Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, March 02, 2019

پاڪ-انڊيا جهيڙو ۽ خطي ۾ طاقت جو بدلجندڙ توازن!


پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ هلندڙ تازن واقعن ۾ پاڪستان جي موقف جنگجو ڌرين کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو آهي. پاڻ انڊيا به تڪراري بڻيل پلواما واقعي بعد پاڪستان ڏي انڊين ايئر فورس جي ٻه ڀيرا ڪاهه باوجود پاڪستان عالمي سرحدن کي نه اورانگهيو ۽ نه ئي وري انڊيا تي ڪاهه ڪئي. پاڪستان واري پاسي انڊين جهاز ڪيرائڻ بعد اُن جي گرفتار ڪيل پائليٽ کي ٻن ڏينهن ۾ واپس ڀارت حوالي ڪيو. اُن سان گڏوگڏ وزيراعظم عمران خان پلواما واقعي بابت ثبوت ڏيڻ ۽ هر سطح تي جاچ ڪرائڻ ۽ باقاعده جنگ جي ميدان ۾ ٽپي پوڻ جي آخري ليڪي تي بيٺل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ٻئي پاسي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ساڳي موقف تي بيٺو آهي. مئي ۾ ٿيندڙ لوڪ سڀا جي چونڊن واري مهم دوران چوي پيو ته پائليٽ پروجيڪٽ پورو ٿيو، هاڻي ڳالهه اڳتي ويندي، يعني هو اڳرائي ڪرڻ واري موقف تي قائم آهي، هو سڄي ڀارتي ميڊيا کي به انهي بيانئي تي بيهاري بيٺو آهي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته مودي حڪومت دراصل اُتان جي ميڊيا طرفان ٺاهيل جنگي هسٽريا جي دٻاءُ ۾ اچي ويو آهي، پر اهو پاڻ وڏو سوال آهي ته مودي حڪومت ڀارتي ميڊيا کي ان بيان تي بيهاريو يا ميڊيا وزيراعظم مودي کي هن بيانئي تي گهلي آئي؟ ٻنهي صورتن ۾ ڀارتي ميڊيا جو ڪردار سواليه بڻجي وڃي ٿو.
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ ايڪيويهين صدي ۾ روايتي طريقن سان جنگيون نه ٿينديون، اهو دور ويو جڏهن دوبدو ويڙهه ٿيندي هئي، فوجون پاڻ ۾ ٽڪرائبيون هيون، سپاهي هٿيار کڻي هڪٻئي کي هٿين پئجي ويندا هئا، هاڻ ٽيڪنالوجي ۽ هٿيار اهڙا ايجاد ٿي ويا آهن جو جنگ ۾ وڏن لشڪرن جي شموليت بنا حملا ڪري سگهجن ٿا، دشمن کي مات ڏئي سگهجي ٿي. ان جي شروعات شايد ٻي مهاڀاري ويڙهه وقت ئي ٿي چڪي هئي، جڏهن امريڪا جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ايٽم بم وسائي کيس هار مڃڻ تي مجبور ڪري وڌو هو. هاڻي جنهن کي محدود اسٽرائيڪ يا سرجيڪل آپريشن يا اسٽرائيڪ جو نالو ڏنو وڃي ٿو سو اڄ ڪلهه ڄڻ جنگ جو ٻيو نالو آهي، جنهن کي اصطلاح ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
