Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 08, 2017

نواز شريف جي واپسيءَ کانپوءِ واري سياست!

اربع 27 سيپٽمبر 2017ع
سمورين افواهن ۽ تجزين جي ابتڙ نواز شريف اوچتو لنڊن کان واپس وطن اچي ويو آهي ۽ نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس جي شنوائيءَ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. اطلاع آهن ته سندس گهر واريءَ بيگم ڪلثوم نواز جي طبعيت اڃان ايتري صحيح ناهي، سندس اولاد اڃان لنڊن ۾ ئي آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ميان صاحب ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي آهي. کيس قانوني ماهرن به مشورو ڏنو هو ته احتساب عدالت ۾ حاضر ٿي پنهنجو دفاع ڪري. شايد ان ڪري اهو مشورو ڏنو ويو هو، جو الزامن جي شدت جي پيشِ نظر عدالت کيس لنڊن مان گهرائي سگهي ٿي. ملڪ اندر مختلف سرگرمين مان اندازو لڳائي پيو سگهجي ته نواز ليگ توڙي نواز خاندان تي ڏکيا ڏينهن آيل آهن. وطن واپسيءَ کان اڳ هن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، شهباز شريف، اسحاق ڊار، مريم نواز ۽ ٻين ويجهن ساٿين سان صلاح مشورا ڪيا، جيڪي اتي لنڊن پهتل هئا. انهن سمورن ساٿين کيس ملڪي حالتن، اتي ٿيندڙ تبديلين ۽ امڪاني اپائن کان آگاهه ڪيو. سندس وطن واپسيءَ وارو فيصلو ان ڪري به اوچتو آهي، جو ان فيصلي کان چار ڏينهن کن اڳ 19 سيپٽمبر تي احتساب عدالت ۾ ريفرنس جي شنوائي واري ڏينهن سندس ڌيءَ مريم نواز ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو هو ته، نواز شريف وطن نه ايندو ۽ نه ئي کيس اچڻ گهُرجي.
جهڙيءَ طرح سان ميان صاحب تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ان جي پيش نظر نواز شريف ملڪ اندر رهي ڪري پنهنجي سياسي ۽ قانوني بچاءَ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس رويي ۽ لهجي مان لڳي ٿو ته هو پنهنجي سياسي بادشاهيءَ واري جنگ پوري سمجهداريءَ ۽ طاقت سان وڙهڻ گهري ٿو. کيس نااهل قرار ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃي به نٿو، پر ان تي عمل ڪرڻ تي مجبور به آهي. هو اها ڳالهه به ڪري ٿو ته کيس اڳ به هٿڪڙيون پارايون ويون هيون ۽ جيل ۾ به وڌو ويو هو، پر هو انهن شين کان ڊڄي نٿو.
نااهلي بعد جي ٽي روڊ ذريعي اسلا آباد کان لاهور اچڻ ۽ ان بعد قومي اسيمبلي جي تڪ 120 تان سندس گهر واريءَ جي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي کيس وڌيڪ حوصلو ڏنو، جيڪا ٽن هفتن کان پرڏيهه ۾ آهي. نواز شريف جي پرڏيهه وڃڻ کان پوءِ پويان پارٽيءَ اندر اختلاف کليل نموني سامهون آيا. اهي اختلاف پاناما ڪيس شروع ٿيڻ ۽ رياست جي ڪجهه ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسي رکڻ بابت ٿيا پر جيئن ئي هو ملڪ کان ٻاهر ويو ته اهي اختلاف گروهه بنديءَ جي شڪل ۾ اُڀريا. سندس ڪابينا جي اهم ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ميڊيا سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. ان بعد پارٽي اندر موجود اهو حلقو، جيڪو پارٽي کي اسٽيبلشمينٽ کان پري رکڻ جي صورت ۾ پاڻ کي نقصان ۾ پيو سمجهي، تنهن پڻ پَر ڪڍڻ شروع ڪيا.
ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته مريم نواز جي انٽري ذري گهٽ پارٽيءَ جي قائم مقام سربراهه وانگر ٿي ويئي. بيگم ڪلثوم نواز جي ننڍي چونڊ ۾ بيهڻ پارٽي ۽ خاندان جي سياسي بقاءَ ۽ عزت جو مسئلو بڻجي ويئي هئي. سندس ڪٽنب جي ڀاتين جي ملڪ کان غير حاضري عملي طرح اهم ڪردار ادا ڪرڻ ڏي ڌڪي ڇڏيو. مريم نواز، جنهن جي سندس والد گذريل ڪجهه سالن کان سياسي وارث بنائڻ لاءِ تربيت ڪري رهيو هو، جنهن ڪجهه اهم موقعن تي غير سرڪاري طرح ذميواريون به نڀايون. ايئن نواز ليگ جي سياست ۾ مريم نواز هڪ فيڪٽر طور باقائده محسوس ٿيڻ لڳي. سندس موجودگيءَ ۽ وڌندڙ رول تي رڳو پارٽي اندر سينيئر قيادت کي ئي نه، پر شريف خاندان کي به اها ڳالهه نه وڻي. مريم نواز لاءِ هڪ حد تائين اها صورتحال هئي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽي جي گرفتاري ۽ شهادت بعد بينظير ڀٽو لاءِ هُئي. جيتوڻيڪ ٻنهي کي ڀيٽي نٿو سگهجي، پر صورتحال جي هڪجهڙائي کي سمجهڻ لاءِ ايئن رکي سگهجي ٿو. بينظير ڀٽو جي سموري اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه هُئي، اوڏي مهل حاڪم طبقا متحد هئا. مريم نواز جي صورتحال ۾ ڪو هڪ حاڪم طبقو ناهي، اهي حاڪم طبقا ورهايل آهن. کيس پنجابي هجڻ جو فائدو پڻ حاصل آهي. بينظير جي معاملي ۾ عام ماڻهو جنرل ضياءَ جي مارشل لا خلاف روڊن تي هُئا. مريم نواز جي ڪيس ۾ ماڻهن جي حمايت ته حاصل آهي، پر اهي روڊ تي ۽ پنهنجي طور تي احتجاج ڪندي نظر نٿا اچن.
ان دوران خواجه آصف، احسن اقبال اهي ڳالهيون ڪيون ته پارٽي خلاف سازش ٿي رهي آهي، پارٽي اندر سڀ ڪجهه صحيح ناهي. ان ڳالهه جي تصديق بعد ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به ڪئي. اها ڳالهه ايتري وڌي ويئي، جو آرمي چيف جڏهن پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي بچاءَ بابت ڪميٽيءَ سان پنڊي ۾ ملاقات ڪئي ته ڪجهه ڳالهين جي وضاحت ڪئي. هڪ اهو ته پاناما ڪيس سان آرميءَ جو ڪو تعلق ناهي. ٻيو اهو ته آرمي چيف جمهوريت جو احترام ٿو ڪري ۽ پارليامينٽ جي بالادستي ۾ يقين ٿو رکي. ٽيون اهو ته هو چاهي ٿو ته آرمي ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطو هجي. چوٿون اهو ته پارليامينٽ جي ڪميٽي يا پارليامينٽ جڏهن چاهي کيس گهرائي سگهي ٿي. اهي اهم ڳالهيون ان موقعي تي ٿيون، جڏهن اهو تاثر عام ٿي ويو هو ته سويلين بالادستي ختم ٿي وئي آهي ۽ نواز شريف کي رياست جي هڪ اهم اداري اقتدار تان هٽايو آهي. ان لاءِ عدالت جو سهارو ورتو ويو آهي.
نواز ليگ جي حوالي سان اها چرپر نظر آئي ته نواز ليگ جنهن جو بڻ بڻياد اسٽيبلشمينٽ جي ڇٽيءَ هيٺ پيو، سا هاڻي جڏهن 35 سال پنهنجا پورا ڪري چڪي آهي، تڏهن اها اسٽيبلشمينٽ جي سهاري بنا بيهي سگهي ٿي. اهو نواز شريف ۽ سندس ڪچن ڪابينا جو خيال هو. ان جي مقابلي ۾ وري ٻين جو اهو خيال هو ته جيڪڏهن پارٽي قيادت اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائي ٿي ته پنهنجي ”بنيادي اصول“ تان هٽي وڃي ٿي. ان صورت ۾ اهڙي پارٽي جي پنجاب جي هڪ خاص طبقي کي ضرورت ناهي. اوڏي مهل چوڌري شجاعت حسين جو فارمولا کوٽي ڪڍيو ويو ته پارٽيءَ جي قيادت مٽائجي يا ان جو رنگ مٽائجي. اهو ممڪن نه هجي ته هڪ دفعو ٻيهر ”وڏي مسلم ليگ“ ٺاهجي. يعني مسلم ليگ نالي سان ڪم ڪندڙ يا هن خيال سان اتفاق ڪندڙن تي ٻڌل پارٽي ٺاهي وڃي. مريم نواز جي سرگرمي ۽ جارحانه پاليسي هن خيال کي وڌيڪ پڪو ڪيو. اها ڳالهه سامهون آئي ته پارٽي قيادت تبديل ٿيڻ گهرجي. موجوده صورتحال ۾ اها قيادت عملي طرح مريم نواز وٽ بيهي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو مريم نواز جي خلاف ميڊيا ۾ مهم به هلي، سندس موقف کي پارٽي جي ڪن سينيئر اڳواڻن خاص ڪري چوڌري نثار علي خان جي سامهون ڪري بيهاريو ويو.
