Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, February 01, 2020

وفاق، سنڌ سان عمل جوڳي فارمولا تي اچي!


وفاق، سنڌ سان عمل جوڳي فارمولا تي اچي!


وزيراعظم عمران خان سان آءِ جي سنڌ پوليس ڪليم امام جي ملاقات تي سنڌ جي حلقن ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ته آخر هڪ پوليس آفيسر جي ڪري چونڊيل حڪومت ۽ سڄي صوبي کي ڇو پاسيرو رکيو ويو آهي. وڏي ڳالهه ته بعد ۾ ميڊيا تي آءِ جي ڪليم امام سان منسوب اهي خبرون به آيون ته، “مون کي هٽائڻ ايڏو سولو ڪم ناهي.” ماضيءَ ۾ اي ڊي خواجا جي مامري ۾ به سنڌ حڪومت اعتراض ڪيو هو. ان وقت سنڌ جي عوام جي راءِ سنڌ حڪومت جي مخالفت ۽ اي ڊي خواجا جي حق ۾ هئي. هن ڀيري ان جي ابتڙ راءِ آئي . ٻه هفتا کن اڳ بلاول ڀٽو زرداري جڏهن چيو هو ته سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني جيان هلايو پيو وڃي، تڏهن نه صرف سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين بلڪه قوم پرست حلقن به بلاول جي ان بيانئي جي حمايت ڪئي.
قومپرستن جيتوڻيڪ ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال جي تعمير ۽ ان کان اڳ اين ايف سي ايوارڊ تي پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو هو پر اهو لڳ ڀڳ پندرنهن کن سال اڳ جو معاملو هو. ان بعد قومپرست، جيڪا به سندن سگهه هئي، پيپلزپارٽي ۾ مخالفت وارو ئي موقف رکندا آيا. سنڌ جا ماڻهو اهڙو اظهار تڏهن ڏيندا آهن، جڏهن اهي فيصلي سازي يا پاليسين تي عمل ڪرڻ ۾ پاڻ کي ٻاهر سمجهندا آهن. جنرل ضياءُالحق خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور شرڪت جي پويان به اهو ئي سبب هو. ان جو مطلب اهو بيٺو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مختلف فيصلن ۽ پاليسين ۾ نه رڳو سنڌ کي شامل نه ڪري رهي آهي بلڪه اهي سنڌ جي مفادن جي حق ۾ نه ٺهي رهيون آهن.
سنڌ کان ٻاهر ان تي بحث ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي اهڙي ناراضگي وفاق جي لڳاتار سياسي، معاشي پاليسين / فيصلن جي ڪري آهي يا وري ڪجهه سياستدانن جي چالاڪي آهي جيڪي اقتدار ۽ پنهنجي غلبي رکڻ لاءِ وفاق سان اٽڪي رهيا آهن.
جيڪڏهن ماضيءَ جي واقعن کي ڏسجي ته پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ آئين نه ٺهي سگهيو. قومي زبان جو معاملو انصاف ڀرئي نموني نه نبيريو ويو. اڪثريت رکندڙ صوبي کي اقتدار مان ٻاهر ڪڍي بنگال جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حيثيت کي نه قبول ڪيو ويو. ون يونٽ ٺاهي ڪوڙي برابري جي نمائندگي جي نالي تي بنگالين جي اڪثريت کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. جڏهن ته اولهه پاڪستان ۾ صوبن جي حيثيت ختم ڪري انهن صوبن جي سياست ۽ وسيلن تي ڪنٽرول ڪيو ويو. مطلب ته حڪمرانن زميني حقيقتن ۽ ثقافتي گهڻ رنگي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. سنڌ کان ان جي گادي وارو شهر ڪراچي ۽ بندرگاهه کسي وفاقي حڪومت حوالي ڪيو ويو، جتي ورهاڱي وقت آيلن جي ڪري آبادي جي تناسب ۾ اڳي ئي تبديلي رونما ٿي چڪي هئي. اهو سڀ ڪجهه صوبائي خودمختياري تي وار ۽ صوبن کي ختم ڪرڻ هو. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ انتظام سنڀالڻ لاءِ جيڪا راند کيڏي وئي، ان جا نشان تاريخ ۾ حڪومتن جي تبديلين، سياستدانن کي نااهل قرار ڏيڻ جي واقعن جي صورت ۾ موجود آهن. ايوب دور ۾ اهي پاليسيون هلنديون رهيون، ان ته ماڳهين سنڌ اندر سنڌي پڙهائڻ تي بندش وڌي.
