Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, June 23, 2019

معيشت نه پر جمهوريت جي بحاليءَ جو پيڪيج!



معيشت نه پر جمهوريت جي بحاليءَ جو پيڪيج!
 Need of Democracy Package

معيشت نه پر جمهوريت جي بحاليءَ جو پيڪيج!




Posted on (12:46 pm)


اڃان هفتو مس ٿيو آهي جو قومي اسيمبلي ۾ سرڪاري ڌر اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ ئي نه پئي ڏنو. اسپيڪر کي اجلاس هلائڻ ڏکيو پئي ٿيو پر پوءِ اوچتو حڪومت ميثاق معيشت لاءِ تيار ٿي ويئي. اپوزيشن سان معاملي طئي ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهڻ جي منظوري ڏني. اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات مهل اهو فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اعليٰ سطحي پارلياماني ڪاميٽي ٺاهي ويندي. ميثاق معيشت ڪميٽي ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ موجود سمورين پارٽين کي شامل ڪيو ويندو. ان کان ٽي ڏينهن اڳ وزيراعظم قومي ترقياتي ڪائونسل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جو ميمبر آرمي چيف هوندو. اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي پئي وئي ته فيصلي سازي ۾ پارليامينٽ ۽ چونڊيل عيوضين کي ڪُنڊائتو ڪيو ويو آهي، سموريون پاليسيون اوڌر تي ورتل ٽيڪنوڪريٽ ڪري رهيا آهن. نتيجي ۾ خود حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر به بجيٽ تي تنقيد ڪري رهيا آهن.

سڄو ماحول غير سياسي ۽ غير پارلياماني بڻجي رهيو هو، مٿان وري هر روز حڪومت ڪنهن نئين ڪميشن، ڪنهن نئين ڪائونسل جو اعلان ڪري رهي هئي. ٽيڪس، ملڪ جي مالي ۽ معاشي پاليسين بابت روز نون فيصلن کي سامهون آڻي رهي هئي. اهي سڀ اعلان ۽ فيصلا اهڙا هئا جن کي نه عوامي حمايت حاصل هئي ۽ نه سياسي.خيال آهي ته اسپيڪر اسد قيصر وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته “انهن افعالن” سان بجيٽ منظور ڪرائڻ ڏکيو آهي. جيئن عمران خان ڪرپشن جي خلاف نعرو عوامي سطح تي منظور ڪرائي ورتو هو، تيئن بجيٽ، مهانگائي ۽ مالي پاليسين خلاف اپوزيشن پنهنجو نعرو مقبول ڪرائي ڇڏيو آهي. اهڙي بيانيي جي ڇٽيءَ هيٺ حڪومت خلاف ڪوبه قدم کڻي سگهجي ٿو. ايتري قدر جو نواز ليگ جي ترجمان اهو به اشارو ڏنو ته “عوام نالائق حڪمرانن کي ٽيڪس نه ڏيندو.” واقعي ماڻهو ٽيڪس واڳ ڌڻين کي نه ڏيندا ته حڪومت ڪيترن کي گرفتار ڪندي؟ واڳ ڌڻين به سمجهي ورتو ته مالي حوالي سان پيدا ٿيندڙ حالتون عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي. اهو اندازو آءِ ايم ايف کي به ٿي ويو. آصف علي زرداري به ان معاملي کي تاڙي ورتو ۽ هن سهڪار جو هٿ ڊگهو ڪيو ته “ماضيءَ جا قصا ڇڏيو، اڳتي جي ڳالهه ڪريو.” ان کان اڳ شهباز شريف به هلڪو اشارو ڏئي چڪو هو ته حڪومت جيڪڏهن واقعي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻي چاهي ٿي ته اپوزيشن سان صلاح ڪري ۽ ايئن وچ ۾ رسمي ٽياڪڙي وارو ڪم قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي حصي ۾ آيو. سرڪاري ڌر توڙي اپوزيشن وٽان ايندڙ بيان ٻڌائين ٿا ته اڃان ڪو ٺاهه ٿيو ناهي، ڳالهيون شروع ٿيون آهن. هر ڪا ڌر پنهنجا مطالبا ۽ شرط شروط رکي رهي آهي. عمران خان چوي ٿو ته معيشت جي بحالي لاءِ اپوزيشن جو سهڪار قبول پر ڪرپشن خلاف ڏنڊو گهمندو رهندو. بلڪه هاڻي وزيراعظم ان ۾ ٽيڪس چورن کي ڳولڻ جو به اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

