Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, February 28, 2020

مادري ٻولين جي ترقيءَ جا رهجي ويل سوال!


مادري ٻولين جي ترقيءَ جا رهجي ويل سوال!




اسلام آباد جي سرگرمين کي سنجيدگيءَ سان ورتو ويندو آهي. هونئن ڪراچي ۾ ڊسمبر کان مارچ تائين ادبي ميلن جي موسم آهي، جيڪا گذريل ڏهاڪو کن سالن کان هلندي اچي اُتي ڪڏهن ڪڏهن نون ۽ چڀندڙ موضوعن تي ڳالهيون ٿينديون آهن. پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميلن ۾ ڳالهين کي اقتدار جي ڌڻين وٽ لفٽ گهٽ هوندي آهي.

 گذريل هفتي اسلام آباد ۾ انڊس ڪلچرل فورم جي بينر هيٺ ڪوٺايل پاڪستان جي مادري ٻولين جي ادبي ميلي رنگ ڏيکاريو جو آخري ڏينهن تي وفاقي وزير شفقت محمود اچي اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت مادري ٻولين جي لاءِ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي رهي آهي.
 ان اعلان سان پياري نياز نديم ۽ سندس فورم جي ٽيم جي ڄڻ محنت صاب پئي، جنهن ميلي ۾ پاڪستان جي 12 ٻولين جا ليکڪ ۽ ساڃهه وند گڏ ڪيا هئا، جڏهن ته ملڪ ۾ 72 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جن جي بچاءُ ۽ ترقي ڏيارڻ جو سوال آهي. 

حيدرآباد ۾ صحافتي سفر جي شروعات ڪندڙ نياز نديم ريڊيو جي دنيا کان ٿيندو آگاهي ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ ايڊووڪسي جي فورمن تائين وڃي پهتو. هو پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي هاڻوڪي ڊائريڪٽر فوزيه سعيد سان گڏ گذريل پنجن سالن کان مادري ٻولين جو ادبي ميلو ڪوٺائيندو رهيو آهي.

هن ڀيري واري ميلي ۾ مکيه ٻولين سنڌي، بلوچي، پشتو، سرائيڪي، اردو جي مختلف پهلوئن ۽ مسئلن بابت ته ڳالهايو ويو ۽ انهن جي نمائنده ماڻهن هر سيشن ۾ ڳالهايو پر ساڳئي وقت هندڪو، شينا، هزارگي ۽ ڍاٽڪي ٻولين بابت به سيشن ٿيا. سڀ کان وڌيڪ سرگرم سنڌي، سرائيڪي، بلوچ هئا. سيشن توڙي ان کان ٻاهر واري ماحول مان به لڳو پئي ته يا انهن جي شموليت وڌيڪ آهي يا وري اهي پنهنجي موجودگي جو اظهار ڪري رهيا هئا. 
گڏيل قومن جو ادارو يونيسيف هر سال رپورٽ جاري ڪندو آهي ته دنيا ۾ ڪئين مختلف ٻوليون ختم ٿي رهيون آهن. ان رپورٽ موجب ڄڻ روز هڪ ٻولي ختم ٿي رهي آهي. ان ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ سان ان ٻولي جي ڳالهائيندڙ جي اظهار جا طريقا، اهڃاڻ توڙي ثقافت ۽ سڃاڻپ ختم ٿي رهي آهي. هر ٻولي ۾ ڏک، پيار، ڪاوڙ يا ٻئي ڪنهن جذبي يا ڪيفيت جا اظهار الڳ الڳ هوندا آهن ۽ انهن جي پنهنجي شدت ۽ گهرائي هوندي آهي. ڪنهن ڏاهي چواڻي ته ڪنهن ٻولي ۾ بيان ڪيل جذبي يا ڪيفيت کي ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ساڳي معنيٰ ۽ شدت سان ترجمو نٿو ڪري سگهجي.

پاڪستان ۾ ٻولي جو سوال ڄڻ پهرين ڏينهن کان تڪراري بڻجي ويو، جڏهن ملڪ جي ٻِن ٻولين خاص ڪري بنگالي ۽ سنڌي کي پاسيرو رکي اردو کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌي جو حق ته پنهنجي جاءِ تي پر بنگالي ڳالهائيندڙ جيڪي تڏهوڪي پاڪستان جي اڪثريت هئا تن کي نظرانداز ڪري چار پنج سيڪڙو ڳالهائيندڙن جي ٻولي کي قومي ٻولي ڄاڻايو ويو. ايئن ٻولي جو سوال سياسي سوال بڻجي ويو. بنگالين تڏهوڪي پاڪستان جي حڪمرانن جي ان پاليسي جي مخالفت ڪئي. ايئن ٻولي جي بچاءُ لاءِ 21 فيبروري 1952ع تي بنگالي نوجوان شهيد ٿيا. ٻولي لاءِ شهيد ٿيندڙ اهي پهريان ماڻهو هئا.

