Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Thursday, October 24, 2019

حڪومت احتجاجي مارچ جي مشروط اجازت ڇو ڏني؟

حڪومت احتجاجي مارچ جي مشروط اجازت ڇو ڏني؟:

حڪومت احتجاجي مارچ جي مشروط اجازت ڇو ڏني؟





حڪومت احتجاجي مارچ جي مشروط اجازت ڇو ڏني؟

وزيراعظم عمران خان کان اهڙي رويي جي اميد نه ڪئي پئي وئي پر حڪومت مخالف ڌر کي احتجاج جي اجازت ڏيئي بظاهر جمهوري هجڻ جو ته ڏيکاءَ ڏنو آهي. ان فيصلي کي ايئن به ورتو پيو وڃي ته حڪومت مولانا کي اٿندي ئي وجهه نه ڏنو ته هو ان جو پاڻي ڪڇي، ڄڻ بال واپس مولانا جي ڪورٽ ۾ اڇليو آهي ته هاڻ پرامن احتجاج ڪري ڏيکار.
اصل ۾ معاملو گهڻو تپي ويو هو. هڪ پاسي نواز شريف پنهنجي پارٽيءَ کي مڪمل طور احتجاج جو ساٿ ڏيڻ جون هدايتون ڏيئي ڇڏيون هيون ۽ ان جو اظهار پارٽي جي صدر شهباز شريف کان ڪرائي مونجهارا دور ڪري ڇڏيا ته اسلام آباد لاڪ ڊائون جي باري ۾ پارٽي اندر ڪي ٻه رايا آهن. جي يو آءِ ۽ نواز شريف وٽ هونئن ته وڃائڻ لاءِ ڪجهه ڪونه هو، جيڪي به ٿئي ها ان ۾ کين فائدو پئي پهتو. ٻئي طرف پيپلزپارٽي ڪجهه هٻڪ جو شڪار رهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ حڪومت داءَ تي لڳي ٿي سگهي. ان ڪري بلاول ڀٽو اخلاقي ۽ سياسي حمايت جي اعلان سان گڏ ڪراچي کان ڪشمور تائين الڳ ڌرڻي جو اعلان ڪيو. مطلب ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ الڳ موبلائيزيشن ڪري. جيڪڏهن مولانا جو احتجاج ڪاميابي ڏانهن وڃي ٿو ته پيپلزپارٽي جي انتظام هيٺ ٿيندڙ احتجاج کي مولانا فضل الرحمان جي احتجاج سان ملائي سگهجي ٿو. ٽيون فيڪٽر واپارين جو هو جيڪي مولانا جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار پئي ٿيا. اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، ڪن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته مولانا فضل الرحمان جو بيس خيبرپختونخواهه آهي، اتان جي وزيراعليٰ جڏهن بيان ڏنو ته صوبي ۾ ڪنهن کي چُرڻ به نه ڏينداسين ته موٽ ۾ پشاور ۾ صوبائي سطح جي ڪل پارٽي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن احتجاج کي روڪيو ويو ته پختون روايتن موجب جواب ڏينداسين. مولانا فضل الرحمان جا لفظ اڃان به چٽا هئا ته جيڪڏهن ڏاڍمڙسي ڪئي وئي ته پوءِ اسين انهن کي گهرن تي وڃي پڄي وٺنداسين. ڳالهه ڳري ٿي وئي. اهڙو بيان مولانا فضل الرحمان ئي افورڊ ڪري سگهي ٿو، جنهن جي صوبي کي فيصلو ڪندڙ ادارن ۾ اهميت حاصل آهي. ورنه سنڌ واري رئيس جڏهن “اينٽ سي اينٽ بجادين گي” جي ڳالهه ڪئي ته پوءِ ڏيڍ سال تائين ملڪ کان ٻاهر ويٺو هو، تان جو ڌرتي وڃي ٺري ۽ پوءِ هو آيو.
چيو پيو وڃي ته ڳالهيون ڪرڻ ۽ احتجاج جي اجازت ڏيڻ وارو تحرڪ به خيبرپختونخواهه مان آيو. اها ڳالهه صوبي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي چوڻ تي شروع ڪئي وئي، جيڪو اڄڪلهه بچاءَ وارو وزير به آهي. جيڪڏهن جي يو آءِ ۽ حڪومت ٻئي ضد ڪري بيهي رهن ها ته پختونن جي صوبي ۾ اهي ڌريون پاڻ ۾ اٽڪي پون ها، جنهن جو نتيجو ڪجهه به نڪري پيو سگهي. سو هن نموني جي مشروط اجازت ڏيئي دراصل پختونن جي ٻن ڌرين کي هڪ ٻئي کان وڙهڻ کان روڪيو ويو.
