Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, December 11, 2017

سنڌ ۾ مزاحمتي سياست ۽ ادب جا بنياد وجهندڙ تحريڪ!

ڇنڇر 04 مارچ 2017ع 
4th March students struggle
 اڄ نه شاگرد سياست آهي ۽ نه وري شاگرد تحريڪ، نه ئي وري ڪو حسن علي عبدالرحمان جهڙو اصول پسند وائيس چانسلر آهي. پوءِ به چار مارچ سنڌ جي حقن واري تحريڪ ۽ آمريت خلاف جدوجهد جي علامت طور ياد رکي ويندي. ان تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ نسل هاڻي عمر جي آخري حصي ۾ آهي، پر اهي هڪ اهڙي تاريخ رقم ڪري ويا آهن، جيڪا مستقبل ۾ مثبت حوالي طور ياد ڪئي ويندي.
هي واقعو 1967ع جو آهي، جڏهن ايوب خان جو عروج هو. قانون، اصول مطلب ته سڀ ڪجهه اهو ئي هلندو هو، جيڪا سندس مرضي هوندي هئي. سياسي پارٽيون ايڪڙ ٻيڪڙ موقعن تي ڪجهه مزاحمت ڪرڻ کانسواءِ  هن کي وڌيڪ ڪجهه ڪري نه سگهيون. تڏهوڪي اوڀر پاڪستان ۽ هاڻوڪي بنگلاديش ۾ جيتوڻيڪ سياسي سرگرميون هلندڙ هيون، پر اهي سڀ زير زمين هيون. ايوب خان جي ”سبز انقلاب“ خاص ڪري اولهه پاڪستان جي وڏيرن جا ڍئو ڪرائي ڇڏيا هئا. ٻئي پاسي صعنتڪارن ۽ واپارين کي انتظامي طور ئي نه پر مالي طور به حڪومت جي پٺ هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ 22 خاندان پيدا ٿيا، جن جي هٿن ۾ ملڪ جي سموري دولت هئي. ملڪ ۾ عوامي ۽ سرڪاري قيمت تي پلجندڙ سرمائيداري اُڀري چڪي هئي. غريب ماڻهو لاءِ روزگار، اڳتي وڌڻ توڙي زنده رهڻ جا موقعا گهٽجي رهيا هئا. ايوب سرڪار جو زور يا دفاعي خرچ تي هو يا وري صنعتڪارن ۽ زميندارن کي معاشي سهولتون ۽ قرض وغيره ڏيڻ تي هو. تعليمي ادارا سڀ جا سڀ خانگي شعبي حوالي ٿي رهيا هئا. بلڪل اهڙي نموني سان جهڙي نموني سان اڄ تعليمي ادارن جي کلڻ جو حال آهي. فرق اهو آهي ته، تڏهن سرڪار اسڪول اٽي ۾ لوڻ برابر هئا ۽ اڄ وري سرڪاري اسڪول هوندي به اُتي تعليم اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. تڏهن تعليمي سهولتون ايتريون عام نه هيون، پر ان هوندي به پڙهيل لکيل طبقو پيدا ٿي رهيو هو، جنهن جي کپت سرڪاري توڙي غير سرڪاري شعبي ۾ نه ٿي رهي هئي. ون يونٽ جي ڏاڍاين جا اثر رڳو بنگال نه ڀوڳي رهيو هو، جنهن کي اڪثريت هجڻ باوجود زوري اولهه پاڪستان جي برابر نمائندگي ڏني وئي هئي. خود اولهه پاڪستان جا صوبا پڻ ان اڻبرابري جو بري طرح شڪار ٿي رهيا هئا. ڇاڪاڻ جو انهن جي وسيلن، اختيار ۽ اقتدار تي هڪ ئي صوبو هاوي هو.
ائين مزدور ۽ شاگرد طبقي ۾ هڪ پاسي ته وري ون يونٽ خلاف ٻئي پاسي لائو پچي رهيو هو، اوچتو حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور حسن کي کُٽي کنيو، جيڪو ايوب خان توڙي تڏهوڪي اولهه پاڪستان جي گورنر نواب ڪالاباغ جو لاڏلو هو. کيس شوق جاڳيو ته هو وائيس چانسلر ٿئي، تڏهن حسن علي عبدالرحمان ناميارو قانوندان ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو، بنا ڪنهن سبب جي کيس هٽائي مسرور حسن کي وائيس چانسلر بڻايو ويو. هڪ ڪامورو جنهن جو ڪو به علمي ۽ تدريسي پسمنظر نه هو، ان کي اهڙي طرح سان يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻائڻ اعلى تعليم ۾ نوڪر شاهي جي پهرين مداخلت هئي. ان ئي سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد ڪاوڙجي پيا، انهن يونيورسٽي جي ڄامشورو ڪئمپس کان بسن ۾ سورا ٿي حيدرآباد اچي احتجاج ڪرڻ لاءِ جلوس ڪڍيو، بسون جيئن ئي ڄامشوري واري بئراج کان ٿي اڳتي آيون ته پوليس انهن کي روڪي ورتو، پهريان لٺ بازي ڪئي ۽ آنسو گئس استعمال ڪئي وئي آخرڪار هوائي فائرنگ به ڪئي، نتيجي ۾ ڪئين شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ گرفتار ٿيا. ان جلوس جي قيادت ڪندڙن ۾ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، نديم اختر، ڪامل راڄپر، ڄام ساقي علي احمد بروهي ۽ ٻيا ڪيترائي ان دور جا سورهيه نوجوان هئا. اهو واقعو موجوده راجپوتانا اسپتال ۽ ڄامشوري واري پل جي وچ تي پيش آيو هو، رد عمل ۾ مظاهرا ٿيا ۽ بعد ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل شاگردن کي آزاد ڪيو ويو.