مادري ٻولي ڪيتري اهم آهي ان لاءِ ٻين ادارن ۽ ماهرن کي ته ڇڏيو خود گڏيل قومن جي اداري جو چوڻ آهي ته ٻار کي پرائمري تعليم پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڏيڻ ان جو حق آهي. گڏيل قومن جي اداري يونيسيف مادري ٻولين لاءِ بنگالين جي شهادت کي يادگار بڻائيندي ان ڏينهن کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو. عالمي اداري اها ڳالهه مڃي ورتي، سمجهي ورتي پر اسان جا حڪمران اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن.
ڪجهه وقت اڳ خبر آئي ته وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ يڪسان نصاب جوڙڻ ٿي گهري. يعني جن مادري ٻولين ۾ تعليم ڏني پئي وڃي انهن آڏو بند ٻڌو وڃي.
اول ته ارڙهين ترميم کان پوءِ تعليم واري معاملي ۾ وفاق جو ڪجهه اچي نه وڃي، اهو مڪمل طور صوبائي اختيار آهي ته وفاق بجاءِ ان جي ته سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو جيڪي هن وقت رسم الخط رکن ٿيون انهن کي ترقي ڏياري انهن ٻولين کي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين نصاب ٺاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪري، ان جي بدران اها سهي جون ٽي ٽنگون ڪيو بيٺي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ گذريل پنجاهه کن سالن کان اهو عمل جاري آهي ته جن ٻولين کي پنهنجي الفابيٽ ناهي انهن جي الفابيت جوڙي وئي آهي ۽ اتي ٻارن کي انهي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏني پئي وڃي. جن ٻولين جي الفابيٽ اڳ موجود هئي تن کي سائنس توڙي ٻين سماجي علمن ۾ ترقي ڏياري ايترو اڳتي آندو ويو آهي جو اهي يونيورسٽي جي تعليم وٺڻ لاءِ ڪنهن ڌاري ٻولين جون محتاج ناهن.
ميلي ۾ مختلف ماهرن ۽ مفڪرن جي ڳالهين مان ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون معلوم ٿيون. آءِ اي رحمان ٻڌايو ته ريسرچ موجب عربي دنيا جي ننڍي عمر واري ٻولي آهي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ جيڪو پاڻ به ليکڪ آهي ۽ ڪانفرنس ۾ هن بلوچي ڪهاڻي به پڙهي، تنهن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ مادري زبانن بلوچي، سنڌي، براهوي، سرائيڪي ۽ پشتو جي ترقي لاءِ مادري زبانن کي ترقي ڏيارڻ جو ادارو ٺاهيو ويو آهي. هن پنهنجي دور ۾ ان اداري جي گرانٽ ۾ ڏهوڻ کان وڌيڪ اضافو ڪيو. اسڪولن ۾ ڪورس جا ڪتاب انهن ٻولين ۾ ڇپايا، پر تازو صوبائي حڪومت هڪ فرمان ذريعي اهي مادري ٻولين وارا ڪتاب واپس گهرائي ورتا آهن ۽ نوان ايڊيشن شايع نه ڪري رهي آهي.
اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ ٻڌايو ته پشتو کي ترقي ڏيارڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪو ڪم نه ٿي رهيو آهي.
ميلي ۾ هڪڙو سيشن سياسي به هو، جنهن ۾ دعوت جي باوجود تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز ۽ نواز ليگ جي پرويز رشيد شرڪت نه ڪئي. ايئن ڄڻ هن سيشن ۾ پنجاب جو ڪو نمائندو نه آيو. خير هونئن ته پوري ميلي ۾ ۽ مختلف سيشن ۾ پنجاب
گهٽ نظر آيو. لڳو پئي ته ان معاملي تي پنجاب ڪو پرجوش ۽ سرگرم ناهي.

