Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, June 20, 2018

ڇا جمهوريت رڳو چونڊون ڪرائڻ جو نالو آهي؟ سهيل سانگي

اربع 20 جون 2018ع
عمران خان جون فرمائشون وڌي ويون آهن، هو هر هفتي ڪونه ڪو اشو کڻي ويهي ٿو رهي. ائين هو پاڻ کي خبرن ۾ به رکي ٿو، ساڳئي وقت دٻاءُ به برقرار رکي ٿو. ڳالهه نگران حڪومتن جي جوڙجڪ تي ڏڦيڙ کان شروع ٿي، ان کانپوءِ نامزدگي فارمن ۾ تبديلي، وري مکيه اڳواڻن جي فارمن تي اعتراض- آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي فارمن تي اعتراض واريا ويا. ڳالهه اتي وڃي پهتي، جو آصف زرداري جي وڪيل چيو ته لڳي ٿو ته آصف زرداري ۽ فريال کي اليڪشن وڙهڻ کان روڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي تي اهو دٻاءُ ان لاءِ وڌو پيو وڃي ته جيئن اهو عام تاثر ٽوڙڻ ۾ مدد ملي ته چونڊن بعد پيپلز پارٽي ئي حڪومت ۾ ايندي. اصل ۾ اهو آسرو پيپلز پارٽي جي کٽڻ جو وڏو ڪارڻ پڻ بڻيل آهي. ان ڳالهه کي ايترو محسوس ڪيو ويو، جو پارٽي جي اعليٰ قيادت کي اهو ورجائڻو پيو ته حڪومت اها ئي ٺاهيندي. سعيد غني واڌارو ڪيو ته پيپلز پارٽي ڪراچيءَ مان پنجاهه سيڪڙو سيٽون کڻندي ۽ عمران خان هاڻي نادرا کي وچ ۾ آندو آهي ته ان ووٽرن جي ڊيٽا نواز ليگ کي ڏني آهي.

نواز ليگ تي دٻاءُ برقرار آهي. بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت تشويشناڪ هجڻ ڪري احتساب عدالت جي فيصلي لاءِ رٿيل پروگرام ۾ شايد ٻه هفتا کن دير ٿئي.

نگران حڪومتن جو معاملو به عجيب آهي، جو يا ته نگران وزير اعليٰ کي پنهنجي مرضيءَ سان ڪابينا کڻڻ ۽ پرسنل سيڪريٽري جو اختيار نه پئي ڏنو ويو، ۽ هاڻي وري ضروري ڀرتين جا اختيار به ڏنا ويا آهن. نگران حڪومت جي نگراني اليڪشن ڪميشن ڪري رهي آهي. اليڪشن ڪميشن جي نگراني عدليه ڪري رهي آهي. اها ئي عدليه احتساب ۽ احتساب وارن ڪيسن جي به نگراني ڪري رهي آهي. اليڪشن ڪميشن ذريعي وري سياسي پارٽين جي نگراني ٿي رهي آهي. حالت اها آهي، جو چونڊ مهم شروع ئي نه ٿي سگهي آهي. بجاءِ ان جي جو اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين لاءِ آساني پيدا ڪري ته اهي عوام وٽ وڃن ۽ پنهنجو پروگرام ڏين، ڪميشن ڪنهن نه ڪنهن معاملي تي اٽڪ وجهيو ويٺي آهي. اليڪشن جي پروگرام جي ڳالهه نه پئي ٿئي. پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سکر ۾ ڏاڍي اهم ڳالهه چئي آهي ته اليڪشن ڪميشن کانپوءِ ڪنهن کي ڳڙٻڙ ڪرڻ نه ڏينداسين. ان جا ٻه ئي مطلب ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ته نتيجن کي شايد تسليم نه ڪيو وڃي. ٻيو اهو ته نتيجا اهڙا اچن، جن کي نواز ليگ ڌانڌلي جو الزام هڻي احتجاج ڏي وڃي.

