Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

ٽرمپ لاءِ اليڪشني وعدن تي عمل ڪرڻ سولو هوندو؟


ٽرمپ لاءِ اليڪشني وعدن تي عمل ڪرڻ سولو هوندو؟
           آمريڪي سپر پاور دنيا ۾ سرمائيداري نظام جو لٺ سردار آهي ۽ اهو سرمائيداري نظام ۽ ملڪن کي بچائڻ لاءِ ڪيترن ملڪن تي رڳو لٺيون ئي نه، پر جديد هٿيار به استعمال ڪندو آهي، معاشي ناڪابنديون به ڪندو آهي. ان جو ٻيو پاسو اهو به آهي ته دنيا جا مقبول گانا، فلمون ۽ ٽيڪنالاجي به جوڙيندو آهي. اتان جي عوام هڪ اهڙي ماڻهو کي صدر چونڊيو آهي، جيڪو خود آمريڪا جي ويجهن اتحادين ۾ به مقبول ناهي. آمريڪا جي هن صدارتي اليڪشن سمورن انومانن، سرويز ۽ تجزين کي ابتو ڪري ڏيکاريو. جيڪي تجزيا ۽ سروي ٿي رهيا هئا، ميڊيا جيڪو ڏيکاري ۽ چئي رهي هئي، سو مختلف هو، جڏهن ته عوام جي راءِ ان کان بنهه مختلف هئي. ٻين لفظن ۾ اهو ته، آمريڪين جي راءِ جوڙيندڙ ادارا يا ان جو اظهار ڪندڙن ۽ عوام جي اصل راءِ جي وچ ۾ وڏي وڇوٽي هئي، جيڪا هيلري ڪلنٽن جي بدران ڊونلڊ ٽرمپ کي صدر چونڊڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿي.
آمريڪين هڪ اهڙي ماڻهو کي صدر چونڊيو آهي، جنهن جو سياسي ڪيريئر مشڪل سان ٻه سال آهي ۽ هڪ اهڙي اميدوار کي هارايو آهي، جيڪا عورت هئي، جنهن جو چاليهه سالن جو سياسي ڪيريئر آهي. ٽرمپ جون سماج، سياست ۽ ٻين روز مره جي معاملن بابت سوچون ۽ فڪر اهو ناهي، جنهن جي آمريڪا بظاهر دعويٰ ۽ وڪالت ڪري ٿو. بلڪه هو هڪ اهڙو Typical  پراڻي قسم جو آمريڪي لڳي ٿو، جنهن وٽ ٻين مذهبن، نظرين ۽ سوچ وغيره بابت گهٽ جڳهه آهي، جنهن وٽ جيڪي ڪجهه آهيان، آئون ئي آهيان وارو تصور آهي. سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪي عوام ائين سوچي ٿو؟ ان جو جواب بظاهر اهو آهي ته دراصل آمريڪين پنهنجي حڪومت/ حڪمران جماعت لاءِ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. مثال طور ايسوسيئٽيڊ پريس جي سروي موجب جيئن حڪومت هلائي پئي وئي، ان تحت 10 مان 7 ووٽر ناخوش هئا. کيس مليل ووٽرن جو ڇيد ڪجي ته اڃا به ڪجهه وڌيڪ دلچسپ ڳالهون سامهون اچن ٿيون. کيس مليل 10 مان 7 ووٽ اهڙا هئا، جن کي ڪاليج تائين جي تعليم نه هئي ۽ اهي گورا هئا. انهن مان اڪثريت وڏي عمر وارن جي آهن. ان جي ڀيٽ ۾ هيلري ڪلنٽن کي عورتن، اقليتين، نوجوانن جا ووٽ مليا.
ٽرمپ اليڪشن ته کٽي ويو، پر ان جي هن جيت خلاف ٻئي ڏينهن تي آمريڪا جي ڏهن کان وڌيڪ وڏن شهرن ۾ مظاهرا ٿيا آهن. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا. ڪجهه شهرن ۾ ٽرمپ جا پتلا ساڙيا ويا. احتجاج ڪندڙن وائيٽ هائوس ۽ چونڊيل صدر جنهن عمارت ۾ رهي ٿو، ان جي ٻاهران به مظاهرو ڪيو ۽ نعرا هنيا. آمريڪي چونڊن ۽ احتجاجن جي ويجهي ماضي ۾ ڪو اهڙو مثال نٿو ملي. اهي ماڻهو ڌانڌلي وغيره جو الزام نه هڻي رهيا هئا، پر ٽرمپ جي پاليسين بابت پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا هئا. انهن مظاهرن لاءِ هڪ راءِ اها به آهي ته دنيا کي آمريڪا اهو ڏيکارڻ گهري ٿو ته آمريڪي عوام ٽرمپ کي ائين ڪرڻ نه ڏيندو، جيئن هو سوچي ٿو، جيئن هو چاهي ٿو. ساڳي ريت اهو تاثر ڏيڻ به آهي ته آمريڪا اهڙو ناهي، جهڙو ٽرمپ آهي. ٽرمپ جي جيت ۽ برطانيه جي ريفرنڊم مان هڪ نتيجو اهو به نڪري ٿو ته اولهه وڌيڪ ساڄي ڌر واري سوچ ڏي وڃي رهيو آهي. بهرحال ماڻهن ۾ ڊپ ۽ ڪاوڙ آهي ته چونڊن بعد هي ڪهڙو نتيجو اچي ويو. ورنه دنيا ته هالي ووڊ جي فلم ”ايئرفورس“ يا ”ويسٽ ونگ“ وارو صدر ڏنو هو، جيڪو ڏاڍو ڏاهو ۽ اصول پسند آهي.
اهو صحيح آهي ته آمريڪي حڪومت کان اتي جي اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ مضبوط آهي. آمريڪي صدر دنيا جو طاقتور ترين صدر هجڻ جي باوجود سمورن وڏن معاملن ۾ هيٺين ادارن جي هوم ورڪ، صلاح ۽ فيصلي سان سلهاڙيل هوندو آهي. پر ان جي باوجود هر فرد جي طريقيڪار ۽ فيصلي سازي ۾ فرق هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس ذاتي راءِ ۽ فيصلو اهم ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏهن ريپبلڪن پارٽي جي ٻن صدرن جارج بش ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀيٽ ڪجي ته ٻنهي ۾ فرق آهي. اهو فرق ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ چٽو ٿيندو. جارج بش چون ٿا ته اخبار به ڪونه پڙهندو هو ۽ مٿس ٿيندڙ تنقيد کي کنگهندو به ڪونه هو. ان جي ابتڙ ٽرمپ ماڻهن وٽان ايندڙ اهڙي مخالفت واري راءِ جو جواب ڏيڻ يا تنقيد جو جواب ڏيڻ ضروري سمجهي ٿو. بش پنهنجي مشيرن ۽ صلاحڪارن تي ڀاڙيندو هو. ٽرمپ صلاحڪارن تي گهٽ پنهنجي منهن فيصلا وٺڻ جو عادي آهي. هن اليڪشن مهم ۾ به ائين ڪيو. جارچ بش ريپبليڪن پارٽي جي پيداوار هو. ٽرمپ پارٽي جي پيداوار ناهي، ان ڪري فيصلي سازي ۾ شايد پارٽي کي پاڻ سان گڏ نه کڻي هلي. ائين سندس طبيعت آمراڻي لڳي ٿي.
ٻئي پاسي عورتن، اقليتن، ٻاهرين ملڪن مان لڏي آمريڪا ايندڙن جي باري ۾ سندس خيال تنگ نظري وارا آهن. ايتري قدر جو هو ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڀت کڻائڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي. ڄڻ اهو نعرو ڏيئي رهيو هجي ته ”آمريڪا صرف آمريڪين جو آهي!“ هي اهڙو ئي نعرو آهي، جهڙو برطانيه جي ماڻهن يورپي يونين ۾ شامل رهڻ يا ڌار ٿيڻ واري ريفرينڊم ۾ ڏنو هو. مطلب ته برطانيه اتي جي رهاڪن لاءِ آهي، باقي يورپي لوڪن لاءِ نه. ٽرمپ جيڪڏهن پنهنجي اعلانيل پاليسين تي عمل ڪري ٿو ته آمريڪا جون ڪمپنيون، يونيورسٽيون ۽ خود سياحت به متاثر ٿيندي. رڳو آمريڪي سياحت جي شعبي ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح 67 لک ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. لڳي ٿو ته آمريڪا ۽ برطانيه جون معيشتون ان حد تي پهچي چڪيون آهن، جتي هو پنهنجي ماڻهن جو ”بار“ به مشڪل سان کڻي پيون سگهن. اهڙو وقت سوويت يونين تي به آيو هو، جنهن سوويت يونين کي