حالانڪه هاڻي لاهور ۾ پنجابي زبان لاءِ ڪجهه مظاهرا ٿي رهيا آهن پر اهي اڃان
هيٺئين سطح جا لڳن ٿا. مون جڏهن پراڻي مارڪسي سنگتي کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته “پنجاب جو بورجوازي اڃان سمجهي ٿو ته پنجابي ٻولي کي ترقي ڏيارڻ مان کيس ڪو فائدو ناهي. بس گهرن ۾ ڳالهائي ٿا وٺون يا پاڻ ۾ ڳالهايون ٿا اهو ڪافي آهي.”
پيپلزپارٽي جي سسئي پليجو، افراسياب خٽڪ، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سينيٽ ۾ ٻولين بابت پيش ٿيل بل جي ڪهاڻي ٻڌائي ته ڪيئن هرو ڀرو ڪجهه پارٽين ۽ ڌرين کي اجايا خدشا آهن.
سينيٽ جي ڪاميٽي مکيه ٻولين لاءِ بل منظور ڪري ورتو آهي. هاڻي حڪومتي ڌر تي آهي ته اها اهو بل سينيٽ توڙي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائي. سنڌ، بلوچ، پختونخواهه جي انهن نمائندن جو چوڻ هو ته في الحال چئن پنجن ٻولين لاءِ قانون اچي ٿو وڃي ته پوءِ باقي ٻولين لاءِ خوبخود رستو کلي ويندو.
ميلي ۾ ڪيترائي فڪري، سماجي، ادبي توڙي سياسي لاڙا ۽ انهن جا مختلف پهلو، مختلف علائقن ۾ ٿيل تجربن جو نچوڙ سامهون آيو، جيڪو هڪ مضمون ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. بهرحال اهم ڳالهه اها ٿي سگهي ٿي ته سڄي ميلي ۾ سينيٽ ڪاميٽي جي بل تي پئي زور ڏنو ويو، پر سرڪاري ڌر مان آيل وزير شفقت محمود اهو ڌڪ گسائي اعلان ڪري ويو ته مادري ٻولين لاءِ ڪانفرنس ٿا ڪوٺايون،يعني قانون سازي يا اداراتي عمل کان پاسو ٿا ڪريون.

