Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, October 20, 2021

نامور صحافي سهيل سانگي

 نامور صحافي

سهيل سانگي

 

                  سنڌ جي نامور ليکڪ اعجاز منگي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته؛ ‘سهيل سانگي جنهن به هنڌ هوندو آهي، ٿر جون ڀٽون ۽ انهن تي چوئنرا هڻي رهندڙ ٿري هن جي آس پاس رهندا آهن.’[1] اها حقيقت آهي ته سهيل سانگي جي اندر مان ٿر ڪڏهن ٻاهر نڪتو به نه آهي. ٿر هن جي روح ۾ وسي ٿو. ٿر جي لاءِ هن سندر سپنا ڏٺا آهن.جن جي ساڀيا جي لاءِ سياست کان صحافت تائين هن وڏو پنڌ ڪيو آهي. پيڙائون برداشت ڪيون آهن. مون هن شخص کي ٿر جي لاءِ سوچيندي ڪڏهن  مايوس ۽ اداس نه ڏٺو آهي. هر گهڙي نئين اتساهه ۾ ٿر جي لاءِ  اڳتي وڌيو آهي.

وسڪاري جا وڻندڙ ڪڪر جڏهن ٿر جي سيمن کي سائو ويس پهرائيندا آهن، جڏهن پلر جي بوند موتي مثل محسوس ٿيندي آهي. تڏهن سهيل سانگي ڪٿي به هجي، ٿر ڏانهن موٽي ايندو آهي. هڪ ڏينهن مٺي ۾  رهي ننگرپارڪر هليو ويندو آهي يا عمرڪوٽ ۾ رات رهي اباڻي ڳوٺ جنجهي ڏانهن سفر ڪندو آهي. جنجهي جي ڳوٺ ۾ چونئري واري اڳڻ تي لالٽين جي روشني ۾ هن کي ٿر گوتم ٻڌ جي گيان جي پستڪ جهڙو لڳندو آهي. ٻڪري جي کير واري چانهه جي ڍڪ تي ياد ايندو آهي ته هن ڳوٺ ۾ رات جي پڄاڻي ۽ روشني جي شروعات جو سلسلو ڪيئن شروع ٿيو هو. پوءِ ڳوٺ جي نوجوانن کي گڏ ويهاري ٻاروتڻ جي ساروڻين ۾ ٻڌائيندو آهي ته؛ ڪيئن ڏاڏي الهڏاني ۽ ٻين ڪوششون وٺي 1936ع جي زماني ۾  ان وقت جي لوڪل بورڊ جي ميمبر ڳوٺ لوڻيون سما جي رهواسي عبدالغقور سمي جي مدد سان پنهنجي هن ڳوٺ جنجهي ۾ پرائمري  اسڪول کولايو هو. نئين کليل اسڪول ۾ مبارڪ رند جي استادن سائين شير محمد ۽ گل محمد علم کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو هيو. پوءِ ان اسڪول کي آباد ڪرڻ ۾  چاچي سائين سچل جنجهي ڪيڏي جستجو ڪئي هئي. اسڪول جي عمارت جي مرمت به چاچو سچل پاڻ ڪندو هو. چاچي سچل ڪيئن ٻين ڳوٺن ۾ علم بابت آگاهي جي مهم هلائي هئي. ٻين ڳوٺن جا ٻار مائٽن کي منٿ ميڙ ڪري وٺي اچي اسڪول ۾ داخل ڪرايا هئا. استادن ۽ ٻارن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي لاءِ چاچي سائين سچل ڳوٺ ۾ مفت هاسٽل قائم ڪئي هئي.

مون جڏهن پرائمري ۾ داخلا ورتي هئي. تڏهن ٿر جي پنجاهه ڳوٺن ۾ اسڪول هوندا هئا. ڪانڪيو جي ڳوٺ جي اسڪول به پراڻي آهي.سائين ساهو مينگهواڙ، سترام داس ۽ ماکن راهمي جهڙ استاد ڪيئن ٿا وسري سگهن. سائين سترام داس چاچي سچل کي به پڙهايو هو. چاچو سچل پنهنجي استادن جي وڏي عزت ڪندو هو. پرائمري ۾ پڙهڻ دوران مون سائين سچل جي تياري هيٺ اسڪالرشپ جو امتحان پاس ڪري نمبر کنيو هو تڏهن منهنجي خوشي جي ڪيفيت ڪهڙي هئي، ڇا ٻڌايان!؟ ڳوٺ ڪيڏي غربت هئي پر ماڻهن وٽ ميٺ، محبت ۽ ماڻهپو هو. ميلن ۽ ملاکڙن جو عروج هيو. حيات هاليپوٽو ۾  لڳندڙ جڙيل شاهه جي ميلي تي اسين اڪثر ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن هيرار جي ميلي ۾ پنڌ پهچي وڃبو هو. امان الله بانسري ۽ چنگ وڄائڻ جو ڄاڻو هو. دين محمد اپلاڻي اٺ تي بيهي  اٺ کي ڊوڙائيندو هو. لوڪ ڏاهپ واري هن فن تي ماڻهو حيرت ۾ ڏسندا هئا. ڏاڏو حافظ ميگهه ۽ سندس پٽ چاچو حاجي الهداد جنجهي تمام وڏا سگهڙ هئا.لطيف سائين گهڻو ياد هوندو هو. ڪرنور جي ساهڙ ٿيٻي جي اچڻ سان سگهڙن جي ڪچهري مچي ويندي هئي. ‘سر منڊل’ جي راند سان گڏ ‘ڪوڏي ڪوڏي،’ ‘گابڙي،’ ‘ونجهه وٽي،’ ‘نوکڻي’ ۽ ‘شينهن ٻڪري’ جهڙيون رانديون ٿينديون هيون. سائين مگهن پري جڏهن پنهنجي ڳوٺ استاد ٿي آيو هو تڏهن والي بال راند جي شروعات ڪرائي هئي، سينڌل، نعمت الله، مٿراداس، آئون ۽ ٻيا ساٿي گڏجي شام جو والي بال راند ڪنداهئاسين. سائين مگهن پُري کي انگريزي پڙهائڻ جو وڏو شوق هوندو هو. هن اسان کي انگريزي گرامر تمام آسان نموني سيکاري هئي. سائين سچل جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ نياڻين جي اسڪول کلي. پرائمري اسڪول ۾ پهرين انگريزي پهريون ڪلاس پڙهايو ويندو هو. پوءِ مڊل اسڪول جو درجو مليو. ارجن لال سوٽهڙ، بختاور سنگهه، محمد سليمان، آنٻارام کتري، ڌرمداس، محمد وارث، پريم شيواڻي  به  هن اسڪول جا استاد ٿي رهيا. اسڪول جي مڊل اسڪول کان هاءِ اسڪول ٿيڻ تائين وڏو تاريخي سفر آهي. جنهن تي  پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. اسان ٽن ڀائرن محمد عرس، محمد اڪبر ۽ مون اٺون گڏجي پاس ڪيو هو، ان وقت هاءِ اسڪول نه هئي. بابا سائين وٽ ٽن پٽن جي پڙهائي جو خرچو برداشت ڪرڻ جي توفيق نه هئي. اٺون پاس ڪرڻ کان پوءِ هڪ سال آئون ۾ ويٺو رهيس. پوءِ ٻن ڀائرن منهنجي لاءِ قرباني ڏني ته، پهرين تون پڙهه اسان بابا سائين سان گڏجي تنهنجي پڙهائي جي خرچن جو بندوبست ڪنداسين. جنجهي کان ڇاڇرو پنڌ وڃڻو پوندو هو. ڇاڇري ۾ اتم چند، تلجارام، پونم چند، چندن لال ۽ ٻيا استاد هوندا هئا. احمد علي ميمڻ هيڊ ماستر هوندو هو. مون کي اها ڳالهه سدائين ستائيندي رهندي هئي ته پئسي نه هجڻ ڪري منهنجا ٻه ڀائر پڙهي نٿا سگهن. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ آئون وري ڳوٺ اچي رهيس. مون پڙهڻ تي چاهيو پر غربت جي گهاڻي  اها آس ٽوڙي رکي هئي. ڳوٺ ۾ ڪو ڌنڌو ڌاڙي نه هو، آئون واندڪائي ڄام ساقي جا آندل ڪتاب پڙهندو هوس.تنقدي اڀياس لکڻ سان گڏ شاعري سرجڻ شروع ڪئي هئي،منهنجو  اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران شيخ اياز جي پهرين شعري مجموعي ‘ڀونر ڀري آڪاش’ تي تنقيدي جائزو ‘نئين زندگي’ رسالي ۾ ڇپيو هو.

      ان وقت ڄام ساقي حيدرآباد ۾ رهندو هو. اتي پڙهائي سان گڏ سياست ڪندو هو. هڪ ڏينهن امان ڄام ساقي کي  منهنجي نالي چيو ته هن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ، هي پڙهڻ چاهي ٿو. اتي پڙهائنس، ڄام امان کي ورندي ڏيندي چيائين ته ڇوڪرو مون کي ڏئين ٿي ته وري مون کان واپس نه وٺجان، نه ئي هن مان پئسن جي اميد رکجو پاڻهي پڙهي وڏو ماڻهو ٿي ويندو. پوءِ آئون ڄام سان گڏجي حيدرآباد ويس.

     ڳالهين جي گهير ۾ اوچتو ڪنهن جي روپ سروپ جي سار ڇرڪائيندي آهي ته، ٿڌو ساهه  ڀري ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چوندو آهي ته، مون کي ٿر جي ٽاڪ منجهند وڻندي آهي. سڀاڻي منجهند ٽاڻي رهيل ڳالهه کي اڳتي کڻنداسين. ’

  محبت جي تصور ۾ لڙي آيل لڙڪ هن جي ڳل تي منڊي جي هيري جيان چمڪندا آهن. لوڪ کان لڪي لڙڪ اگهي آسمان ڏانهن نهاريندو آهي ته، ڳوٺ مٿان حسن جي پراسرار جلووي وارو چنڊ آريائي دور جي مقدس آڳ وانگر لڳندو آهي. سوچن جي وڏي ٽٻي کان پوءِ چپن تي ڀڻڪو آڻيندو آهي ته، ‘ڇا هي چنڊ رات جي پوئين پهر اچڻ تي لهي ويندو ؟ جڏهن مون ڇاڇرو جي شهر ۾ سرنگهو تي چانڊوڪيءَ نڇاور ٿيندي ڏٺي هئي، تڏهن مون کي ڌرتي تي چاهتن جي اهڙي چنڊ چندن جي ڪاٺ جيان چيري  منهنجي من کي مهڪايو هو. ڇا اڄ آئون شيخ اياز جي ٻولن ۾ پراڻي پريت کي نئين ريت ۾  پڪاري سگهان ٿو ته ؛

اچ اچ گهوري گهاءِ،

تو بن چين نه آئيو.

آڌي رات اڱار تي،

منهنجا انگ نچاءِ،

تو بن چين نه آئيو.’

ماٺيڻي مرڪ وارو شخص سيئنل يا سئنيو مان سهيل ڪڏهن ٿيو خبر نه آهي !؟ پر سانگي جو تخلص  هن ان وقت رکيو هو جڏهن داخلي ۽ خارخي ڪيفيتن جي ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ پيدا ٿيندڙ  احساسن جي اظهار جي لاءِ هن ڪوتا ديوي جو پانڌ پڪڙيو هو.

 هن وٽ سک هئا ئي ڪونه، جو گهوري نڪري، هن وٽ نسلن کان ڏکڙا هئا. جن کي ڏونرن جي پسي ۽ ڳاڳين جي مٺاس جهڙي ڏٿ بڻائي پنهنجي ڏات پالي. ورثي ۾ مليل لوڪ ڏاهپ ۽ ڪلا کيتر جي سنگم سان   هن کي پتو پيو ته ڪهڙن ويڻن تي  اکڙين ۾ سرمو ۽ مانگ ۾ مگرا سڪي ويندا آهن! جهڙ ۾ جهيڻي باهه جيان ڪُوڪر ڪونج ڇو ڪندي آهي؟ رڻ ۾ روجهه ڇوهه ڇلانگ ڏيئي ڇو ڇپي ويندا آهن! ڳاڙهيون لونگيون ڪلهن مٿي رکي مارو ڪيئن هلنداآهن.

     ٿر جي لوڪ گيتن ۾  هن نه صرف سانجهه جي جانجهه کي مرڪندي ٻڌو پر سونهن، سرت، چاهه، چانڊوڪي، خوشبوءِ، خوشيءَ، اڃ اساٽ، دک، درد، آدرش ۽ اتساهه جا اهڃاڻ گونجندي ٻڌا. هن ان وهيءَ ۾  پختو ويچار ڪيو ته حالتن جي ڪاڪ محل جا سڀئي طلسماتي امتحان اُڪري پانڌ پسائڻ بنان منزل جي مومل ماڻڻي آهي. انهي جي لاءِ هن پاڻ ۾ اهو ڳڻ پيدا ڪيو ته انسان ذات جي گڏيل خوابن يعنيٰ بک ۽ بدحالي جي خاتمي، پيار جي پالوٽ، انصاف جي خاطري، آجپي جي خوشخالي تائين عام ماڻهو سان گڏ رات جي اونداهي ۾ اڳيان، اڳيان ۽ ڏينهن جي سوجهري ۾ پويان پويان همسفر ٿي هلڻو آهي.

