Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, February 13, 2019

ڊيل جون ڳالهيون ۽ ٽڪراءَ ڏي ويندڙ سياسي صورتحال!

ڊيل جون ڳالهيون ۽ ٽڪراءَ ڏي ويندڙ سياسي صورتحال!

ٽن چئن مهينن کان ”ڊيل“ ۽ ”ڍيل“ جو جهجهو چوٻول آهي، حڪومتي ترجمان ۽ وزير چوندا رهيا ته ڊيل نه ڪنداسين، عتاب هيٺ آيل نواز ليگ چوي ٿي اسين ڊيل گهرون ئي نه پيا، جيڪڏهن حڪومت ڊيل نٿي ڪري ته پوءِ اها ڪنهن کان گهري پئي وڃي؟ ڊيل ڏيڻ وارا ڪير آهن؟ ۽ اهي ڇو پيا ڊيل ڪن؟ مطلب عمران خان حڪومت کان مٿڀرا ڪي هٿ آهن؟
ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان نيٺ اها خاموشي ٽوڙي ته ڪو اين آر او نه پيو اچي، هو چوي ٿو ته ڪنهن به ڪرپٽ ماڻهو کي ڪا رعايت نه ڏينداسين، هو ڳالهه کي بنهه اوچي سُر ۾ کڻي ويو ته لٽيرن کي اين آر او ڏيڻ ملڪ سان غداري آهي. وزيراعظم جو اهو چوڻ سياسي حوالي سان پاليسي بيان جي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن پارليامينٽ بابت به ڪجهه ٻول ٻوليا آهن، چوي ٿو ته پارليامينٽ هلائڻ جي جيتري ڪوشش ڪرڻي هئي سا ڪئي سين. سندس اهڙو اظهار ٻڌائي ٿو ته هو پارليامينٽ کي گهٽ اهميت ڏئي رهيو آهي يا وري اهو ته کانئس اسيمبلي هلي نه پئي.
ان کان اڳ سڌ سماءَ واري وزير چوڌري فواد اشارو ڏنو هو ته شهباز شريف استعيفيٰ ڏئي ورنه کيس ووٽ جي ذريعي هٽايو ويندو. اهو الڳ سوال آهي ته شهباز کي ووٽ جي ذريعي هٽائڻ حڪومت لاءِ هڪ نئون امتحان ٿي پوندو جو اتحادين جي پري ٿيڻ بعد وٽس ايتري اڪثريت ناهي. بهرحال هاڻي وزيراعظم چوي ٿو ته ايئن ڪونه هلندو، ته هڪ ماڻهو جيل مان اٿي اچي ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين ٿي وڃي. هاڻي کول ٿي آهي ته پتو پوي ٿو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرميني لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڪي واعدا ٿيا هئا. خود اپوزيشن ۾ موجود پارٽين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيا هئا. فواد چوڌري هڪ ٽاڪ شو ۾ چيو ته جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، انهن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. نواز ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جواب ۾ ڌمڪي ڏني آهي ته “شهباز شريف خلاف ڪا به ڪارروائي ڪئي وئي ته حڪومت سان طئي ٿيل سموريون شيون ختم ۽ اپوزيشن پنهنجي لائحه عمل ۾ آزاد هوندي.” ڇا شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو سربراهه چونڊڻ کي ڊيل جو نالو ڏئي سگهجي ٿو؟ عام خيال اهو آهي ته حڪومت، اپوزيشن جي گڏيل موقف بعد سياسي توڙي مالي حوالي سان سخت دٻاءُ ۾ هئي، جنهن ڪري ان شهباز شريف کي ڪميٽي جي سربراهي ڏني ورنه حڪومت دلي طور شهباز شريف کي اهو عهدو ڏيڻ نه پئي گهريو. ان جو چٽو اظهار ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي بيانن مان ٿئي ٿو، هاڻي جڏهن حڪومت دٻاءُ مان ٻاهر آئي آهي ته اها شهباز شريف بابت پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ گهري ٿي. کيس اندازو ٿي ويو آهي ته عهدي تي ويٺل نواز ليگ جو صدر کين ڏکيو پئجي رهيو آهي. وزير جي لهجي مان لڳي ٿو ته حڪومت نه رڳو اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي عهدي تان هٽائڻ گهري ٿي بلڪه ڪجهه اپوزيشن ليڊرن کي گرفتار به ڪرڻ گهري ٿي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي، اپوزيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ دنگل جو نئون رائونڊ شروع ٿيڻ وارو آهي.