Labels: ,

Friday, February 07, 2020

نئين پارٽي ڪنهن جو متبادل بڻبي؟


نئين پارٽي ڪنهن جو متبادل بڻبي؟


سوشل ميڊيا تي چوٻول آهي ته سنڌ جا رٽائرڊ ٿيل بيوروڪريٽ ۽ پرڏيهه ۽ ڏيهه مان ڪمائي ڪري ايندڙ ڪجهه دوست نئين پارٽي جوڙي رهيا آهن. تاثر ڏنو پيو وڃي ته اها پارٽي سنڌ سطح تي هوندي ۽ اقتداري سياست ڪندي. اڳوڻي سفارتڪار علي مردان راهوجو جي سربراهي ۾ پنجاهه ماڻهن تي ٻڌل پارٽيءَ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جا نالا به سامهون آيا آهن، جن ۾ وڏي اڪثريت ريٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جي آهي، پر ڪوبه ڄاتل سڃاتل سياسي ڪارڪن يا ماضي توڙي ويجهي ماضي ۾ سياسي تحريڪن سان ڳنڍيل نالو ناهي. علي مردان راهوجو گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ويزن جي نالي سان هڪ سماجي گروپ هلائي رهيو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٿر ۾ مقامي ماڻهن جي ڪوئلي واري ڪمپني خلاف ٿيندڙ تحريڪ تي پاڻي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهي ماڻهو پنهنجي زمين توڙي ماحوليات جي بچاءُ ۽ نئين ٿيندڙ ترقي ۾ پنهنجو حصو گهري رهيا هئا، سندن اهو مطالبو هو ته زمين ڪمپني جي نالي خريد ڪرڻ بدران ليز تي ورتي وڃي.
نئين پارٽي جو فيس بڪ تي پيج ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي پارٽي پنهنجو ڪيڊر ۽ ميمبر ڳولي رهي آهي. خبرن موجب ايندڙ هفتي ڪراچيءَ ۾ پارٽي جي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي جو نالو، منشور وغيره طئه ڪيو ويندو. مختلف دوستن وٽان پڇا ڳاڇا بعد پتو پيو ته نئين پارٽي جوڙيندڙن سوشل ميڊيا کان سواءِ ڪنهن به سرگرم ماڻهو سان نه رابطو ڪيو آهي ۽ نه وري مشاورت. بهرحال پارٽي ٺاهڻ ۽ ان لاءِ ڪو خاص طريقو اختيار ڪرڻ هر ماڻهو جو جمهوري حق آهي، ان تي ڪو اعتراض ڪري به نٿو سگهجي، پر ڇاڪاڻ جو پارٽي ۽ سياست public sphere آهي، ان ڪري ان تي بحث توڙي اعتراض ڪري سگهجي ٿو، راءِ ڏئي سگهجي ٿي.
هن وقت تائين سنڌ جي ڪجهه ساڃهه وندن جي راءِ سوشل ميڊيا جي ذريعي سامهون آئي آهي جنهن ۾ انهن ڪيترائي بنيادي نوعيت جا سوال اٿاريا آهن. تجزيه نگار ۽ دانشور جامي چانڊيي موجب، “سنڌ ۾ هاڻي وچولو طبقو وڌيڪ اسريو آهي، هو پنهنجو قومي ۽ طبقاتي ڪردار ادا ڪرڻ جي يقينن ڪوشش ڪندو. تاريخي ۽ طبقاتي طور وچولو طبقو قومي ۽ جمهوري سوال ڏي مائل هوندو آهي، تنهن ڪري انهن دوستن کي موقعو ڏيڻ گهرجي. مون کي انهن جي ٽيم جوڙڻ وارو طريقو غير سياسي لڳي ٿو!” جامي چانڊيو جيڪو پاڻ پراڻو سياسي سرگرم ڪارڪن رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ سياسي اٿل پٿل تي سندس گهري نظر به آهي، سندس خيال ۾ پارٽين جو ڪيڊر هم خيال يا فڪر جي هڪجهڙائي رکندڙن مان هڪ پراسيس جي ذريعي تيار ٿيندو آهي، جنهن کي سوشل ميڊيا جي ذريعي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان بنيادي فطري تنظيمي ڍانچو درست نه بيهي سگهندو.
