Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, May 27, 2019

سنڌ جي اعليٰ تعليم ۾ بهتري ڪيئن آڻجي

اهو پنجاهه واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. تعليم واري وزير طرفان سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي تار ملي ته وزير موصوف سان فلاڻي تاريخ تي ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي اچي ملو. وزير ريل رستي سکر يا خيرپور وڃي رهيو هو. وري مقرر تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ حد جي ڊپٽي ڪمشنر به وائيس چانسلر کي وزير سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آگاهه ڪيو. وائيس چانسلر شايد علامه آءِ آءِ قاضي هو. جنهن انڪار ڪندي ڊپٽي ڪمشنر کي وراڻيو ته “وزير صاحب ۾ منهنجو ڪو ڪم ڪونهي. آئون ساڻس ملڻ ڇو وڃان؟ کيس مون ۾ ڪو ڪم آهي ته هتي هليو اچي“. هاڻي اهو دور آهي جو جيڪڏهن ڪنهن وزير جو ساڳئي شهر يا ڀرپاسي ۾ ڪو پروگرام آهي ته وائيس چانسلر جي اتي حاضري ضروري آهي، اهو لاڙو سنڌ ۾ شايد ڪجهه وڌيڪ آهي پر موجود ٻين صوبن ۾ به آهي. اها ڳالهه تحقيق ڪندڙ اعليٰ ادارن جي حيثيت ۽ خودمختياري گهٽائڻ کي ظاهر ڪري ٿي. هاڻي ڳالهه ان حد تائين پهتي آهي جو پرو چانسلر ۽ پرو وائيس چانسلر جا عهدا به ايجاد ڪيا ويا آهن. ايئن سياسي مداخلت کي قانوني چوڻ لاءِ کڻي يونيورسٽيون خودمختيار ادارا آهن پر اتي وڏي پيماني تي سياسي مداخلت هاڻي ايتري پڌري پٽ ٿي وئي آهي جو ان کي ڪو عيب ئي نٿو سمجهيو وڃي. يونيورسٽين ۾ رڳو وائيس چانسلر ئي نه، ٻين اهم عهدن تي مقرريون سياسي مداخلت سان ٿين ٿيون. ننڍا وڏا ٺيڪا ۽ ٻيا اهڙا ڪم ڪرائڻ لاءِ حد جا چونڊيل عيوضي يا وڏي وزير کي ويجها ماڻهو پهچي وڃن ٿا. اها ڪا اڄوڪي ڳالهه ڪونهي. ان کي هاڻي ڏيڍ ٻه ڏهاڪا ٿيڻ وارا آهن. يونيورسٽيون تعليم ڏيڻ بدران سرڪار ڌر جي ماڻهن جي سفارش تي روزگار ڏيڻ جو ذريعا ٿي ويون آهن. جتي توهان کي استادن ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ واري اسٽاف جي وڏي پيماني کوٽ ملندي، باقي لوئر اسٽاف ٽيڻ چئوڻ تي وڌيڪ ملندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن مان ڪيئي گهوسٽ ملازم آهن، جيڪي پگهار وارن ڏينهن تي ظاهر ٿين. ائين سنڌ جون يونيورسٽيون هر مهيني لکين رپيا خرچ ڪري پنهنجو خسارو پاڻ وڌائي رهيون آهن. يونيورسٽين کي بهتر ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين اتي سياسي مداخلت گهٽائڻي پوندي. ان جي مکيه اداري سنڊيڪيٽ کي حقيقي معنائن ۾ غيرجانبدار ۽ خودمختيار ڪرڻو پوندو. خودمختيار ادارن ۾ سياسي مداخلت هميشه ڪرپشن کي جنم ڏيندي آهي، ساڳئي وقت ان جي پناهه گاهه به بڻبي آهي. انهن ٻنهي غير قانوني ڳالهين ڪري يونيورسٽي انتظاميا پنهنجي پاڻ کي بيوس محسوس ڪندي آهي. نتيجي ۾ اها به سڌي طرح ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندي آهي. جيڪڏهن صوبي جي مختلف يونيورسٽين کي ڏٺو وڃي ته ڪمزور انتظاميا لاءِ اهو ڏکيو ٿي پوندو آهي