سهيل سانگي عمر جو وڏو حصو سچ ۽ روشني جي عزت ڪرائڻ ۾ گذاريو آهي. سماج ۾ انهي ڳالهه کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ته دنيا ۾ جهالت ۽ بي علمي سڀ کان وڏيون برايون آهن. جا ڳالهه اسان پنهنجي لاءِ پسند ڪريون ٿا، اها ٻين لاءِ به پسند ڪريون.

آڪٽومبر 1950ع ۾  سچل جنجهي جي ڀاءَ محمد رمضان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سهيل سانگي ڄام ساقي جي سهڪار سان 1968ع تي حيدرآباد  وٺي اچي  ڪميونسٽ پارٽي جي ڪتاب گهر‘ قومي ڪتاب گهر’ تي لڳو. ڪتاب گهر تي ڪم ڪرڻ سان گڏ  هن مسلم ڪاليج ۾ فرسٽ جي داخلا پڻ ورتي.ائين پڙهائي جو به سلسلو جاري ٿي پيو. انٽر ڪرڻ پوءِ هن سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾  ايم اي ڪئي.  ڪاليج ۾ سهيل جي داخلا ٿيڻ کان پوءِ ٻن مهينن تي ڄام ساقي سهيل کي پروفيسر جمال نقوي سان ملايو. پروفيسر جمال الدين هن کي مارڪسزم پڙهائڻ شروع ڪيو. هن جي ذهني تربيت  تي ڄام ساقي، ڇگن لال چارڻ،  قاسم پٿر، باقر سنائي ۽ نثار حسيني جو اثر رهيو. ٿر جي ڳوٺ مٺڙيو چارڻ جي ڇگن لال هن جي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي، سياست ۾ سرگرم ٿيڻ سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به تحرڪ سان حصو ورتو. حيدرآباد جي قومي ڪتاب گهر  جي حيثيت اها هوندي هئي جو ان کي  ماڻڪ سنڌ يونيورسٽي کان پوءِ ٻي يونيورسٽي سڏيندو هو. روز دانشورن، اديبن، صحافين ۽ سياستدانن جو ڪتاب گهر تي اچڻ ٿيندو هو. 

1970ع ۾ ڄام عام چونڊن ۾ حصو ورتو ته  ڄام جي چونڊ مهم کي مجموعي طور تي نگراني وسيم عثماني کي ڏني ويئي. سهيل کي ڇاڇرو چونڊ آفيس جو انچارج ڪري موڪليو ويو. مقامي هجڻ جي ڪري  سهيل ننگر جي چونڊ آفيس کي به مدد ڪئي. مسڪين جهان خان کوسو، عالم چند ڪولهي، گهمن سنگهه ڀيل، سنڀو هميراڻي سميت مختلف تبديلي پسند اڳواڻن ڄام جي  سوڀ  جي لاءِ  ڏينهن رات هڪ ڪيا. سوجي جي تڙ جي هڪ ميگهواڙ دوست تيجن چونڊ مهم جي هڪ ڪارنر گڏجاڻي ۾ سهيل سانگي جو تعارف ڪرائيندي فخر سان چيو هو ته سهيل حيدرآباد ۾ ڪتاب گهر تي ڪم ڪري ٿو.

حيدرآباد  اچڻ کان اڳ ۾  اڪثر ٿرين جيان ريل گاڏي به نه ڏٺي هئي. نذير عباسي چرچي طور چوندو هو ته،‘اهو  ماڻهو اسان کي سياست  ۾ رهنمائي ٿو ڪري، جنهن ريل گاڏي به مئٽرڪ کان پوءِ ڏٺي آهي.’ شايد نظير عباسي کي اها خبر نه هئي ته هن ٿرئي کي پهريون ڀيرو  جڏهن سائين سچل نارنگي آڻڻي ڏني هئي ته کلن سُوڌي کائڻ شروع ڪئي هئي.

 کاٻي ڌر جي سياست ۾ هن جي ذهانت  هن کي جلد گهڻواڳتي وٺي آئي.سياسي سرگرمين جي رپورٽن ۽ ترقي پسند ادب کي عام ڪرڻ جي لاءِ  نڪرندڙ رسالي ‘پرهه ڦٽي’ جي ادارتي ٽيم ۾ سهيل سانگي جي اهم ذميواري ڏني ويئي. پارٽي جي پريس رليز ٺاهڻ ۽  ٿر جي ڏڪارن ۾ ٿر جي صورتحال بابت اخبار وارن آگاهه ڪرڻ جي جستجو هن کي ميڊيا جي ويجهو آڻي ڇڏيو. هن پنهنجي دوست ڊاڪٽر جيوت سان گڏجي ٿري شاگردن جي گڏجاڻي ڪوٺائي ٿر جي ڏڪار ۽ ٻين مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ جي لاءِ مهم شروع ڪري مسڪين جهان خان کوسي جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو. هن روزاني عبرت اخبار جي ٽيم ۾ شامل ٿي ڪالمن ۾ ٿر جي ڏکن ڏاکڙن جي اظهار سان گڏ ٿري سماج جي ذهني، شعوري ۽ نفسياتي عڪس کي اکرن ۾ آندو.

 ايم اي  انگلش ڪرڻ کان پوءِ  هن نوڪري جي ڳولها شروع ڪئي. هڪ دفعي ڪراچي ۾ ڪاليج جي ليڪچرار جي پوسٽ جي لاءِ انٽرويو ڏيئي سهيل سانگي  پنهنجي دوست ڪامريڊ سليم قاضي جي جاءِ تي ويو. واپسي جي لاءِ سنڀريو ته قاضي چيو ته، آئون به حيدرآباد هلان ٿو، تون مون سان گڏ هل. رستي ۾قاضي چيو ته ڪامريڊ تون نوڪري کي ڇا ڪندين !؟ آئون ‘سنڌ نيوز’ نالي اخبار ڪڍان ٿو، اها جوائن ڪر. اخبار جون تياريون شروع ٿيون، شيخ عزيز ايڊيٽر هو، ٻي نمبر تي اختيار سهيل کي ڏنا ويا، ٻنهي ڄڻن گڏجي پوري سنڌ جو دورو ڪيو. نمائندا چونڊيا. ائين سهيل باقائده صحافت جو حصو بڻجي ويو. جيترو سياست ۾ سچائي جي ساک ٿي رهيو، اوترو ئي  هي صحافت جي پيشي ۾  پيشوراڻا روين جي سڃاڻپ  بڻجي اڀريو.

1979ع ڌاري سياست جي سرڪشي ۾ هلندي ڪراچي مان پنهنجي دوست ڪمال وارثي سان گڏ گرفتار ٿيو. ڄام ساقي اڳ ۾ ترم ۾ واڙيل هو. رهيل ساٿين مان نّذير عباسي، پروفيسر جمال نقوي، شبير شر ۽ امر لال تائين سرگرم  ساٿي سوگها ڪياويا. جيل ۾ ڀٽائي جو سر مارئي هر ويلي  هن کي ويساهه ڏيندو هو ته، زنجير ٽٽڻ جي لاءِ هوندا آهن.جيل جي ديوار کي دهل جي ٿاپ جيان وڄائي شاه لطيف جي شاعري لوڪ گيت جي ڌنن تي ڳائي قيد جا ڪرڀ وساري ڇڏيندو هو.اياز جي نظمن سان دوستن کي به  آٿت ڏيندا هو ته؛

نيٺ ته ٺرندا

ڪيسين ٻرندا ڏينهڙا!

 پر ان وقت هن جو ڏيل آڳ جيان ٻرندي محسوس ٿيو  هو،جڏهن نذير عباسي جي وڇوڙي جي وارتا هن جي ڪنن تي پئي هئي. 

سهيل جي جيل وڃڻ کان پوءِ سندس گهڻا ڪلهي ڪوڏيا دوست ڳوليا نه لڀا.پر شيخ علي محمد  انهن سڄڻن مان ثابت ٿيو، جن سهيل جي سار لڌي.هن نه صرف سهيل سانگي جي  ضمانت ڪرائي پر جيل مان ٻاهر نڪرڻ سان ئي سفير اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيئي روزگار جو بندوبست ڪري ڏنو.

ٿورو کائڻ ۽ گهڻو لکڻ، ٿورو سمهڻ ۽ گهڻو سوچڻ واري هن شخص جي سياست  ۾ تربيت ڪئي ويئي، پر صحافت ۾ هن ٻين جي تربيت ڪئي آهي. سنڌي صحافت ۾ مزاحمتي صحافت جو بنياد وجهڻ جي لاءِ تاريخ هن جي ڪلهن تي وزن رکيو. هن جي صحافتي صلاحتن جي نکار شهرتن جي آڀي کي تڏهن رسي جڏهن سهيل سانگي عوامي آواز اخبار جو چيف ايگزيڪٽو ايڊيٽر بڻيو. هن عوامي آواز جي  نمائندگي جي لاءِ ڪوشش ڪئي ته کاٻي ڌر جي ڪارڪنن انهن ساٿين کي موقعي ڏيئي صحافت ۾ آڻجي. جن ۾ مزاحمت جي سگهه وڌيڪ آهي.هن چونڊ ڪيل ساٿين جي صحافت جي لاءِ پيشوراڻا تربيت  ڪئي.

ان وقت ف م لاشاري ۽ علي قاضي به سنڌي صحافت ۾  روزاني جاڳو ۽ روزاني ڪاوش جي پليٽ فارم تان جدت جي جوت جلائڻ شروع ڪئي هئي. سهيل سانگي جي ميدان مچائڻ کان پوءِ صحافت جي ان ٽمورتي سنڌي صحافت ۾ ائين سگهه ڦوڪڻ  جي جستجو ڪئي، جيئن شينهن پنهنجي نئين ڄاول ٻچي ۾ سگهه ڦوڪيندو آهي. پر بدقسمتي سان اها ٽمورتي جلد ٽٽي پئي. ف م لاشاري روڊ  حادثي ۾  گذاري ويو. سهيل سانگي به اخبار جي انتظامي معاملن ۾ اڻ وڻت جي ڪري روزاني عوامي آواز ڇڏي آيو.

سهيل سانگي ‘عوامي آواز’ ڇڏڻ کان پوءِ ڪراچي مان پهريون سنڌي نيوز مئگزين شايع ڪيو. جنهن جو نالو رکيو‘آرسي’.  آرسي جا عڪس صحافت جي نواڻ جا تسلسل لڳا. وڏي مقبوليت ملي. مئگزين جي ٽيم ۾ خدا بخش ابڙو، عاجز جمالي، رحيم بخش برق ۽ زاهد ميراڻي شامل هئا. هن مئگزين ۾ ڇپجندڙ رپورٽ ۽ مضمون تي ليکڪ کي معاوضو ڏنو. سنڌي صحافت ۾ معاوضي ڏيڻ جي روايت آرسي وڌي. آرسي ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل اهم حيثيت رکن ٿا. ‘آرسي’ کي هلڻ نه ڏنو ويو. مختصر سفر ۾ آرسي پنهنجو نالو ڇڏي بند ٿي ويو.

اسان جو روشن خيال صحافي ۽ اسڪالر صحافت جي فيلڊ ۾ مختلف هنڌن تي رمندي  روزاني  ڪاوش  ۾ به گهڻو وقت رهيو. ڪاوش جو اسلام آباد جي لاءِ  بيورو چيف ٿي پهتو ته اتي پاٻوهر جو دين محمد اڊيجو ٿر جون خبرون ڪرڻ جي لاءِ ملي ويو. دين محمد کي چوندو هو ته؛ ‘مون موکئي جي رڻ وٽان گذرندي پڪ ڪئي ته اوچا ڊڀ چنڊ جي چهري کي  ڪڏهن رهڙون نٿا ڏيئي سگهن. دامن ڪوهه جي روپ رتل راتين کان ڪارونجهر جي ڪور تي سونهن جي ساک کڻي  گذاريل راتيون  حسين آهن. سارنگا جي هٿن جي اتاريل آرتي اڄ به اکين اڳيان ڦري ٿي.