دوستن جي اوليت مقداري سگهه ڏي وڌيڪ آهي، جڏهن ته شروعاتي طور مقداري سگهه کان معياري سگهه وڌيڪ اهم هوندي آهي، پارٽين جي تنظيمي سگهه معياري کان عواميت يا عددي سگهه ڏي ويندي آهي. وچولي طبقي جو اصل امتحان ئي اهو هوندو آهي ته هو ڪيئن وڏيرڪي ۽ سرمائيدار طبقي تي وار ڪري ٿو ۽ ان جي ساٿاري رياستي سگهه جي ڪيتري حد تائين مزاحمت ڪري ٿو، مظلوم طبقن سان ڪيتري قدر ڳنڍجي ٿو، ان جو اظهار سياسي ڪردار ۽ تنظيمي ڍانچي مان ٿيندو.
نصير ميمڻ پارٽي جو حامي آهي، اهو چوي ٿو ته “نئين پارٽي کي ان بنياد تي رد نه ڪرڻ گهرجي ته ان ۾ اڪثريت ريٽائرڊ ڪامورن جي آهي، کين موقعو ڏيڻ گهرجي، ڀل ماڻهو سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي قبول يا رد ڪن.” دانشور ۽ خاص ڪري عورتن جي حقن جي ويڙهاڪ امر سنڌو جو چوڻ آهي ته “سنڌ کي سوشل ميڊيائي سياست جي ضرورت ناهي، اهي اڳ ئي جام آهن، ٿر جي ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ ٽياڪڙي ڪري انهن ثابت ڪيو آهي ته اهي عوام دوست نه پر اقتداري ڌرين جا ڳيجهو آهن.”
“موقعو ڏيڻ” واري ڳالهه کي ڪيترن ئي دوستن سوشل ميڊيا تي رد ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته رٽائرڊ بيوروڪريٽن جي ڪارڪردگي ثابت ٿيل آهي، انهن پنهنجا چڱا ڏينهن عوام جي خدمت جي بدران ڪرپشن ڪندي گذاريا، انهن مان چڱائي جي اميد نٿي رکي سگهي. سٺي حڪمراني ۽ صاف سٿري حڪومت جا خواب وڪڻندڙ پنهنجي سرڪاري نوڪري جي ڏينهن ۾ صاف سٿري حڪمراني ۽ عوام جي خدمت نه ڪري سگهيا، پاڻ ڪرپشن ڪندا رهيا ۽ ڪرپشن ڪندڙن جا آله ڪار بڻيل رهيا. بحثن ۾ اها به ڳالهه چئي پئي وڃي ته اڃان تائين نون بانيڪارن مان ڪنهن به عوام آڏو پنهنجو “اعتراف نامو” پيش نه ڪيو آهي.
هڪ دوست مختيار ملڪ راءِ ڏي ٿو ته، “اليڪشني سياست ۽ پريشر گروپ ۾ فرق هوندو آهي، اليڪشني سياست ۾ اليڪشني گُر گهربل هوندا آهن.” هڪ ٻئي دوست پرويز ابڙي نئين پارٽي ٺاهيندڙن کي ان فروٽ وڪڻندڙ سان ڀيٽيو آهي، جيڪو سڄو ڏينهن نفعي سان فروٽ وڪڻي ٿو، ايئن پنهنجو مور ۽ نفعو ڪڍي وٺي ٿو. سج لهڻ مهل بچيل فروٽ ڪڍڻ لاءِ چوي ٿو “هو گئي شام گر گئي دام.” هو فروٽ نه ڪڍندو ته سڀاڻي خراب ٿي ويندو. پرويز ابڙو جو خيال آهي ته ڳريل ۽ سڙيل فروٽ تازي فروٽ جو بدل نٿو ٿي سگهي، جيڪو نوجوانن کي آڇيو پيو وڃي. هن دوست ڪنهن اهڙي متبادل جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪو نوجوانن کي پاڻ ڏي ڇڪي سگهي يا انهن کي مطمئن ڪري سگهي. ساڳي طرح سومار کوسي اهم نقطن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. هو چوي ٿو ته هن موقعي تي ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڳولڻ ضروري آهي، مثلاَ نئين پارٽي ٺاهڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي آهي، سنڌ جون پراڻيون پارٽيون جيڪڏهن ناڪام ويون آهن ته انهن جا ڪارڻ ڪهڙا آهن، ڇا هن پارٽي ۾ ڄاتل سڃاتل ڪرپٽ ريٽائرڊ ڪامورا نه هوندا؟ وغيره.