جهڙي نموني سڄي ملڪ ۾ مولانا فضل الرحمان جو ڌرڻو پئي بيٺو، جنهن جي حمايت اپوزيشن ۽ واپاري ڪري رهيا هئا ته ان سان مدرسن جي به شامل ٿيڻ جو انديشو هو. جيڪڏهن ايئن ضد موجود رهي ها ته اهو عنصر مولانا کي ئي فائدو ڏئي رهيو هو. چئن مهينن کان احتجاج، لاڪ ڊائون، ڌرڻو ڪري ڪري جيڪا ڦوڪڻي ۾ هوا ڀرجي ويئي هئي، سا حڪومت پنهنجي پر ۾ اهو چئي خالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته “چلو توهان ڌرڻو هڻو، ان سان ڪو فرق نه پوندو.” حڪومت سمجهي ٿي ته ايئن ڪرڻ سان مولانا جي تحريڪ جو ٽيمپو ٽُٽي ويندو. ساڳئي وقت حڪومت ملڪ اندر ماڻهن توڙي ادارن ۽ بين الاقوامي سطح تي به اهو پيغام ڏيئي سگهندي ته اسين ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر هو احتجاج ڪرڻ گهرن ٿا ته کين احتجاج جو حق ڏيون ٿا. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته حڪومت پنهنجي رويي ۽ عمل ۾ اهڙي جمهوري ڪونهي جو ايئن احتجاج جو حق ڏيئي ڇڏي. جيڪا حڪومت چونڊيل جمهوري اداري پارليامينٽ کي کنگهڻ لاءِ تيار ناهي سا ڳالهين جي آڇ توڙي احتجاج جو حق ايئن ڏئي، سو وزيراعظم جو فيصلو نٿو لڳي. حڪومت ڳالهين جي آڇ ڪئي، رابطا به ڪيا پر ڳالهيون شروع نه پيون ٿين ڇاڪاڻ جو مولانا فضل الرحمان ڳالهين کي وزيراعظم جي استعيفيٰ سان مشروط ڪري ڇڏيو هو. رهبر ڪميٽي کي ان لاءِ وچ ۾ آندو ويو ته ڪو وچ وارو رستو نڪري سو ڳالهين لاءِ هڪ ڏاڪو مٿي اچڻ لاءِ اڻ سڌي طرح رهبر ڪميٽي کي هڪ ڏاڪو هيٺ اچڻو پيو ته “احتجاج ڪرڻ ڏيو، ڳالهيون ڪريون ٿا.” ايئن اپوزيشن جي عزت رهجي ويئي ۽ حڪومت جو به ڪم ٿي ويو.
حڪومت اصل ۾ مولانا فضل الرحمان کي انگيج رکڻ چاهي ٿي. ڳالهين ۾ مصروف رکڻ گهري ٿي. سڀني کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته “ڏسو لڳا پيا آهيون. هروڀرو معاملي مان هٿ نه ڪڍيا آهن.” پر مولانا به ڏاهو ماڻهو آهي. انهن اٽڪلن کان آگاهه آهي، هو حڪومت جي انگيج رکڻ ۽ ٽيمپو ٽوڙڻ واري حڪمت عملي ۾ نه ايندو. ڳالهين جي اعلان ۽ حڪومت جي ٺهڻ بعد گذريل ٽن ڏينهن دوران هن اڳ ڏنل پلان “بي” ۽ “سي” کان هٽي هن نئين صورتحال تي به ڪجهه پلان ٺاهيو آهي، جيڪو اڃان واضح نه پيو ڪري. دراصل حڪومت کي موجوده حالتن ۾ ڪجهه وقت کپي. مولانا کي به سمجهايو ويو آهي ته ايترو جلدي جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت ڊهي به پئي ته هو “سياسي شهيد” ٿي ويندو ۽ ايندڙ وقت ۾ سمورين سياسي توڙي غير سياسي ڌرين کي ڳچي ۾ پئجي ويندو. سو في الحال احتجاج ڪري داٻا ڏيئي ڇڏيو ۽ ٽن چئن مهينن جي ڌمڪي ڏيئي موٽي اچو. خيال آهي ته ايئن ئي ٿيڻ وارو آهي. 

Fazal March, Freedom March, 2019, Imran Khan

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home