1965 واري جنگ 5 آگسٽ تي شروع ٿي جيڪا 17 ڏينهن کن هلي، تڏهن ختم ٿي جڏهن گڏيل قومن جو ادارو، سوويت يونين ۽ امريڪا وچ ۾ پيا ۽ اڳتي هلي تاشقند ٺاهه ٿيو. هن جنگ جا ٻيا نتيجا جيڪي نڪتا سي نڪتا پر هڪ اهم نتيجو اهو نڪتو جو ننڍي کنڊ ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿيو. ڀارت ۽ پاڪستان آزاد ٿيڻ کانپوءِ هٿيارن توڙي ٻين جنگي معاملن ۾ امريڪا ۽ برطانيا ڏي ڏسندا هئا پر هن جنگ ۾ انهن ملڪن جي بندشن جي ڪري ننڍي کنڊ جي جهيڙي ۾ ڦاٿل ٻنهي پاڙيسرين کي احساس ٿيو ته سندس اتحادين يعني امريڪا ۽ برطانيا جنگ دوران نه نڀايو. نتيجي ۾ انهن ٻنهي ملڪن، پاڪستان چين ڏانهن ۽ انڊيا سوويت يونين ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو.
65ع واري جنگ کان اڳ پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ بارڊر جو ليڪو ڄڻ ڪچي پينسل جو ٺهيل هو. ويزا، ماڻهن جي اچ وڃ، واپار تي ڪا سختي ڪو نه هئي، پاڪستاني سئنيمائن ۾ انڊين فلمون معمول بڻيل هيون پر هن جنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ برلن ديوار کڙي ڪري ڇڏي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي، واپاري ۽ سياسي طور تي عليحدگي ٿي وئي.
1971 واري جنگ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيندڙ جنگين يا ٽڪرائن کان مختلف ۽ واحد جنگ هئي جيڪا ڪشمير جي سوال کان سواءِ وڙهي وئي. اها جنگ پاڪستان جي پنهنجي سياسي ٽڪرائن جو نتيجو هو، جيڪا بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ ۽ پاڪستان فوج جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي ختم ٿي، اها ڇڪتاڻ نيٺ ٻنهي ملڪن کي شملا ٺاهه تي وٺي وئي.
گذريل جنگين ۽ لڳاتار تڪرارن توڙي ڇڪتاڻ سبب پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ جهيڙي ٽارڻ ۽ سڌو هڪٻئي سان ڳالهائڻ جو مضبوط ۽ ڀروسي جوڳو مڪينزم موجود ناهي. اها ڳالهه ماضي جيان اڄ به محسوس ڪئي پئي وڃي.
1998ع ۾ جڏهن پوکران ۾ انڊيا ۽ چاغي ۾ پاڪستان ڪامياب ڌماڪا ڪري ٻئي ملڪ ايٽمي سگهه بڻيا، ان بعد ٽي چار دفعا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻيهر اٿيل ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۾ جيتوڻيڪ اڳواڻي وارو رول امريڪا جو هو پر ان ٽياڪڙي کي چين يورپ، روس سميت سڀني جي پٺ هئي جيڪي تڪرار ۾ اٽڪيل ٻنهي ڌرين کي اهو پيغام ڏئي رهيا هئا ته ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال ختم ڪيو، باقي ڳالهين کي پوءِ ڏٺو ويندو. تڏهن به شٽل ڊپلوميسي اختيار ڪئي وئي، سينيئر آمريڪي ۽ برطانوي عملدارن انڊيا ۽ پاڪستان جا لڳاتار دورا ڪيا، ساڻن الڳ الڳ ڳالهيون ڪيون ۽ سمجهائڻ سان گڏوگڏ هڪٻئي جي موقف ۽ اصل مقصد کان آگاهه ڪيو ويو، نيٺ اهي ٽياڪڙ ٻنهي ملڪن کي سمجهائڻ ۾ ڪامياب ويا ته جهيڙي واري صوتحال کي ختم ڪرڻ گهرجي، تڏهن ٻنهي ملڪن کي اهو پيغام پئي مليو ته ان نقطي تي سڄي دنيا گڏ آهي ته جنگ نه ٿيڻ گهرجي، ايئن مسلسل جنگ ٽرندي رهي آهي.
