Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, December 11, 2017

ملڪي سياست جي مقابلي بازيءَ ۾ آيل تيزي!

ڇنڇر 25 مارچ 2017ع
   ملڪ ۾ سياسي مقابلي بازي شروع ٿي ويئي آهي. نئين سر شروع ٿيل چٽاڀيٽي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ آهي. في الحال عمران خان نظر نه پيو اچي. عمران خان گذريل چئن سالن تائين سخت محنت ڪري ”متبادل“ يا ”حقيقي“ اپوزيشن جو پروفائيل ٺاهيو هو. چونڊن ۾ ڌانڌلين کان وٺي پاناما ليڪس تائين معاملا اٿاريا. پاناما ليڪس جو معاملو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ هليو ويو، جتي هاڻي فيصلو محفوظ آهي. هونئن ته هن فيصلي جو سڀني کي انتظار آهي پر سڀ کان وڌيڪ انتظار عمران خان کي آهي.
پيپلز پارٽي فوجي عدالتن کي ٻيهر قائم ڪرڻ واري معاملي تي سياسي اسڪور به ڪري ويئي ۽ ان سان گڏوگڏ ڊيل به ڪري ويئي. کيس اهو فائدو سينيٽ ۾ اڪثريت هجڻ سبب مليو. هونئن بظاهر حڪمران پارٽي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ فوجي عدالتن جي باري ۾ ڳالهيون ٿيون. ان کان اڳ پيپلز پارٽي ان معاملي تي ٻين پارٽين جو اعتماد وٺڻ لاءِ گهڻ پارٽي ڪانفرنس سڏائي اهو تاثر ڏنو ته فوجي عدالتن جي ٻيهر بحالي وارو معاملو اڪلائڻ رڳو نواز ليگ کان زور آهي، ان کي پيپلز پارٽي ئي حل ڪري سگهي ٿي. انهي ڪانفرنس کان پوءِ حڪومتي ڌر سان ڳالهيون ٿيون. در حقيقت پيپلز پارٽي جون ڳالهيون واڳ ڌڻين سان ٿيون آهن. ورنه سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي وڏيرن خلاف جڏهن ڪارروايون ٿي رهيون هيون ته نواز ليگ کي پيپلز پارٽي بار بار ياد ڏياريو، واسطا وڌا، پر نواز ليگ سڄي معاملي ۾ پنهنجي بي وسي ڏيکاري. ائين آصف علي زرداري مناسب موقعي جي تلاش ۾ هو. آرمي چيف جي تبديل ٿيڻ بعد صورتحال گهڻو تبديل ٿي ويئي. هو ملڪي فضا ۾ گرمائش ماپڻ لاءِ مهينو ٻه کن اڳ وطن آيو. پنهنجي ۽ بلاول جي ڇوٽي چونڊ ذريعي قومي اسيمبلي ۾ وڃن جو اعلان ڪري وري واپس پرڏيهه هليو ويو. هن ان عرصي دوران آمريڪا جو دورو ڪيو، اتي آيل تبديليءَ جو به واءُ سواءُ ورتو.
انهيءَ عرصي دوران ٻه ڳالهيون ملڪ اندر پچي راس ٿي چڪيون هيون. هڪ اها ته پاناما ليڪس جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي پورو ٿيو ۽ ان جو فيصلو محفوظ ٿي ويو. ٻيو اهو ته فوجي عدالتن جو مدو پورو ٿي چڪو هو. آپريشن ردالفساد جي ڪري انهن عدالتن جي ٻيهر قائم ڪرڻ جي ضرورت پيدا ٿي ويئي. پنجاب ۾ به ڪنهن حد تائين آپريشن شروع ٿيو. اوڏي مهل پيپلز پارٽي پنهنجو پتو کيڏيو. ان حڪمت عمليءَ هڪ دفعو وري ملڪي سياسي منظر ۾ پيپلز پارٽي جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو. ان جو چٽو اظهار آصف علي زرداري جي تازي ٽِي وي انٽرويو مان به ملي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جو سُڌ سماءُ وارو اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ به اسلام آباد ۾ لهي ٿو ۽ نيب هٿان گرفتاري بعد آزاد به ٿي وڃي ٿو.