هن جي حافظي ۾ ٿر جا وڻندڙ دور آهن ته تلخ تجربن جا  به داستان چٽا آهن. سهيل سان ڳالهائيندي محسوس ٿيندو آهي ته ٿر سان گفتگو ڪري رهيا آهيون . هن آندري مالرو جو ناول ‘آس جا ڏينهن’ پڙهيو آهي الائي نه، پر ڄام ساقي جي ناول ‘کاهوڙي کڄن’ محمد حيات عاجز جي ڪهاڻين جي مجموعي ‘ڀٽون ڀرجي آئيون’ ۽ ڊاڪٽر محمد خان سميجي جي ناول ‘رُت ريجالا سپرين’ جي سٽ سٽ هن کي ياد آهي.  جڏهن ٿر جي ڀڳتن جا دوهاچپ ڪري هن جي چپن وٽ اچي بيهي رهندا آهن، تڏهن تصور ۾ ميران  ٻائي روئي پوندي آهي. سماجي مت ڀيد ۽ ڇات ڇوت کان آجي انسانيت ۾ ويساهه رکندڙ هن شخص کي دلت ادب جي شاعر نامديو ڌاسل نظم جي سٽ ياد ايندي آهي ته؛ ‘منهنجو پاڇو صرف منهنجا پير ڍڪي سگهي ٿو.’  

سهيل ڪڏهن ڪوڙ جي ڪوٽ ۽ منافقي جي ترار کان ڊنو نه آهي.هن  سدائين سچ لکيو آهي، سچ چيو آهي. سچ جي لاءِ سختيون سٺيون آهن. هن ڪڏهن مصحلتن ۽ هٿ ٺوڪن ٺاهن تي پاڻ کي هيرايو نه آهي. سهيل سانگي ڪڏهن انڌيرن جي آجيان نه ڪئي آهي. سنڌ جي نوجوان سان ملي پهريون سوال ڪندو آهي ته؛

حالتن کان فرار ڇا جي لاءِ،

سج سورج مکي جي آڏو جهل،

هي انڌيرن سان پيار ڇا جي لاءِ

سنڌ ۾ سياست، صحافت ۽ ادب جي سفر ۾ پنڌ ڪندي هن کي گهاڙوء ۾ رڻ جهڙي راتڙي به پئي. پر هن ڪڏهن  قلم جي ڪرهي کي ڪُڏڻ جو نه چيو آهي. هن کي پتو آهي ته ڪير ڪير ڌوڻين ڌڱ ڇڏي ويا. ڪهڙن اوتارن ۾ ڌمالن تي ڌوڙ چڙهي ويئي. ڪهڙن اوطارن ۾ مڙني کي ماٺ اچي ويئي.ڪهڙن اوطارن ۾ اڄ به  وائي گونجي ٿي. سرخ سياست جي تقريرن کان وٺي اخبار جي سرخين ۽ ٽي وي شو جي تجزياتي تبصرن تائين سهيل سانگي ڪڏهن جذباتي نه ٿيو آهي. ڪهڙي به ڳالهه ڪرڻي هوندي آهي، ڪڏهن جذباتي نه ٿيندو آهي.  پنهنجي  پوري سڪون سان چوندوآهي ته، آئون سمجهان ٿو ته ائين ٿيندو يا آئون سمجهان ٿو ائين ممڪن نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو اڃان اختلاف جاري آهي ته، چوندو آهي ڏسي وٺ! مون کي ائين نٿو لڳي.

  مون سائين سچل نه ڏٺو هو، پر ڄام ساقي ۽ سهيل سانگي سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪيون آهن. آئون سهيل سانگي کي چاچو چوندو آهيان. سهيل سانگي پنهنجن پٽن جيان ڀائيندو آهي. ٿر جي ڪيترن نوجوانن سهيل جي گهر رهي  اعليٰ تعليم پرائي آهي. سهيل سانگي سدائين نوجوانن کي  تعليم جي لاءِ اتساهيندو رهيو آهي.

 سهيل سانگي جڏهن روزاني سنڌ جو ايڊيٽر ٿي آيو، تڏهن مون ڪجهه ڏينهن سهيل جي ادارت ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ڪنهن غلطي تي  سهيل گرم ٿيڻ جي بدران ٿڌن مزاحن سان اهڙي ڪلاس وٺندو هو، جو ٻيهر غلطي جي ڪا گنجائش نه رهندي هئي.

سهيل سانگي هڪ محب وطن ۽ ذهين استاد جي حيثيت ۾  سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾  هڪ وزيٽر پروفيسر جي حيثيت ۾ صحافت پڙهائي ٿو.هن جي ڪوشش آهي ته سندس شاگرد مهڻي هاب صحافت جو حصو نه ٿين. آءِ اي رچرڊس پنهنجي شاگردن کي  مختلف شاعرن جي شاعري جا پنا ڏيئي تنقيدي اڀياس لکي اچڻ جو چيو هو، شاگردن جيڪي نوٽ لکيا تن کي ميڙي  رچرڊس هڪ تفصيلي مهاڳ لکيو هو. اهو ڪتاب ادب جي دنيا ۾  تنقيدي اڀياس جو اهم ڪتاب آهي. سهيل سانگي رچرڊس وانگر شاگردن کي صحافتي هوم ورڪ ڏيئي رهيو آهي. سنڌ سنڌي صحافت جي ميدان ۾  سهيل  سانگي کان اهڙي  ڪتاب جي اميد رکي ٿي.

شيڪسپيئر پنهنجي هڪ ڊرامي ‘ڪنگ ليئو’ جي هڪ  ڊائلاگ ۾ چيو آهي ته؛ ‘ڪنهن نانگ کان ڪيترا تکا ڏند آهن، هڪ احسان فراموش ٻار کي.’ سهيل سانگي به اهڙا  احسان فراموش ساٿي  ۽ شاگرد مليا آهن پر هن وٽ سهپ جو مادو تمام وڏو آهي.

سهيل سانگي جڏهن ٿر ۾ ارٽ اٻاڻڪا ڏٺا آهن، تڏهن اکيون ڀرجي آيون آهن. هن ڪڏهن واريءَ ۾ پيرا وڃايا نه آهن. پر اجري صبح جي پار پتن  مارو  ماڻهن کي ڀٽن ۾ ڀٽڪايو آهي تڏهن لوڪ کي ميار ڏيڻ جي بدران ڀالوا  جي ڀٽ تي پهچي  اياز جي وائي ڳائي ٿو ته ؛

تُون ئي نانهه ملير،

آئون اُهائي مارئي.

آهه اڃايل اڳ جيان،

منهنجو ساهه سرير

آئون اُهائي مارئي

                    اڄ به پنهنجي وڃائجي ويل ٿر جي نئين سر ڳولا ڪري ٿو. جڏهن هن کان ڪوئي  سوال ڪندو آهي ته ٿر جي واريءَ ۾ ڇا رکيل آهي؟ تڏهن هن کي  سيد نديم سعيد جي ڊرامي آخري گيت جا ڊائلاگ ياد ايندا آهن.

     روزاني ڊان جي صفحن تي انگريزي ۾  لکيل ڪالمن کان وٺي اردو اخبارن  ۾ ‘ميري دل ميري مسافر’، ‘هاٿ سلامت رهي جب تڪ’ جي سري سان لکيل آرٽيڪلن ۾  صحرا جا سڏ پڙاڏا آهن.

سموري سنڌ کي پنهنجي سوچ ۾ سيهڙي رکندڙ هن ڪامريڊ سياستدان ۽ صحافي جي اندر ۾ مايوسي جو منڊ جڙڻ جي بدران  سدائين آس جا موتي مهڪن ٿا ته؛

                                نيٺ ته ايندو فصل بهاران، نيٺ ته ايندو   

پر ٿر جا مور جڏهن هن جي من ۾ ٽهوڪندا آهن تڏهن بي اختيار تعلقي ڇاڇري جي راڳي حيدر رند جو  ڳايل گيت جهونگاريندو آهي ته؛     

موريا ري موريا ميٺو  تون ٻوليو

گڙتي رات نون.............

Labels: ,

سهيل سانگي: سنڌي صحافت جو سدائين نوجوان ڪردار بدر ابڙو

 

نيون پُراڻيون                                                                                                                                                                                    بدر ابڙو

سهيل سانگي: سنڌي صحافت جو سدائين نوجوان ڪردار

                آڪٽوبر 1950 ۾  ڳوٺ جنجهي ۾ جنم وٺندڙ سهيل سانگي اصل ۾ نه سهيل آهي ۽ نه سانگي. سندس اصل ٿري نالو سينئل يا سينهل آهي. ٿري لفظ آهي ”سنئيو ياسنهيو“ جنهن جي معنيٰ ته خبر نه آهي ته ڇا آهي، پر مائٽن جو اهو نالو رکيو ته ضرور ڪا سهڻي معنيٰ هوندي. خبر ناهي ته کيس پنهنجو اهو نالو ڇو نه وڻيو! شايد حيدرآباد جي شهري دوستن لاءِ اهو اجنبي نالو بنهه اوپرو هو، جن ان کي ”سُهيل“ سمجهيو. ائين سينهل به ان تي اعتراض نه ڪيو ۽ خاموشيءَ سان اها تبديلي قبول ڪري ويو. پوءِ ، هُو ”سهيل“ ٿي ويو. ”سانگي“ سندس قلمي نالو آهي پر لاڙڪاڻي جا ’سانگي‘ ابڙا  هن کي سانگي قوم جو سمجهندا آهن ۽ اهو سوچي خوش ٿيندا آهن  ته هي پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو به اسان جي ڪُڙم قبيلي مان آهي. سهيل پنهنجو قلمي نالو ”سانگي“ ڇو رکيو؟ ڇا هو مير عبدالحسين ”سانگي“ کان متاثر هو؟ سهيل پاڻ ٻڌايو ته هو ميٽرڪ وارن ڏينهن ۾ شاعري ڪندو هو ۽ پنهنجو تخلص ”سانگي“ چونڊيو هئائين. هي لفظ خالص ٿري معنيٰ ۾ ”سانگيئڙا، جهانگيڙا، ماروئڙا“ آهي. سانگي معنيٰ اهي مارو لوڪ جيڪي مال چارڻ جي ”سانگي“ وس چرڻ ويندا آهن.  

                هو جيڪي آهي يا نه آهي، ”سهيل سانگي“ آهي ۽ منهنجو هڪ ذهين دوست آهي. جيئن انور پيرزادو منهنجو جبلن جو ساٿي هو، تيئن سهيل سانگي منهنجو جيل جو ساٿي آهي. سهيل جيل کائي آيو، مون کي ان جي خوشي ناهي پر هو جيل ۾ منهنجو سٺو ساٿي ٿي رهيو، جيل ۾ سندس موجودگيءَ مون لاءِ هڪ سٺو ادبي ماحول پيدا ڪيو، قلمڪار جو هو! ايئن ته ڪامريڊ جمال نقوي ۽ امرلال به منهنجا جيل جا سٺا ساٿي هئا پر ڪامريڊ جمال سان احترام جو رستو هو ۽ امرلال کي شاعري ۽ ادب بدران سياسي ڳالهيون ۽ ٻيا معاملا وڌيڪ پسند هئا.

                سهيل ۾ شاعري جا جيوڙا ان وقت داخل ٿيا جڏهن هو اٺين درجي کانپوءِ سال کن گهر ۾ ويٺو رهيو. تعليم جا وسيلا نه هجن ته ڪيڏي به خواهش جي باوجود ٻار نٿو پڙهي سگهي. هو پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا، وڏي مشڪل سان ڪو هڪ ٻار پڙهائيءَ لاءِ حيدرآباد تائين وڃي پئي سگهيو. ائين سينهل جنجهي پنهنجي ڳوٺ جنجهي (تعلقو ڇاڇرو) مان نڪري حيدرآباد پهتو.

                جيئن بيروزگاريءَ جو دور هوندو آهي، تيئن ڪڏهن ڪڏهن بي تعليميءَ جو دور به ايندو آهي. اهو ”بي تعليمي“ وارو هڪ سال سينهل لاءِ اهم هو. سندس ڳوٺ ۾ ڪتاب ايندا هئا، ڄام ساقي جيڪو سندس سئوٽ آهي، ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ سرگرم هو. ڳوٺ ۾ شاهه جو رسالو، شيخ اياز جي شاعري، روسي ناول ۽ ڪجهه سياسي فلسفي جو مواد ايندو هو. سهيل اهي خوب پڙهيا پر سوشلسٽ معاشيات جا ڪتاب ان وقت کيس ڇا سمجهه ۾ آيا هوندا؟ ايڪنامڪس هڪ ڏکي سائنس آهي، جيڪا فڪشن ۾ سمجهائجي ته جلد سمجهه ۾ اچي ويندي آهي.

                ڳوٺ جنجهي ۾ پهتل ڪتاب پڙهي ۽ ان ڳوٺ ۾ پڙهائيءَ جا بند رستا ڏسي، سندس ذهن ۾ اهي خيال ضرور اٿل پٿل ڪندا رهيا هوندا ته نيـٺ اسان جو ڀاڳ ائين ڇو آهي؟ تبديلي اچڻ گهرجي. سهيل ان ذهني آنڌ مانڌ سان  حيدرآباد جي ماحول ۾ گهڙيو. قدرتي طور سندس ويجهڙائپ ڄام ساقيءَ سان هئي. ايئن هو SNSF ۾ آيو. ڪتاب پڙهڻ ۽ شاعري ڪرڻ وارا اڪثر نوجوان اشاعتي ادارن ڏانهن ويندا آهن ايئن سهيل به اخباري حلقي ۾ اچي ويو. سهيل انگريزيءَ ۾ ايم اي ڪئي ۽ عملي طرح هن مهل تائين 45 کان مٿي سال پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ڏيئي چڪو آهي.  

