Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

آصف زرداريءَ جي آمد ۽ پيپلز پارٽيءَ جي مستقبل واري سياست

سهيل سانگي

           18 مهينا خود ساخته جلاوطني ڪاٽڻ بعد پيپلز پارٽي جي ”وڏي“ جي وطن واپسي تي رڳو پيپلز پارٽي ئي خوش ناهي، بلڪه وزيراعظم نواز شريف به خوش آهي. وزيراعظم ڪالهه ڏوراپو به ڏنو ۽ چيو ته، جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي سندس حڪومت کي ٻه ڀيرا جهٽڪو ڏنو، پر هو زرداري جي واپسيءَ تي خوش آهي. کيس پارٽيءَ جا معاملا پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ گهرجن. ٻنهي ڌرين جي خوشيءَ جا سبب هڪ ٻئي کان مختلف ۽ ٽڪراءَ ۾ آهن، ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ رهنمائن جو خيال آهي ته هو نواز شريف کي ٽف ٽائم ڏيندا. سندس موجودگي سبب ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي ۽ حڪومت ۾ اچڻ يقيني ٿي ويندو. نواز شريف وري ان ڪري خوش آهي ته عمران خان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا ڌر موجود هوندي، ڇو ته عمران پنجاب ۾ کيس سوڙهو ڪري رهيو آهي. نواز شريف کي پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جا ووٽ ساريل آهن. اليڪشني حڪمت عملي موجب جيڪڏهن اينٽي نوازشريف ووٽ ٻن حصن يعني پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف ۾ ورهائجي ٿو ته کيس ڪو لهر نه ڪو لوڏو. ائين جي ٽي روڊ تي ٿيندڙ سياست ۾ هو پاڻ کي سوڀارو سمجهي رهيو آهي.
ڏيڍ سال کن اڳ جڏهن رينجرز ۽ عسڪري ادارن ايم ڪيو ايم سان گڏ پيپلز پارٽي ۾ به ڪرپشن وغيره جي حوالي سان هٿ وڌا ته هن ”اينٽ سي اينٽ بجا دونگا“ واري تقرير اسلام آباد ۾ پارٽي ڪارڪنن جي ڪنوينشن ۾ ڪئي ۽ چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن عسڪري ڌر ائين ڪيو ته اسين 47ع کان پوءِ جرنيلن جيڪي ڪيو، اهو چِٺو به عوام آڏو آڻينداسين. ان بعد هو پرڏيهه هليو ويو. سندس وطن واپسي تڏهن ٿي آهي، جڏهن جنرل راحيل شريف ريٽائر ٿي چڪو آهي ۽ فوج جي نئين سربراهه ڪمانڊ سنڀالي آهي. اهو تاثر عام آهي ته هاڻي حالتون تبديل ٿيون آهن. پاڪستان آصف زرداري جو وطن آهي، جتي اچڻ ۽ رهڻ سندس حق آهي پر جنهن تتل صورتحال ۾ هو پرڏيهه ويو ۽ هاڻي وري موٽي آيو آهي. ان ڪري ڪجهه سوال ضرور اڀرن ٿا. جيستائين پارٽي کي هلائڻ جو تعلق آهي ته هو دبئي مان ويهي پارٽِي ۽ سنڌ حڪومت ٻئي ڏاڍي مزي سان هلائي رهيو هو. پارٽي ۽ سندس حڪومت تي سندس اوترو ئي ڪنٽرول هو، جيترو ملڪ اندر سندس موجودگي جي صورت ۾ هجي ها. پرڏيهه ۾ رهندي هن ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا. سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ساٿي سائين قائم علي شاهه کي وڏ وزارت ۽ پارٽي جي صوبائي صدارت تان هٽائڻ جهڙا فيصلا به ڪيا. ساڳي طرح آزاد ڪشمير ۾ چونڊن، عمران خان سان پاناما ليڪس تي ڪجهه هفتا پارٽي کي هني مون جي اجازت ڏيڻ ۽ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جا فيصلا ڪيا. انهن مان ڪي فيصلا پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي کاتي ڳڻيا وڃن ٿا. پر اهي سمورا فيصلا ”وڏي“ جي منظوري ۽ هدايت تي ئي ٿيا. احتجاج ۾ رڌل عمران خان کي ڪيئن ڊيل ڪجي، اهو به فيصلو دبئي مان آيو. اعتزاز احسن، خورشيد شاهه ۽ رضا رباني سميت سمورا فنڪشنريز طور ڪم ڪري رهيا هئا.
