Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, July 23, 2018

سڀاڻي واري چونڊ کان اڳ جا منظر ۽ نتيجن جي ساک بابت اٿاريل سوال! سهيل سانگي

اڱارو 24 جولاءِ 2018ع


Photo courtesy ARY News

سهيل سانگي

سڀاڻي پاڪستان جو عوام ملڪ جي مهانگي ترين ۽ گهڻو تڪراري بنيل، بلڪه رتوڇاڻ ڀريل چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ وڃي رهيو آهي. هن ڀيري واري چونڊ مهم ڪيترن ئي حوالن سان ماضيءَ کان گهڻو مختلف رهي. 2013ع جي چونڊن ۾ رڳو دهشتگردي جو خطرو هو، پر هاڻوڪي چونڊن جي سرگرمي دهشتگردي جو نشانو بڻي. ٽن اميدوارن سميت اٽڪل پوڻا ٻه سئو ماڻهو دهشتگرديءَ جو کاڄ ٿي ويا. چونڊن جي عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ جيڪي حالتون ۽ موقعا سامهون آيا، ان بعد سواءِ تحريڪ انصاف جي سمورن پارٽين کي شڪايتون رهيون. ڪن چيو ته برابري جا موقعا نه پيا ڏنا وڃن، هڪجهڙو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي، ڪي جماعتون ان حد تائين به ويون ته ڌانڌلي ٿي چڪي آهي يا وري اهو ته ڌانڌلي ضرور ٿيندي.
مکيه ادارن جو رول چونڊ مهم ۾ بحث ۽ تڪرار هيٺ رهيو. اليڪشن ڪميشن تي سڌي تنقيد ڪندڙ اڳوڻو چيئرمين سينيٽ رضا رباني هو، جنهن ايوان ۾ وڏي واڪي چيو ته، اليڪشن ڪميشن بي ضابطگين تي مجرمانه خاموشي اختيار ڪيو ويٺي آهي. هن انتخابي عمل ۾ فوج جي رول بابت چيو ته، فوج بابت اليڪشن ڪميشن جي ضابطي ۾ ڪا ڳالهه چٽي ناهي. فوج جي ترجمان، ايتري قدر جو آرمي چيف وضاحت ڪئي ته فوج چونڊن جي عمل ۾ اليڪشن ڪميشن سان سهڪاري رهندي ۽ ان جي ئي هدايتن تي عمل ڪندي. ميڊيا کي رياستي ادارن جي ڪنٽرول جون شڪايتون رهيون.
اصل ۾ ملڪ ۾ چونڊون هڪ اهڙي ماحول ۾ ٿي رهيون آهن، جڏهن سياسي ورڇ وڌي آهي. اها عجيب ڳالهه آهي، جو پهريون ڀيرو چونڊون غير نظرياتي بنيادن تي ٿي رهيون آهن. سياسي جماعتن جيتوڻيڪ چونڊ منشور ۽ پروگرام جاري ڪيا آهن پر اهي گهٽ اهميت رکن ٿا. منشور يا پروگرام جي بدران سياسي پارٽيون ٻن قسمن جي بيانيه ۾ ورهايل آهن. هڪ نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ/سويلين اختيارين جي بالادستيءَ جو نعرو ٿو هڻي، جيڪو ان جي سامهون واري قطار ۾ بيٺل آهي. پاڪستان ۾ اڳي وڏي حد تائين ٻه جماعتي سياسي نظام رهيو آهي، جنهن ۾ ننڍيون پارٽيون پنهنجو رول ادا ڪنديون رهيون آهن پر معاملو ٻن جماعتن جي چوگرد گهمندو رهيو. هيءُ پهريون ڀيرو آهي جو ملڪ ٽه جماعتي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي. هاڻي جيئن ته نظرياتي سياست ختم ٿي ويئي آهي ته سياسي پارٽيون ڪنهن معاشي يا سماجي تبديلي جي پروگرام يا موقف تي بيٺل ناهن. نتيجي ۾ سياست توڙي چونڊون اقتدار وٺڻ لاءِ ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ذاتي مفاد جي اهميت وڌي وئي آهي.