                جيل ۾ سهيل سان سٺي هم خيالي ٿي وئي. ايتري حد تائين جو آئون فخر سان چوندو آهيان ته سهيل منهنجو جيل جو ساٿي آهي. ٻه ٽي سال اڳ (2010 ۾) آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس لاءِ تيار ڪيل ڊڪشنري جي لانچنگ حيدرآباد ۾ رکي سون، ته OUP جي MD امينه سيد به حيدرآباد هلي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس رکي وئي. سهيل به آيو ته مون امينه کي فخر سان تعارف ڪرايو  هو ته ”هي آهي سهيل سانگي، منهنجو جيل جو ساٿي !“  عام طور تي ماڻهو پنهنجو نوڪري ۽ ڪيريئر بچائڻ لاءِ جيل وڃڻ جهڙيون ڳالهيون آجرن جي آڏو نه ڪندا آهن، باقي ٻين جي سامهون وڏيون ٻٽاڪون هڻندا آهن. آئون به هروڀرو ڪونه ڳالهائيندو آهيان  پر جيڪا ڳالهه ضمير موجب ٺيڪ آهي، مون ڪڏهن به چوڻ يا ٻڌائڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪئي آهي. امينه تعارف ٻڌي هيڪر ته ککي وکي ٿي وئي، پر پوءِ کِلي ماٺ ٿي وئي، سمجهي وئي هوندي ته صحافت ۽ جيل ڪيترا لازم ملزوم ٿين ٿا.

                سو، سهيل منهنجو جيل جو ساٿي ٿيو. ڇا اسانجي اڳ به پاڻ ۾ ڪا ملاقات هئي، يا جيل وارن مهرباني ڪري اسان جي ملاقات ڪرائي هئي؟ منهنجو خيال آهي ته هڪ ملاقات ٿيل هئي. آئون ڪو پريس رليز ڏيڻ لاءِ ”سنڌ نيوز“ اخبار حيدرآباد ويو هئس. ريشم گلي واري چاڙهيءَ ويجهو ٽانگا اسٽينڊ جي ڀر ۾ آفيس هئي. سهيل سب ايڊيٽر هو، مان وٽس گهڻو نه ترسيو هئس جو ٻين اخبارن کي به ساڳي خبر ڏيڻي هئي. اها ملاقات سهيل کي ياد نه آهي. سندس چوڻ آهي ته اسانجي هڪ ملاقات تڏهن ٿي هئي جڏهن هو اسانجي گهر آيو هو، اها ملاقات مون کي ياد نه آهي. پر هيءَ جيل واري ملاقات ته اسان ٻئي قيامت تائين وساري نه سگهنداسين.  

                اجھو! مون کي سهيل سان هڪ ٻي ملاقات ياد پئي اچي، اها ملاقات تِلڪ چاڙهيءَ جي هيٺيان اسٽيشن روڊ تي يونيورسل بُڪ ڊپوءَ جي ڀر  ۾ ”قومي ڪتاب گهر“ تي ٿي هئي، اتي سهيل 1968ع کان ”سيلز مين“ طور ويهندو هو ۽ ڪتاب پيو پڙهندو هو. تازو، مون کي سهيل ٻڌايو ته اهو ”پارٽيءَ جو دڪان“ هو. سهيل 1969ع ۾ پارٽيءَ جو ميمبر ٿيو. اها ڳالهه به هن مون کي تاوز ئي (آگسٽ 2013 ۾) ٻڌائي نه ته هيترن سالن ۾ نه مون ڪڏهن هن کان پڇيو ۽ نه ئي هن ڪا اهڙي لکا ڏني. سو اسان جي ڊگهي ملاقات جو بندوبست ملڪ جي ’غيبات‘ ڪيو. ملڪ جي ’غيبات‘ ڪير آهي؟ توهان پاڻ سمجهي وڃو! اها 1980ع جولاءِ جي بنهه پڇاڙي هئي جو سهيل سانگي نوڪريءَ جي تلاش ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي آيو. منهاج برنا ۽ تنوير شيخ  اخباري دنيا جا ڪامريڊ اڳواڻ هئا، کيس ڪراچي اچڻ جي صلاح ڏنائون. بس! اها صلاح پنهنجو ڪم ڪري وئي! ان جي پويان قدرت جو راز هو، همراهه ايئن جهٽجي ويو جيئن عقاب جهرڪيءَ کي کڻي وڃي.  

                ان ڏينهن هو ڪراچيءَ ۾ ڪنهن هنڌ ٿيلهو رکڻ لاءِ ڪمال وراثي جنهن کي سڀ ’ڀيا‘ چوندا هئا، جي پڇا ڪندو آيو ۽ اچي پاڪستان ڪوارٽرز ۾ هڪ گهر جو دروازو کڙڪايائين، در کليو، کيس اندر اچڻ لاءِ چيو ويو ۽ پوءِ کيس هڪ ڪنڊ ۾ ويهاري ڇڏيائون. ان ڏينهن ’غيبات‘ ان گهر تي به قابض هئي ۽  هر ان ماڻهوءَ تي قابض ٿيڻ لاءِ تيار هئي، جيڪو اتي اچي.  ساڳئي ڏينهن ڪمال وارثي ۽ شبير شر سميت پروفيسر جمال نقوي پيپلز ڪالونيءَ جي ڪنهن جاءِ مان گرفتار ٿيا هئا. بعد ۾ نذير عباسي به اتي آيو هو  پر خطرو محسوس ڪري هڪدم واپس نڪري ويو. پر، غيبات ڪافي تيز هئي، ان جي ڪڍ لڳي ۽ هڪ بس مان کيس جهلي ورتائون. ان ڏينهن مون کي به پاڪستان ڪوارٽرز وڃڻو هو پر مون کان دير ٿي وئي. خبر ناهي ته ڪيئن انهن گرفتارين جي خبر اڏاڻي، ڪجهه ئي دير ۾ مون کي محسن زيديءَ فون تي اطلاع ڏنو ته جمشيد ڪوارٽر تي ڇاپو لڳو آهي جتان شبير، ڀيا (ڪمال وارثي)، ماستر صاحب (ڪامريڊ جمال)، سهيل سانگي ۽ ٻيا گرفتار ٿيا آهن. مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو. آئون سمجهي ويس ته  هاڻي غيبات کي مون تائين پهچڻ ۾ دير نه لڳندي، ڇو ته اهو ڇاپو  پڪ سان جمشيد ڪوارٽرز تي نه، پر پاڪستان ڪوارٽرز  واري جاءِ تي لڳو هوندو جيڪا مون شبير کي رهڻ  ۽ سنڀالڻ لاءِ ڏني هئي. شبير مون وٽ آفيس ۾ ٽائپسٽ هو. ۽ پاڪستان ڪوارٽر ۾  منهنجي آفيس جو سامان ۽ فائل رکيل هئا ۽ اها به خبر هئي ته شبير  اتي پارٽيءَ لاءِ پمفليٽ ٽائيپ ڪندو آهي. اڃا هڪ ڏينهن اڳ مو ن کي چيو هئائين ته ”ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي تقرير اچڻي آهي، سڀاڻي کڻي وڃجانءِ، ورهائڻ لاءِ.“

اها تقرير اصل ۾، ڪامريڊ جي 1978ع ۾ گرفتاريءَ کانپوءِ عدالت ۾ ڏنل اسٽيٽمينٽ هئي. جيڪا  پوءِ (1985 ۾) ڪتابي صورت ۾ ”فتح آخر عوام جي ٿيندي“ جي ٽائيٽل سان شايع ٿي. اهو عدالتي ڪاغذ هو، ڪا غيرقانوني ڳالهه ڪونه هئي پر اهو مارشل لا جو دور هو ۽ اهڙا بيان ڇاپڻ ورهائڻ، پڙهڻ، يا رکڻ وڏو ڏوهه هو. مون کي اها به خبر هئي ته شبير شر سنڌي ٽائپ رائٽر تي هلچل اخبار جا اسٽينسل تيار ڪندو آهي ۽ مون کيس اَجهو ڏنو هو. اهو سڀ مارشل لا جي قانون تحت ڏوهه هو، پر ڇا ڪجي؟ مون کي انور پيرزادي چيو هو، ”پارٽي چاهي ٿي ته تون شبير کي ڪنهن جاءِ تي رک، بس ٿورن ڏينهن لاءِ، جيسين ڪو ٻيو بندوبست ٿئي!“ هي هڪ اهڙي پارٽيءَ جو حڪم هو جنهن جو آئون ميمبر به ڪونه هئس پر ’ابڙو‘ ڇا ڪندو؟ ڪو پناهه يا اَجهو گهرندو ته ضرور ملندي. اها روايت به شايد اسان جي رتَ ۾ آهي. بابا سائين به ڪامريڊن کي پناهه ڏيندو هو.  اها ٻي ڳالهه آهي ته جوانيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ جو ميمبر رهڻ کان پوءِ ڪڏهن به ڪنهن پارٽيءَ جو رسيدي ميمبر ڪونه هو. هن رسول بخش پليجي جي چوڻ تي ڪامريڊ عارب کي ڪافي وقت اجهو ڏنو هو، توڻي جو پاڻ عوامي تحريڪ جو رڪن به ڪو نه هو.

                محسن زيديءَ جي وقتائتي ٽيليفون مونکي محتاط ڪري ڇڏيو. مون نيم روپوشي اختيار ڪئي، انور پيرزادي سان صلاح ڪرڻ لاءِ رات جي پيٽ ۾ سفر ڪري ڳوٺ ٻلهڙيجي وڃي نڪتس. اسٽوپا تي ويهي ڪجهه ڳالهيون طئي ڪيوسين. انور جي صلاح هئي ته مونکي ڪجهه وقت ملڪ کان ٻاهر نڪري وڃڻ گهرجي پر مان نه ويس. جلد ئي 9 آگسٽ تي خبر آئي ته نذير عباسي غيباتي تحويل ۾ شهيد ٿي ويو آهي. تازو (آڪٽوبر  2013 ۾)، مون کي ڪمال وارثيءَ ٻڌايو  ته ٻئي جايون غيبات جي نظر ۾ اچي چڪيون هيون. ۽ پارٽيءَ کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو هو، پر سينيئر ڪامريڊن ان اطلاع کي سنجيدگي سان نه ورتو.

                مون سهيل کي گهڻي وقت کان ڪونه ڏٺو هو. بس اخبار جي آفيس ۾ يا ڪتاب جي دڪان تي اها ئي ڪجهه منٽن جي سرسري  ملاقات. منهنجي ذهن ۾ بس اهو ئي ڇوڪراٽ پيو ڦِري (اڃا به اهڙو ئي آهي، فقط مٿي ۾ تجربي جا اڇا وار پئجي ويا اٿس). جنهن ماڻهوءَ سهيل سانگيءَ جو فقط نالو ٻڌو آهي، اهو هن کي پڪ ڪا وڏي ڳري بلا سمجهندو هوندو، پر  جڏهن کيس اکين سان ڏٺو هوندو، ڏاڍو حيران ٿيو هوندو. هلڪو ڦلڪو  ڪمزور ٿري قد بت، نه مولوي عبدالڪريم (ڄام ساقي) واري ڏاڙهي، نه شير سنڌ وارا شهپر، نه وري ڪا ظاهري حشمت! نه ڳالهائڻ ۾ حفيظ قريشي سينيئر وارو جوش ۽ وِلوِلو، نه موٽر نه گاڏي! ته پوءِ ڪنهنجو ڌيان ڏانهنس ڪيئن وڃي؟ هو عام ماڻهن ۾ ايئن گم هوندو آهي جيئن پاڻيءَ جو ڦڙو سمنڊ ۾ پاڻيءَ سان پاڻي ٿي ويندو آهي.  ها! هو تڏهن نظر ايندو جڏهن  ڪنهن مامري جو باريڪ بيني سان تجزيو ڪندو هجي. هو پنهنجن دليلن مان نظر ايندو آهي. دليل ڏيڻ مهل نه آواز اوچو ڪندو آهي، نه وري ڪنهنجو پٽڪو لاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي ڳالهه تي مدلل طريقي سان بيٺو هوندو. ڪنهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ٻئي انداز سان ڳالهه ورجائي سمجهائيندو. توهان جو اختلاف اڃا به جاري هوندو ته چوندو ” ڏسي وٺ! مون کي ايئن نه ٿو لڳي!“ سهيل اندر ۾ ڪيترو به حساس هجي، جذباتيت حاوي نه ٿيندي اٿس. مجموعي طرح سنجيدو ماڻهو آهي. ايڏو به نه! پنهنجي حلقي ۾ ڀوڳ چرچو ڪندو ۽ سهندو آهي. پر، سهيل جهڙي ماڻهوءَ سان وقت ڀوڳ چرچي ۾ وڃائجي، مون اهو ڪڏهن به مناسب نه سمجهيو آهي. جيڪا سا گهڙي سوچ ويچار ۾ وڃي ته چڱو!  