پاڪستان ۾ اليڪشن ٿين، ڪڏهن ٿين ۽ ڪيئن ٿين؟ اهو سڄو مامرو پرٻاهرو اڪلايو ويندو آهي. مک عالمي قوتون ۽ مالياتي ادارا ڇا ٿا چاهين؟ فيصلو ان جي روشني ۾ ٿيندو. اڃا ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آهي ته تيز رفتار ترقي لاءِ آمراڻي طرز حڪومت کي لازمي سمجهيو ويندو هو ۽ انهيءَ تيز ترقيءَ جي نالي ۾ عالمي ڌريون ۽ مالياتي ادارا آمرن جي حمايت ڪندا هئا. بلڪه انهن کي حڪومت آڻڻ جو ذريعو به بڻيا هئا. پنجاهه واري ڏهاڪي کان وٺي اسي واري ڏهاڪي تائين دنيا ۾ ڪيترن هنڌن تي آمرن جو راڄ هو. هاڻي صورتحال تبديل ٿي آهي. هاڻي جمهوريت جو منتر آهي، مالياتي ادارا به پئسا ڏيڻ لاءِ جمهوريت جو شرط وجهن ٿا.

سمورين لاهين چاڙهين باوجود اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان اڄ جيڪڏهن چونڊن تي بيٺل آهي ته ان جو وڏو سبب عالمي صورتحال آهي. ڏاڍي مزيدار ڳالهه آهي ته اولهه وارن جي سٺي حڪمراني واري ايجنڊا سوويت يونين جي زوال کان پوءِ سامهون آئي آهي، ورنه ڄڻ اهو معيشت ۽ سياست جي ڊڪشنري ۾ ئي ڪونه هو. هن ايجنڊا تي عمل ڪرڻ جي صورتحال تي غور ڪبو ته پتو پوندو ته اهي جمهوري ادارا سطحي حد تائين رکڻ جا حامي آهن. حقيقي معنيٰ ۾ جمهوري ادارا هجن، ان جي ضرورت ناهي، ان ڪري انهن جمهوري ادارن جي موجودگيءَ کي پاڪستان توڙي ٻين اهڙن ملڪن ۾ اتان جي سماجي ڍانچي سان موافقت ۾ رکيو وڃي ٿو. يعني اڳ واري سياسي ۽ سماجي ڍانچي ۾ جيڪي اقتداري ڌريون ۽ طبقا آهن، سي ڀلي بالادست ئي رهن.

پاڪستان جي حڪومتن جو هڪ پيدائشي نقص آهي ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي اسان پنهنجون معاشي ۽ پرڏيهي پاليسيون پاڻڀرو ٿيڻ ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ بدران ٻين جي فرمائشن ۽ مفادن موجب ٺاهيون. سچي ڳالهه اها آهي ته اسين اڄ به انهن ئي پيرن تي آهيون ۽ انهن آڏو ئي جوابده آهيون. ڀٽو کي ڦاهي ڇو چاڙهيو ويو؟ ضياءُالحق کي جهاز ۾ ڇو اڏايو ويو؟ بينظير ڀٽو کي ڇو قتل ڪيو ويو؟ اهي سڀ معاملا ملڪي سطح تي فيصلي جوڳا نه هئا. اهو ئي سبب آهي، جو اهي سڀ ڳجهه بڻيل آهن. اهو ئي سبب آهي جو حڪمرانن ڪڏهن به پاڻ کي ووٽرن آڏو جوابده نه سمجهيو آهي. ها ايترو ضرور آهي، جو عوام سان رجوع ڪرڻ لاءِ ووٽنگ ذريعي ميار لاهين ٿا. ان ۾ به سندن ڀلو آهي، جو عوام طرفان ووٽ جو ٺپو لڳڻ بعد اهي مالياتي ادارن وٽ قرض وٺڻ لاءِ نه رڳو اهل بڻجن ٿا، بلڪه پرڪشش به. مطلب ته پاڪستان ۾ جيڪا انڌي منڊي جمهوريت آهي، اها عالمي حالتن سبب آهي، اها جمهوريت ڪنهن به صورت ۾ حقيقي ناهي، اهڙي جمهوريت جيڪا غريب ۽ عام ماڻهن جي ضرورتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي اوليت ڏيندي هجي. اها سچي ڳالهه آهي ته اسان واري جمهوريت عوام جي امنگن يا مطالبن سان ٺهڪندڙ ئي ناهي، بلڪه پرڏيهي ايڪٽرن ۽ انهن جي مطالبن سان پيچ کائي ٿي. اهو درست آهي ته معاشي معنائن ۾ جمهوريت خود ترقي ڪوٺجي ٿي، جو اهو ئي هڪ طريقو ۽ رستو آهي، جنهن جي ذريعي معاشي، سياسي ۽ سماجي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسان وٽ جمهوريت ۾ ديسي ڍانچو ۽ اقتدار سان تعلقات بنياد بڻيل رهيا، نتيجي ۾ هڪ اهڙو نظام وجود ۾ آيو، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ غير جمهوري آهي، ان نظام پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ٿيڻ خواب آهي.