ٽوڙي ڇڏيو. ڇا واقعي آمريڪي معيشت دنيا جي سرمائيداري فوجداري وارو بار نٿي کڻي سگهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟ ان سان سڄي دنيا جو معاشي ۽ سياسي نقشو ئي تبديل ٿي ويندو. اهو صحيح آهي ته آمريڪا پنهنجي معيشت جي ان ڪساد بازاري مان نڪرڻ گهري ٿو. هن پنهنجون مارڪيٽون چين، انڊيا يا ٻين اهڙن ڪن ملڪن جي سامان لاءِ توڙي اتان ايندڙ پورهيو ڪندڙ توڙي صلاحيت رکندڙ ماڻهن لاءِ کولي ڇڏيون هيون، سي هو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر آمريڪي سوسائٽي ۽ معيشت دنيا جي مختلف علائقن ۽ ملڪن تي ايترو گهڻو دارومدار رکي ٿي، جو اها پنهنجي لٺ سرداري وڏيون فوجون، جديد هٿيار رکڻ، مختلف سمنڊن ۾ پنهنجي فوجي موجودگي ۽ برتري کي برقرار رکڻ بنا قائم رکي نٿو سگهي.
ٽرمپ جي لاءِ جتي معيشت جي انهن شعبن کي ترجيح ڏيڻي پوندي، جن جي ضرورت به هجي ۽ ساڳئي وقت نوڪرين ۽ ڪم ڪار جا موقعا به نڪرن، ساڳي طرح هو پرڏيهين لاءِ ائين دروازا کليل نه رکندو. ميڪسيڪو جي وچ ۾ ڀت نه به کڻائي، پر عملي طرح اهڙائي اپاءُ وٺي هو اوباما جي هيلٿ ڪيئر ۽ سوشل سيڪيورٽي جي ٻين اهڙين اسڪيمن ۾ ڪٽوتي ڪري شهرين کي اها پڪ ڏيکاري ته کانئن ٽيڪس هروڀرو نه پيو ورتو وڃي يا اهو ته سندن ٽيڪس فالتو مدن ۽ ماڻهن تي خرچ نه ٿي رهيو آهي. داعش بابت حڪمت عملي کي به نئين سر ڏسڻو پوندو. عين ممڪن آهي ته هو ان لاءِ روس جي مدد حاصل ڪندي شام ذريعي ڪا حڪمت عملي جوڙي. ٽرمپ لاءِ چين وڏو چئلينج بڻيل رهندو. ان جي معيشت جيتري وڌي پئي ۽ هو وڌيڪ خطن توڙي ملڪن ۾ اثر وڌائي رهيو آهي، ان کي روڪڻ هن لاءِ ضروري ٿي پوندو.
وچ اوڀر کان وٺي ڏور هند چيني خطن تائين تيل، واپار ۽ سيڙپ ڪاري وارا موقعا ڪنهن به طرح نه ڇڏيندو. ٽرمپ جي آمريڪا لاءِ وچ اوڀر وارو اشو وڌيڪ گرم رهندو. وچ ايشيا ۽ افغانستان جي خطي واري گرمائش کي هو روس ۽ ايران سان ويجهڙائپ رکي ٺاري يا پنهنجي فائدي ۾ ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته ڏکڻ ايشيا توڙي ڏور هند چيني ۾ انڊيا جو رول وڌائي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. انڊيا ۾ نريندر مودي جي موجودگي هن لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان جي ذريعي هو ڪنهن حد تائين چين کي Contrast ڪري سگهي ٿو. پر اهي سڀ ڪم ايڏا سوکا ۽ سولا ناهن، جيترو سولائي سان پني تي لکي سگهجن ٿا. ان لاءِ وڏو هوم ورڪ ڪرڻ ۽ هر خطي ۾ موجود اسٽيڪ هولڊرن جا مفاد ۽ ٽڪراءُ سامهون رکي انهن کي سلهاڙڻ جي ضرورت پوندي. هن صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ وڌيڪ ڏکيائي ٿيندي. جتي ”ڊومور- Do moor“ جي فرمائش ته آهي ئي آهي، سوال اهو به آهي ته پاڪستان ان ڏس ۾ ڪيترو هوم ورڪ ڪيو آهي؟ ۽ پنهنجي پاڻ کي بدليل حالتن ۾ ڪيترو بدلائي ٿو؟
sohailsangi@yahoo.com


سهيل سانگي

جمع 11 نومبر 2016ع

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home