Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, June 20, 2018

لوڌران ۾ فتح کانپوءِ نواز شريف لاءِ هالتون بهتر ٿي وينديون؟

سهيل سانگي

اربع 14 فيبروري 2018ع
تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين جي عدالت هٿان نااهلي بعد خالي ٿيل قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ٿيل ضمني چونڊ جا نتيجا پي ٽي آءِ لاءِ وڏو اپ سيٽ آهن. اڳ سيٽ کٽيندڙ جهانگير ترين جو پٽ پي ٽي آءِ جو اميدوار علي ترين نواز ليگ جي اميدوار اقبال شاهه هٿان وڏي پيماني تي هارائي ويو. 2013ع کان پوءِ ملڪ اندر پي ٽِي آءِ طرفان نواز ليگ خلاف اٿاريل تحريڪ، پهرين چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ پوءِ پاناما ليڪس وارن ڌرڻن توڙي عدالت طرفان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيئي وزارت عظميٰ تان هٽائڻ وارين ڳالهين بعد ايئن ئي لڳو ته پنجاب ۾ عمران خان جي سياسي سرسي ٿي رهي آهي ۽ نواز شريف جي مقبوليت گهٽجي رهي آهي. اهڙو تاثر عمران خان جي لڳاتار سندس وڏن جلسن، تقريرن ۽ ميڊيا جي ذريعي پيدا ڪيل ماحول مان ملي رهيو هو. پر ضمني چونڊ جا نتيجا ڪجهه ٻيو پيا ٻڌائين.
انهن نتيجن جا ڪيئي پهلو آهن، جيڪي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ ان کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا. پهرين ڳالهه اها ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڪوٺايل جلسن ۾ ماڻهن جي ڀرپور شرڪت ۽ هاڻي وري ضمني چونڊ اهو ڏيکاريو ته سمورن الزامن، عدالتي فيصلن ايتري قدر جو سياسي ۽ غير سياسي ڌرين جي دٻاءَ باوجود نواز شريف جي مقبوليت ماڳهين وڌي آهي. ورنه هن سيٽ تي جهانگير ترين گذريل ڀيري 40 هزار جي سرسي سان کٽيو هو. هاڻي سندس پٽ اٽڪل 27- 28 هزار ووٽن تان شڪست کاڌي آهي. ٻي ڳالهه اها به سامهون آئي ته پيپلز پارٽي سمورين ڪوششن ۽ زرداري صاحب جي ڪاريگرين جي باوجود پنهنجي پوزيشن ۾ ڪو سڌارو نه آڻي سگهي. ماڳهين نتيجا اهو ٻڌائين ٿا ته اڳيون سوجهرو به چٽ. هن ضمني چونڊ ۾ ٽين پوزيشن آزاد اميدوار جي آهي. پيپلز پارٽي جي اميدوار 3189 ووٽ کنيا آهن. ايڏي وڏي پارٽي جي اميدوار کي ايترا ٿورا ووٽ پوڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته پنجاب جو موڊ تبديل نه ٿيو آهي. هو پنهنجي ليڊرشپ نه عمران کي ڏيڻ، نه وري پيپلز پارٽي کي ڏيڻ جي موڊ ۾ آهي.
هن ضمني چونڊ جي مهم ۾ نه نواز شريف، نه ئي وري شهباز شريف يا حمزه شريف تڪ جو دورو ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان هن تڪ جو دورو به ڪيو هو. يعني نواز شريف جي موقف ۽ پنجاب ۾ سندس ٿيندڙ وڏا جلسا هن چونڊ نتيجن تي اثر انداز ٿيا. ايئن چئي سگهجي ٿو ته نواز شريف جي موقف يعني هن کي نااهل قرار ڏيڻ غلط آهي، سندس ۽ پارٽي خلاف جيڪي سياسي توڙي عدالت ۾ جيڪي معاملا هلي رهيا آهن، اهي ايئن ناهن، جيئن پيش ڪيا پيا وڃن، جڏهن نواز شريف جا وڏا وڏا جلسا ٿيا ۽ ماڻهن وري ووٽ به ڏنا، ان مان تجزيه نگار اهو نتيجو ڪڍي رهيا آهن ته ڄڻ پنجاب جو عوام نواز شريف جي موقف کي صحيح سمجهي ٿو ۽ مٿس لڳندڙ الزامن کي غلط سمجهي ٿو. ايئن ڄڻ پنجاب اڃان نواز شريف سان بيٺو آهي.