مان سندس مضمون پڙهندو آهيان يا ڪنهن چئنل تي سندس تجزياتي راءِ ٻڌندو آهيان ته سندس ڳالهه ۾ ڪافي جان محسوس ٿيندي اٿم. توڻي جو هر تجزيه نگار وٽ پنهنجا دليل، زاويا ۽ حالتن جي ڇيد جو طريقو ٿئي ٿو. سهيل جي دليلن  ۽ طور تڪ ۾ وڏو وزن هوندو آهي، خاص ڪري ڇيد کانپوءِ اهو ٻڌائڻ ته مستقبل ۾ هو ڇا پيو ڏسي! اهڙي تربيت پارٽيءَ جي ڪلاسن ۾ ٿيندي هئي. جنهن ۾ ”حڪومت جي اندر جون ڳالهيون“ ته ڪنهن وٽ به ڪو نه هونديون هيون پر اخباري خبرن تي ڏاڍي گهري نظر رکي ويندي هئي. هر سياسي واقعي ۽ سياسي بيان تي گهري سوچ ويچار ڪري هر ڪو پنهنجي راءِ ڏيندو هو. جڏهن اها راءِ ڪنهن ڪلاس ۾ بحث جي ذريعي پختي ٿيندي هئي ته ان راءِ کي وزن ملندو هو. اها هروڀرو غلط به ڪو نه هوندي هئي، اها ئي راءِ اڳتي هلي سچ ثابت ٿيندي هئي. منهنجي خيال ۾ اهي ئي ڪلاس ۽ ڇنڊ ڇاڻ جو طريقو سهيل کي صحافتي دنيا ۾ ڪم آيو. اڄ جڏهن هو ڪنهن چئنل جي سڌي نشريات ۾ اعتماد سان ايئن چوي ٿو ته ”اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي“ ته ان جو مطلب آهي ”ائين ڪونه ٿيندو“ يا جڏهن هو ائين چوي ٿو ته ”ائين ٿيڻ، سمجهه ۾ اچي ٿو!“ ته ان جي معنيٰ آهي ”ائين ٿيڻ جا وڏا امڪان آهن.“

                مون کي ياد آهي، اهڙن تجزياتي ڪلاسن ۾ ڪو سينيئر دوست ڪجهه هن ريت سوال بحث لاءِ رکندو هو ”پير صاحب پاڳاري ستارن جي چال هن ريت پڙهي آهي ... فلاڻو جنرل صاحب هنن اکرن ۾ فلاڻي ڳالهه پيو چوي! مولانا فلاڻو هي لفظ استعمال پيو ڪري. آمريڪي خارجه سيڪريٽري ۽ پينٽاگون هيءَ ڳالهه پيا چون ... توهان سڀني اهي بيان پڙهيا آهن ... توهان جي خيال ۾ هُو سڀ ڇا ٿا چون؟“ پوءِ جو ڳالهه هلندي هئي ته ڪلاڪ ڏيڍ جي بحث مباحثي ۾ تازي صورتحال جي ڄڻ ”ايڪسري رپورٽ“ اچي ويندي هئي. ان ريت سوچڻ جي تربيت به ملندي هئي ۽ گڏيل راءِ به جڙندي هئي. آخر ۾ اهو ئي سينيئر دوست سڄي بحث کي ٺاهي جوڙي ان جو ’مغز‘ ڪڍي وچ تي رکندو هو، جنهن کي اڄڪلهه ٽي وي اينڪر ”سَم اپ ڪرڻ“ چوندا آهن.

                سنڌي ماڻهو ڪچهرين جا ڪوڏيا هوندا آهن، روزانو هر وقت ڪچهريءَ ۾ هوندا آهن پر سندن ڪچهري ۾ موضوع پيو بدلجندو آهي، ڳالهه مان ڳالهه پئي نڪرندي ۽ الائي ڪٿان کان ڪيڏانهن هليا ويندا. پڇاڙيءَ ۾ ”يارو ياري!“ چئي وڃي ڪٿي ڊهندا. انڪري، مان انهن دوستن کي چوندو آهيان ته ”ٻيلي ڪچهري ڀلي ڳالهه آهي، ڀلي ڪريو پر ٻليءَ وانگر ست گهر نه مٽايو. ڪچهريءَ جو ٽائم ۽ موضوع مقرر ڪري، ان تي پنج اٺ دوست گڏجي خوب ڇنڊ ڇاڻ ڪريو ... هر ڀيري هڪ نئين موضوع تي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ. ڀلي اها ذهني ورزش پاڙي جي سطح تي هجي يا وري ڪنهن به سطح ۽ سوچ جي دوستن جي هجي. هر ڪو موضوع تي پڙهي اچي ۽ ذهني ورزش ۾ شريڪ ٿئي. ان سان ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه ٿئي، مامرو ته سمجهه ۾ ايندو. ادا! ڀلي سياسي موضوع کڻو. ڀلي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو موضوع کڻو، ڀلي فلڪيات تي ڳالهايو، ڀلي جهنگلي جيوت ۽ شڪاريات تي ڳالهايو، ڀلي زرعي مسئلن ۽ جنس تي ڳالهايو پر هڪ موضوع تي ڳالهايو ۽ ڇنڊ ڇاڻ پوري ڪري اُٿو.

                سهيل سان جيل ۾ گهاريل ڏينهن جو تفصيل منهنجي ”جيل جي ڊائري“ ۾ ڏنل آهي. آئون انهن ڏينهن کي سنڌ ۽ خدا جي خلق کي گهِرائي ۽ مڪمل ڌيان سان سمجهڻ ۽ پرکڻ جا ڏينهن سمجهندو آهيان. ڏک، سُور، اڪيلايون، محروميون، بي وسي ۽ انهن ڏينهن ۾ هڪ سٺو سلجهيل ساٿي، آئون پاڻ کي سنڀالي ويس. اها سهيل جي ئي صلاح هئي ته اسان جيل ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جون گڏجاڻيون شروع ڪريون. اها به سهيل جي صلاح هئي ته آئون ڪامريڊ جمال نقويءَ کان، جيڪو انگريزي ادب جو استاد هو، کان تنقيد نگاريءَ جي تاريخ تي ليڪچر وٺان. اهي ٻئي مثبت سرگرميون هيون، نتيجي طور ”اسان جيل کي ڪَٽِي ڇڏيو“ نه ته ”جيل اسان کي ڪٽي ڇڏي ها!“

                آئون جيل ۾ ڪا به ڪهاڻي لکندو هئس يا شاعري ’نازل‘ ٿيندي هئي يا ڊائريءَ جا ورق لکندو هئس ته سهيل کي پڙهائيندو هئس. وٽس ادبي تنقيد جي صلاحيت به چڱي آهي. توڻي جو هن پاڻ شاعري ۽ ٻيو تخليقي ادب لکڻ ڇڏي ڏنو هو. هن جو سڄو ڌيان اسان واري ڪيس تي هو جيڪو فوجي عدالت ۾ هلي رهيو هو، پر ڪيس متعلق سوچ ويچار جي انهن بيٺڪن ۾ آئون شريڪ نه هئس. وڏا وڪيل ۽ پروفيسر سان گڏ ڄام ساقي موجود هئا، آئون ان جهنجهٽ ۾ نه پيس، منهنجي رهنمائي بابا سائين ڪئي ۽ مون پنهنجو سڄو ڌيان لکڻ ۽ پڙهڻ تي رکيو. اهو سهيل جو ئي ڪم هو ته هن ڪيس کي ڪهڙي رخ ۾ هلائڻ گهرجي. قانوني معاملا قانوني هوندا آهن پر سياسي ساک ۽ ويڙهه جون تقاضائون ڪي ٻيون هونديون آهن. انڪري خود وڪيلن کي به سمجهائڻو پوندو آهي ته هو عدالت ۾ ڪهڙو مؤقف اختيار ڪن. آئون جيل وارن ڏينهن ۾ گهاريل گهڙين ۾ نٿو وڃان جو اهي اڳ ئي جيل جي ڊائري ۾ لکيل آهن. ڪا رهجي ويل ڳالهه ياد آئي ته ضرور لکندس.

ڄام ساقي ڪيس ۾ سهيل جي مصروفيت ٻين کان مختلف ۽ ڪارائتي هئي. هو هر وقت اهو سوچيندو هو ته ڪيس ڪيئن وڙهجي؟ دفاع ڪيئن ڪجي؟ بچاءَ جا شاهد ڪهڙا هجن؟ ڪنهن کان ڪهڙا سوال پڇجن؟ اها سڄي تياري سهيل ڪندو هو. مختلف اخبارون هٿ ڪري انهن مان تراشا تيار ڪري ، انهن جي بنياد تي ڪيس اڳتي وڌائڻ ۾ سهيل وڪيلن جي خوب مدد ڪئي. کيس ڄام ساقيءَ واري حيدرآباد ڪيس جو به تجربو هو. عدالت ۾ وڪيلن کي گهڙي گهڙي صلاح ڏيڻ سبب ڪيس جو پرزائِيڊنگ آفيسر ڪرنل عتيق (جيڪو جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جو ڀاءَ هو) سهيل کي JAG branch of accused چوندو هو. بچاءَ جي شاهدن ۾ سياسي اڳواڻن کي گهرائڻ جو خيال به بنيادي طرح سهيل جو هو، جيڪو ٻين ڪامريڊن به پسند ڪيو.

سهيل صحافيءَ طور ڪيئن لکي ٿو؟ اهو ته ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ۾ موجود سندس لکڻين مان ظاهر آهي. پر سندس اندر ۾ موجود باضمير  تخليقي ليکڪ جي جهلڪ سندس ان بيان ۾ آهي جيڪو هن خاص فوجي عدالت نمبر 4 ۾ 9 جنوري 1983 تي داخل ڪرايو هو. اهو بيان ڄڻ ته بي هٿيار بيٺل عوام جي هڪ پُر امن عيوضيءَ جي دانهن آهي، جيڪو   وقت جي حاڪمن کان سوال پڇي ٿو. هُو ڄڻ ته ڪنهن درٻار ۾ بيهي بادشاهه سلامت جي خليفن کي تاريخ جي پس منظر ۾ انسان جي جدوجهد کان واقف ڪري ٿو ۽ پنهنجو زندگيءَ جو زاويو سمجهائي ٿو،  مون کي ياد آهي ته هن پنهنجي عدالتي بيان ۾ ڇا لکيو. ڪجهه ٽڪرا ياد اٿم: ”مان صحافي آهيان، سچائيءَ جو ڳولائو آهيان. قلمڪار عوام لاءِ خواب ڏسندو آهي. ۽ خوشين ۽ لفظن کي معنائون پارائيندو آهي. ... مان ٿرپارڪر کي ڪوهه مري نه ٿو چوان جو اتي  جبلن جي جهرڻن بدران واريءَ جون ڀِٽون هونديون آهن، اتي پاڻيءَ جي خوفناڪ اڻاٺ آهي، اسان آواره  ڪڪرن کي حسرت سان ڏسندا آهيون  ... اصل مسئلو سماج جي اوچ نيچ ، بک ۽ بيروزگاريءَ جو آهي. .... مان بد ديانت ڪوٺجڻ نه ٿو چاهيان، صحافت ايمانداريءَ جو نالو آهي .... اڄ مان ڪي ايم سي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ملزم جي ڪٽهڙي ۾ بيٺو آهيان، جتان ڪجهه فرلانگن تي، اڌ صدي اڳ نامور صحافي مولانا محمد علي جوهر خالقڏني هال ۾ ملزم ٿي بيٺو هو. اسان انهن عظمتن جا وارث آهيون ته پوءِ اڄ منهنجي هٿ ۾ هٿڪڙيون ڇو آهن؟ ... مان مطمئن آهيان ته مون منهنجي ننڍڙيءَ کي انسانيت جا جيڪي اعليٰ قدر ، انساني همدردي ۽ جرئت جو ڪهاڻيون ٻڌايون هيون، انهن تي قائم آهيان. مون پنهنجي ايندڙ نسل سان منافقي نه ڪئي آهي. نه غداري ڪئي. زندگي ۽ قيد ڪا حقيقت نه ٿا رکن، مان مطمئن آهيان“. هو ڪيڏي نماڻائيءَ سان ڪيڏو نه تلخ ڳالهائي رهيو هو!

