Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 28, 2019

بلاول ڀٽو آخري آپشن ڇونه پيو استعمال ڪرڻ چاهي؟

بلاول ڀٽو آخري آپشن ڇونه پيو استعمال ڪرڻ چاهي؟: بلاول ڀٽو آخري آپشن ڇونه پيو استعمال ڪرڻ چاهي؟



بلاول ڀٽو آخري آپشن ڇونه پيو استعمال ڪرڻ چاهي؟


سياستدانن کي ممڪن آهي ته ڪا معلومات هجي ته ايندڙ ٽن مهينن ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي يا نه، پر هرڪو ڊسمبر جي ڳالهه پيو ڪري. عام ماڻهو وٽ به ان جي لاءِ ڪا پڪي پختي ڄاڻ ناهي، پر هڪ منطق ضرور آهي سا اها ته سياست ۽ معيشت جيئن هلن پيون تيئن وڌيڪ عرصو هلي نه سگهنديون. 
حڪومت گذريل چئن مهينن کان هر مهيني هڪ مخالف گرفتار ڪرڻ جي فارمولي تي هلي رهي آهي. 
نواز ليگ وٽان کيس ڪجهه وٺڻو ناهي، اها رڳو ماٺ ڪري ويهي تڏهن به حڪومت جو ڪم هلي ويندو. 
پيپلزپارٽي سان ٻيو حساب آهي. اتان وفاقي حڪومت توڙي پي ٽي آءِ کي ڪجهه نه ڪجهه وٺڻو آهي. وٺڻ لاءِ ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کان ويندي ڪراچي جا انتظامي اختيار ايتري قدر جو اهڙو مڪاني ادارن جو قانون به هتي لاڳو ڪرائڻو آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي ايندڙ وقت جي گهرجن وٽان هجي. ان ڪري لڳي ٿو ته هن وقت پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ رائونڊ هلي پيو.

نواز ليگ خلاف اُپائن واراو معاملو في الحال ملتوي پيو لڳي. هڪ ڳالهه ضرور آهي ته نواز ليگ جي قيادت اهو ڏيکاءُ پئي ڏي ته، “اسان کي ڪا تڪڙ ناهي” ورنه ٽي مهينا کن اڳ تائين اهو تاثر جڙيو هو ته نواز شريف لاءِ جيل گهارڻ ڏکيو پيو ٿئي. ان لاءِ مريم بي بي اعلانيه چيو ته هوءَ پنهنجي پيءُ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. نواز ليگ ان وقت صفا تحريڪ هلائڻ جي موڊ ۾ هلي ويئي هئي پر هاڻي ايئن نٿو لڳي. ايتري قدر جو عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ به اڳوڻي وزيراعظم جا وڪيل ڪن اهم نڪتن تي به ٽائيم وٺي رهيا آهن.

پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کانپوءِ پارٽي جو سرگرم اڳواڻ خورشيد شاهه گرفتار ٿي چڪو. سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه جي گرفتاري لاءِ سانباها آهن. وفاق لاءِ سڀ کان اهم سوال آهي ته مراد شاهه جي گرفتاري بعد ڪهڙي ريت صورتحال کي پنهنجي حق ۾ ٺاهي سگهجي ٿو. ان گرفتاري کي ڪيئن پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. 

وڏو وزير نيب جي دٻاءُ هيٺ آهي،نتيجي طور خود سندس فيصلي ڪرڻ جي سگهه متاثر ٿي رهي آهي. ساڳئي وقت سندس هدايتن، حڪمن ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان وزيرن توڙي سرڪاري مشنري ۾ سرگرمي بدران سستي آهي. انتظامي مشنري کي ڪو ڊپ ناهي. وڏي وزير پاڻ شايد اهو نوٽ ڪيو آهي، تنهنڪري ئي هو پاڻ رستن تي نڪري آيو آهي. 
اها عام راءِ ٺهي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۾ نيب هٿان ٿيل گرفتارين مان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ گهري ٿي. اهڙين حالتن ۾ پيپلزپارٽي جو رول اهم بڻجي ٿو. ان جو ڪردار ئي طئي ڪندو ته ويجهي ماضي ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي.