مٿي ڄاڻايل هڪڙي صورتحال آهي. ٻي صورتحال نواز شريف خلاف احتساب جا هلندڙ ڪيس، توهين عدالت وارا معاملا ۽ نااهليءَ جو مدو مقرر ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ هلندڙ درخواست آهي، ۽ خود اهو ته نااهل شخص پارٽيءَ جو صدر رهي به سگهي ٿو يا نه؟ اهي سڀ ڳالهيون عدالتن ۾ ڄڻ آخري مرحلي ۾ بيٺيون آهن. ڪجهه تجزيه نگار نواز شريف جي ويجهن حلقن جي حوالي سان چون ٿا ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ کي سزا اچڻ واري آهي. هو ته ماڳهين اهو پيا چون ته باقي ان سزا لڳڻ ۾ ٽن چئن هفتن جو پنڌ آهي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته عدالت ۾ هلندڙ انهن معاملن ۾ ڪو رليف يا سهولت نواز شريف کي ملندي نظر ڪانه ٿي اچي. اهو ئي سبب آهي ته نااهلي واري مدي جي تعين بابت عدالت ۾ هلندڙ درخواست ۾ نواز شريف پنهنجو بچاءُ ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هو سمجهي ٿو ته فيصلو سندس خلاف اچڻو آهي. ايئن ٻيا به ڪيترائي اشارا ملن ٿا، جيڪي ٻڌائين ٿا ته عدالتن ۾ هلندڙ معاملا نواز شريف جي حق ۾ ڪونه ٿا بيهن.
ضمني چونڊ اهڙي موقعي تي ٿي آهي، جڏهن مذهبي ڪارڊ نواز شريف ۽ سندس پارٽي خلاف ڀرپور طريقي سان استعمال ٿيو. ان ۾ جيتوڻيڪ نواز ليگ ۽ شهباز شريف ڪجهه هنڌن تي مصلحت پسنديءَ جو مظاهرو ڪيو، پر صوبي اندر مذهبي سياسي رنگ پنهنجي جاءِ تي برقرار رهيو. پر اهو مذهبي رنگ نواز ليگ خلاف ووٽ ۾ تبديل نه ٿي سگهيو. اها مختلف ڳالهه لڳي ٿي، ورنه هن کان اڳ اهو حساب لڳايو پئي ويو ته پهرين ڏينهن کان نواز ليگ جي مذهبي ووٽ جو وڏو سهارو رهيو آهي. ان کان پري ٿيڻ يا ان جو نواز ليگ کان پري ٿيڻ جو مطلب نواز ليگ جي شڪست سمجهي پئي وئي. جيتوڻيڪ هن تڪ اندر مذهبي رنگ واري ووٽ توڙي صوبي اندر ان رنگ جي ووٽ ۾ تبديل نه ٿيڻ بابت ڪجهه وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، پر هڪ حد تائين اها ڳالهه سامهون اچي چڪي آهي. هڪ خيال اهو به ڏيکاريو پيو وڃي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ لاءِ ڪوششون به ان لاءِ ڪيون پيون وڃن، جو اهو ووٽ نواز ليگ جي خلاف گهڻو استعمال ٿيندو.