حڪومت اپوزيشن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي؟ ان بابت حڪومت جو ڪو چٽو موقف موجود ناهي. اهو ئي سبب آهي جو بلاول ڀٽو، بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي جلسي ۾ سڏ ڏنو ته عوام دشمن بجيٽ کي روڪڻ لاءِ سڀ پارٽيون ٻاهر اچن. بلڪه هن عمران خان جو نئون پاڪستان نه کپي جا نعرا به هڻايا. هوڏانهن آصف زرداري جو رد عمل معاملي کي چٽو ڪري ٿو ته وزيراعظم کي اين آر او جو اختيار ئي ناهي. مطلب ته اصل فيصلو ڪرڻ واري ڌر ڌڻي آهن يعني آصف زرداري ڪا ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو ته انهن ئي ڌر ڌڻين سان. هي اهو بيانيو آهي جيڪو بلاول ڀٽو زرداري “سليڪٽيڊ وزيراعظم” جي نالي سان شروع ڪيو هو جنهن جو مطلب هو ته عمران خان کي هٿرادو طور آندو ويو آهي ۽ اصل معاملا ۽ پاليسيون سندس وس ۾ ناهن، بعد جي واقعن ان ڳالهه کي صحيح ثابت ڪيو.

ڪن حلقن جو خيال آهي ته اهڙي تنگي جي صورت ۾ اپوزيشن ڌر ڌڻين ۽ حڪومت سان ڊيل ڪري وٺندي ۽ نواز ليگ کي عذاب ڀوڳڻو پوندو، جيئن ماضيءَ ۾ اهي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي سان اهڙي جُٺ ڪنديون رهيون آهن. پر هن ڀيري ان جو امڪان گهٽ ٿو لڳي. آصف زرداري ان امڪان کي انهن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته عمران خان سان گڏ ويهڻ مشڪل آهي، اسين نواز شريف سان گڏ ويٺا آهيو،. عمران سان نٿا ويهي سگهون.

ان ڳالهه جو ٻيو اشارو بلاول – مريم ملاقات دوران ٿيل ڳالهين ۾ ملي ٿو. جڏهن ٻنهي پارٽين جي نوجوان قيادت بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ 2006ع ۾ ٿيل جمهوريت واري ٺاهه کي ورجايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو مريم نواز کي نوابشاهه ۾ بينظير ڀٽو جي سالگرهه واري پروگرام جي صلاح به هنئي هئي پر مريم نواز پارٽي قيادت جي مجبوري ٻڌائي. بعد ۾ حمزه شهباز، بينظير ڀٽو جي جيل ۾ سالگره ملهائي اها کوٽ پوري ڪئي. اهي واقعا رڳو سياسي ويجهڙائپ ئي نه پر ذاتي ويجهڙائپ کي به ظاهر ڪن ٿا، ان ڪري هن موقعي تي ٻنهي مکيه پارٽين جو هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ ڏکيو آهي.

ٻئي پارٽيون سمجهن ٿيون ته وزيراعظم جي ايمنسٽي اسڪيم ناڪام ٿي ويئي آهي. بجيٽ غير مقبول آهي. مولانا فضل الرحمان تحريڪ لاءِ صفا تيار ويٺو آهي. ان کان علاوه اهي پارٽيون به سمجهن ٿيو ته ڌر ڌڻين جون سموريون ڪوششون، احتساب توڙي ڪرپشن جا دهل عوام کي انهن پارٽين توڙي پارلياماني سياست کان پري نه ڪري سگهيون آهن، اها دوري ٿوري وقت لاءِ ته هئي پر وقت، حالتن ۽ حڪومت جي آڏن ابتن اپائن ان وڇوٽي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا ڳالهه ڌر ڌڻين کي به سمجهه ۾ اچي ٿي سا اها ته انهن “مخالفن” جو ووٽ بئنڪ به ساڳيو بيٺو آهي. اهڙي صورت ۾ اهي ڌر ڌڻي عمران خان حڪومت جون ناڪاميون ۽ نالائقيون پنهنجي کاتي ۾ ڇو کڻن؟ ان ڪري هن ڀيري معيشت جي بحالي وارو پيڪيج به “جمهوريت جي بحالي” واري پئڪيج سان ڳنديل نظر اچي ٿو. بهرحال ڏسجي “اڀي تو پارٽي شروع هوئي هي!”

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home