                1985 ۾ جڏهن اسان جي ڪيس ۾ فيصلو آيو ته سهيل به باعزت بري ٿيو ۽ حيدرآباد هليو ويو، جيل ۾ چوندو هو ته ”آئون پنهنجن ستن پيڙهين کي جهلي ويندس ته ڪراچي نه وڃجو، ڇو ته جڏهن روزگار لاءِ آئون پهريون ڀيرو ڪراچي ويس ته جهلي کڻي جيل واڙيائون!“

                جلد ئي، 86-1985 ڌاري مون به صحافت ۾ پير پاتو. صحافتي مضمون، آئون جيل وارن ڏينهن ۾ لکي مختلف نالن سان هلال پاڪستان ۽ امن اخبار ڏانهن موڪليندو هئس. ايئن ڪالم نويسيءَ ڏانهن مائل ٿيس، باقي پريس رليز ۽ خبرون ٺاهڻ جو ڪم ته ادبي سنگت وارن ڏينهن ۾ به ڪندو هئس. سهيل وري حيدرآباد ۾ ئي اخباري نوڪريءَ ۾ لڳو. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪٽنب سان ۽ پوءِ ڳوٺ ۾ وڃي ٿڪ ڀڳائين. هڪ مهينو کن ٿڪ ڀڃي وري حيدرآباد آيو ۽ سينيٽر شيخ علي محمد جا ٿورا مڃڻ ويو جيڪو آفتاب اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر به هو، ۽ اسان واري ڪيس ۾ سهيل جو بچاءُ وارو شاهد به هو، جنهن ۾ هن سهيل جي ذميوار شهري هجڻ ۽ ڪنهن به قسم جي غلط ڪم ۾ ملوث نه هجڻ جي ساک ڏني هئي.

                شيخ صاحب وڏي عمر وارو، گڻائتو ۽ مهربان شخص هو. هُن سهيل کي پنهنجي اخبار ۾ ڏينهن واري شفٽ جو انچارج ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ سهيل ڪڏهن ڪڏهن ايڊيٽوريل به لکندو هو. سال کن کانپوءِ سهيل عبرت اخبار ۾ اسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو، پر پوءِ جڏهن علي قاضيءَ وارن اردو ۾ ”سفير“ اخبار ۽ انگريزيءَ ۾ ”سنڌ آبزرور“ ڪڍي ته هُو کيس اوڏانهن ڇڪي ويا. سهيل ”سفير“ ۾ انچارج ايڊيٽر هو. آئون آزاديءَ کانپوءِ سهيل سان آفتاب ۽ سنڌ آبزرور ۾ به مليو هئس. حيدرآباد جي اخبارن جو حال پورو سارو هو، عام صحافيءَ جو گهر ان پگهار ۽ ”واعدن“ تي هلي نه ٿي سگهيو. سهيل هڪ ڀيرو ٻيهر ان وقت ڪراچي آيو جڏهن ڪراچيءَ مان ”عوامي آواز“ نڪرڻ جو ماحول جڙي تيار ٿيو.

                عوامي آواز ڪامريڊن تي ٻڌل ادارو هو، جبار خٽڪ جيڪو ڄام ساقي ڪيس ۾ ”مفرور“ هو ۽ دير سان گرفتار ٿيو هو، ان جو روح روان هو، هن سان گڏ امداد اوڍو ۽ ناصر داد بلوچ هئا. سڀني پاڻ ۾ ڦوڙي ڪئي، ناصر داد پئسا سيڙپ ڪرڻ ۾ ماهر هو، پر ايڊيٽرشپ جو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود هو ته اها ڪنهن کي ڏجي؟ سهيل سانگيءَ کي ورڪنگ پارٽنر بڻايو ويو، جنهن اچي پنهنجي تجربي ۽ امداد اوڍي سان گڏجي ٽيم جوڙي، ۽ سڄي سنڌ ۾ ڇنڊي ڇاڻي ايجنٽ ۽ نمائيندا مقرر ڪيا. هڪ ڀيري سهيل ٻڌايو ته ايجنٽ ۽ نمائيندا مقرر ڪرڻ واري ان هڻ وٺ دوران هڪ شهر جي نوجوان هڪ دلچسپ ۽ اهم صلاح ڏيڻ چاهي. هُو سهيل کي هلندڙ ميٽنگ مان ٻاهر وٺي ويو ۽ ڏاڍي خلوص سان چيائين ”سائين هڪ خاص صلاح ڏيڻي اٿم ، مهرباني ڪري ايجنٽ ۽ نمائيندا سوچي سمجهي رکجو“.  سهيل سندس خلوص کي ڏسي پنهنجي خاص سنجيده انداز ۾ کيس چيو ”يار واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، مون ته اها ڳالهه سوچي ئي ڪونه هئي ته ڪو اهو ڪم سوچي سمجهي ڪبو آهي!“

                اهي 1989 وارا ڏينهن هئا. عوامي آواز جي آفيس لياريءَ ۾ اٺ چوڪ جي ويجهو ڪنهن جاءِ تي هئي، مان هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر هئس، دستگير ڀٽي انهن ڏينهن ۾ هلال جو ايڊيٽر ٿي آيو هو، اهي ئي ڏينهن هئا جڏهن ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ ۾ لکڻ جو نظام ڊيويلپ ٿيو هو، ماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه جي محنتن سان تيار ٿيل سندن تربيت ڏنل نوجوان ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ ڪرڻ لڳا هئا. عوامي آواز کي هڪ وڏي ٽيم جي ضرورت هئي، فيلڊ کان وٺي رپورٽنگ، ايڊيٽنگ ۽ ڪمپوزنگ سيڪشن تائين، پر هڪ وڏو بحران هو. سنڌي اخبارون ڪا وڏي صنعت ڪونه هيون، ان کان اڳ هينڊ ڪمپوزنگ هلندي هئي ۽ شهرن ۾ ڪو هڪ اڌ پگهاردار رپورٽر هوندو هو، وڏي ۾ وڏيون سنڌي اخبارون هلال پاڪستان ۽ عبرت هيون، جن ۾ سمورا وڏا صحافي کپي ويا هئا.  

                عوامي آواز جي ابتدائي تربيتي مرحلي ۾ فقير محمد لاشاري (جنهن کي چيف ايڊيٽر ڪيو ويو هو) ۽ سهيل سانگي (ايڊيٽر)  باقي ٽيم کي تربيت ڏيندا هئا، آئون به جڏهن هلال پاڪستان ۾ پنهنجو نوڪري جو وقت (صبح جو 9 کان 5 شام) پورو ڪري اٿندو هئس ته پراڻي ڪامريڊي جذبي تحت عوامي آواز ۾ رات واري شفٽ ۾ رات جو 12 وڳي تائين نئين ٽيم کي ايڊيٽنگ سيکاريندو هئس. صبح جو 9 وڳي وري هلال پاڪستان ۾ ... ايئن ٽن مهينن تائين اهو تربيتي سلسلو هليو ۽ پوءِ عوامي آواز هلي پئي. امداد اوڍو ۽ سهيل سانگي ۽ هنڌ هنڌ نمائندا، ايجنٽ ۽ رپورٽر مقرر ڪري چڪا ۽ عوامي آواز لانچ ٿي ۽ سنڌ جو سڄو ڪامريڊ لڏو عوامي آواز کي پنهنجي اخبار سمجهڻ لڳو پوءِ خبر ناهي ته ڇا ٿيو جو فقير محمد لاشاري ”عوامي آواز“ ڇڏي واپس هلال پاڪستان  موٽي آيو.  شايد فقير محمد کي `عوامي آواز‘ جي ڪاميابيءَ تي شڪ هو، يا شايد سندس ذهن ۾ ’جاڳو‘ اخبار جو خيال ڪَـرَ کڻي رهيو هو.

                عوامي آواز جي سڄي ٽيم نئين هئي، ۽ ڪامريڊ لڏي تي ٻڌل هئي. ڪامريڊ لڏي کي صحافت جي ميدان ۾ آڻڻ جو خيال به سهيل جو هو، ان خيال سان سڀ سهمت هئا جو تجربيڪار صحافي لڏي جو ڪال هو.  ڪامريڊن کي صحافت ۾ آڻڻ واري تجربي اڳتي هلي اخبارن جي مزاج کي بدلائي ’عوامي ۽ مزاحمتي‘ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف، فقير محمد جي هِلال پاڪستان ڏانهن موٽ کانپوءِ عوامي آواز لاءِ انور پيرزادي کي آڇ ڪئي وئي. انور عوامي آواز سٿ ۾ جوائنٽ ايڊيٽر طور شامل ٿيو، پر مون ڏٺو ته هو سڄو عرصو مجموعي طور غير مطمئن هو. ايئن ڇو هو؟ آئون نٿو ڄاڻان. انور به 1991 ۾ عوامي آواز ڇڏي وري انگريزي پريس طرف فري لانس صحافي طور هليو ويو.  

                هلال پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سياسي مداخلت سبب ماحول خراب ٿيو اها 1990 ڌاري جي ڳالهه آهي. هلال پاڪستان جو نئون ايڊيٽر سيد سڳورو سيد عالم شاهه سپاف جو اڳواڻ هو. هن اچڻ شرط اسان کي چيو ته ”توهان ڪميونسٽ پيپلزپارٽيءَ جي خلاف آهيو ۽ ان کي نقصان ڏيڻ ٿا چاهيو“ پوءِ اسان تي ماحول تنگ ٿيو. مون، عبدالرحمان نقاش ۽ نصير اعجاز هڪ ئي هفتي ۾ هلال ڇڏي. آئون ”پُڪار“ سکر جو ايڊيٽر ٿيس جيڪا صفدر شاهه جي اخبار هئي پر ڪاغذن ۾ مرشد گيلاني ان جو مالڪ هو. ان دوران ڪراچيءَ مان فقير محمد جي ادارت جو جاڳو ۽ حيدرآباد مان علي قاضيءَ جي ادارت ۾ ڪاوش اخبارون نڪتيون ته هڪ اتساهه ڏيندڙ صحافتي ماحول جڙي پيو. سڀني اخبارن ۾ دوست هئا پر سڀني اخبارن جي هڪٻئي تي مقابلي واري نظر هئي، ڪاوش جلد ئي گهڻو اڳتي نڪري وئي، ان جا گهڻائي سبب هئا جن تي ڪنهن ٻئي هنڌ لکبو.

سهيل جو صحافتي سفر جيڪو SNSF جي پارٽي پمفليٽن ۽ ڪتابڙن کان شروع ٿيو ، هاڻي وچ سِي ۾ هو. آر يا پار واري صورتحال اچڻ واري هئي. پر مون کي ياد اچي ٿو سهيل جارح ۽ عملي صحافت سان گڏوگڏ سٺو ٽرانسليٽر به رهيو آهي. هن مرڪزم تي به ڪجهه ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ ڇپايا، انهن ۾ گورڪيءَ جو ناول ’ماءَ‘ ۽ مارڪسي فلسفو به شامل آهي.  هڪ ڀيري سهيل پاڻ ٻڌايو ته شاگرديءَ واري زماني ۾ هو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن  جو رسالو ’پرهه ڦُٽي‘  به ڪڍندو هو. هن SNSF جي فرنٽ تي پنج سال پارٽي انچارج طور ڪم ڪيو ۽ جڏهن ڄام ساقي انڊر گرائونڊ ٿيو ۽ بنگال آپريشن وقت مير ٿيٻو ۽ ميهر حسين شاهه ڇڏي ويا هئا، تڏهن هن SNSF جي تنظيم ڪاري به ڪئي هئي.

                سال 1993 ۾ مون ڪراچيءَ مان ماهوار ’روح رهاڻ‘ جاري ڪئي جو نيم ادبي ۽ نيم سياسي پرچو هو، ته سهيل سان به صلاح ڪيم. ساڳئي سال سهيل به روزاني عوامي آواز ڇڏي ڪراچيءَ مان ئي تجزياتي خبرن تي مشمل مئگزين ’آرسي‘ ڪڍڻ لڳو. منهنجي آفيس بِي.وِي. ايس پارسي اسڪول (صدر) جي سامهون هئي. ”آرسي“ هفتيوار سياسي مئگزين هئي، ان جي آفيس هوٽل جبيس جي سامهون فليٽن ۾ هئي. اسان ڏاڍي محنت ڪئي پر ايجنٽ اسان کان ڏاڍا نڪتا. سهيل حيدرآباد موٽي ويو ۽ مان يوسف شاهين جي اخبار روزاني ”برسات“ ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳس. (برسات تي جدا لکبو).