هن وقت تائين نواز شريف ۽ سندس پارٽي خلاف کنيل قدم ۽ عدالتي فيصلا نواز شريف جي مقبوليت گهٽائي نه سگهيا آهن. ماڳهين ان ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻيل آهن. جيڪڏهن باقي عدالتن ۾ هلندڙ معاملا به نواز شريف جي خلاف بيهن ٿا، تڏهن به سوال اهو ٿو بيهي ته ان جو عوام ۽ ووٽرن تي ڪهڙو اٿر پوندو؟ نواز شريف ۽ غيرجانبدار تجزيه نگارن جو لڳاتار اهو چوڻ آهي ته نواز شريف خلاف هلندڙ معاملن جو تعلق سياست سان آهي. ان ڪري جيڪڏهن اهي عوامي مقبوليت يا عوامي راءِ جي خلاف اچن ٿا ته پوءِ سمورين ڌرين کي نواز ليگ جي وڌيڪ مقبوليت ڏسڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
نواز شريف ۽ سندس پارٽي جي حڪومت جي حوالي سان هڪ ٻيو واقعو اهو سامهون آيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته راجا ظفرالحق ڪميٽي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٽن وزيرن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويندا. ختم نبوت جي قسم نامي ۾ ترميم بابت ڪجهه مذهبي جماعتن گذريل سال نومبر ۾ فيض آباد چوڪ تي ڌرڻو هنيو هو، جيڪو وزير قانون زاهد حامد جي استعيفا تي ختم ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جو چوڻ آهي ته هي حساس مذهبي معاملو آهي ان کي لنوائي يا ان تي ماٺ ڪري نٿو ويهي سگهجي. جيڪڏهن توهين عدالت جا اهڙا نوٽِس جاري ٿيا يا اڳتي ڪارروائي هلي ته نواز ليگ جي ٽن وزيرن سان گڏو گڏ پارٽي جا ٻه اهم ماڻهو ان جي زد ۾ ايندا. اهي ٻئي ڄڻا هن وقت پارٽي اندر ٿيندڙ سياست ۾ نواز شريف سان گڏ بيٺا آهن. جڏهن ته انهن مان هڪ ڄڻو شاهد خاقان عباسي نواز شريف جي عهدي ڇڏڻ بعد وزيراعظم آهي. هونئن پارٽي جي اڳواڻي توڙي وزيراعظم لاءِ شهباز شريف کي ئي مضبوط اميدوار سمجهيو ٿي ويو، جيڪو پنجاب به سنڀالي ويٺو آهي. ساڳي وقت نواز شريف جو ڀاءُ به آهي. ايئن خانداني سياست ڇانيل پئي رهي، پر مريم نواز جي سياسي ميدان ۾ وڌيڪ سرگرم ٿيڻ ۽ نواز شريف طرفان شهباز شريف واري مصلحت پسندي يا ”سڀني سان ٺهي هلو- ڏکيو وقت ڪڍو“ جي سياست ڪرڻ بدران ٽڪراءَ واري سياست اختيار ڪئي وئي. ايئن نواز ليگ جي سياست ۾ هڪ ٻيو وڪڙ اچي ويو. هن وقت صورتحال اها آهي، جو نواز شريف کي سزا اچڻ يا ڊگهي عرصي جي نااهلي وارو فيصلو اچڻ جي صورت ۾ شاهد خاقان عباسي وزيراعظم ۽ راجا ظفر الحق نواز ليگ جو صدر ٿيندي نظر اچي ٿو. ايئن ڄڻ شهباز شريف جي سامهون ٻنهي مکيه عهدن لاءِ اهي ماڻهو آڏا آهن ۽ مضبوط اميدوار طور آهن، جن کي نواز شريف جو اعتماد حاصل آهي ۽ سندس ئي مٿن هٿ آهي. ڏسجي ته عدالتن ۾ پيل معاملا ڪيئن ٿا اڪلائجن ۽ اهي پارٽي اندر پيل هن وڪڙ تي ڪيئن ٿا اثرانداز ٿين. آخر ۾ اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ جي آهي ته لوڌران واري ضمني چونڊ جي نتيجن کي جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ واسطيدار ڌريون ضرور ڪا رٿابندي ڪنديون، جيڪڏهن انهن کي پنجاب ۾ نواز شريف جي سياسي سرسي روڪڻي آهي.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home