Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

عمران خان جو ”ڌرڻو پلس“ حڪومت کي ”مائنس“ ڪري سگهندو؟


عمران خان جو ”ڌرڻو پلس“ حڪومت کي ”مائنس“ ڪري سگهندو؟
عمران خان هن ڀيري وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ ”ڌرڻي پلس“ جي ڌمڪي ڏني آهي. يعني هو ان ڏينهن تي گادي واري شهر ۽ ان جو سمورو ڪاروهنوار بند ڪرڻ ڏي وڃي پيو. کيس جواب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق وٽان آيو آهي ته ”اسلام آباد بند ڪرڻ جي چاٻي لنڊن ۾ ناهي!“ اهو اهم سوال آهي ته اسپيڪر اسيمبلي جو رکوالو هوندو آهي، ڪهڙو سبب آهي جو ان کي اهڙو بيان ڏيڻ جي ضرورت پئي؟ ممڪن آهي ته اياز صادق ڪو اهم ڪردار ادا ڪرڻ ڏانهن ويندو هجي.
هن ڌرڻي نواز شريف حڪومت کي ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جو هي ان وقت لڳي رهيو آهي، جڏهن ملڪ جي سول ۽ عسڪري قيادت جا پاڻ ۾ ناتا خوشگوار ناهن. فوج جي سربراهه جي تبديلي جي تاريخ ۾ باقي ڪي هفتا وڃي بچيا آهن. سياسي قيادت جي گرفت ملڪي معاملن تي ڪمزور آهي. سياسي جماعتون هڪ ٻئي کان وڇوٽي تي بيٺل آهن. انڊيا سان ڇڪتاڻ ڄڻ آخري حدن کي ڇهي رهي آهي. اهو آهي ملڪي منظرنامو.
مٿي ڄاڻايل ملڪي منظرنامي کان علاوه عمران خان جو ذاتي منظرنامو به آهي. اڳوڻو ڪپتان عمر ۽ سياست ٻنهي حوالي سان ان هنڌ تي بيٺو آهي، جو هو هر حال ۾ اسلام آباد وارو تخت ماڻڻ گهري ٿو. 2014ع وارو ڌرڻو کيس گهربل نتيجا نه ڏيئي سگهيو، ڇاڪاڻ جو نواز حڪومت اڃا نئين نئين آئي هئي. ماڻهن جون اميدون ۽ آسرا اڃا ايترا ڪمزور نه ٿيا هئا، تنهن ڪري سندس اهو وينچر ايڊوينچر ۾ تبديلي ٿي ويو. اهو ضرور ٿيو، جو نواز حڪومت ڪمزور ٿي. اهو اهڃاڻ اصل ۾ سويلين پاور جي ڪمزور ٿيڻ جو به هو، ڇاڪاڻ جو ان بعد فيصلي سازي ۾ چونڊيل حڪومت جو رول گهڻو گهٽجي ويو. ان ڌرڻي بعد ڌڪ پچائڻ جو ڏيک ڏيڻ ۽ پنهنجي موجودگي برقرار رکڻ لاءِ هن عوام کي بل نه ڀرڻ ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جو سڏ ڏنو. سندس اڳيون وينچر ان ڪري به ڪامياب نه ويو، ڇاڪاڻ جو هڪ ته اها سندس سولو فلائيٽ هئي، ٻيو اهو ته سياسي پارٽين حڪومت سان گڏ بيهڻ جو اعلان ۽ اظهار ڪيو، جنهن عمران خان کي سياسي طور اڪيلو ڪري وڌو.
بهرحال عمران خان ڪنهن مناسب وقت جي انتظار ۾ رهيو. نيٺ هلندڙ سال پاناما ليڪس جي شڪل ۾ کيس اهڙو موقعو ملي ويو. پاناما ليڪس ۾ ايتري سگهه هئي ۽ ملڪي توڙي خطي جي صورتحال اهڙي هئي، جو اوڏي مهل تازي ڌڪ شرط جيڪڏهن عمران خان يا ٻيون سياسي پارٽيون اڳتي وڌي ماڻهن کي موبلائيز ڪن ها ته گهربل نتيجا حاصل ٿي پئي سگهيا. حڪومت بنهه آخري دفاعي پوزيشن تي اچي ويئي. نواز شريف احتساب ڪميشن جوڙڻ ۽ احتساب جي شروعات کانئس ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. پيپلز پارٽي پاناما ليڪس جي سگهه کي چڱي طرح ڄاتو ٿي، ان ڪري اها به ميدان ۾ لهي آئي. پيپلز پارٽي هڪ ئي وقت ٻئي فائدا حاصل ڪرڻ پئي گهريا. جيڪڏهن پاناما ليڪس وگهي حڪومت وڃي ٿي ته ان جي مخالفت ۾ به پنهنجو ڪن ڳڻائي سگهي. ٻيو اهو ته عمران خان کي گيم ۾ اڪيلو نه ڇڏجي. جيڪڏهن ان کي ورائي سگهجي ٿو ته ان جو فائدو نواز حڪومت يا وري موجوده نظام کي ملندو، جنهن ۾ اها پاڻ به ڀائيوار آهي ۽ ڪو موقعو ملڻ جي صورت ۾ وڏي پتي به ملي سگهي ٿي. ان ڪري پيپلز پارٽي تحريڪِ انصاف کي ڇڪي گڏيل جدوجهد ۽ گڏيل حڪمت عمليءَ ۾ وٺي آئي ۽ پاناما ليڪس معاملو رستن جي بدران پارليامينٽ جي فلور تي اچي ويو. ائين هڪ دفعو وري پيپلز پارٽي نواز ليگ جي ضمانت ڪرائي. ان جي عيوض پيپلز پارٽي کي ڇا مليو يا اڃا ملندو؟ اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو. پر نواز شريف کي ايترو وقت ملي ويو، جو اها سک جو ساهه کڻي. جيئن ئي اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته وزيراعظم احتساب ڪميشن ٺاهڻ ۽ احتساب جي شروعات سندس ذات کان شروع ڪرڻ جي اعلان تان ڦري ويو. هاڻي هو اهڙي ڳالهه ئي نٿو ڪري، ڄڻ اهو سڄو پراڻو قصو ٿي ويو هجي.