تازن واقعن بعد مختلف ملڪن پاران جهيڙو ٽارڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون آهن، آمريڪا سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، برطانيه ۽ يورپي يونين ڪوششن ۾ آهن ته جنگي صورتحال ختم ٿئي. مک ڪردار سعودي عرب ادا ڪري رهيو آهي، هو هن خطي ۾ هونئن به اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، اڃا ٻه هفتا کن اڳ سعودي ولي عهد پاڪستان، ڀارت، چين ۽ ملائشيا جو دورو ڪري ويو آهي، خطي ۾ نئين سعودي ڪردار کي به آمريڪا جي حمايت حاصل آهي، ساڳي طرح پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ تازو شروع ٿيل جهيڙو اڪلائڻ جي ڪوششن ۾ به کيس آمريڪا جو آشيرواد حاصل آهي، جڏهن ته آمريڪا سڌي طرح به پاڪستان ۽ انڊيا سان رابطي ۾ آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ اتر ڪوريا سان ڳالهين لاءِ دوري دوران ويٽنام ۾ صحافين کي ٻڌايو ته کيس ٻنهي ملڪن وٽان سٺي خبر ملي آهي.
تازي جهيڙي جا پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي حالتن تي اثر پوڻ اڻٽر آهي، پاڪستاني وزيراعظم جي کنيل اپائن ڪري عمران جي مقبوليت ملڪي توڙي غيرملڪي حلقن ۾ وڌي وئي آهي پر مودي ساڳي جنگي نعري تي بيٺو آهي، هو سمجهي ٿو ته هو ان سان اليڪشن کٽي ويندو، پر اهو سندس منفي رويو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ڀارت ۾ مخالف پرامن ۽ امن دوست ڌريون اليڪشن ۾ ان کان اڳ کيس ڪهڙو جواب ٿيون ڏين.
جنگ شروع ڪرڻ سولو آهي پر ان کي ختم ڪرڻ ڏکيو آهي، ان کانسواءِ اهو به سمجهڻ ته اها جنگ ڪيڏانهن ويندي ڪنهن کي ڪا خبر نه هوندي آهي. اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي چيو هو ته توهان دوستي رکڻ جو چونڊ ڪري سگهو ٿا ته ڪير توهان جو دوست ٿئي ڪير نه ٿئي پر پاڙيسري نٿا مٽائي سگهو، اها حقيقت ٻنهي ملڪن کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.
جيئن اڳوڻين ٻن جنگين بعد هن خطي ۾ پاور شفٽ آئي، حالتن کي ڏسندي ۽ سعودي عرب جي وڌيڪ سرگرم ٿيڻ کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ڀيري به هن خطي ۾ پاور شفٽ ايندي. 65ع واري ويڙهه بعد روس ۽ چين جو اثر وڌيو، 71ع واري جنگ ۽ 98ع کانپوءِ وارن واقعن ۾ آمريڪا جو اثر وڌيو، انهن سمورن واقعن کي نبيرڻ ۾ جنهن جنهن ڌر ڪردار ادا ڪيو پاور شفٽ ان ڏانهن ٿيو، هن ڀيري مک رول سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن جو آهي.

