Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Tuesday, April 30, 2019

پيپلز پارٽي جو “مفاهمت سان گڏ جدوجهد” وارو فارمولا!


پيپلز پارٽي جو “مفاهمت سان گڏ جدوجهد” وارو فارمولا!


اوچتو سنڌ ۾ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن تحريڪ انصاف رات وچ ۾ٺھي ويون نه ته صورتحال اھا ھئي جو انھن ٻنھي جماعتن جي وچ ۾ گذريل چند مھينن کان ھلندڙ ڇڪتاڻ گذريل ھفتي بنھھ عروج تي پھتل ھئي. ٻنھي جماعتن جا سربراھ بدڪلامي تي لھي آيا. بلاول ڀٽو لڳاتار وزيراعظم عمران خان کي سليڪٽيڊ وزيراعظم سڏيندو رھيو، جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف شيخ رشيد کي پنھنجي بچاءُ لاءِ بدزباني جو ذمو سونپيو ھو. پر شيخ صاحب گھڻي ڀاڱي نواز ليگ کي ئي منھن ڏئي رھيو ھو. پيپلزپارٽي يا سنڌ بابت شيخ  
رشيد جون اُبتيون سبتيون بنھھ اثر نھ وجھي رھيون ھيون. 

پيپلزپارٽي بابت جوابي مھم جي شروعات پرڏيھي وزير 
مخدوم شاھ محمود قريشي جي واتان ڪرائي ويئي، جيتوڻيڪ سندس لھجو بنھھ کارو نھ ھو. شاھھ محمود قريشي جنھن کي سندس ئي پارٽي جي حلقن ۾ پيپلزپارٽي لاءِ سافٽ ڪارنر رکندڙ سمجھيو ويندو آھي، تنهن حوالي سان اھي بھ ڳالھيون سياسي مارڪيٽ ۾ آيون تھ ھو پيپلزپارٽي جي حمايت سان متبادل وزيراعظم ٿي سگھي ٿو. في الحال جيتوڻيڪ پارٽي جي اندران ڪا تبديلي آڻڻ وارو آپشن ختم ٿي ويو آھي، پر پي ٽي آءِ ضروري سمجھيو تھ ملتان جي پير جون ڪجھھ مارڪون گھٽائجن. ان بعد خود وزيراعظم بھ بلاول خلاف ذاتي طور کُھرو ڳالھايو، جنهن ۾ ذاتيات وڌيڪ ھئي. صورتحال اھا وڃي بيٺي جو ملڪ سڄو بيانيو سياسي ھجڻ بدران ذاتي حملن وارو بڻجي ويو. اسيمبلي ھجي يا ٽاڪ شو، پريس ڪانفرنس ھجي يا جلسو يا سياسي بيان، ھر ڪو سياسي بدڪلامي ڪندو رھيو. ان جھيڙي ۾ سنڌ اسيمبلي به شامل ٿي ويئي.
سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي حڪومت ھٽائڻ جو ڊپ ڏنو ويو، ان سان گڏ پيپلزپارٽي کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي بھ ميدان ۾ لاٿو ويو. ايم ڪيو ايم وٽ انتھاپسندي وارو ئي نعرو ھو، جنھن تي اسلام آباد کي اعتراض ھو. تحريڪ انصاف سان ٽڪر لاءِ پيپلزپارٽي وٽ ھڪ ئي ٽوڙ ھو تھ ھو سنڌ ڪاز کي اجاگر ڪري. وفاقي حڪومت جي مختلف پاليسين خاص طور تي نيشنل فنانس ڪميشن تحت سنڌ کي ملندڙ رقم ۾ ڪٽوتي، ارڙھين ترميم وغيره جي حوالي سان ان سنڌ جو ڪيس تيار ڪري ورتو، جيڪو پي ٽي آءِ حڪومت جي ڳچي ۾ پئجي پئي سگھيو. وزيراعليٰ سنڌ لڳاتار چوندو رھيو تھ سنڌ کي ان جي حصي جا 12 ارب رپيا نھ مليا آھن. جنھن کي ھن وفاقي حڪومت جي نااھلي سڏيو. وزير تعليم سردار علي شاھ بھ اھوچوڻ لڳو تھ وفاق پئسا نٿو ڏئي، ان ڪري ڪنھن بھ اسڪول جي مرمت نٿا ڪرائي سگھون.