پيپلز پارٽي کي پڪ هئي ته هاڻ نواز ليگ سان ڊيل جو فائدو به ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ايندڙ 9، 10 مهينن ۾ چونڊن جو اعلان ٿيڻ وارو آهي ۽ هونئن به نواز ليگ جي بيوسي ۽ بيوفائيءَ جو کيس تجربو ٿي چڪو هو. انهي ”سڌي رابطي“ نواز ليگ کي مڇرائي وڌو. ايتري ۾ سدائين تڪراري بڻيل حسين حقاني جي مضمون بحث جو هڪ نئون باب کولي ڇڏيو. پيپلز پارٽي دور جي آمريڪا ۾ سفير پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته هن 2 هزار آمريڪين کي سفارتي ڪوٽا ۾ ويزا طريقيڪار جي پورائي بنا ويزا جاري ڪيا. هن اها به دعوا ڪئي ته ايبٽ آباد وارو واقعو جنهن ۾ اسامه بن لادن کي آمريڪي فوجين حملو ڪري ماريو هو، تنهن ۾ به سندس هٿ هو. ايبٽ آباد وارو واقعو سيڪيورٽي جي حوالي سان ڏاڍو حساس رهيو آهي. ان بابت قائم ٿيل عدالتي ڪميشن جي رپورٽ بلڪل ائين شايع نه ٿي سگهي آهي، جيئن جسٽس حمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ سرڪاري طرح شايع نه ٿي سگهي آهي. نواز حڪومت ان خيال سان اهو بال سياسي ميدان ۾ اڇلايو ته هو پيپلز پارٽي کي پوئتي ڌڪي ان جو جواب آصف زرداري پنهنجي انٽرويو ۾ ڏنو. پر گهڻي وضاحت پارٽي جي ترجمان سينيٽر فرحت الله بابر پنهنجي بيان ۾ ڪئي آهي. هن اهو بيان حڪومت طرفان تڏهوڪي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو ”حڪم نامو“ جاري ڪرڻ جي جواب ۾ جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ گيلاني آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير کي اهڙيون ويزائون جاري ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. پيپلز پارٽي جو اهو موقف آهي ته وزيراعظم سفير کي اهڙيون هدايتون ڏئي سگهي ٿو ۽ اهو به ته هر ملڪ جي سفارتخاني ۾ مختلف ادارن، ايتري قدر جو خفيه ۽ فوجي ادارن جا آفيسر به موجود هوندا آهن، جن جي مشوري سان ڪي تڪڙا فيصلا ڪيا ويندا آهن يا وري روايتي طريقي کان هٽي فيصلا ڪيا ويندا آهن. ساڳي وقت پيپلز پارٽي جو اهو موقف آهي ته اهو خط جاري ڪرڻ لاءِ مناسب وقت ناهي. پيپلز پارٽي وري موٽ ۾ بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ اڇلايو آهي ته اها همت ساري ٿي ته کڻي ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪري.
ائين نواز حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ فرينڊلي اپوزيشن يا هڪ ٻئي کي جڳهه ڏيڻ وارو دور ختم ٿي ويو. اڳي رڳو بلاول ڀٽو يا پارٽي جو ڪو ٻيو اڳواڻ نواز شريف ۽ ان جي حڪومت خلاف ڳالهائيندو هو. هاڻي خود آصف علي زرداري به سڌو سنئون ڳالهائي ٿو. نواز شريف طرفان اڃا تائين سڌو ڪو جواب نه آيو آهي پر چوڌري نثار علي خان جي ذريعي پراڪسي جنگ هلي رهي آهي.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ هڪ جنگ پاڻي جي حوالي سان به هلي رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ کي پاڻي، بجلي وغيره ۾ پورو حصو نه ڏيڻ تي صوبي ۾ وفاقي ادارن کي تالا هڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. چوڌري نثار وري اهو بيان ڏنو ته صوبو ڪنهن جي جاگير ناهي، جو ائين وفاقي ادارا پٽي اڇلايا ويندا. ائين نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ تيز حملن جي بيان بازي هلي رهي آهي. ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ هن جنگ ۾ عمران خان موجود ناهي. ممڪن آهي ته هو ان جنگ جو مزو وٺندو هجي يا صورتحال کي سمجهڻ ۽ جائزو وٺڻ ۾ رڌل هجي. پر اهو عام تاثر هڪ دفعو ٻيهر اڀري رهيو آهي ته ملڪ ۾ ٻه ئي پارٽيون آهن، جن جي هڪ ٻئي سان چٽاڀيٽي آهي. ڪن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته افغانستان سان پاڪستان جا ناتا جيترا بهتر ٿيندا، اوترو عمران خان جو ملڪ اندر سياسي رول گهٽبو. گذريل ڏينهن وزيراعظم نواز شريف سان محمود خان اچڪزئي ۽ مولانا فضل الرحمان جون الڳ الڳ ملاقاتون به ان سلسلي جي ڪڙي آهن.
عجيب ڳالهه آهي جو جڏهن ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن جا ٻه دور يعني ڏهه سال پورا ٿيڻ وارا آهن، اهڙي موقعي تي نواز شريف پنهنجي ”اهليت“ ڏيکارڻ لاءِ چوي ٿو ته کيس جنرل مشرف 2007ع ۾ رٿيل چونڊن بعد گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي صلاح ڏني هئي.
سمورين خامين، ڪوتاهين ۽ نالائقين جي باوجود اها مثبت ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن جو ڏهاڪو مڪمل ٿيو آهي. هاڻي ڪو آمر ڪونهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو گبر سنگهه نظر اچي ٿو، جيڪو فرد واحد طور فيصلا ڪري، اڄ ملڪ ۾ مختلف صورتحال آهي. چئني صوبن ۾ مختلف پارٽين جي حڪومت آهي، ان ڪري ماڻهن آڏو وڌيڪ چوائيس به آهي ته ساڳي وقت چونڊون وڌيڪ شفاف ۽ انصاف ڀريون ٿيڻ جي اميد به ڪري سگهجي ٿي. اها ڳالهه ضرور آهي ته جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ انهن جي قاعدي قانون تحت هلڻ ۽ ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ وارا سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آهن. ڪرپشن، سٺي حڪمراني، سياست ۾ صحيح ماڻهن جي داخلا ۽ اڳتي اچڻ جا سوال به اوترائي اهم آهن.
ان سموري صورتحال ۾ مختلف سياسي پارٽِيون پنهنجي سرسي لاءِ زور به لڳائينديون ۽ هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش به ڪنديون. اصل ڳالهه اها آهي ته ڪجهه به هجي، جمهوريت جو سفر جاري رهڻ گهرجي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home