اهو به چيو پيو وڃي ته ڪوشش جي باوجود سياسي ڪارڪن ڪا پارٽي جوڙي نه سگهيا. يوسف لغاري، ابرار قاضي ۽ ڪجهه ٻين دوستن ڪوشش ڪئي پر معاملو اڳتي وڌي نه سگهيو. خالق جوڻيجو، بخشل ٿلهو يا وشنو مل هيٺئين طبقي جا نمائنده سمجهيا وڃن ٿا پر اهي دوست به سموري خلوص ۽ محنت جي باوجود ماڻهن کي موبلائيز نه ڪري سگهيا. ايئن ڪيترائي رايا سامهون اچي رهيا آهن. ڀرڳڙي ڪٽنب جو فرد حميد ڀرڳڙي جيڪو هاڻي اسلام آباد وسائي ويٺو آهي، تنهن جو خيال آهي ته اڄ جي دور ۾ جڏهن جاگيردار به پيپلزپارٽي جي صورت ۾ منظم شڪل ۾ موجود آهن، تڏهن فيس بڪ جي جماعت جنهن جون عوام ۾ پاڙون نه هجن، سا اهڙي جماعت (پيپلزپارٽي) کي مشڪل آهي جو نقصان پهچائي سگهي. هڪ ٻئي دوست ظفرالله بهليم جو تبصرو ماڳهين ڏکيو آهي. هو چوي ٿو ته بند ڪمرن ۾ عوامي سياسي جماعت نه پر ڪارپوريٽ ڪمپنيون ٺهنديون آهن. عوامي صلاح مشوري بنا پارٽي ته ٺاهي سگهجي ٿي پر اهڙي جماعت عوامي ۽ جمهوري نه هوندي.
جامي چانڊيي، امر سنڌو، حميد ڀرڳڙي سومار کوسي ۽ ظفرالله بهليم اهم نقطا اٿاريا آهن. نئين پارٽي آخر ڪنهن جو متبادل ٿيندي؟ ڇا اها پيپلزپارٽي جو متبادل هوندي يا قومپرستن جو؟ پيپلزپارٽي کان گرائونڊ کسڻ ايڏو سولو به ناهي. ماضي ۾ ڪوثر نيازي، ممتاز ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي کان وٺي وڏيون ڪوششون ٿينديون رهيون. ان بعد مختلف اتحادن ذريعي ڪوششون ٿيون. انهن ڪوششن پويان سگهارا هٿ به هيا. قوم پرست پارٽيون ۽ گروپ پنهنجي پاڻ کي اپ ڊيٽ نه ڪرڻ ۽ جديد سنڌي قوم پرستي کي سمجهي نه سگهڻ، واڌو ارڙهين آئيني ترميم بعد پنهنجون حڪمت عمليون تبديل نه ڪري سگهيا. نئين پارٽي لاءِ وسيلا به گهرجن، ڪا اڀريل شخصيت واري ليڊر شپ ۽ سگهارو نظريو به کپي. ان کانپوءِ وڏو سوال اهو بيهندو ته پارٽي کي اقتدار ڌڻي مڃتا ڏين ٿا يا نه؟ جيڪڏهن ڏين ٿا ته ڪهڙن شرطن تي؟ اهو ڪو آسان ڪم ناهي. بلوسچتان ۽ خيبرپختونخواه انهي بحران مان گذري چڪا آهن. آخري ڳالهه سياست تحمل (Patience) جي راند آهي، ان لاءِ وقت گهربل هوندو آهي. وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي.
New party in Sindh, 2020
https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%d9%86%d8%a6%d9%8a%d9%86-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%da%aa%d9%86%d9%87%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d9%85%d8%aa%d8%a8%d8%a7%d8%af%d9%84-%d8%a8%da%bb%d8%a8%d9%8a%d8%9f/