پيپلزپارٽي اسلام آباد مارچ بابت آل پارٽيزڪانفرنس يا رهبرڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جي رٿ ڏني آهي. مولانا فضل الرحمان جي مارچ بابت پيپلزپارٽي اندر ٻه رايا آهن. هڪ اهو ته ان ۾ ڀرپور شرڪت ڪجي، ٻيو اهو ته اخلاقي حمايت ۽ علامتي شرڪت ڪجي. حالانڪه آصف زرداري ان مارچ جي مڪمل حمايت جي حق ۾ هو پر پوءِ هن فيصلو بلاول تي ڇڏي ڏنو. 
پيپلزپارٽي جو سينيٽر اعتزاز احسن پارٽي اندر خاص نقطهءِ نظر رکندڙن مان هڪ آهي. هو چوي ٿو ته، “عمران خان حڪومت کي معيشت، مهانگائي ۽ بيروزگاري مان خطرو آهي، اهڙي صورت ۾ اپوزيشن کي گهڻي محنت نه ڪرڻي پوندي.” هو شايد مولانا جي مارچ کي “گهڻي محنت” جي دائري ۾ ڳڻي ٿو. 
بهرحال پيپلزپارٽي جو مجموعي بيانيو اهو آهي ته حڪومت هلي نه پئي، مهانگائي جي طوفان ماڻهن کي خاص ڪري نوڪري وارن ماڻهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ڌنڌا ڌاڙي بند آهن. نتيجي ۾ بيروزگاري وڌيل آهي.

بلاول ڀٽو جڏهن پارٽين کي پنج سال پورا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جي پويان اها منطق سمجهي پئي وڃي ته سندس خيال موجب رڳو سياسي پارٽين جي احتجاج يا دٻاءُ سان حڪومت نٿي بدلائي سگهجي. حڪومت تڏهن بدلبي جڏهن بدلائڻ وارن ان کي بدلائيندا. پيپلزپارٽي کي اهو به ڊپ آهي ته اهڙي ڪا حرڪت نه ڪجي جنهن سان سڄو نظام ئي ويڙهجي ٽپڙ ٽيشن تي ٿي وڃن ۽ ڪو نئون فارمولا ڊيزائين ڪري ملڪ تي مڙهي نه ڇڏين. 
پيپلزپارٽي جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته پريشر وڌندو ته اتحادي حڪومت جو ساٿ ڇڏيندا، ممڪن آهي ته موجوده پارليامينٽ ۾ ئي واڳ ڌڻي پنهنجو پلان بي آڻين، ان ڪري مولانا وارو رستو ڇاڪاڻ جو آخري آپشن آهي، ان کي استعمال ڪرڻ جو اڃا وقت نه آيو آهي. ان جي بدران اپوزيشن جون پارٽيون پرامن ۽ پنهنجا پنهنجا جلسا ڪن، پوءِ وقت اچڻ تي حڪومت کي روانو ڪرڻ لاءِ سمورو زور لڳائي سگهجي ٿو. 

بلاول ڀٽو سکر ۾ ڳالهائيندي دراصل پارٽين جي الڳ الڳ جلسن واري لائين اختيار ڪئي آهي. هو چوي ٿو ته، “جنوري تائين حڪومت جو خاتمو نه آندو ويو ته جيالن سوڌو پنڊي پهچندس.” پنڊي مان ڪا ٻي معنيٰ به وٺي سگهجي ٿي. پر هن ان جي وضاحت ڪئي ته ذوالفقار ڀٽو کي پنڊي ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ بينظير ڀٽو کي پنڊي ۾ قتل ڪيو ويو. اصل ۾ بلاول جي يو آءِ جي ان تنقيد جو جواب ڏنو آهي ته پيپلزپارٽي جا گرفتار ٿيل همراهه ٻاهر اچڻ گهرن ٿا ۽ آزاد اڳواڻ جيل نٿا وڃڻ گهرن، ان ڪري مولانا جي مارچ کان ڪيٻائين پيا. 
ان سان گڏوگڏ بلاول جي هن بيان ۾ اهو تاثر به موجود آهي ته احتجاج اسلام آباد ۾ ئي ڇو؟ پنڊي ۾ به ڪري سگهجي ٿو. اهو احتجاج جيالا ڪندا، يعني پيپلزپارٽي الڳ سرگرم هوندي جنهن لاءِ جي يو آءِ يا ٻئي ڪنهن کي سڏ نه ڏنو پيو وڃي.
اصل ۾ پيپلزپارٽي لاءِ سنڌ اهم محاذ آهي، اها پارٽي جي ڪمزوري به آهي ته مضبوط پوائنٽ به. هو سنڌ جي معاملي تي ڊنل آهي ته وري ان کان وفاقي حڪومت کي ڊيڄاري به رهي آهي
Bilawal, 2019, Zardari, Faryal, PPP,  PMLN, 

Labels: , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home