ذوالفقار علي ڀٽو آيو ته هن نئون فارمولا ڏنو، جنهن تحت پنجاب کي ڪجهه رعايتون ڏيڻ جي عيوض سنڌ جا ڪجهه مطالبا مڃي، سنڌ جي ڪاوڙ تي پاڻي جو ڇنڊو هنيو ويو. 73ع جو آئين ملڪ جو پهريون مڪينزم آهي جنهن ۾ صوبن جا ٿورا ئي سهي پر حق مڃيا ويا ۽ اهو واعدو ڪيو ويو ته پنجن سالن کانپوءِ صوبائي خودمختياري وڌائڻ لاءِ ڪجهه ڪيو ويندو. ان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪاريگري پنهنجي جاءِ تي، پر ان کان وڌيڪ بنگال جي آزادي جو تازو ٿيل واقعو وڏو ۽ اصل سبب هو. آئين ۾ صوبائي حقن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل قائم آهي. آئين موجب ان جا ٽماهي اجلاس ٿيڻا آهن پر ڪنهن به دور ۾ آئين جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ به، اهي اجلاس وقت سر نه ٿي سگهيا آهن. ايئن صوبن جو ايجنڊا سالن جا سال بنا نبيرڻ جي ڦاٿل ئي رهيو آهي. جيڪڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڪو فيصلو ڪيو به ته ان تي عمل نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو وفاقي بيوروڪريسي ۽ ڌُر ڌڻين جي گرفت مضبوط رهي. پاڻيءَ جو ٺاهه سنڌ ۾ ڄام صادق علي جي غير مقبول حڪومت جي دور ۾ ٿيو، جنهن کي سنڌ جي عام راءِ جي پٺڀرائي حاصل نه هئي. پوءِ ٿيو ايئن جو ان انڌي منڊي ٺاهه تي به عمل نه ڪيو ويو. حڪومت پيپلزپارٽي جي هجي، يا نواز شريف جي، مشرف دور هجي يا عمران خان وزيراعظم هجي، ارسا منصفاڻي فيصلي بدران پنجاب جي حق ۾ فيصلو ڏيندي رهي. مختلف موقعن تي قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ کي وفاقي نوڪرين ۾ به جائز حصو نه مليو. ساڳي صورتحال وفاقي ترقياتي ڪمن جي رهي، جنهن جو پتو هر سال ٿيندڙ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ سان لڳائي سگهجي ٿو. اها صورتحال رڳو سنڌ سان نه هئي، بلوچستان سان به ايئن آهي، پختونخوا ڏانهن رويو ستر واري ڏهاڪي جي پڇاڙي وارن سالن ۾ تبديل ٿيو، جڏهن اهم وفاقي ادارن ۾ هي صوبو ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. ان جي نتيجي ۾ هن صوبي جي قومپرستن (ولي خان سميت) جي سياست ئي تبديل ٿي وئي.
سنڌ مان ان جو اظهار ان ڪري ٿئي پيو جو سنڌ کي هڪ سياسي سڃاڻپ حاصل آهي. بلوچستان کي ڪنهن مقبول پارٽي نه هجڻ سبب اها سڃاڻپ ۽ حيثيت نه ملي رهي آهي، ان ڪري ان سان لڳ ڀڳ فاٽا جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي سياسي سڃاڻپ طور اڀري آيل پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتن ۾ ڪجهه ڪوششون ڪيون، ڪي ڪوششون ناڪام ٿيون، ڪن تي مفاهمت ٿي، ڪو ذرو پرزو ملي سگهيو.