Labels: ,

Saturday, February 01, 2020

وفاق، سنڌ سان عمل جوڳي فارمولا تي اچي!


وفاق، سنڌ سان عمل جوڳي فارمولا تي اچي!


وزيراعظم عمران خان سان آءِ جي سنڌ پوليس ڪليم امام جي ملاقات تي سنڌ جي حلقن ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ته آخر هڪ پوليس آفيسر جي ڪري چونڊيل حڪومت ۽ سڄي صوبي کي ڇو پاسيرو رکيو ويو آهي. وڏي ڳالهه ته بعد ۾ ميڊيا تي آءِ جي ڪليم امام سان منسوب اهي خبرون به آيون ته، “مون کي هٽائڻ ايڏو سولو ڪم ناهي.” ماضيءَ ۾ اي ڊي خواجا جي مامري ۾ به سنڌ حڪومت اعتراض ڪيو هو. ان وقت سنڌ جي عوام جي راءِ سنڌ حڪومت جي مخالفت ۽ اي ڊي خواجا جي حق ۾ هئي. هن ڀيري ان جي ابتڙ راءِ آئي . ٻه هفتا کن اڳ بلاول ڀٽو زرداري جڏهن چيو هو ته سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني جيان هلايو پيو وڃي، تڏهن نه صرف سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين بلڪه قوم پرست حلقن به بلاول جي ان بيانئي جي حمايت ڪئي.
قومپرستن جيتوڻيڪ ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال جي تعمير ۽ ان کان اڳ اين ايف سي ايوارڊ تي پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو هو پر اهو لڳ ڀڳ پندرنهن کن سال اڳ جو معاملو هو. ان بعد قومپرست، جيڪا به سندن سگهه هئي، پيپلزپارٽي ۾ مخالفت وارو ئي موقف رکندا آيا. سنڌ جا ماڻهو اهڙو اظهار تڏهن ڏيندا آهن، جڏهن اهي فيصلي سازي يا پاليسين تي عمل ڪرڻ ۾ پاڻ کي ٻاهر سمجهندا آهن. جنرل ضياءُالحق خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور شرڪت جي پويان به اهو ئي سبب هو. ان جو مطلب اهو بيٺو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مختلف فيصلن ۽ پاليسين ۾ نه رڳو سنڌ کي شامل نه ڪري رهي آهي بلڪه اهي سنڌ جي مفادن جي حق ۾ نه ٺهي رهيون آهن.
سنڌ کان ٻاهر ان تي بحث ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي اهڙي ناراضگي وفاق جي لڳاتار سياسي، معاشي پاليسين / فيصلن جي ڪري آهي يا وري ڪجهه سياستدانن جي چالاڪي آهي جيڪي اقتدار ۽ پنهنجي غلبي رکڻ لاءِ وفاق سان اٽڪي رهيا آهن.
جيڪڏهن ماضيءَ جي واقعن کي ڏسجي ته پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ آئين نه ٺهي سگهيو. قومي زبان جو معاملو انصاف ڀرئي نموني نه نبيريو ويو. اڪثريت رکندڙ صوبي کي اقتدار مان ٻاهر ڪڍي بنگال جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حيثيت کي نه قبول ڪيو ويو. ون يونٽ ٺاهي ڪوڙي برابري جي نمائندگي جي نالي تي بنگالين جي اڪثريت کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. جڏهن ته اولهه پاڪستان ۾ صوبن جي حيثيت ختم ڪري انهن صوبن جي سياست ۽ وسيلن تي ڪنٽرول ڪيو ويو. مطلب ته حڪمرانن زميني حقيقتن ۽ ثقافتي گهڻ رنگي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. سنڌ کان ان جي گادي وارو شهر ڪراچي ۽ بندرگاهه کسي وفاقي حڪومت حوالي ڪيو ويو، جتي ورهاڱي وقت آيلن جي ڪري آبادي جي تناسب ۾ اڳي ئي تبديلي رونما ٿي چڪي هئي. اهو سڀ ڪجهه صوبائي خودمختياري تي وار ۽ صوبن کي ختم ڪرڻ هو. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ انتظام سنڀالڻ لاءِ جيڪا راند کيڏي وئي، ان جا نشان تاريخ ۾ حڪومتن جي تبديلين، سياستدانن کي نااهل قرار ڏيڻ جي واقعن جي صورت ۾ موجود آهن. ايوب دور ۾ اهي پاليسيون هلنديون رهيون، ان ته ماڳهين سنڌ اندر سنڌي پڙهائڻ تي بندش وڌي.
ذوالفقار علي ڀٽو آيو ته هن نئون فارمولا ڏنو، جنهن تحت پنجاب کي ڪجهه رعايتون ڏيڻ جي عيوض سنڌ جا ڪجهه مطالبا مڃي، سنڌ جي ڪاوڙ تي پاڻي جو ڇنڊو هنيو ويو. 73ع جو آئين ملڪ جو پهريون مڪينزم آهي جنهن ۾ صوبن جا ٿورا ئي سهي پر حق مڃيا ويا ۽ اهو واعدو ڪيو ويو ته پنجن سالن کانپوءِ صوبائي خودمختياري وڌائڻ لاءِ ڪجهه ڪيو ويندو. ان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪاريگري پنهنجي جاءِ تي، پر ان کان وڌيڪ بنگال جي آزادي جو تازو ٿيل واقعو وڏو ۽ اصل سبب هو. آئين ۾ صوبائي حقن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل قائم آهي. آئين موجب ان جا ٽماهي اجلاس ٿيڻا آهن پر ڪنهن به دور ۾ آئين جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ به، اهي اجلاس وقت سر نه ٿي سگهيا آهن. ايئن صوبن جو ايجنڊا سالن جا سال بنا نبيرڻ جي ڦاٿل ئي رهيو آهي. جيڪڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڪو فيصلو ڪيو به ته ان تي عمل نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو وفاقي بيوروڪريسي ۽ ڌُر ڌڻين جي گرفت مضبوط