https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%D9%BE%D8%A7%DA%AA-%D8%A7%D9%86%DA%8A%D9%8A%D8%A7-%D8%AC%D9%87%D9%8A%DA%99%D9%88-%DB%BD-%D8%AE%D8%B7%D9%8A-%DB%BE-%D8%B7%D8%A7%D9%82%D8%AA-%D8%AC%D9%88-%D8%A8%D8%AF%D9%84%D8%AC%D9%86%D8%AF%DA%99/

Labels: ,

Monday, February 25, 2019

پاڪ- ڀارت تڪرار جو حقيقي پس منظر ڇا آهي؟


پاڪ- ڀارت تڪرار جو حقيقي پس منظر ڇا آهي؟

پاڪ – ڀارت تڪرار خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. پاڪستان سارڪ ملڪن سان رابطو ڪري ورتو آهي. پاڪستان چوي ٿو ته ڀارت جنگ مڙهي ته ان جو جواب ڏينداسين. امريڪي صدر ٽرمپ چوي ٿو ته پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهيون ٿا. پاڪ- ڀارت لاڳاپن ۾ تازي ڇڪتاڻ پلوامه واقعي بعد اڀري پر ان کان اڳ به اها چڻنگ لڳاتار دُکندي رهي هئي. ڪيترن حلقن طرفان ڀارت جي انهي تازي جنگجو اظهار کي اتي ٿيندڙ عام چونڊن سان سلهاڙيو پيو وڃي ته مودي ان بنياد تي چونڊون کٽڻ چاهي ٿو. ان امڪان کي مڪمل طور رد نٿو ڪري سگهجي. پنج اٺ مهينا اڳ ڀارت ۾ صورتحال ڪجهه اهڙي هئي جو ننڍا ننڍا سياسي گروپ اڀري رهيا هئا ۽ اهي مودي جي پارٽي کي شڪست ڏيڻ واري هڪ نقاطي ايجنڊا ڏانهن وڌي رهيا هئا. جيڪڏهن اهي گروپ پاڻ ۾ اڃان ڪا ويجهڙائپ ڪري وٺن ها ته حڪمران جماعت بي جي پي وڏي اڪثريت نه ماڻي سگهي ها، حڪومت ٺاهڻ لاءِ ان کي اتحادين جي ضرورت پوي ها.
گذريل پنجن سالن دوران ڀارت ۾ ٿيل واقعن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته ڀارت جو جمهوري ۽ گهڻ مذهبي، برداشت ۽ رواداري وارو رنگ تبديل ٿيو آهي. اهو رنگ وڌيڪ انتهاپسندي توڙي خطي تي بالادستي وارو ٿيو آهي. ان نئين سڃاڻپ ملڪ لاءِ روشن خيال، جمهوريت پسند ۽ ملڪ جي هر حوالي سان گهڻ رنگي واري ماحول لاءِ خطرو پيدا ڪيو. مودي جي انهي سياسي پاليسي جي ملڪ اندر مزاحمت ٿيندي رهي. اهڙي صورتحال ۾ هو هڪ اهڙي ڪارڊ جي تلاش ۾ هو جنهن کي کيڏندي هو ماڻهن کي هڪ ڇٽيءَ جي هيٺان بيهاري سگهي، ڪو رومانس پيدا ڪري. ان لاءِ هن هندوتوا ۽ پاڪستان سان تڪرار وارو بيانيو آندو.
مودي جي اها پاليسي هڪ پاسي نه رڳو ملڪ جي اندروني سياست کي ظاهر ڪري ٿي بلڪ ان سان گڏوگڏ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين سان به ان جو گهرو تعلق آهي. هن خطي ۾ شروع ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين مکيه رانديگر هئا، جڏهن ته انڊيا، چين ۽ پاڪستان ننڍا رانديگر هئا. سوويت يونين ٽٽڻ بعد خطي ۾ خال پيدا ٿيو. 90ع واري ڏهاڪي ۾ خاص ڪري امريڪا به ڪا گهآي دلچسپي ڏيکارڻ ختم ڪري ڇڏي. پوءِ ايئن ٿيو جو چين ۽ انڊيا پنهنجو اثر وڌائڻ لڳا، انهن جون معيشتون به وڌيون ۽ هڪ حد تائين خطي ۾ هنن پنهنجي حيثيت مڃائي ورتي. پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ جو پارٽنر بڻيو ته خود به دهشتگردي جو شڪار بڻيو. ان حوالي سان مختلف پاڙيسري ملڪن پاران پاڪستان تي الزام به ايندا رهيا.
هاڻي جڏهن امريڪا، افغانستان مان پنهنجون فوجون واپس گهرائڻ جي تياري طور طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته خطي مان امريڪا جي نڪرڻ بعد خال پيدا ٿيندو، جنهن کي ڀرڻ لاءِ چين ۽ انڊيا هٿ پير هڻي رهيا آهن. چين جو سي پيڪ منصوبو دراصل خطي مان امريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ واري صورتحال جي لاءِ آهي، جنهن ۾ پاڪستان پارٽنر آهي. موٽ ۾ انڊيا ايران سان ويجهڙائپ رکندي افعانستان ۽ وچ ايشيا ۾ پنهنجي مارڪيٽ ۽ رول کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. چاه بهار ۾ بندرگاهه ان جو وڌيڪ چٽو مثال آهي. اڃان چين ۽ انڊيا انهي چٽاڀيٽي ۾ هئا ته سعودي عرب به پنهنجي پاليسين ۾ تبديليون آڻيندي خطي ۾ اهم ڪردار