عمران خان پيپلز پارٽي سان چند هفتن بعد اتي ئي بيٺو آهي، جتي اڳ هو. يعني اڪيلو. هن ڀيري ته علامه طاهر القادري به ڪونهي. ايم ڪيو ايم جنهن اسلام آباد تائين ڌرڻي مهل ڀت جون ديڳون پهچايون، اها پاڻ ڏچي ۾ آهي. اهو طئه آهي ته پاناما ليڪس ۾ ايتري طاقت آهي، جو اها وزيراعظم نواز شريف جو هاڻي ۽ ايندڙ وقت ۾ به پيڇو ڪندي رهندي. ان ڪري سڃاڻپ ان ۾ آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هو ان معاملي اڪيلائي جند ڇڏائي.
عمران خان پنهنجي سياسي ساک بچائڻ لاءِ رائيونڊ شو تي سمورو زور لڳايو ۽ ان کي ڪامياب ڪيو. جنهن بعد هن کي ڪجهه حوصلو مليو ۽ من وڌيو. هاڻي هو حڪومت سان ڄڻ ”ٻه ٻه هٿ“ ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. سندس خيال آهي ته ”ڌرڻو پلس“ سان نواز شريف جي حڪومت ڊهي سگهي ٿي. سندس هاڻِ مطالبو پاناما ليڪس جي جاچ نه، پر نواز شريف جي استعيفا آهي. نواز شريف سخت دٻاءَ هيٺ ضرور آهي پر سندس حڪومت ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي، جڏهن کيس مينڊيٽ ۽ پنهنجي پارٽي جي ايم اين ايز جو اتحاد حاصل آهي. ڪنهن هڪ شهر ۾ گڏ ٿيندڙ وڏو ميدان شهر جي ڪاروهنوار کي ته بند ڪري سگهي ٿو، پر حڪومت ڊاهي وجهي اهو ممڪن نٿو لڳي. ڪرڻ لاءِ ته اهو آپشن به موجود آهي ته وزيراعظم اسيمبلي ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪري. پر اها اڻ ٿيڻي لڳي ٿي، ڇاڪاڻ جو پاناما ليڪس چونڊ مهم ۾ اهم اوزار طور استعمال ٿيندي.
اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي ته عمران خان پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن کان وٺي عدليه تائين ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڪري هو مطمئن نه ٿيندو ۽ ٻيو ڪو اهڙو ”بم“ کڻي ايندو. ٽيون طريقو اهو آهي ته عسڪري ڌر مداخلت ڪري. پر اها اهڙي مداخلت ڇو ڪري؟ حالاناڪه ان جي ڊپ وچان پيپلز پارٽيءَ پاڻ کي تحريڪ انصاف جي آخري حدن واري تحريڪ کان پاڻ کي پري رکيو آهي. ساڳي صورتحال ٻين سياسي پارٽين جي آهي، جيڪي سمجهن ٿيون ته نواز شريف جي حڪومت ڊاهڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇاڪاڻ جو ان مطالبي ۽ عمل جي پويان ٻين پارٽين کي نظر اچي رهيو آهي ته عمران خان پنهنجي حق ۾ منظرنامو جوڙڻ چاهي ٿو، جنهن مان سموريون پارٽيون آئوٽ هجن. عسڪري ڌر ان ڪري به مداخلت نه ڪندي، ڇاڪاڻ جو هڪ ته ان جي قيادت جي تبديليءَ جو مرحلو رهيل آهي. ٻيو اهو ته اها ملڪ اندر توڙي سرحدن تي ڪجهه محاذن تي مصروف آهي. ٽيون اهو ته باقي پارٽيون ۽ ٻه صوبا سنڌ ۽ پنجاب عمران خان جي هن تحريڪ ۽ مطالبي ۾ شامل ناهن. اهو ضرور آهي ته اسلام آباد شهر هڪ نه، پر هفتي ٻن لاءِ بند رکڻ سان فرق پئجي سگهي ٿو. پر اهو فرق حڪومت ڊاهڻ وارو نه، پر ان تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ ۽ وڌيڪ اختيار ڇڏڻ جي صورت ۾ ٿي سگهي. هي گيم هاڻي خطرناڪ دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي. عمران خان هڪ دفعو ٻيهر اها راند هارائڻ نٿو چاهي. نواز شريف اڃا تائين حڪومت بچائڻ لاءِ مزاحمت جي موڊ ۾ آهي.
sohailsangi@yahoo.com

جمع 14 آڪٽوبر 2016ع

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home