ھوڏانھن گورنر سنڌ برملا سنڌ حڪومت سان اختلافن ۽ وفاقي حڪومت کان صوبائي حڪومت جي دوري جو ذڪر ڪيو. صلاحڪارن جي مقرري جي معاملي تي اختلاف سامھون آيا. سنڌ اسيمبلي جو ھلندڙ سيشن ھنگامه آرائي جو شڪار رھيو تھ ڳالھھ ھٿ کڻڻ ۽ مخالف ڌر جي مائيڪن جون تارون ڇنڻ تائين پھچي وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن پيپلزپارٽي تي ڪرپشن جا الزام ھنيا. موٽ ۾ سرڪاري ڌر يعني پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪئي. امداد پتافي ۽ حليم عادل شيخ بنھھ جذباتي ٿي ويا. ماڳھين ٻکئين پئي پيا. ان بعد اسپيڪر ان ڏينھن اجلاس ملتوي ڪيو. اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي. ماڻھن جا مسئلا ھڪ پاسي ۽ چونڊيل ايوان ۾ ذاتيات ۽ جھيڙو ٻئي پاسي ھو.
ايندڙ ڏينھن ۾ اوچتو تبديلي اچي ويئي. تحريڪ انصاف کي پوئتي ھٽڻو پيو ۽ بلاول ڀٽو کي ناقص ليڊر سڏڻ تي اپوزيشن ليڊر فردوس شميم معافي ورتي. ھلندڙ سيشن ۾ ھفتي جي آخري ڏينھن تي فريال ٽالپر بھ آئي. جيئن ئي اجلاس شروع ٿيو تھ اپوزيشن ليڊر فريال ٽالپر کي سالگرھ جون مبارڪون ڏنيون. موٽ ۾ فريال چيو تھ جيڪڏھن اھو ماحول جاري رھيو تھ بھتر فضا ۾ اسيمبلي جي ڪارروائي ھلندي. بعد ۾ سالگرھ جو ڪيڪ بھ ڪاٽيو ويو. ان تقريب ۾ اپوزيشن ميمبرن بھ شرڪت ڪئي. فريال ٽالپر کي ايندڙ ڏينھن پڇاڻي لاءِ نيب اسلام آباد ۾ پيش ٿيڻو آھي. پريس ۽ مھمانن جي گيلرين ۾ ويٺل ماڻھو اچرج ۾ پئجي ويا تھ ڪٿي “چور ڦورو، لٽيرا” جون ڳالھيون، ذاتي حملا ۽ ڪٿي وري اوچتو سالگرھ جون مبارڪون پيون ڏنيون وڃن ۽ ڪيڪ ڪاٽيا پيا وڃن.
ان کان ھڪ ڏينھن اڳ سنڌ ڪابينا اھم فيصلو ڪيو تھ ھاڻي ڪنھن مشير ۽ خاص معاون جي مقرري لاءِ گورنر جي منظوري ضروري نھ ھوندي. ڪجھھ ھفتا اڳ ٿيو ايئن ھو جو وڏي وزير جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اعجاز جکراڻي کي مشير بڻائڻ پئي گھريو، گورنر ان اعتراض واريو ۽ منظوري نھ ڏني. اھا ڳالھھ سامون آئي تھ گورنر ڪنھن کي پنھنجو صلاحڪار مقرر ڪرڻ پئي گھريو. پر وڏي وزير اھڙي سمري نھ ٺاھي پوءِ گورنر سنڌ حڪومت سان ورڪنگ رليشن شپ سٺي نھ ھجڻ جون ڳالھيون ميڊيا ۾ بھ ڪيون.