لاءِ اڳتي وڌي آيو آهي. انڊيا پنهنجي پاليسي کي گهڻ رخو بڻائي رهيو آهي. ايران ۽ امريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي، جيڪا ڪيڏي مهل به تيز ٿي سگهي ٿي پر انڊيا امريڪا توڙي ايران ٻنهي سان ويجها تعلقات ٺاهيون ويٺو آهي. پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ تڪرار آهي پر انڊيا سعودي عرب سان معاشي طور تي گهرا ناتا رکي ٿو. انڊيا ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري ۽ معاشي مفاد تمام گهڻا آهن. انڊيا ۾ سعودي عرب جي ڪيل سيڙپڪاري مجموعي طور تي پاڪستان کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ آهي. سعودي عرب خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ معاشي طور ئي نه پر جاگرافيائي حڪمت عملي ۽ دفاعي معاملن ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو. هو معيشت ۾ انڊيا سان باقي جاگرافيائي حڪمت عملي ۾ پاڪستان توڙي چين کي ويجهو ٿيڻ وڃي پيو. هڪ حوالي سان اها ڳالهه عجيب به لڳي ٿي ته سعودي عرب انڊيا کي به ويجهو آهي ته ساڳئي وقت پاڪستان ۽ چين سان هٿيارن ۽ فوجي حڪمت عملي طور قربت وارا ناتا به جوڙي پيو. پاڪستان جي خواهش آهي ته سعودي عرب سي پيڪ جو حصو بڻجي. ان ڏس ۾ هو چين ۽ سعودي عرب وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سعودي ولي عهد جو تازو پاڪستان، انڊيا، چين ۽ ملائيشيا جو دورو انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. امريڪا پنهنجي بدليل پاليسي ۾ خطي ۾ پنهنجي جاءِ چين کي ڏيڻ بدران سعودي عرب کي ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان ڏس ۾ سعودي عرب جي هر ڪا مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان جي معاشي بحران جي خاتمي لاءِ هڪ پاسي آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي سعودي عرب ۽ نار وارا ملڪ به پاڪستان جا دوست بڻجي اڳيان اچي رهيا آهن. خطي ۾ مختلف طاقتن جي هڪٻئي سان ڳنڍجڻ ۽ ڇڪ ڇڪان هڪ بنهه نئين صورتحال کي جنم ڏنو آهي. جنهن جا اثر خطي ۾ نه رڳو مجموعي طور تي بلڪ اتان جي ملڪن جي اندروني سياست تي پڻ پئجي رهيا آهن. انڊيا جي اندروني سياست توڙي پاڪستان ڏي رويو ۽ پرڏيهي پاليسي کي انهي پس منظر ۽ حوالي ۾ ڏسي ۽ سمجهي سگهجي ٿو.
مولانا فضل الرحمان شايد پاڪستان جو پهريون سياستدان آهي جنهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي بابت ڳالهايو آهي. هو چوي ٿو ته ”اسان جي پرڏيهي پاليسي سبب ڀارت جو رويو تبديل ٿيو آهي. چين اسان کان ناراض آهي، ايران ڌمڪيون پيو ڏئي.“ ڀارت جي جنگ پسنديءَ واري رويي سبب ڀارت جي جمهوري ۽ سهپ واري نظام ۽ ماحول کي جيڪو نقصان پهتو سو پهتو، ان جا اثر پاڪستان جي سياسي نظام تي به پئجي رهيا آهن. هتي به سهپ ۽ جمهوري قدرن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جيڪو مجموعي طور تي ملڪ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي تاڃي پيٽي کي متاثر ڪري سگهي ٿو. اهي ٻئي قدر ۽ تاڃي پيٽو پاڪستان ۾ هونئن به تمام گهڻو ڪمزور آهن. ان ڪري سوچي سگهجي ٿو ته ڀارت جي جنگجويانه پاليسي نه رڳو سندس ملڪ جي مڃيل جمهوري ۽ سيڪيولر اساس کي هاڃو پئي رسائي ۽ اتان جي عوام جو نقصان پئي ڪري، ساڳئي وقت اهڙين پاليسين وسيلي پاڪستان ۾ جمهوريت، جمهوري قدرن ۽ سهپ کي ڌڪ هڻي هتان جي پُراڻ پرست ۽ اڻ سهپ وارن روين کي وڌائي رهيو آهي. مودي ڀلي پاڪستان سان تڪرار کي قومي مفاد قرار ڏيندو هجي پر حقيقي معنيٰ ۾ اهو انڊيا جي عوام جي مفاد ۾ ناهي. ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ ساڃاهه وندن کي سڄو حوالو ۽ پس منظر سامهون رکي حالتن کي سمجهڻ ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
Bookmark the permalink.

Labels: ,