Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, December 23, 2018

عمران خان حڪومت ارڙهين ترميم جو خاتمو ڇو ٿي چاهي؟

سهيل سانگي

حڪومت توڙي مخالف رڌ جي حلقن وٽان اهو تاثر مضبوطي سان ڏنو پيو وڃي ته اٺين آئيني ترميم کي ختم ڪيو پيو وڃي. اها ترميم پيپلز پارٽي جي وفاق ۾ حڪومتي دور ۾ آندي وئي هئي، جنهن ۾ آئين جي 100 شقن ۾ ترميم ۽ تبديلي آندي وئي. تجزيه نگارن ۽ آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته اها ترميم جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لائي دور کان وٺي 2008ع تائين جي ملڪي حالتن جي تجربي جو نچوڙ هئي، جنهن جي ذريعي ملڪ جي آئين کي وڌيڪ جمهوري بنايو ويو هو ۽ پارليامينٽ جي بالادستي مڃائڻ ۽ صوبن کي وڌيڪ مالي توڙي انتظامي اختيار ڏنا ويا.
تحريڪ انصاف بابت اليڪشن کان اڳ به اهڙن خدشن جو اظهار ڪيو پئي ويو ته اها پنهنجي نقطهءِ نظر ۾ وڌيڪ مرڪزيت پسند پارٽي آهي. ان ڪري اها آئين ۾ ترميم جي حوالي سان ڪجهه ڪندي. اها کڻي حڪومت ۾ آئي آهي، سابه جيئن تيئن ان ڪري کيس آئين ۾ ترميم لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ گهربل ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ناهي. پر ان جي باوجود وفاقي وزير فيصل واڊا چوي ٿو ته “ارڙهين ترميم وفاق لاءِ قاتل رهي آهي.“ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اهي سڀ ڳالهيون ڪري رهي آهي، جنهن تي عمل لاءِ وٽس گهربل سگهه چونڊيل ايوان ۾ موجود ناهي. مثال طور ڏکڻ پنجاب يا سرائيڪي صوبو ٺاهڻ هن پارٽي جي منشور جو حصو چيو وڃي ٿو. خود اهو صوبو ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جي ضرورت آهي. ٻه هفتا کن اڳ وفاقي ڪابينا فيصلو ڪري ورتو ته قومي مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن جو ڇهه سيڪڙو حصو گهٽايو وڃي. ستون اين ايف سي ايوارڊ چوي ٿو ته صوبن جو حصو وڌائي ته سگهجي ٿو، پر اهو گهٽائي نٿو سگهجي. ان لاءِ آئين ۾ ترميم جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف وٽ ايوان ۾ گهربل عددي اڪثريت ناهي ته پوءِ هو اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪري؟ ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته موجوده شڪل ۾ آئين پارلياماني نوعيت جو آهي، جيڪو اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪجهه سگهارن ادارن کي ڏکيو پيو پوي. ارڙهين ترميم کان اڳ به ائين کڻي چئجي ته بظاهر پارلياماني هو، پر عملي طرح سان اهو نيم صدارتي ۽ نيم پارلياماني هو. اهو ئي سبب آهي، جو بينظير ڀٽو توڙي نواز شريف ٻنهي وزيراعظم طور تي جيڪا حڪومت هلائي، سا صدارتي طرز تي هلائي. اسيمبلي ٽوڙڻ وارو اختيار صدر کان وٺڻ بعد هڪ حد تائين پارلياماني طرز ڏانهن هڪ وک هئي.
اين ايف سي ايوارڊ ۽ اڙهين آئيني ترميم کي تبديل ڪرڻ خلاف پيپلز پارٽي وڌيڪ سرگرم آهي، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان وٺي صوبائي وزير سعيد غني تائين ۽ خورشيد شاهه کان وٺي رضا رباني ۽ خود بلاول ڀٽو تائين سمورن جي طرفان چٽو موقف اچي چڪو آهي ته پارٽي ترميم ختم ڪرڻ جي مزاحمت ڪندي. جيتوڻيڪ مسلم ليگ نواز هن ترميم کي بنهه سياسي مهم جو حصو نه بڻايو آهي پر ان جي باوجود پارٽي جي اڳواڻ طلال چوڌري گذريل ڏينهن ۾ هن ترميم جي خاتمي جي مخالفت ڪئي. وڏي ڳالهه اها آهي ته ضياءُ الحق دور ۾ قانون واري وزارت جو قلمدان رکندڙ ۽ نواز شريف دور ۾ سينيٽ چيئرمين جو عهدو رکندڙ وسيم سجاد به ارڙهين ترميم جي حق ۾ آهي. هن جي موقف ۾ ٻه ڳالهيون چٽيون آهن. هڪ اها ته اها ترميم تڪڙ ۾ نه ڪئي وئي آهي، بلڪه باقاعده پڪو پُختو فارومولو آهي، جنهن جا سمورا پاسا تڪي توري پوءِ اها ترميم ڪئي وئي آهي. ٻيو اهو ته اها ترميم بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ مشرف دور ۾ لنڊن ۾ جمهوريت واري ٺاهه (چارٽ آف ڊيموڪريسي) جو تسلسل به آهي، بلڪه، ان کان اڳتي وڌي عمل ڪرڻ آهي. وسيم سجاد هڪ عرصي تائين اسٽيبلشمينٽ کي ويجهو رهيو آهي، سندس هن بيان جي ان ڪري به اهميت آهي.
