17 ڏينهن کن هلي، تڏهن ختم ٿي جڏهن گڏيل قومن جو ادارو، سوويت يونين ۽ امريڪا وچ ۾ پيا ۽ اڳتي هلي تاشقند ٺاهه ٿيو. هن جنگ جا ٻيا نتيجا جيڪي نڪتا سي نڪتا پر هڪ اهم نتيجو اهو نڪتو جو ننڍي کنڊ ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿيو. ڀارت ۽ پاڪستان آزاد ٿيڻ کانپوءِ هٿيارن توڙي ٻين جنگي معاملن ۾ امريڪا ۽ برطانيا ڏي ڏسندا هئا پر هن جنگ ۾ انهن ملڪن جي بندشن جي ڪري ننڍي کنڊ جي جهيڙي ۾ ڦاٿل ٻنهي پاڙيسرين کي احساس ٿيو ته سندس اتحادين يعني امريڪا ۽ برطانيا جنگ دوران نه نڀايو. نتيجي ۾ انهن ٻنهي ملڪن، پاڪستان چين ڏانهن ۽ انڊيا سوويت يونين ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو.
65ع واري جنگ کان اڳ پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ بارڊر جو ليڪو ڄڻ ڪچي پينسل جو ٺهيل هو. ويزا، ماڻهن جي اچ وڃ، واپار تي ڪا سختي ڪو نه هئي، پاڪستاني سئنيمائن ۾ انڊين فلمون معمول بڻيل هيون پر هن جنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ برلن ديوار کڙي ڪري ڇڏي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي، واپاري ۽ سياسي طور تي عليحدگي ٿي وئي.
1971 واري جنگ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيندڙ جنگين يا ٽڪرائن کان مختلف ۽ واحد جنگ هئي جيڪا ڪشمير جي سوال کان سواءِ وڙهي وئي. اها جنگ پاڪستان جي پنهنجي سياسي ٽڪرائن جو نتيجو هو، جيڪا بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ ۽ پاڪستان فوج جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي ختم ٿي، اها ڇڪتاڻ نيٺ ٻنهي ملڪن کي شملا ٺاهه تي وٺي وئي.
گذريل جنگين ۽ لڳاتار تڪرارن توڙي ڇڪتاڻ سبب پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ جهيڙي ٽارڻ ۽ سڌو هڪٻئي سان ڳالهائڻ جو مضبوط ۽ ڀروسي جوڳو مڪينزم موجود ناهي. اها ڳالهه ماضي جيان اڄ به محسوس ڪئي پئي وڃي.
1998ع ۾ جڏهن پوکران ۾ انڊيا ۽ چاغي ۾ پاڪستان ڪامياب ڌماڪا ڪري ٻئي ملڪ ايٽمي سگهه بڻيا، ان بعد ٽي چار دفعا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻيهر اٿيل ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۾ جيتوڻيڪ اڳواڻي وارو رول امريڪا جو هو پر ان ٽياڪڙي کي چين يورپ، روس سميت سڀني جي پٺ هئي جيڪي تڪرار ۾ اٽڪيل ٻنهي ڌرين کي اهو پيغام ڏئي رهيا هئا ته ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال ختم ڪيو، باقي ڳالهين کي پوءِ ڏٺو ويندو. تڏهن به شٽل ڊپلوميسي اختيار ڪئي وئي، سينيئر آمريڪي ۽ برطانوي عملدارن انڊيا ۽ پاڪستان جا لڳاتار دورا ڪيا، ساڻن الڳ الڳ ڳالهيون ڪيون ۽ سمجهائڻ سان گڏوگڏ هڪٻئي جي موقف ۽ اصل مقصد کان آگاهه ڪيو ويو، نيٺ اهي ٽياڪڙ ٻنهي ملڪن کي سمجهائڻ ۾ ڪامياب ويا ته جهيڙي واري صوتحال کي ختم ڪرڻ گهرجي، تڏهن ٻنهي ملڪن کي اهو پيغام پئي مليو ته ان نقطي تي سڄي دنيا گڏ آهي ته جنگ نه ٿيڻ گهرجي، ايئن مسلسل جنگ ٽرندي رهي آهي.