سنڌ بابت کيس ڪو الڪو ڪونهي، ڇاڪاڻ جو اتي اپوزيشن نان فنڪشنل آهي. ايم ڪيو ايم پنهنجي خفي ۾ آهي. فنڪشنل ليگ مان گهڻا پکي اڏامي رهيا آهن. هن صوبي ۾ وڏيري وڏيري جي ذات پارٽي ۾ اچي گڏ ٿي آهي، ان ڪري هتي چونڊن جو منظرنامو 2013ع کان به وڌيڪ اڳتي هليو ويندو. جيستائين سنڌ ۾ ڪجهه ڪم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ جو سوال آهي ته، اهو نه پارٽي جي ايجنڊا لڳي ٿي ۽ نه وري نيت. پارٽي عام ڀلي جي ڪا رٿا عمل ۾ آڻڻ بدران ماڻهن جي ذاتي ڀلي جو رستو ڳوليو آهي. 50 هزار نوڪرين جي ديڳ به ان لاءِ چاڙهي پئي وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ديڳ مان چار چانور حقدارن کي به ملندا يا نه؟ گهڻو امڪان اهو آهي ته اهي نوڪريون به ورهايون وينديون. ترقياتي ڪم ڪيترن کاتن ۾ ٻڙي برابر آهن. هڪ ته اڌو اڌ بجيٽ خرچ ئي نه پئي ٿئي ۽ جيڪا ٿئي ٿي، ان لاءِ وري ڪرپشن جون شڪايتون آهن. سينيئر بيوروڪريٽن جو خيال آهي ته سنڌ جي بيورو ڪريسي ۾ اها اهليت ۽ صلاحيت ئي ڪونهي، جو اها ترقياتي رقمون خرچ ڪري سگهي. اها ڳالهه اوڏي مهل سچي لڳي ٿي جڏهن اهل ڪامورن کي سٺي ڪارڪردگي هجڻ جي باوجود رڳو ان ڪري هٽايو وڃي ٿو، جو اهي ونگار وهڻ لاءِ تيار ناهن. مختلف کاتن جا سيڪريٽري توڙي ٻين اهم ادارن جا سربراهه مشڪل سان ٽي کان ڇهه مهينا رهن ٿا. اهڙي ايڊهاڪ ازم خراب حڪمراني کي هيڪر وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ صحت توڙي تعليم کاتا ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ باوجود اوترا ئي خراب آهن، جيترا اڳ هئا. سنڌ جي ماڻهن کي عام ڀلي يعني General Good طور ڪجهه ڏيڻ ۽ حڪمراني کي بهتر ڪرڻ، وڏن توڙن ننڍن شهرن ۾ صحت، صفائي، سيوريج کي سڌارڻ اهم ايجندا آهن. ماڻهو آسرو رکيو ويٺا آهن ته اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن ته ٺيڪ ٿيندو. ڇا آصف زرداري کي ”وڏي سياست“ ۽ وڏي راند ڪندي اهي سڀ ننڍا ماڻهو ۽ ننڍڙيون شيون ياد رهنديون؟
آصف علي زرداري جي واپسي تي ٿيندڙ مختلف تبصرا ۽ تجزيا پنهنجي جاءِ تي، پر ڊگهي نظر رکندڙ چون ٿا ته بلاول ڀٽو، خورشيد شاهه، اعتزاز احسن ۽ رضا رباني جون ڪوششون ۽ ڪڏهن ڪڏهن تيز ۽ تکا بيان پنهنجي جاءِ تي، پر عملي طرح سان پارٽي سڄي سياسي منظرنامي ۾ پوئتي ڌڪجي ويئي آهي. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اها ايندڙ منظرنامي ۾ غير ضروري بڻجي رهي آهي. هن 2013ع ۾ جيڪا سنڌ کي ڇڏي باقي صوبن ۾ پنهنجي حيثيت وڃائي هئي، سا سمورين ڪوششن جي باوجود بحال نه ڪري سگهي آهي. پيپلز پارٽي کي نواز ليگ جي متبادل لاءِ ئي نه، بلڪه بطور اپوزيشن پارٽي جي پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻون پيون هيون. تازو ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيون هيون ته اصل اپوزيشن ڪير آهي؟
بلاول ڀٽو کي ميدان ۾ لاٿو ويو ته هو نئين جنريشن لاءِ دلچسپي ۽ ڪشش جو باعث بڻبو. ان ڏس ۾ نه هو ڪو آزادانه طور فيصلا ڪري سگهيو ۽ نه وري ڪي اهڙيون سرگرميون. بلاول ڀٽو چار نڪاتي پروگرام ڏيئي محترمه جي ورسي کان پوءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪري چڪو آهي. سندس لب و لهجو نواز حڪومت بابت به گهڻو تيز ۽ مخالفت وارو آهي. ڇا آصف علي زرداري ان لانگ مارچ ۽ نواز حڪومت خلاف اهڙي جارحانه پاليسي جي حمايت ڪندو؟