ته اها تدريسي عمل جي مانيٽرنگ ڪري. هوڏانهن غير تدريسي پاسي وڏي پيماني تي ڀرتين ۽ ڪم نه ڪرڻ جا اثر تدريس واري پاسي به اچڻ شروع ٿيندا آهن. ائين رهيل ڪسر پوري ٿي ويندي آهي. ان ڪري اهي شڪايتون به اچڻ لڳنديون آهن ته استاد 25 هزار رپيا ماهوار پي ايڇ ڊي الائونس ته کڻن ٿا پر اهي واپس يونيورسٽي يا سماج کي موٽائي ڇا ٿا ڏين. هڪ سماجي گڏجاڻي ۾ مونکي انهيءَ ڏکئي سوال کي منهن ڏيڻو پيو ته سنڌ انيڪ سماجي، معاشي ۽ سياسي مسئلن جي لپيٽ ۾ آهي. سنڌ جي هيترين سارين يونيورسٽين مان ڪنهن هڪ به مسئلي تي ڪارائتي ۽ عمل جوڳي تحقيق ناهي، جنهن کي مثال طور پيش ڪجي. مون کڻي ماٺ ڪئي.
اصل اعليٰ تعليم گهڻ پاسائون ڪم آهي. وڏي ۽ سٺي يونيورسٽي اها ليکي ويندي، جيڪا سماج لاءِ ڪارائتي تعليم ڏئي. اسان هزارن ۾ کڻي گريجوئيٽ پيدا ڪريون، جن جي علمي پوزيشن ميٽرڪ جيتري هجي ۽ ذهني حالت ڪنهن مدرسي جي طالب کان به گهٽ هجي، يونيورسٽي ۾ جهڙي تعليم ڪلاسن ۾ ڏني ويندي آهي جنهن ۾ ٻار جي چوائيس هوندي آهي ته هو سکي يا نه سکي. ٻي تعليم جيڪا ڪلاس کان ٻاهر ملي ٿي، سا لازمي تعليم وانگر چاهي يا نه چاهي سکي ٿو. ان ڪري رڳو ڪلاس ۾ ئي نه پر ڪلاس کان ٻاهر به هڪ ماحول، هڪ ڪلچر جوڙڻو پوندو آهي ته جيئن ڪنهن ٻار جو يونيورسٽي اچڻ لاڀائتو ٿئي. هو ڪو لائيف اسڪل ئي سکي وٺي. هاورڊ ۽ آڪسفورڊ جيڪڏهن برانڊ نالا آهن ته اهي ڪلاس کان ٻاهر واري تعليم جي ڪري به آهن. مصيبت اها آهي ته جنرل يونيورسٽين ۾گهڻي ڀاڱي اهڙا ٻار اچن ٿا جن جي علمي سطح ميٽرڪ واري به ڪونهي. پوءِ يونيورسٽي انهن کي پرائمري جا ڪلاس به پڙهائي ڇا؟ يونيورسٽين جي داخلا واري نظام ۾ وڏا خال آهن. داخلا فارم مهل ٻار کي 15 کن چوائيسز لکڻيون آهن. انهن مان اڪثر سبجيڪٽن جي اسڪوپ، اهميت، ضرورت ۽ اتي پڙهائي دوران پريڪٽڪل کان بنهه اڻ واقف هوندا آهن، کين يونيورسٽي جو ڪمپيوٽر کڻي اچي اهڙي ڊيپارٽمينٽ ۾ اڇلائيندو آهي جنهن ڏانهن سندس ڪو لاڙو نه هوندو آهي. اصل ۾ ٻارن سان گڏ مائٽن کي يونيورسٽي موڪلڻ کان اڳ ڪيريئر ڪائونسلنگ ٿيڻ گهرجي. ٻار کي ايپٽيٽيوٽ مطابق ٻه چار سبجيڪٽن لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. هتي اها ڳالهه اهم آهي ته ٻار يا مائٽ جي خواهش ۽ ايپٽيٽيوٽ ٻه الڳ شيون آهن. ڪهڙن سبجيڪٽن جو ايندڙ وقت ۾ ڪيترو ۽ ڪيئن اسڪوپ وڌندو يا گهٽبو؟ ڪهڙيون مهارتون ضروري هونديون وغيره. بهرحال هي هڪ گهڻ پاسائون ڪم آهي. جنهن لاءِ مکيه ڌر سرڪار آهي. ان کي ئي يونيورسٽين ۾ مداخلت کان پري رهڻ کان وٺي يونيورسٽين ۾ تعليم ۽ سکڻ جو ڪلچر ٺاهڻ، توڙي داخلا پاليسي ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ تائين ڪرڻي آهي.
(نوٽ: هي سهيل سانگي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه آهي، جيڪا مضمون جي شڪل ۾ پيش ڪجي ٿي، سهيل سانگي سينيئر صحافي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر آهي.)
Bookmark the permalink.

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home