ڪنهن ڏاهي واهه جي ڳالهه ڪئي هئي ته، ”جيڪڏهن سياسي اڳواڻ پنهنجا واعدا نڀائيندا عوام جي ڀلي لاءِ حقيقي ۽ پائيدار پروگرامن تي عمل ڪن ته جمهوريت جو گس سڌو ٿي وڃي ها“- پر ڳالهه اها آهي ته تڪڙ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ اقتدار ۾ ويهي مفاد پرستي ڪرڻ، بنا ميرٽ جي حڪومت ۾ اچڻ وارن جا هجوم موجود هوندا آهن. اهي هجوم ۽ ان جا مفاد توڙي خواهشون آمريت پسندن جي مفاد وٽان هونديون آهن. ان ڪري اهي ڌريون هڪ ٻئي جون ساٿي آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سياسي ڌرين جي کاتي ۾ ناڪام حڪمران ۽ غيرجمهوري اُپائن جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. پاڪستان ۾ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جيڪو هڪ ٻئي سان ڪيو، وري 2008ع جي چونڊن کانپوءِ نواز ليگ جيڪو پيپلز پارٽي جي حڪومت سان ڪيو يا اڄ ڪلهه جيڪو پيپلز پارٽي جو اسٽيبلشمينٽ جي ڀر وٺڻ وارو ڪردار اسان جي سامهون آهي، سي ان حوالي سان ”شاندار“ مثال آهن. 
اقتدار جي بک، جيڪا اختيارن ۽ مال ميڙڻ جي بک ۾ تبديلي ٿي ويندي آهي، ان سان گڏ سياسي ٻاڙائي ۽ اڻ سهپ جمهوريت جي چنڊ کي ڊگهي عرصي لاءِ گرهڻ هيٺ آڻي ڇڏيندي آهي. هيءُ اهڙو موڙ آهي، جتي وري غير سياسي ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. 
سياسي ڌرين کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي ته سڄي سياسي ڦيٽاڙي ۾ سندن ڇا ڪردار رهيو آهي؟ ٻه مکيه سياسي رانديگر پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي ويهارو کن سالن جو گڏيل تجربو آهي. معاملو ڊگهي نظر رکڻ جو آهي ته حقيقي معنيٰ ۾ عوام کي ڇا ڏيڻو آهي. 
معاملو رڳو چونڊون ڪرائڻ ناهي. اهي چونڊون تڏهن بامقصد ٿي سگهنديون، جڏهن شفاف هونديون. سمورين ڌرين سان برابري جي بنياد تي ورتاءُ ٿيندو. سياسي پارٽين کي واڙي هڪ هنڌ تي ويهارڻ بدران انهن کي عوام ڏي ڌڪيو ويندو. ها ان لاءِ ضرور زور ڀري سگهجي ٿو ته اهي پنهنجون جامع سياسي ۽ سماجي پاليسيون چونڊ منشور طور عوام آڏو رکن. اصل ڳالهه عوام جا صحت، روزگار، تعليم ۽ بنيادي سهولتن جا اشوز آهن. ملڪي معيشت ايندڙ وقت جي رٿابندي ۽ پرڏيهي پاليسي آهي. انهن موضوعن تي جيڪڏهن ڳالهه نٿي ٿئي ۽ رڳو تون، ڪوڙو فلاڻو سچو يعني صادق ۽ امين تي معاملو بيهي ٿو يا چند فارمن جي ڇنڊ ڦوڪ کي اوليت ملي ٿي ته پوءِ چونڊون خانه پوري رهنديون، جنهن جو عوام کي ڪوبه فائدو نه ملندو. ائين ماڻهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهارڻ ۾ مدد ملندي ته جمهوريت مان عام ماڻهن کي ڪهڙو فائدو؟

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/20%20Jun%202018.htm

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home