تازن واقعن بعد مختلف ملڪن پاران جهيڙو ٽارڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون آهن، آمريڪا سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، برطانيه ۽ يورپي يونين ڪوششن ۾ آهن ته جنگي صورتحال ختم ٿئي. مک ڪردار سعودي عرب ادا ڪري رهيو آهي، هو هن خطي ۾ هونئن به اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، اڃا ٻه هفتا کن اڳ سعودي ولي عهد پاڪستان، ڀارت، چين ۽ ملائشيا جو دورو ڪري ويو آهي، خطي ۾ نئين سعودي ڪردار کي به آمريڪا جي حمايت حاصل آهي، ساڳي طرح پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ تازو شروع ٿيل جهيڙو اڪلائڻ جي ڪوششن ۾ به کيس آمريڪا جو آشيرواد حاصل آهي، جڏهن ته آمريڪا سڌي طرح به پاڪستان ۽ انڊيا سان رابطي ۾ آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ اتر ڪوريا سان ڳالهين لاءِ دوري دوران ويٽنام ۾ صحافين کي ٻڌايو ته کيس ٻنهي ملڪن وٽان سٺي خبر ملي آهي.
تازي جهيڙي جا پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي حالتن تي اثر پوڻ اڻٽر آهي، پاڪستاني وزيراعظم جي کنيل اپائن ڪري عمران جي مقبوليت ملڪي توڙي غيرملڪي حلقن ۾ وڌي وئي آهي پر مودي ساڳي جنگي نعري تي بيٺو آهي، هو سمجهي ٿو ته هو ان سان اليڪشن کٽي ويندو، پر اهو سندس منفي رويو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ڀارت ۾ مخالف پرامن ۽ امن دوست ڌريون اليڪشن ۾ ان کان اڳ کيس ڪهڙو جواب ٿيون ڏين.
جنگ شروع ڪرڻ سولو آهي پر ان کي ختم ڪرڻ ڏکيو آهي، ان کانسواءِ اهو به سمجهڻ ته اها جنگ ڪيڏانهن ويندي ڪنهن کي ڪا خبر نه هوندي آهي. اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي چيو هو ته توهان دوستي رکڻ جو چونڊ ڪري سگهو ٿا ته ڪير توهان جو دوست ٿئي ڪير نه ٿئي پر پاڙيسري نٿا مٽائي سگهو، اها حقيقت ٻنهي ملڪن کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.
جيئن اڳوڻين ٻن جنگين بعد هن خطي ۾ پاور شفٽ آئي، حالتن کي ڏسندي ۽ سعودي عرب جي وڌيڪ سرگرم ٿيڻ کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ڀيري به هن خطي ۾ پاور شفٽ ايندي. 65ع واري ويڙهه بعد روس ۽ چين جو اثر وڌيو، 71ع واري جنگ ۽ 98ع کانپوءِ وارن واقعن ۾ آمريڪا جو اثر وڌيو، انهن سمورن واقعن کي نبيرڻ ۾ جنهن جنهن ڌر ڪردار ادا ڪيو پاور شفٽ ان ڏانهن ٿيو، هن ڀيري مک رول سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن جو آهي.

https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%D9%BE%D8%A7%DA%AA-%D8%A7%D9%86%DA%8A%D9%8A%D8%A7-%D8%AC%D9%87%D9%8A%DA%99%D9%88-%DB%BD-%D8%AE%D8%B7%D9%8A-%DB%BE-%D8%B7%D8%A7%D9%82%D8%AA-%D8%AC%D9%88-%D8%A8%D8%AF%D9%84%D8%AC%D9%86%D8%AF%DA%99/

Labels: ,