هڪ ئي وقت تياريون پئي ٿيون ته پارٽي قيادت تبديل ڪجي، ٻي صورت ۾ ”وڏي مسلم ليگ“ ٺاهجي. ساڳئي وقت هڪ ٽيون موقف به اڀريو ته ڇا نواز خاندان کان سواءِ پارٽي برقرار رهي ٿي سگهي؟ ڇو ته پاڪستان جي خاص صورتحال ۾ پارٽي لاءِ وڏا مالي وسيلا به کپن ته وري ساڳئي ئي قيادت جا اسٽيڪ هولڊر به ايڏا وڏا هجن، تڏهن اها پنهنجي سڃاڻپ ۽ بقا رکي ٿي سگهي. انهن سڀني پاسن کي ڏسندي ان تي اتفاق ڪيو ويو ته مريم نواز کي رسمي يا غير رسمي طور قيادت ڏيڻ بدران ميان صاحب پاڻ اچي. سندس موجودگي قيادت وارو مسئلو به حل ڪري سگهي ٿي، ته وري ساڳي وقت پارٽي اندر ڏڦيڙ ۽ ان اندر ٿيندڙ گروهه بندي توڙي ڀڃ ڊاهه کي به روڪي سگهي ٿي. ان خيال کي پچائيندي سينيٽ ۾ پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل منظور ڪرايو ويو، جنهن موجب ڪنهن سرڪاري عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنل ماڻهو پارٽيءَ جو عهديدار يا سربراهه ٿي سگهي ٿو. هي بل اڃا قومي اسيمبليءَ مان منظور ٿيڻو آهي، پر اتي نواز ليگ جي اڪثريت هجڻ ڪري اتان پاس ٿي ويندو. ائين نواز شريف لاءِ پارٽي قيادت هٿ ڪري پوءِ حڪومتي سطح تي سياست ڪرڻ جو رستو کلي ويو. سينيٽ مان هن بل جي منظور ٿيڻ جي ٻن ڏينهن بعد هو وطن پهتو آهي.
هن اسلام آباد پهچڻ بعد پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ گڏجاڻيون ڪيون. ايتري قدر جو ناراض ٿيل چوڌري نثار علي خان سان به ملاقات ڪيائين. ائين پارٽي اندر ڀڃ ڊاهه وارو عمل به رُڪجي ويندو. سندس ملڪ اندر موجودگيءَ سان هو سياست توڙي حڪومتي فيصلن ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ بهتر پوزيشن ۾ اچي ويندو. ائين هو سڌي طرح سان سڄي چرپر جي مانيٽرنگ ڪري سگهندو. هڪ خيال اهو به آهي ته ميان صاحب جي واپسي ڪجهه ڊيل جو نتيجو آهي. ان لاءِ شهباز شريف ملڪ اندر توڙي پرڏيهه جي ڪجهه دوستن جي مدد ورتي آهي ۽ هاڻي ڪيڏي به مهل هڪ نئون اين آر او اچي ويندو. ان جو امڪان گهٽ ٿو لڳي، پر ان کي مڪمل طور رد به نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ نواز ليگ جي اسٽيبلشمينٽ حامي ۽ پراڻي نواز ليگ طور تي هيءَ سياسي پارٽي بحالي ٿيندي. کيس محاذ آرائي وارو رويو ۽ ڪردار ختم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اها ڊيل ناهي ته پوءِ ايندڙ چند ڏينهن ۾ نواز شريف ٻين سياسي پارٽين سان رابطو شروع ڪري پنهنجو سياسي ۽ سويلين محاذ مضبوط ڪندو. ڏسجي ته هفتي ڏيڍ ۾ اهي سڀ معاملا ڪهڙي پاسي ٿا وڃن؟ ان بعد ئي ملڪي حالتن ۽ سياست جو ڪو رخ پڌرو ٿي سگهندو
اربع 27 سيپٽمبر 2017ع 
After return of Nawaz

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home