اڙهين ترميم جي خاتمي بابت خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان کي به اعتراض آهن. بلوچستان اسيمبلي ۾ مخالف ڌر گذريل ڏينهن ايوان ۾ ان معاملي تي گوڙ ڪيو ۽ چتاءُ ڏنو ته اهڙي ڪنهن به پيش رفت جي مزاحمت ڪئي ويندي. ساڳي قسم جو بيان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاصل بزنجو به ڏئي چڪو آهي. خيبر پختونخوا مان عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي به ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ سخت موقف جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جون قومپرست ڌريون جيتوڻيڪ ارڙهين ترميم جي حق ۾ کليل نموني سامهون نه آيون آهن، انهن عمران خان حڪومت جي مخالف ۾ پنهنجو حصو ڊيمن جي تعمير ۽ ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ تي احتجاجي مهم شروع ڪرڻ جو پروگرام ٺاهڻ جي شڪل ۾ وڌو آهي.
ڏٺو وڃي ته ترميم منظور ٿيڻ جي ڪجهه ئي مهينن بعد اها ڳالهه ڇيڙي وئي، جنهن مان اهو تاثر ملڻ لڳو ته ڪجهه حلقا اها ترميم واپس ڪرڻ چاهين ٿا. اڳتي هلي ٿيو ائين جو مختلف کاتا مرڪز وٽان صوبن کي ڏيڻ، مالي وسيلا ۽ اختيار ڏيڻ جي معاملي ۾ سستي ڏيکاري وئي. پنجاب ۾ نواز ليگ جي حڪومت هئي. ان کي تڪڙ نه هئي، ڇاڪاڻ جو اها ايندڙ وقت ۾ وفاق ۾ حڪومت ۾ اچڻي هئي ۽ 2013ع جي چونڊن بعد اها حڪومت ۾ به آئي. بلوچستان جو معاملو هونئن به واڳ پرائي وس جي انداز ۾ هو. خيبر پختوانخوا ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هئي، اها به 2018ع جي چونڊن بعد اقتدار جي آسري ۾ هئي. ائين ڏيئي وٺي سنڌ اڪيلو صوبو بچيو هو، جنهن طرفان ارڙهين ترميم تي عمل ڪرڻ لاءِ آواز ته اٿاريو پئي ويو پر اهو آواز سگهارو نه بڻجي سگهيو. ساڳي صورتحال هن وقت به آهي. پيپلز پارٽي اڄوڪي صورتحال ۾ سمجهي ٿي ته اڙهين ترميم وارو معاملو کڻي اها ننڍن صوبن ۾ حڪومت مخالف ماحول جوڙي سگهي ٿي. مٿان وري وفاقي وزيرن طرفان به اهڙا بيان ڏنا ويا، جنهن ۾ اها ترميم ختم ڪرڻ تي زور ڀريو ويو.
سوال اهو آهي ته ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙ آخر چاهين ڇا ٿا؟ ڇا اهي آئين ۾ 100 شعبن ۾ آندل تبديليون واپس ڪرڻ گهرن ٿا؟ هن ترميم کان اڳ مارشل لا لڳائيندڙ ضياءُ الحق، جنهن کي بعد ۾ عدالت غاصب قرار ڏنو هو، ان جو نالو به آئين جو حصو هو. ارڙهين ترميم ۾ گرفتار ٿيل ماڻهن جو انصاف ڀري انداز سان ڪيس هلائڻ توڙي معاملوت تائين تمام ماڻهو جي رسائي ۽ تعليم جي حق واريون شقون به شامل آهن.
تحريڪ انصاف جي حڪومت توڙي ڪجهه ادارن جو خيال آهي ته ارڙهين ترميم آڻڻ بعد وفاق جو مالي خسارو وڌي ويو آهي. اهو ان ڪري صحيح نه آهي، جو ارڙهين ترميم هجي يا اين ايف سي ايوارڊ، ڳالهه مالي وسيلن ۽ پئسن جي آهي. جيڪڏهن پئسا ۽ کاتن جا اختيار اڃا وفاق وٽ آهن ته وفاق اسلام آباد مان ويهي ٿرپارڪر جي ڳوٺ بليهاري يا بلوچستان جي ڪنهن پري واري هنڌ، جتي صحت، تعليم وغيره جون سهولتون نه آهن، انهن بابت نه هن کي خبر پوندي، نه وري مرڪز اها مانيٽرنگ ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏڻيون آهن ته صوبن کي اهي اختيار ۽ وسيلا ڏيڻا پوندا. ائين نه ٿيندو ته صوبن کي کاتا ته ڏئي ڇڏيو پر مالي وسيلا نه ڏيو. جيڪڏهن وفاق اهي کاتا ۽ مالي وسيلا واپس پاڻ وٽ رکي ٿو ته اهو ساڳيو خرچ وفاق کي به ڪرڻو پوندو. واڌو اهو ته انهن سهولتن جي ماڻهن تائين رسائي ممڪن نه ٿي سگهندي. ان ڪري تحريڪ انصاف حڪومت يا ٻين ڌرين طرفان اٿاريل هن اعتراض ۾ ڪو وزن ڪونه ٿو بيهي ته ارڙهين ترميم جي نتيجي ۾ ڪو وفاق جو خسارو گهٽجي ويندو.
sohailsangi@yahoo.com

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home