سهيل پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ ڪم نهايت خاموشيءَ سان ۽ پوري ارپنا سان ڪيا. شادي به ايئن ئي خاموش بغاوت سان ڪيائين، سو به چون ٿا ته ڄڃ ٽانگي ۾ ڪنواريتن جي گهر پهتي هئي. جڏهن سهيل جي شادي ٿي، تڏهن اسان جي واقفيت ڪونه هئي. پر 1980 کانپوءِ سهيل جي سڄي فئملي ڄڻڪ اسان جي گڏيل فئملي هئي. هن ڪيس سڀني ’جوابدارن‘ جي گهرن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو هو. اهي ڪيس وارا ڏينهن ڀاڄائيءَ ڏاڍي تڪليف ۾ گذاريا، هو3 شهري عورت هئي پر سنڌي ماڻهن وانگر  حالتن کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏنائين. ڏکئي وقت ۾ سهيل جو گهر  سنڀالي ويٺي هوندي هئي. جيل تي ۽ عدالت ۾ ننڍڙن ٻارڙن سان اچي نڪرندي هئي. افسوس! ان وقت سهيل کي اڪيلو ڪري وئي جڏهن سهيل بهتر ڏينهن ڏانهن وڌي رهيو هو. مون ڏٺو ان جدائيءَ سهيل کي جهوري وڌو هو.  جنهن شخص کي جيل نه لوڏي سگهيو، دوستن جي بيوفاين ۾ نه ٽُٽو، سو هاڻي جُهر ي پيو. شڪر ٿيو پاڻ سنڀالي ورتائين ۽ هاڻي پوٽن ڏهٽن  جي بهشت ۾ خوش آهي.

                منهنجو سهيل سان يادگيرين جو هڪ باب 2009 ۾ آهي، جڏهن مون سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ تي ڪم پئي ڪيو. هي هڪ وڏو ٽاسڪ هو  جنهن ۾ 15 سال اڳ جو لکيل مواد اپ ڊيٽ ۽ نئون مواد شامل ڪري ٽن مهينن ۾ اشاعت لاءِ موڪلڻ جوڳو بنائڻو هو. اٿارٽيءَ سان ورڪنگ تجربو ڪيئن رهيو، ان تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو، پر ان ۾ سهيل جو حصو اهو هو ته مون کي الف ۽ بي جي سري هيٺ ايندڙ سياستدان ۽ سياسي تحريڪن تي مواد هنگامي بنيادن تي کپندو هو، جن جو ڪو حوالو موجود ئي ڪو نه هو. مون سوچيو ته اها انسائيڪلوپيڊيا ئي ڪهڙي جنهن ۾ سنڌ جي پارليامينٽرينز ۽ سياسي تحريڪن جو ذڪر نه هجي! مون ڄاتو ٿي ته اهو ڪم مختصر وقت ۾ فقط سهيل سانگي ئي ڪري سگهي ٿو ۽ هن سچ پچ ڪري ڏيکاريو. مون وٽ روزانو آفيس ۾ ڳچ وقت اچي لک لکان، ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ کي لڳي ويندو هو، مواد هٿ ڪرڻ لاءِ مختصر وقت ۾ ڪا بهتر شئ (آئون بهترين ان ڪري نه چوندس جو ڀلو ڀليءَ جو چيهه آهي ئي ڪونه) اچي

سگهيو، ان ۾ سهيل جو سهڪار به شامل آهي.

                سهيل حيدرآباد موٽي ويو ته ڪاوش ۽ ڊان ڪراچي لاءِ ڪم ڪندو رهيو. ڪتابن جا ترجما ڪندو رهيو آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 2002 کان ماس ڪميونيڪيشن پڙهائي ٿو. انساني حقن واري ڪميشن پاڪستان جو ريسورس پرسن آهي ۽ بي بي سي لاءِ آن لائن رپورٽنگ به ڪندو آهي. سندس تجزياتي ڪالم ۽ رپورٽون هڪ وڏو ڪم آهي. ڪاش ڪو سهيڙي سگهي! هاڻي ته سندس پٽ به صحافت جي سٿ ۾ اچي ويا آهن. رياض ته بي بي سي سان لاڳاپيل آهي.

Friday, October 15, 2021

معيشت جي حساس حالت ۽ اقتداري ڌرين جي رڌڻي ۾ رولو

 ايشيا جي هن خطي ۾ جتي پاڪستان آهي، هڪ وڏي اُٿل پٿل چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلندڙ نئين سرد جنگ ۽ ڪاروباري چٽاڀيٽي سبب چوٽ تي چڙهيل هئي. مٿان وري افغانستان ۾ طالبان حڪومت ٺهڻ هيڪاري صورتحال کي نئون رخ ڏئي ڇڏيو آهي. انهن معاملن تي ملڪن توڙي انهن ۾ موجود لابين ۽ طبقن جي وچ ۾ نيون صف بنديون ٿي رهيون آهن،خطي جا سمورا ملڪ ۽ انهن جا پاليسي ساز ادارا ايندڙ وقت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪي مفادن جي بچاءَ ۽ پنهنجا فائدا ڳولڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانايون خرچ ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته هن بدلجندڙ صورتحال ۾ صحيح فيصلو واسطيدار ملڪ ۽ قوم کي معاشي توڙي سياسي حوالي سان گهڻو اڳتي وٺي ويندو. پر ڪو غلط فيصلو يا معمولي غلطي، ايترو پوئتي ڌڪي ڇڏيندي جو ان کي پيرين ڀر ٿيڻ لاءِ شايد ڪئي ڏهاڪا،وڏي محنت ۽ قربانيون گهربل هونديون.
پاڪستان طالبان حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. ان ۾ جتي پاڪستان جي “دفاعي حڪمت عملي واري گهرائي” وارو تصور پنهنجي جاءِ تي پر ان کان وڌيڪ اهم اهو آهي جو نار وارين رياستن ۽ سعودي عرب جي به اها ئي فرمائش آهي. جتي طالبان کي انهن تيل وارن شاهوڪار ملڪن جي پُٺ حاصل آهي.
طالبان جي افغانستان ۾ اچڻ چين، آمريڪا ۾ هلندڙ نئين سرد جنگ ۾ چين کي فائدو ڏنو، ڇاڪاڻ جو افغانستان جا سمورا سڌا پاڙيسري ملڪ ايران ۽ روس سميت چاهين ٿا ته في الحال طالبان کي پنهنجو دور پورو ڪرڻ ڏنو وڃي. چين به اهو چاهي ٿو. جڏهن پاڪستان ته ان تي عمل ڪري رهيو آهي. اهڙي ريت هڪ دائرو اهو آهي جنهن ۾ افغانستان جا پاڙيسري ملڪ گڏ آهن. ويجهي تاريخ م اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو نار وارن ملڪن توڙي سعودي عرب جو ڪنهن معاملي تي ساڳيو موقف بيٺو هجي، جيڪو ايران جو آهي. ايراني فوج جو سربراهه پاڪستان جي دوري تي آيو جنهن وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. ٻيو دائرو اهو آهي جيڪو چين جي خلاف بيٺل آهي. جنهن ۾ آمريڪا جي اڳواڻي ۾ سعودي عرب ۽ نار وارا ملڪ شامل آهن. ايران ۽ آمريڪا جي مخالفت هڪ ٽيون دائرو آهي، جيڪو کڻي ننڍو ئي سهي پر اهم آهي.
پاڪستان بدليل حالتن ۾ اڃان سوڌو اهو طئي نه ڪري سگھيو آهي ته هو چين ۽ آمريڪا جي جنگ ۾ ڪنهن جو پاسو کڻي. في الحال هو ٻئي ڪلها هلي پيو. جيڪڏهن طالبان ڪابل فتح نه ڪن ها ته شايد پاڪستان تي سخت دٻاءُ پوي ها ته هو فوري طور فيصلو ڪري. هن وقت به سي پيڪ جي حوالي سان ملندڙ جلندڙ خبرون اچن پيون.ڪن جو چوڻ آهي ته سي پيڪ واري ڪم جو هيڊڪوارٽر گوادر کان تبديل ڪري ڪراچي ڪيو پيو وڃي. اهو به چيو پيو وڃي ته گوادر واري پاسي ماڳهين مهيني کن کان ڪم بند آهي. اهي به خبرون هلن پيون ته ڪراچي ۾ متبادل ٺاهيو پيو وڃي. بهرحال طالبان جي افغانستان ۾ اچڻ پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي طرف في الحال ٿوري بهتر پوزيشن ڪري ڇڏي آهي ته اهي ٻئي سڌي طرح گهڻي آمريڪي دٻاءُ ۾ نه اچن. پر هرڪو ڄاڻي ٿو ته اهو سڀ عارضي ۽ هٿرادو آهي، جيڪو گھڻو وقت هلي ڪونه سگهندو. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي جڏهن عمل ڪرڻ شروع ڪندا ته پاڪستان کي ان جي موجوده پاليسين سان رستو ڪونه ڏيندا، گهمي ڦري اها سوڙهه پيدا ٿيڻي آهي.
پاڪستان جي معيشت کي وڏي هٿي سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين جي پنهنجي ڪٽنبن لاءِ موڪليل پئسي ۽ سعودي عرب کان اوڌر تي ملندڙ تيل جي ڪري آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي رقمن کي پاسيرو ڪيو وڃي ته پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جو ذخيرو صفا گھٽجي ويندو ۽ ڊالر جي قيمت گھڻو چڙهي ويندي، نتيجي ۾ سموريون شيون مهانگيون ٿي وينديون. پاڪستاني سڪي جي قيمت گھڻو گھٽجي ويندي. پاڪستان ڪنهن به طرح پنهنجون نه امپورٽ گھٽائي سگھيو آهي ۽ نه وري ايڪسپورٽ وڌائي سگھيو آهي. نتيجي ۾ هر مهيني ۾ پرڏيهي واپار سبب جيڪو فرق بيهي ٿو، اهو هر مهيني جو نقصان آهي، جنهن جي پورت اوڌر واري تيل ۽ سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين کان ملندڙ رقم سان ڪئي پئي ڃي. ملڪي معيشت جو ڦيٿو صفا نه پيو ڦري. اهو گھمي ڦري چند بنيادي شعبن يعني سروس سيڪٽر يا وري کاڌ خوراڪ وارين شين تائين محدود آهي. پر ڪنهن به معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي مينيوفيڪچرنگ سيڪٽر هوندو آهي. يا اهڙيون Value added شيون، جيڪي ايڪسپورٽ ٿي سگھن. هي حساس معاشي صورتحال آهي.
خطي جي اهڙي صورتحال ۽ معيشت جي حساس حالت ۾ مٿان وري اقتداري ڌرين جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي اختلاف سامهون اچي ويا، هر ڀيري سياسي حڪومت طرفان مختلف موقف سامهون آيا. ڊي جي آءِ ايس آءِ جيڪو قانون مطابق وزيراعظم جي ماتحت اچي ٿو ۽ ان کي ئي مقرري ڪرڻي آهي. ان جي منظُوري کان اڳ فوج جي ميڊيا ونگ پريس رليز جاري ڪري ڇڏي پوءِ جڏهن بيان آيا ته خبرون آيون ته جرنلن جي نالي واري سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي آهي. وري ميڊيا ۾ اهي خبرون به آيون ته وزيراعظم انهن ٽنهي جو انٽرويو وٺندو. ان بابت سڌ سماءُ واري وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وزراعظم جي نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات رسمي آهي يا هڪ روايت آهي. بهرحال اهو پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي جو وزيراعظم اهڙن معاملن ۾ ايئن اختلاف ڏيکاريو آهي. ان ڏس ۾ جيڪي به وضاحتون اچن ٿيون انهن ۾ ڪا نه ڪا شيءَ کٽل آهي. چوڌري فواد چوي ٿو ته سمورا معاملا درست آهن. سڀ هڪ پيج تي آهن. ڪجهه معاملن تي اختلاف آهن، جن کي ٽيڪنيڪل يا طريقي ڪار جو نالو ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن  اهي به آهن ته انهن جو سامهون اچڻ خود سواليه نشان آهي. في الحال ته اهو مونجھارو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان سلجهي ويو پر ان سموري عمل ۾ مختلف هنڌن تي جيڪا وٿي پيدا ٿي جيڪي اختلاف سامهون آيا تنهن بدمزگي کان ڳالهه اڳتي نڪري چڪي آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ان جا اثر پوڻ شروع ٿيندا. جن شين کي طريقيڪار جو نالو ڏنو ويو آهي ان جي پويان موجود حقيقتون ۽ حڪمت عمليون به سامهون اينديون، مون کي هڪ دوست جو چيل جملو ياد اچي ٿو جنهن عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ ۽ اپوزيشن طرفان کيس سليڪٽيڊ چوڻ شروع ڪيو ويو هو، هن دوست چيو هو ته معاملو اڳتي وڌڻ ڏيو، حڪومت هلائڻ خود سياسي عمل آهي. ان ڪري عمران خان کڻي واڳ ڌڻين جو ڪيترو به من پسند ماڻهو آهي ۽ هجي، ان کي سياسي ٿيڻو پوندو ۽ سياسي طور عمل ڪرڻو پوندو، خبر ناهي ته وزيراعظم جي هن عمل کي صحيح معنائن ۾ سياسي عمل چئي به سگھجي ٿو؟ جڏهن به ڪنهن سياسي حڪومت سان اهڙي صورتحال ٿيندي ته اها ايئن ئي رد عمل ڏيندي. ته ڏسجي اهڙي رد عمل بعد ڪنهن سان ڇا ٿو ٿئي؟

Pahenji Akhbar Oct 15,2021


Labels:

Sunday, October 10, 2021

سڀني جي فڪر جو وقت

  ٽي هفتا اڳ پنهنجي ڪالم ۾لکيو هوته حڪومت آئين ۽ قانون ۾ اڳ موجود ادارن کي پاسيرو رکي جڙتو ڪميٽين يا نئين سر جوڙيل ڪنهن ڪائونسل يا ڪميشن مان فيصلا ڪرائي وٺندي، انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سندس ساٿ ڏيندا ۽ اهڙي ڪنهن فيصلي جي قانوني حيثيت جي مڃتا لاءِ عدليه ويٺي آهي. نيب  جو قانون چوي ٿو ته ان جي چيئرمين جي مقرري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سان مشاورت سان ڪئي ويندي.  بلڪل ايئن جيئن چيف اليڪشن ڪمشنر يا اعليٰ عدالتن ۾ ججن جي مقرري لاءِ مشاورت ٿيندي آهي. پر جڏهن سمجھيو ويو ته نيب چيئرمين جي مقرري بابت مشاورت حڪومت جي فائدي ۾ نه ويندي ان ڪري ماڳهين نيب جو قانون ئي تبديل ڪيو ويو. جنهن موجب صدر کي اختيار ڏنو ويو ته هو موجوده چيئرمين جي مدي ۾ واڌ ڪري، ان سان گڏو گڏ ڪجھه ٻيون شقون به ان قانون م شامل ڪيون ويون جنهن تحت حڪومتي فيصلن  ۽ موجوده حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن کي نيب يا ٻئي ڪنهن اهڙي پڇا ڳاڇا کان آجو رکي سگھجي.

