Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

ٽرمپ لاءِ اليڪشني وعدن تي عمل ڪرڻ سولو هوندو؟


ٽرمپ لاءِ اليڪشني وعدن تي عمل ڪرڻ سولو هوندو؟
           آمريڪي سپر پاور دنيا ۾ سرمائيداري نظام جو لٺ سردار آهي ۽ اهو سرمائيداري نظام ۽ ملڪن کي بچائڻ لاءِ ڪيترن ملڪن تي رڳو لٺيون ئي نه، پر جديد هٿيار به استعمال ڪندو آهي، معاشي ناڪابنديون به ڪندو آهي. ان جو ٻيو پاسو اهو به آهي ته دنيا جا مقبول گانا، فلمون ۽ ٽيڪنالاجي به جوڙيندو آهي. اتان جي عوام هڪ اهڙي ماڻهو کي صدر چونڊيو آهي، جيڪو خود آمريڪا جي ويجهن اتحادين ۾ به مقبول ناهي. آمريڪا جي هن صدارتي اليڪشن سمورن انومانن، سرويز ۽ تجزين کي ابتو ڪري ڏيکاريو. جيڪي تجزيا ۽ سروي ٿي رهيا هئا، ميڊيا جيڪو ڏيکاري ۽ چئي رهي هئي، سو مختلف هو، جڏهن ته عوام جي راءِ ان کان بنهه مختلف هئي. ٻين لفظن ۾ اهو ته، آمريڪين جي راءِ جوڙيندڙ ادارا يا ان جو اظهار ڪندڙن ۽ عوام جي اصل راءِ جي وچ ۾ وڏي وڇوٽي هئي، جيڪا هيلري ڪلنٽن جي بدران ڊونلڊ ٽرمپ کي صدر چونڊڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿي.
آمريڪين هڪ اهڙي ماڻهو کي صدر چونڊيو آهي، جنهن جو سياسي ڪيريئر مشڪل سان ٻه سال آهي ۽ هڪ اهڙي اميدوار کي هارايو آهي، جيڪا عورت هئي، جنهن جو چاليهه سالن جو سياسي ڪيريئر آهي. ٽرمپ جون سماج، سياست ۽ ٻين روز مره جي معاملن بابت سوچون ۽ فڪر اهو ناهي، جنهن جي آمريڪا بظاهر دعويٰ ۽ وڪالت ڪري ٿو. بلڪه هو هڪ اهڙو Typical  پراڻي قسم جو آمريڪي لڳي ٿو، جنهن وٽ ٻين مذهبن، نظرين ۽ سوچ وغيره بابت گهٽ جڳهه آهي، جنهن وٽ جيڪي ڪجهه آهيان، آئون ئي آهيان وارو تصور آهي. سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪي عوام ائين سوچي ٿو؟ ان جو جواب بظاهر اهو آهي ته دراصل آمريڪين پنهنجي حڪومت/ حڪمران جماعت لاءِ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. مثال طور ايسوسيئٽيڊ پريس جي سروي موجب جيئن حڪومت هلائي پئي وئي، ان تحت 10 مان 7 ووٽر ناخوش هئا. کيس مليل ووٽرن جو ڇيد ڪجي ته اڃا به ڪجهه وڌيڪ دلچسپ ڳالهون سامهون اچن ٿيون. کيس مليل 10 مان 7 ووٽ اهڙا هئا، جن کي ڪاليج تائين جي تعليم نه هئي ۽ اهي گورا هئا. انهن مان اڪثريت وڏي عمر وارن جي آهن. ان جي ڀيٽ ۾ هيلري ڪلنٽن کي عورتن، اقليتين، نوجوانن جا ووٽ مليا.
ٽرمپ اليڪشن ته کٽي ويو، پر ان جي هن جيت خلاف ٻئي ڏينهن تي آمريڪا جي ڏهن کان وڌيڪ وڏن شهرن ۾ مظاهرا ٿيا آهن. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا. ڪجهه شهرن ۾ ٽرمپ جا پتلا ساڙيا ويا. احتجاج ڪندڙن وائيٽ هائوس ۽ چونڊيل صدر جنهن عمارت ۾ رهي ٿو، ان جي ٻاهران به مظاهرو ڪيو ۽ نعرا هنيا. آمريڪي چونڊن ۽ احتجاجن جي ويجهي ماضي ۾ ڪو اهڙو مثال نٿو ملي. اهي ماڻهو ڌانڌلي وغيره جو الزام نه هڻي رهيا هئا، پر ٽرمپ جي پاليسين بابت پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا هئا. انهن مظاهرن لاءِ هڪ راءِ اها به آهي ته دنيا کي