پهريون موقعو آهي جو نواز ليگ بنا نواز شريف جي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ ان جي قيادت شهباز شريف وٽ آهي. چونڊ مهم شروع ٿيڻ سان نواز ليگ جي اميدوارن ۽ اليڪٽ ايبلز تي دٻاءُ وڌيو. ڪن خلاف جاچ ٿي، ڪن تي ڪيس داخل ٿيا، ڪي وري پارٽي مٽائي ويا. ڪن اهم اميدوارن جهڙوڪ شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف جا نامينيشن ڪاغذ رد ٿيا. جن مان ڪجهه اميدوارن کي عدالتن چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني. سنڌ ۾ پي پي پي جا ٻه سينيئر اڳواڻن نثار کهڙو ۽ منظور وساڻ مقابلي مان آئوٽ ٿي ويا. صورتحال اها وڃي بيٺي، جو اليڪشن کان ڏهاڪو ڏينهن اڳ تائين اٽڪل 85 اميدوارن جا معاملا عدالتن ۾ هئا. کين پڪ نه هئي ته اهي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندا يا نه؟ تنهن ڪري اهي چونڊ مهم ڀرپور طريقي سان هلائي نه سگهيا.
چونڊن وارو عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي احتساب عدالت ايون فيلڊ فليٽ واري ڪيس ۾ سزا ٻڌائي. سزا ڪاٽڻ لاءِ وطن پهتل ٻنهي پيءُ ۽ ڌيءَ جي استقبال جي موقعي تي نواز ليگي ڪارڪنن کي روڪڻ ۽ ميڊيا تي مڙهيل پابندي پنجاب توڙي وفاقي نگران حڪومت بابت سوال پيدا ڪيا، ۽ سياسي جماعتن ان عمل تي تنقيد ڪئي. چونڊ مهم عروج تي هئي ته پيپلز پارٽي جي ”وڏي“ آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ٿي. کين ايف آءِ اي ۽ سپريم ڪورٽ آڏو گهرايو ويو. سندن نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حسين لوائي خلاف عدالت ۾ پيش ڪيل چالان ۽ انهن ٻنهي اڳواڻن کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي. بهرحال ايف آءِ اي ۽ عدالت ان معاملي کي اليڪشن کانپوءِ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چونڊن ۾ سرڪاري عملدارن جي مداخلت يا اثرانداز ٿيڻ جي پيش نظر نگران حڪومتن خاص ڪري سنڌ ۽ پنجاب ۾ سيڪريٽري کان وٺي مختيارڪار تائين ۽ آءِ جي پوليس کان وٺي ايس ايڇ او تائين بدليون ڪيون. چونڊ مهم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه کي خاص هدايتون ۽ اختيار ڏنا ويا، جن جي ضلعي انتظاميه سختي سان مانيٽرنگ ڪندي رهي. 20 جولاءِ تائين سڄي ملڪ ۾ 11 هزار 93 اميدوارن اليڪشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي، جن مان 2 هزار 3 سئو 33 اميدوارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. ان ۾ ڪجهه وڏا نالا به شامل آهن. 43 اميدوارن تي ڏنڊ وڌو ويو ۽ 2 لک 18 هزار وڏي سائيز جا بينر ۽ هولڊنگ هٽايا ويا.  پنجاب هڪ لک، سنڌ ۾ 75 هزار، بلوچستان ۾ 3 هزار، خيبر پختونخوا ۾ 45 هزار بينر ۽ هولڊنگز هٽايا ويا.
هن ڀيري چونڊ مهم هيٺين سطح تائين نه لٿي. نه رستن ۽ گهٽين ۾ گهما گهمي نظر آئي، نه چونڊن جو ماحول. ووٽ وٺڻ لاءِ سياسي طريقي جي بدران ذاتي طريقا (يعني در تي لنگهي وڃڻ) اختيار ڪيا ويا. سڄي دنيا ۾ چونڊن جي عمل دوران وڏي پيماني تي ماڻهو سياسي عمل ۾ شرڪت ڪندا آهن، سياست ۽ سياسي پارٽين سان رشتو ٺاهيندا آهن. سياسي پارٽيون ماڻهن آڏو وچن، واعدا ۽ دعوائون ڪنديون آهن. پر هن ڀيري ڀرپور چونڊ مهم نه هجڻ ڪري ماڻهن جي سياسي عمل ۾ شرڪت نه ٿي سگهي. ائين اها مهم پنهنجي جوهر ۾ غير سياسي رهي. نتيجي ۾ عام ماڻهن مان سياسي پارٽين کي ڪو نئون ڪارڪن به نه ملي سگهيو.