اهڙي صورت ۾ بلاول ڀٽو جو ڇا رول هوندو ۽ خود ”وڏي“ جو ڇا رول هوندو؟ مختلف رايا پيش ٿي رهيا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته پارٽي جي ڊرائيونگ سيٽ تي بلاول ئي هوندو ۽ پوئين سيٽ تي زرداري صاحب جن پاڻ هوندو. اهو به امڪان آهي ته بلاول کي جارحانه ۽ نوجوانن واري پچ ڏني وڃي ۽ باقي مفاهمت، ڳالهين، لابنگ، جوڙ توڙ وارو کاتو زرداري صاحب پاڻ هلائي. جيڪڏهن ائين به ڪيو وڃي ٿو ته ڊرائيونگ سيٽ دراصل بلاول نه، پر زرداري وٽ هوندي.
پيپلزپارٽي جو خيال آهي ته نواز ليگ سان ان جا ناتا خراب ڪرڻ ۾ چوڌري نثار علي خان جو وڏو ڪردار آهي. ان حوالي سان چوڌري نثار ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ بيانن جي به ”ڏي جواب، وٺ جواب“ جو سلسلو هلندو پيو اچي. ڪوئيٽا سانحي بابت جسٽس عيسيٰ جي رپورٽ چوڌري نثار علي خان جي خلاف چڱو خاصو مواد ۽ جواز ٺاهي ڏنو آهي. ان خلاف پيپلزپارٽي وڏي مهم هلائي سگهي ٿي، لابنگ ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن پرويز رشيد عمران خان جي مهم ۽ نام نهاد ”نيوز گيٽ“ جي نالي تي وڃي سگهي ٿو ته چوڌري نثار عدالتي ڪميشن جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو. اها ڪاميابي پيپلزپارٽي پنهنجي ڪاميابي ڳڻائيندي، اهو سڄو سلسلو ان سان به ملي ٿو ته آصف زرداري جي جهاز لهڻ کان ڪجهه دير اڳ سندس بزنس پارٽنر طور سڃاڻپ رکندڙ انور مجيد جي ٻن آفيسن تي رينجرز ڇاپا هڻي سندس آجيان ڪئي آهي. اطلاعن موجب وزيراعظم ان معاملي بابت چوڌري نثار کان پڇيو آهي ته معاملو ڇا آهي؟
پيپلزپارٽي کي وڏي ڏکيائي اها آهي ته اها حڪومت ۾ به آهي ۽ اپوزيشن ۾ به آهي، ان ڪري سندس حڪمت عملي ۾ جامعيت ۽ ڳانڍاپو گهٽ آهي. مٿان وري ڪرپشن جا ڪيس ۽ ٽئين ڌر جو دٻاءُ آهي. اهڙين حالتن ۾ پارٽي طرفان ڪو مضبوط نعرو ۽ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان تي تسلسل سان ڪم ڪرڻ وڌيڪ تجربي، ڄاڻ ۽ Vision جي گهرج ڪري ٿو. آصف زرداري جنهن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”اسان کان وڌيڪ بهتر طريقي سان وڙهڻ ڪير به نٿو ڄاڻي“ جيڪڏهن زرداري نئين حڪمت عملي ۽Narrative ٺاهي ٿو وڃي ته سندس وطن واپسي پارٽي لاءِ سڀاڳي ٿي سگهي ٿي. هن اچڻ شرط جنهن پاليسي جو اعلان ڪيو آهي، سا نواز شريف سان نه وڙهڻ ۽ سياست ڪري ايندڙ وقت ۾ نتيجا حاصل ڪرڻ جو اشارو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته هو ڪهڙا ڪارڊ شو ٿو ڪري ۽ اهي ڪيئن ٿو کيڏي؟
هڪ وڏي گنجائش آهي ته جهڙي طرح سان چارٽر آف ڊيموڪريسي تحت ضياءَ ۽ مشرف سويلين حڪومتن کان جيڪو Space حاصل ڪيو هو، ۽ گذريل ٽن سالن ۾ اهو جهڙي نموني وڃايو آهي، سو ٻيهر وٺڻ Regain ڪرڻ لاءِ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي گڏجي بيهن, پر اهو ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو ٻنهي پارٽين جا سياسي ۽ ذاتي مفاد آڏو اچي ويندا.
sohailsangi@yahoo.com

ڇنڇر 24 ڊسمبر 2016ع

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home