ڪجھه وزيرن پاران اهي ڳالهيون به مارڪيٽ ۾ ڇڏيون ويون ته وزيراعظم کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سان مشاورت ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي. پر هاڻي پتو پيو ته اهو سڀ ڪجھه مدي جي مهلت وٺڻ لاءِ ٿي رهيو هو. اصل گيم اها هئي جيڪا ڇهين آڪٽوبر تي کيڏي وئي. مطلب ته قانون جيڪڏهن توهان جي مطلب جو ناهي ته اهو تبديل ڪري ڇڏيو. پر ان قانون کي تبديل ڪرڻ جا طريقا به موجود آهن. هن وقت ڪو مارشل لا ڪونهي نه ئي ڪو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر آهي. ملڪ اندر چونڊيل پارليامينٽ موجود آهي، جنهن کي چونڊيو ئي انهي ڪم لاءِ ويو آهي ته اها قانون سازي ڪري ۽ چونڊيل عيوضين سان مشاورت ذريعي فيصلا ڪري پاليسيون جوڙي. در اصل ڪنهن کي وزيراعظم چونڊڻ پارليامينٽ جو ثانوي ڪم آهي. اصل ڪم پاليسين ۽ فيصلن لاءِ مشاورت ڪرڻ آهي. عجيب ڳالهه آهي جو هتي پارليامينٽ کان رڳو ثانوي ڪم ورتو پيو وڃي ، ۽ اولين ڪم کي لتاڙيو پيو وڃي.

2018ع جون چونڊون جهڙيون به هيون، ان جو رڳو ايترو پاسو حڪومت کي منظور آهي، جنهن تحت عمران خان کي وزيراعظم چونڊيو ويو، ڇاباقي سمورا پاسا غلط آهن؟  جيڪڏهن عمران خان وزيراعظم آهي ته انهن ساڳين چونڊيل شهباز شريف کي مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو آهي. جيتري تنقيد شهباز شريف تي ڪري سگھجي ٿي، اوتري عمران خان تي به ڪري سگھجي ٿي. ٻنهي چونڊيل حيثيت هڪ واضح حقيقت آهي جنهن کان وزيراعظم انڪار ڪري رهيو آهي. اهڙو انڪار ڪيترائي سوال اٿاري ٿو.

نيب قانون ۾ ترميمن لاءِ آرڊيننس جو سهارو ڇو ورتو ويو؟

نيب جي چيئرمين جي مدت ختم ٿيڻ واري آهي، اها حڪومت کي ٻئي ڪنهن کان اڳ ۽ وڌيڪ خبر هئي. مهيني کن کان ته ميڊيا ۾ خبرون ۽ تبصرا هلي رهيا آهن. پهرين ڳالهه اها آهي ته حڪومت چيئرمين جي مقرري جي معاملي ۾ پارليامينٽ ۽ خود 2018ع جي چونڊن جي نتيجن کي اورانگھيو آهي. انهن کي لتاڙيو آهي. حڪومت کي لازمي طور تي گھربل مشاورت ڪرڻي هئي. جيستائين نيب قانون ۾ باقي ترميمن جو سوال آهي ته ان لاءِ حڪومت کي پارليامينٽ ڏانهن رجوع ڪرڻ گھربو  هوباقي ترميمن بابت ايڏي تڪڙ جي پويان عالمي سطح تي تازو وائکو ڪيل “پينڊورا ليڪس” لڳن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن ترميمن وسيلي ڏاڍي خوبصورتي سان ڪابينا، پارليامينٽ  يا ڪابينا ڪميٽين وغيره جي فيصلين کي نيب جي دائري يا نيب جي پڇا ڳاڇا کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. اهو ئي تاثر اڀري ٿو ته پينڊروا باڪس  ۾ عمران خان ڪابينا جي ڪجھه ميمبرن يا خود وزيراعظم جي ويجھن ڪن ماڻهن جا نالا اچڻ بعد ڪنهن اهڙي ڍال جي ضرورت هئي، جيڪا انهن کي پڇاڳاڇا کان بچائي سگھي.

هتي وزيراعظم عمران خان جا ٻٽا معيار پڌرا ٿي پون ٿا. جڏهن پاناما ليڪس جي معاملي تي هو جي آءِ ٽي ٺهرائي ٿو، تحريڪ هلائي ٿو۽ تڏهوڪي وزيراعظم ميان نواز شريف کي سزا ڏياري ٿو. پر هن ڀيري جڏهن پينڊورا ليڪس کلن ٿا ته هو نيب قانون ۾ ترميم آڻي معاملي کي ڪڍي ٿو. ان ڳالهه تي عام ماڻهن ۾ اهو تاثر وڃي رهيو آهي ته عمران خان احتساب دهل ته وڄائي رهيو هو پر ان معاملي ۾ هو آصف زرداري ۽ نواز شريف کان مختلف ڪونهي. نيب قانون ۾ ترميم در اصل عمران خان کي باقي ليڊرن سان گڏ بيهاري ڇڏيو آهي. جڏهن ته مهانگائي، معيشت ۾ سڌارو نه اچڻ وارا معاملا عمران خان کي مائنس مارڪون ڏين ٿا. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم ۽ ايوانن کان ٻاهر مخالف ڌر جي وڏي بڻجي ويل ليڊر مريم نواز اربعا ڏينهن گاديءَ واري شهر ۾ وڏي شعله بياني واري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نيب جو ترميم ٿيل قانون جڏهن عدالتن ۾ چئلينج ٿيندو ته عدالتون ان کي ٿڏي ڇڏينديون.

پيپلزپارٽي طرفان نيب قانون تي چٽو ۽ ايتري سخت مخالفت وارو موقف اڃان ناهي آيو. ڇهين آڪٽوبر  اسلام آباد ۾ ان  ڪري به اهم آهي جو ان ڏينهن ئي نه رڳو نيب قانون ۾ ترميمون ڪيون ويون ۽ انهن ذريعي صدر کي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جوا ختيار ڏنو ويو، پر ساڳئي وقت تي پاڪ فوج ۾ جرنيلن جون بدليون ۽ مقرريون به ٿيون، جنهن ۾ سڀ کان اهم مقرري جنرل فيض حميد جي آهي. جنهن کي ملڪ جي مکيه انٽيليجنس اداري آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جي عهدي تان بدلي ڪري ڪور ڪمانڊر پشاور ڪيو ويو آهي. ڊان اخبار ۽ ٻي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان بعد جنرل فيض حميد ايندڙ سال آرمي چيف جي عهدي لاءِ مقرري جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو آهي.

سرڪاري اداري ۾ عملدارن جي بدلين وانگر موجوده مقرريون معمول جون آهن پر ڪنهن اهم اداري ۾ ڪنهن جي به مقرري اهميت واري ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن ايندڙ وقت جو حساب رکجي ته معاملو ڪجھه هن ريت بيهي ٿو. موجوده اسيمبليون آگسٽ 2023ع ۾ پنهنجو مدو پورو ڪنديون ۽ آگسٽ ۾ ئي نگران حڪومت ايندي. ان حساب سان آڪٽوبر 2023ع ۾ چونڊون ٿينديون. پر ان کان اڳ ڪجھه اهم ادارن جا عهدا خالي ٿيندا ۽ نوان عهديدار ايندا. نومبر 22 ۾ نئون آرمي چيف مقرر ٿيندو. جنهن لاءِ طريقيڪار موجب بچاءُ وارو وزير  چار جنرلن جا نالا تجويز ڪندو جنهن م جنرل فيض حميد جو خاص طور نالو کنيو پيو وڃي. انهي ساڳئي عرصي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي مقرري ٿيڻي آهي. نتيجي ۾ هڪ نئون ماحول جڙندو. جنهن ۾ نون عهديدارن جون هڪ ئي سال ۽ پنهنجي پنهنجي اداري جي ساٿين سان نيون ايڪيوئيشنس ٺهنديون. ان حساب سان ايندڙ ڏيڍ سال جو عرصو حڪومت توڙي سياسي حالتن جي حوالي سان اهم آهي.

مريم نواز جي جنهن پريس ڪانفرنس جو مٿي ذڪر ڪيو آهي، سندس ميڊيا سان ٽاڪ ان ڪري به اهم آهي جو مريم نواز ملڪ جي اهم اداري ۾ مقررين بابت ڪجهه تحفظات ڏاڍي شعله بياني سان ظاهر ڪيا آهن. ميڊيا ٽاڪ کان اڳ هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن به داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽ ڪيس ۾ کيس ڪنهن قانوني جائز بنياد تي ملوث نه ڪيو ويو هو. بلڪه ان جي پويان ڪي ٻيا سبب هئا. جنهن ۾ کيس ۽ ملڪ جي اهم ادارن کي گھليو ويو. سندس هن پٽيشن تي رجسٽرار اعتراض واريا. پر جج انهن اعتراضن کي پاسيرو رکي اها درخواست ورتي. هاڻي ٻن ججن تي ٻڌل هاءِ ڪورٽ جي بينچ فيصلو ڪندي ته اها  درخواست ٻڌڻي جوڳي آهي يا نه. مريم نواز هن پٽيشن ۾ ڪجھه ججن، سپريم ڪورٽ جي ٻن چيف جسٽسز ۽ اهم اداري جي هڪ اهم عهديدار جا نالا پڻ کنيا آهن. اهي نالا نه رڳو پٽيشن ۾ آهن بلڪه ميڊيا ٽاڪ ۾ به کنيا. ملڪي ميڊيا جي ڪجھه وڏن اهم ادارن اهي نالا شايع ڪيا. اها به اهم ڳالهه آهي ته مريم نواز جي ميڊيا ٽاڪ اٽڪل 20_25 منٽ مکيه ٽي وي چينلز تي لائيو هلندي رهي. شهباز شريف تڏهن بيماري سبب آرام ۾ آهي. مريم نواز ميدان ۾ آهي. ان ايڏو سخت موقف رکيو آهي، هن ڪي ڏکيا سوال اٿاريا آهن، جن کي گھرو معاملن واري وزير شيخ رشيد رياستي ادارن جي خلاف قرار ڏنو آهي.

مريم نواز جي فيصلي کي سياسي تجزيه نگار مسلم ليگ (ن)  طرفان سخت محاذ آرائي سڏي رهيا  آهن. اهو پنجاب ۾ بنياد رکندڙ مخالف ڌر جي هن اهم جماعت لاءِ “ميڪ ۽ بريڪ”  يعني “مسئلو حل ٿي وڃي يا ماڳهين ٽوڙجي وڃي” قرار ڏئي رهيا آهن. ملڪي سياست هڪ اهم مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي جنهن ۾ لابين، گروپن، عدالتي معاملن ۽ ڪيسن جي اهميت وڌي ويندي. عوام جي شرڪت ڪيتري هوندي، ان کي راءِ ۽ فيصلي جو موقعو ڪيترو ملندو؟ ان جو امڪان گھٽ ٿو لڳي. اهو ضرور آهي ته سڀني جي فڪر جي گھڙي اچي رهي آهي. اهي حڪومت ۾ ويٺل هجن يا مخالف ڌر ۾،  يا وري ڪنهن اهم اداري ۾ ويٺل هجن .

October 8, 2021 

Pahenji Akhbar

  • TAGS