حڪومت جيئن اپوزيشن سان ورتاءُ ڪرڻ ڏي وڃي رهي آهي ۽ وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي سان جيڪو سلوڪ ڪرڻ جو اظهار ڪيو آهي، ان تي اپوزيشن اوتري ئي شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب جواب ڏنو آهي ته پارلمينٽ عمران خان جي مرضي ۽ منشا جي غلام ناهي ۽ نه ئي ان جي ڌونس سان هلي سگهي ٿي، عمران خان کي سليڪٽيڊ وزيراعظم جا نعرا به ٻڌڻا پوندا.
پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري هڪ دفعو وري عوامي رابطي جي مهم لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. هو سنڌ جو دورو ڪري رهيو آهي، سندس لهجو ساڳيو تلخ آهي، هو چوي ٿو ته ٻيو بنگلاديش ٺهڻ نه ڏينداسين، هو چوي ٿو ته هي وسيلن جي جنگ آهي. سنڌ مان وفاقي ادارن جا هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد کڻي وڃڻ تي اعتراض واريو اٿس ۽ چوي ٿو ته نين آفيسن جي اڏاوت ۾ ڪميشنون ٺاهيون وينديون.
وزيراعظم سميت سڀ پيا چون ته اين آر او نه ملندو، ڇا شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ، نواز شريف کي سندس چوڻ تي لاهور جيل موڪلڻ، سلمان شهباز ۽ حمزه شهباز کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ، اهي سڀ ڊيل جا اشارا ناهن؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي مرضيءَ کان سواءِ ٿي رهيو آهي؟ سچ ته اهو آهي ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جو وس پڄي ته جيڪر نه ڪا ڊيل ٿئي ۽ نه ئي وري نواز ليگ يا پيپلز پارٽي وارن کي رليف ملي.
هاڻي صورتحال چٽي ٿيندي پئي وڃي، اها ڊيل نه عمران خان کان گهري پئي وڃي ۽ نه ئي وري هو اهڙي ڪا ڊيل ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي. سڄي صورتحال کي افغان ڳالهين ۽ آءِ ايم ايف تبديل ڪيو، پاڪستان افغان ڳالهين ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ عمران خان سان ملڻ جو اشارو ڏنو. ايئن حڪومت جو رخ اوڀر بدران اولهه ڏي ٿي ويو. مالي بحران جي حوالي سان چين يا ڪجهه اسلامي برادر ملڪن وٽان ڪا ٺوس مدد نه ملي سگهي. ٺوس انهن معنائن ۾ ته ٻن عرب ملڪن اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ جيڪا رقم جمع ڪرائي آهي، ان تي به وياج جو اگهه 3 سيڪڙو آهي، جيڪو آءِ ايم ايف جي اگهه جيترو ئي آهي. آءِ ايم ايف سان وري ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، اهو به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي جو خود وزيراعظم آءِ ايم ايف سربراهه سان ملڻ ويو آهي. دبئي ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين ليگارڊ سان ملاقات ۾ پاڪستان کي بيل آئوٽ پيڪيج ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف معاشي سڌارن لاءِ متفق ٿي ويا آهن. ڳالهه اها آهي ته معيشت جي بحالي توڙي ايندڙ وقت جي ضمانت طور رڳو معاشي نه پر سياسي ماحول گهربل هوندو آهي، آءِ ايم ايف ڪچي راند نه کيڏندو آهي.
اسلام آباد جي هڪ سينيئر صحافي چواڻي ته جيڪڏهن عمران خان پنهنجي لاءِ صاف رستو گهري ٿو ته ٻين لاءِ به اهڙو صاف رستو ڏيڻو پوندو. مسئلو اتي کڙو ٿئي ٿو، جڏهن عمران خان سمجهي ٿو ته آءِ ايم ايف سان معاملا ٺاهڻ بعد حالتون مڪمل طور سندس قابو ۾ آهن، ان ڪري هو صورتحال کي وڌيڪ ٽڪراءُ ڏي وٺي پيو وڃي. جواب ۾ اپوزيشن به اهڙي ئي حڪمت عملي جوڙي آهي، ڇاڪاڻ جو ان کي ڄاڻ آهي ته سندس پاسو به ڪو ايترو ڪمزور ڪونهي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home