جيتوڻيڪ نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ ننڍن صوبن لاءِ ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي سگهي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اها صورتحال اڃان وڌيڪ پيچيده ۽ خراب ٿي وئي آهي. سنڌ اقتداري ايوانن ۽ فيصلي سازي مان ٻاهر آهي. تحريڪ انصاف حڪومت جي احتساب واري عمل تي سنڌ ۽ صوبائي حڪومت کي خدشا آهن. قدرتي وسيلن پاڻي، گئس، ناڻي جي ورهاست، وفاقي کاتن ۽ ادارن ۾ نوڪريون، ترقياتي ڪمن ۾ سنڌ جو حصو سنڌ کي نه ملي رهيو آهي. سنڌ جو ماڻهو ان صورتحال کان آگاهه به آهي، هاڻي ته ماڳهين وفاقي حڪومت جا نمائندا کليل نموني ان جو اظهار به ڪري رهيا آهن. ارڙهين ترميم تي عمل وارو معاملو نواز شريف به وچ ۾ ٽنگيل ڇڏيو. گئس ۽ تيل جو معاملو ان ڪري به حساس آهي جو انهن ٻنهي جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 69 سيڪڙو آهي، جڏهن وڏو حصو ڏيندڙ کي حق نه ملندو ته شڪايتون ته ٿينديون ۽ ان جا اظهار به سامهون ايندا.
سنڌ حڪومت خراب حڪمراني، ڪرپشن، ماڻهن کي بنيادي سهولتون نه ڏيڻ جي الزامن سبب تنقيد جي نشاني تي آهي. سنڌ جو ماڻهو ڀوڳي پيو. ڄڻ وفاق سنڌ پيپلزپارٽي جي کاتي ۾ لکي ڇڏي آهي ۽ پاڻ کي سنڌ کان بري الذمه سمجهي ٿي، حالانڪه وفاقي حڪومت آئيني طور پابند آهي ته اها پنهنجين سمورين وحدتن سان سياسي وابستگين جي فرق بنا ترقي جا موقعا توڙي سهولتون ڏيڻ لاءِ ذميوار آهي.نوي واري ڏهاڪي ۾ نواز شريف جي ٻن حڪومتن دوران وڏيرن جو ڳٺ جوڙ ڪري ڄام صادق علي فارمولا تي عمل ڪيو ويو، پر اهو تجربو به ناڪام ويو.
سنڌ پنهنجي سياسي تجربن مان سکيو آهي ته ڪا به اهڙي پارٽي جنهن ۾ ان کي مناسب ۽ موثر نمائندگي نه هوندي، ان کي حمايت نه ملندي. نواز شريف به سنڌ کي پنهنجو سياسي تڪ نه ٺاهيو، تحريڪ انصاف به ساڳي واٽ تي هلي پئي. اها به وچولي طبقي بدران شهري علائقن ۽ وڏيرن جا ڪلها استعمال ڪرڻ گهري ٿي. اها سنڌ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ سان هو جيڪو رويو رکي ٿي، ان لاءِ جواز ۽ تاثر اهي ٿا ڏنا وڃن ته اهو پيپلزپارٽي سان ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي سان مخالفت جي آڙ ۾ دراصل سنڌ سان ئي جٺ ٿي رهي آهي.
آءِ جي جو معاملو هجي، يا ترقياتي رٿائون ۽ وفاق ۾ نوڪرين جي ڪوٽا، يا وري اين ايف سي ايوارڊ، اهي ته ملڪ جو حصو هجڻ جي ڪري سنڌ جو حق آهن. ان حق کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي. مصيبت اها آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت سنڌ بابت انهن پاليسين کي ادارتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿي. اهڙا تجربا ماضي ۾ به ٿيا آهن پر اهي ناڪام ويا آهن. تحريڪ انصاف کي پيپلزپارٽي يا سنڌ حڪومت کي ڪيتري به ناراضگي هجي، اها ان کي تبديل نٿي ڪري سگهي. سو سمورين ناراضگين جي باوجود کيس سنڌ سان هڪ قابل قبول فارمولا تي اچڻو پوندو، ورنه بحران نه سنڌ جي جان ڇڏيندو نه عمران خان حڪومت جي.
PTI, IG Sindh police , 2020, AD Khwaja, Sindh confrontation

Labels: , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home