رهي. پاڻيءَ جو ٺاهه سنڌ ۾ ڄام صادق علي جي غير مقبول حڪومت جي دور ۾ ٿيو، جنهن کي سنڌ جي عام راءِ جي پٺڀرائي حاصل نه هئي. پوءِ ٿيو ايئن جو ان انڌي منڊي ٺاهه تي به عمل نه ڪيو ويو. حڪومت پيپلزپارٽي جي هجي، يا نواز شريف جي، مشرف دور هجي يا عمران خان وزيراعظم هجي، ارسا منصفاڻي فيصلي بدران پنجاب جي حق ۾ فيصلو ڏيندي رهي. مختلف موقعن تي قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ کي وفاقي نوڪرين ۾ به جائز حصو نه مليو. ساڳي صورتحال وفاقي ترقياتي ڪمن جي رهي، جنهن جو پتو هر سال ٿيندڙ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ سان لڳائي سگهجي ٿو. اها صورتحال رڳو سنڌ سان نه هئي، بلوچستان سان به ايئن آهي، پختونخوا ڏانهن رويو ستر واري ڏهاڪي جي پڇاڙي وارن سالن ۾ تبديل ٿيو، جڏهن اهم وفاقي ادارن ۾ هي صوبو ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. ان جي نتيجي ۾ هن صوبي جي قومپرستن (ولي خان سميت) جي سياست ئي تبديل ٿي وئي.
سنڌ مان ان جو اظهار ان ڪري ٿئي پيو جو سنڌ کي هڪ سياسي سڃاڻپ حاصل آهي. بلوچستان کي ڪنهن مقبول پارٽي نه هجڻ سبب اها سڃاڻپ ۽ حيثيت نه ملي رهي آهي، ان ڪري ان سان لڳ ڀڳ فاٽا جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي سياسي سڃاڻپ طور اڀري آيل پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتن ۾ ڪجهه ڪوششون ڪيون، ڪي ڪوششون ناڪام ٿيون، ڪن تي مفاهمت ٿي، ڪو ذرو پرزو ملي سگهيو.
جيتوڻيڪ نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ ننڍن صوبن لاءِ ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي سگهي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اها صورتحال اڃان وڌيڪ پيچيده ۽ خراب ٿي وئي آهي. سنڌ اقتداري ايوانن ۽ فيصلي سازي مان ٻاهر آهي. تحريڪ انصاف حڪومت جي احتساب واري عمل تي سنڌ ۽ صوبائي حڪومت کي خدشا آهن. قدرتي وسيلن پاڻي، گئس، ناڻي جي ورهاست، وفاقي کاتن ۽ ادارن ۾ نوڪريون، ترقياتي ڪمن ۾ سنڌ جو حصو سنڌ کي نه ملي رهيو آهي. سنڌ جو ماڻهو ان صورتحال کان آگاهه به آهي، هاڻي ته ماڳهين وفاقي حڪومت جا نمائندا کليل نموني ان جو اظهار به ڪري رهيا آهن. ارڙهين ترميم تي عمل وارو معاملو نواز شريف به وچ ۾ ٽنگيل ڇڏيو. گئس ۽ تيل جو معاملو ان ڪري به حساس آهي جو انهن ٻنهي جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 69 سيڪڙو آهي، جڏهن وڏو حصو ڏيندڙ کي حق نه ملندو ته شڪايتون ته ٿينديون ۽ ان جا اظهار به سامهون ايندا.
سنڌ حڪومت خراب حڪمراني، ڪرپشن، ماڻهن کي بنيادي سهولتون نه ڏيڻ جي الزامن سبب تنقيد جي نشاني تي آهي. سنڌ جو ماڻهو ڀوڳي پيو. ڄڻ وفاق سنڌ پيپلزپارٽي جي کاتي ۾ لکي ڇڏي آهي ۽ پاڻ کي سنڌ کان بري الذمه سمجهي ٿي، حالانڪه وفاقي حڪومت آئيني طور پابند آهي ته اها پنهنجين سمورين وحدتن سان سياسي وابستگين جي فرق بنا ترقي جا موقعا توڙي سهولتون ڏيڻ لاءِ ذميوار آهي.نوي واري ڏهاڪي ۾ نواز شريف جي ٻن حڪومتن دوران وڏيرن جو ڳٺ جوڙ ڪري ڄام صادق علي فارمولا تي عمل ڪيو ويو، پر اهو تجربو به ناڪام ويو.
سنڌ پنهنجي سياسي تجربن مان سکيو آهي ته ڪا به اهڙي پارٽي جنهن ۾ ان کي مناسب ۽ موثر نمائندگي نه هوندي، ان کي حمايت نه ملندي. نواز شريف به سنڌ کي پنهنجو سياسي تڪ نه ٺاهيو، تحريڪ انصاف به ساڳي واٽ تي هلي پئي. اها به وچولي طبقي بدران شهري علائقن ۽ وڏيرن جا ڪلها استعمال ڪرڻ گهري ٿي. اها سنڌ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ سان هو جيڪو رويو رکي ٿي، ان لاءِ جواز ۽ تاثر اهي ٿا ڏنا وڃن ته اهو پيپلزپارٽي سان ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي سان مخالفت جي آڙ ۾ دراصل سنڌ سان ئي جٺ ٿي رهي آهي.
آءِ جي جو معاملو هجي، يا ترقياتي رٿائون ۽ وفاق ۾ نوڪرين جي ڪوٽا، يا وري اين ايف سي ايوارڊ، اهي ته ملڪ جو حصو هجڻ جي ڪري سنڌ جو حق آهن. ان حق کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي. مصيبت اها آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت سنڌ بابت انهن پاليسين کي ادارتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿي. اهڙا تجربا ماضي ۾ به ٿيا آهن پر اهي ناڪام ويا آهن. تحريڪ انصاف کي پيپلزپارٽي يا سنڌ حڪومت کي ڪيتري به ناراضگي هجي، اها ان کي تبديل نٿي ڪري سگهي. سو سمورين ناراضگين جي باوجود کيس سنڌ سان هڪ قابل قبول فارمولا تي اچڻو پوندو، ورنه بحران نه سنڌ جي جان ڇڏيندو نه عمران خان حڪومت جي.
PTI, IG Sindh police , 2020, AD Khwaja, Sindh confrontation

Labels: , , , ,