ڇنڇر ڏينھن وڏو وزير پنھنجي ڪابينا سان گڏ گورنر ھائوس پھتو ۽ گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم، حليم عادل شيخ جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۾ آھن، اھي پڻ موجود ھئا. ميڊيا جي ذريعن موجب اها ملاقات گورنر ۽ وڏي وزير جي وچ ۾ نھ پر ٻن پارٽين جي وچ ۾ ميٽنگ ھئي. ان ۾ وفاقي حڪومت جي فنڊنگ سان سنڌ ۾ ھلندڙ رٿائن، وفاق وٽان سنڌ کي ملندڙ رقم ۾ ڪٽوتي وارا مطالبا بھ ويچار ھيٺ آيا. چيو وڃي ٿو تھ گورنر سنڌ حڪومت کي يقين ڏياريو تھ ان ڏس ۾ ھو ڀرپور مدد ڪندو. ملاقات ۾ گورنر ۽ وڏي وزير جي وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.
سوال اٿاريا پيا وڃن تھ اوچتو اھا برف ڪيئن پگھري؟ سنڌ ۾ رينجرز جي نئين ڊي جي، جي مقرري تھ حسن اتفاق ئي ھوندو. ڇا سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي جارحاڻي پاليسي ڪامياب ويئي؟ يا اھو تھ پنجاب ۾ حڪمران جماعت جي اختلافن وفاقي حڪومت کي ان طرف ڌڪيو تھ ھڪ ئي وقت ٻن صوبن ۾ عدم استحڪام نھ آڻي. لاھور جي ھڪ دوست ٻڌايو تھ پنجاب کي ان تي ناراضگي آھي تھ وزيراعظم عمران خان ھڪ تھ پنجاب ۾ پنھنجي مرضي جو وڏو وزير آڻڻ ٿو گھري، جنھن تي پنجاب مطمئن ناھي. ٻيو اھو تھ ھڪ محروم علائقي کي خوش ڪرڻ لاءِ وچولي پنجاب کي ناراض ڪري رھيو آھي.
سياسي طور ڏٺو وڃي تھ پي ٽي آءِ حڪومت کي ايندڙ ڪجھھ ھفتن ۾ آءِ ايم ايف سان ٺاھ ڪرڻو آھي، جيڪا نھ چاھيندي تھ اپوزيشن ڪنھن اھڙي ٺاھھ يا فارمولا جي مخالفت ڪري، ان کان علاوه بجيٽ بھ منظور ڪرائڻي آھي. اعتبار جوڳن ذريعن جو چوڻ آھي تھ اعليٰ سطح تي ٻنھي جماعتن وچ ۾ رابطن کانپوءِ گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير جي ملاقات ٿي آھي، ٻنھي ڌرين ان تي ويچاريو ته بنا سبب ڇڪتاڻ جو فائدو نھ تحريڪ انصاف کي آھي ۽ نھ ئي پيپلزپارٽي کي، ان ڪري اجلاس ۾ ھڪ ڪميٽي پڻ ٺاھي ويئي جيڪا ايندڙ وقت ۾ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ تڪراري معاملن کي نبيريندي.
ھوڏانھن پيپلزپارٽي پنھنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف بدزباني تي مختلف شھرن ۾ مظاھرا ڪيا آھن. چيئرمين سينيٽ سان ملاقات دوران وڏي وزير سنڌ جا مالي مطالبا ورجايا آھن. لڳي ٿو تھ ھيلوڪي مفاھمت ۾ ڪوبھ ٽياڪڙ يا ضامن ناھي، ان ڪري پيپلزپارٽي پنهنجي مھم جاري رکي آھي. اھا “مفاھمت سان گڏوگڏ جدوجھد” جي فارمولا تي ھلي رھي آھي.
Bilawal Bhutto, Firsous Shamim, Aijaz Jakhrani, MQM,  Shah Mehmood Qureshi, Imran Khan
PPP-PTI, Pahenji Akhbar, 2019

https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%D9%BE%D9%8A%D9%BE%D9%84%D8%B2-%D9%BE%D8%A7%D8%B1%D9%BD%D9%8A-%D8%AC%D9%88-%D9%85%D9%81%D8%A7%D9%87%D9%85%D8%AA-%D8%B3%D8%A7%D9%86-%DA%AF%DA%8F-%D8%AC%D8%AF%D9%88%D8%AC%D9%87%D8%AF/#

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home