ووٽرن جي حڪمران جماعت جي اميدوارن کان جواب طلبي ۽ سوشل ميڊيا جو رول چونڊ مهم جي خصوصيت رهي، جنهن سان عام ماڻهو کي حوصلو ٿيو ته هو جيڪڏهن ڀوتار کان ائين سوال کڻي نٿو پڇي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ووٽ ته پنهنجي مرضيءَ سان ڏيئي سگهي ٿو. منفي مهم ووٽرن جي توجهه جو مرڪز رهندي آهي. اهو رجحان موجوده چونڊ مهم ۾ به وڏي حد تائين رهيو. مک اڳواڻن عمران خان، اسپيڪر اياز صادق، خيبر پختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ، مولانا فضل الرحمان جا نالا گهڻو سامهون آيا، جن جو اليڪشن ڪميشن به نوٽيس ورتو.
سيڪيورٽي چونڊ مهم کي گهڻو متاثر ڪيو. مستونگ، پشاور، ڊيرا اسماعيل خان ۾ بم ڌماڪن ۾ ٽن اميدوارن سميت 175 ماڻهو مارجي ويا. مکيه سياسي پارٽين جي اهم اڳواڻن کي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيا ويا. اي اين پي پنهنجي اڳواڻ هارون بلور جي شهادت کانپوءِ چونڊ مهم دوران پنهنجا سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ مهم جاري رکي. خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ ڪري بلاول ڀٽو زرداري جلسا نه ڪري سگهيو. سنڌ جي سياست ۾ نئين روپ ۾ آيل مذهبي عنصر مين اسٽريم ۾ ايندي نظر آيو. هتي روايتي مذهبي جماعتون ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود رهيون آهن، پر هن ڀيري انتها پسندي واري نعري واريون جماعتون به سنڌ پهتيون آهن ۽ سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ڪجهه اميدوارن ڪجهه ووٽن جي آسري تي انهن سان اتحاد به ڪري ويٺا آهن.
اهو الميو هڪ دفعو وري سامهون آيو ته سنڌ جا قوم پرست سڏائيندڙ منظم طور اليڪشن ۾ سامهون نه آيا. ساڳي طرح ايم ڪيو ايم ۽ ان جي ڪک مان جنم وٺندڙ گروپ به گڏيل حڪمت عملي ٺاهي ۽ گڏيل اميدار آڻي نه سگهيا. هي چونڊون ملڪ جي اهم ادارن، اليڪشن ڪميشن توڙي سياسي پارٽين لاءِ امتحان آهن. سگهاري بڻيل اليڪشن ڪميشن پهريون ڀيرو پولنگ جي موقعي تي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي. اهو سٺو سنئوڻ آهي. چونڊن جو عمل فني يا ٽيڪنيڪلي حوالي سان کڻي ڪيترو ئي جديد هجي، پر سڄي عمل تي عوام جو اعتماد هجڻ ضروري آهي. ڪجهه ڪري وٺو، جيڪڏهن عوام سمجهي ٿو ته ووٽ جي جيڪا پرچي هن وڌي هئي، نتيجا ان کان مختلف آهن ته پوءِ اها سڄي ٽيڪنالاجي ۽ ڪوششون بي معنيٰ بڻجي وڃن ٿيون.
چونڊن ۾ هن ڀيري اسٽيڪ وڏا آهن، ان ڪري چونڊن جي عمل توڙي نتيجن بابت شڪ شبها به اوترائي وڏا آهن. ڏسجي اسان جا ادارا ان امتحان تي ڪيترا پورا ٿا لهن؟

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home