ستر واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي جڏهن حڪومت ۾ آئي ته ان 4 مارچ جي واقعي واري هنڌ تي يادگار ٺهرائڻ لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو، جيڪو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪجهه ”همراهن“ ڊاهي ڇڏيو. ائين انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ شاگرد تحريڪ جو يادگار ٺهڻ کان رهجي ويو.
بظاهر اها تحريڪ ڪمشنر کي وائس چانسلر بڻائڻ ۽ تعليم ۾ سرڪاري مداخلت خلاف هئي، پر اصل ۾ ماڻهن اندر مجموعي طور تي ايوب خان جي پاليسين ۽ معاشي نظام خلاف تاءُ موجود هو ۽ اهي اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ هئا ته، ڪجهه اهڙو ٿئي ته حڪومت خلاف ٻاهر نڪري اچن. اصل ۾ هي سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهم موڙ هو، جنهن کان سرڪار ڊڄي وئي. نتيجي ۾ ان کي ورهائڻ لاءِ سنڌي_مهاجر جهيڙا ڪرايا ويا. اهو جهڙو اڄ سوڌو هلندو اچي.
جيئن ته ايوب جي سختين ۽ مجموعي طور تي مٿاهين طبقي طرفان آمريت جو ساٿ ڏيڻ سبب سرگرمي لاءِ اسپيس نه هو. نتيجي ۾ تعليمي ادارا ان جو مرڪز بڻيا. ائين رڳو سياست تعليمي ادارن ۾ ڪو نه آئي، بلڪي شاگرد به رستن تي آيا ۽ انهن سياست کي به رستن تي آندو.
هن تحريڪ جا سنڌ جي ادب، سياست ۽ معاشيات کان وٺي مجموعي طور سماج تي گهرا اثر پيا. چار مارچ کان اڳ سنڌ اندر ڪا به فعال شاگرد تنظيم ڪونه هئي. شهري سطح تي ڪميونسٽن جي ذير اثر ڪجهه تنظيمون هيون پر هن واقعي سڄي سنڌ جي شاگردن کي متحرڪ ڪيو، نتيجي ۾ سنڌ سطح جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نالي سان ٺهي، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن به اصل ۾ ان ئي تنظيم جي ڪُک مان جنم ورتو هو.
هن واقعي شاگردن کي اهو احساس ڏياريو ته اهي به هڪ طاقت آهن، جيڪي انتظاميا ۽ حڪومت کي لوڏي سگهن ٿا. جنهن سبب سنڌ ۾ مجموعي طور سياسي تحرڪ وڌيو، ساڳي ريت اديبن ۽ شاعرن کي به شاگردن جو ساٿ ملي ويو. ائين سنڌ جو نوجوان نسل متحرڪ قوت طور ۽ سنڌ جو دانشور فڪري لحاظ کان هڪٻئي سان سلهاڙجي ويو. يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي ٻهراڙي سان تعلق هجڻ ڪري ٻهراڙي جو عام ماڻهو ۽ هاري، ناري به سياسي تحريڪ خاص ڪري ون يونٽ خلاف تحريڪ سان جڙي ويو. جتي ان کان اڳ سنڌ هاري ڪميٽي به ڪم ڪندي رهندي هئي. ائين هڪڙو ٽڪنڊو ٺهي ويو، جنهن ۾ ڪيترن هنڌن تي مزدور به شامل رهيا، هي حڪومت ۽ رياست لاءِ به هڪ بنهه نئين صورتحال هئي.
ساڳي ريت ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ايوب شاهي خلاف احتجاج شروع ٿي چڪو هو. لڳ ڀڳ اتي به تحريڪن جي اهڙي ئي شڪل اُڀري رهي هئي، جيڪا سنڌ ۾ وڃي بيٺي هئي. هتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته ان جي شروعات سنڌ کان ئي ٿي. ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي انهي مظهر جي يا ان جي ٽوڙ جي پيداوار آهي. بهرحال ون يونٽ ٽٽي ويو، چونڊون به ٿي ويون، اها ٻي ڳالهه آهي ته، بنگال آزاد ٿي ويو. سنڌ اندر هن تحريڪ جا سياسي اثر ۽ شعور اڄ سوڌو موجود آهي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home