آمريڪا اهو ڏيکارڻ گهري ٿو ته آمريڪي عوام ٽرمپ کي ائين ڪرڻ نه ڏيندو، جيئن هو سوچي ٿو، جيئن هو چاهي ٿو. ساڳي ريت اهو تاثر ڏيڻ به آهي ته آمريڪا اهڙو ناهي، جهڙو ٽرمپ آهي. ٽرمپ جي جيت ۽ برطانيه جي ريفرنڊم مان هڪ نتيجو اهو به نڪري ٿو ته اولهه وڌيڪ ساڄي ڌر واري سوچ ڏي وڃي رهيو آهي. بهرحال ماڻهن ۾ ڊپ ۽ ڪاوڙ آهي ته چونڊن بعد هي ڪهڙو نتيجو اچي ويو. ورنه دنيا ته هالي ووڊ جي فلم ”ايئرفورس“ يا ”ويسٽ ونگ“ وارو صدر ڏنو هو، جيڪو ڏاڍو ڏاهو ۽ اصول پسند آهي.
اهو صحيح آهي ته آمريڪي حڪومت کان اتي جي اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ مضبوط آهي. آمريڪي صدر دنيا جو طاقتور ترين صدر هجڻ جي باوجود سمورن وڏن معاملن ۾ هيٺين ادارن جي هوم ورڪ، صلاح ۽ فيصلي سان سلهاڙيل هوندو آهي. پر ان جي باوجود هر فرد جي طريقيڪار ۽ فيصلي سازي ۾ فرق هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس ذاتي راءِ ۽ فيصلو اهم ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏهن ريپبلڪن پارٽي جي ٻن صدرن جارج بش ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀيٽ ڪجي ته ٻنهي ۾ فرق آهي. اهو فرق ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ چٽو ٿيندو. جارج بش چون ٿا ته اخبار به ڪونه پڙهندو هو ۽ مٿس ٿيندڙ تنقيد کي کنگهندو به ڪونه هو. ان جي ابتڙ ٽرمپ ماڻهن وٽان ايندڙ اهڙي مخالفت واري راءِ جو جواب ڏيڻ يا تنقيد جو جواب ڏيڻ ضروري سمجهي ٿو. بش پنهنجي مشيرن ۽ صلاحڪارن تي ڀاڙيندو هو. ٽرمپ صلاحڪارن تي گهٽ پنهنجي منهن فيصلا وٺڻ جو عادي آهي. هن اليڪشن مهم ۾ به ائين ڪيو. جارچ بش ريپبليڪن پارٽي جي پيداوار هو. ٽرمپ پارٽي جي پيداوار ناهي، ان ڪري فيصلي سازي ۾ شايد پارٽي کي پاڻ سان گڏ نه کڻي هلي. ائين سندس طبيعت آمراڻي لڳي ٿي.
ٻئي پاسي عورتن، اقليتن، ٻاهرين ملڪن مان لڏي آمريڪا ايندڙن جي باري ۾ سندس خيال تنگ نظري وارا آهن. ايتري قدر جو هو ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڀت کڻائڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي. ڄڻ اهو نعرو ڏيئي رهيو هجي ته ”آمريڪا صرف آمريڪين جو آهي!“ هي اهڙو ئي نعرو آهي، جهڙو برطانيه جي ماڻهن يورپي يونين ۾ شامل رهڻ يا ڌار ٿيڻ واري ريفرينڊم ۾ ڏنو هو. مطلب ته برطانيه اتي جي رهاڪن لاءِ آهي، باقي يورپي لوڪن لاءِ نه. ٽرمپ جيڪڏهن پنهنجي اعلانيل پاليسين تي عمل ڪري ٿو ته آمريڪا جون ڪمپنيون، يونيورسٽيون ۽ خود سياحت به متاثر ٿيندي. رڳو آمريڪي سياحت جي شعبي ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح 67 لک ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. لڳي ٿو ته آمريڪا ۽ برطانيه جون معيشتون ان حد تي پهچي چڪيون آهن، جتي هو پنهنجي ماڻهن جو ”بار“ به مشڪل سان کڻي پيون سگهن. اهڙو وقت سوويت يونين تي به آيو هو، جنهن سوويت يونين کي ٽوڙي ڇڏيو. ڇا واقعي آمريڪي معيشت دنيا جي سرمائيداري فوجداري وارو بار نٿي کڻي سگهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟ ان سان سڄي دنيا جو معاشي ۽ سياسي نقشو ئي تبديل ٿي ويندو. اهو صحيح آهي ته آمريڪا پنهنجي معيشت جي ان ڪساد بازاري مان نڪرڻ گهري ٿو. هن پنهنجون مارڪيٽون چين، انڊيا يا ٻين اهڙن ڪن ملڪن جي سامان لاءِ توڙي اتان ايندڙ پورهيو ڪندڙ توڙي صلاحيت رکندڙ ماڻهن لاءِ کولي ڇڏيون هيون، سي هو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر آمريڪي سوسائٽي ۽ معيشت دنيا جي مختلف علائقن ۽ ملڪن تي ايترو گهڻو دارومدار رکي ٿي، جو اها پنهنجي لٺ سرداري وڏيون فوجون، جديد هٿيار رکڻ، مختلف سمنڊن ۾ پنهنجي فوجي موجودگي ۽ برتري کي برقرار رکڻ بنا قائم رکي نٿو سگهي.
ٽرمپ جي لاءِ جتي معيشت جي انهن شعبن کي ترجيح ڏيڻي پوندي، جن جي ضرورت به هجي ۽ ساڳئي وقت نوڪرين ۽ ڪم ڪار جا موقعا به نڪرن، ساڳي طرح هو پرڏيهين لاءِ ائين دروازا کليل نه رکندو. ميڪسيڪو جي وچ ۾ ڀت نه به کڻائي، پر عملي طرح اهڙائي اپاءُ وٺي هو اوباما جي هيلٿ ڪيئر ۽ سوشل سيڪيورٽي جي ٻين اهڙين اسڪيمن ۾ ڪٽوتي ڪري شهرين کي اها پڪ ڏيکاري ته کانئن ٽيڪس هروڀرو نه پيو ورتو وڃي يا اهو ته سندن ٽيڪس فالتو مدن ۽ ماڻهن تي خرچ نه ٿي رهيو آهي. داعش بابت حڪمت عملي کي به نئين سر ڏسڻو پوندو. عين ممڪن آهي ته هو ان لاءِ روس جي مدد حاصل ڪندي شام ذريعي ڪا حڪمت عملي جوڙي. ٽرمپ لاءِ چين وڏو چئلينج بڻيل رهندو. ان جي معيشت جيتري وڌي پئي ۽ هو وڌيڪ خطن توڙي ملڪن ۾ اثر وڌائي رهيو آهي، ان کي روڪڻ هن لاءِ ضروري ٿي پوندو.
وچ اوڀر کان وٺي ڏور هند چيني خطن تائين تيل، واپار ۽ سيڙپ ڪاري وارا موقعا ڪنهن به طرح نه ڇڏيندو. ٽرمپ جي آمريڪا لاءِ وچ اوڀر وارو اشو وڌيڪ گرم رهندو. وچ ايشيا ۽ افغانستان جي خطي واري گرمائش کي هو روس ۽ ايران سان ويجهڙائپ رکي ٺاري يا پنهنجي فائدي ۾ ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته ڏکڻ ايشيا توڙي ڏور هند چيني ۾ انڊيا جو رول وڌائي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. انڊيا ۾ نريندر مودي جي موجودگي هن لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان جي ذريعي هو ڪنهن حد تائين چين کي Contrast ڪري سگهي ٿو. پر اهي سڀ ڪم ايڏا سوکا ۽ سولا ناهن، جيترو سولائي سان پني تي لکي سگهجن ٿا. ان لاءِ وڏو هوم ورڪ ڪرڻ ۽ هر خطي ۾ موجود اسٽيڪ هولڊرن جا مفاد ۽ ٽڪراءُ سامهون رکي انهن کي سلهاڙڻ جي ضرورت پوندي. هن صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ وڌيڪ ڏکيائي ٿيندي. جتي ”ڊومور- Do moor“ جي فرمائش ته آهي ئي آهي، سوال اهو به آهي ته پاڪستان ان ڏس ۾ ڪيترو هوم ورڪ ڪيو آهي؟ ۽ پنهنجي پاڻ کي بدليل حالتن ۾ ڪيترو بدلائي ٿو؟
sohailsangi@yahoo.com


سهيل سانگي

جمع 11 نومبر 2016ع

Labels:

ٽرمپ جون پاليسيون ۽ دنيا جي ملڪن تي پوندڙ اثر

           آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن کان صدارتي چونڊ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيو آهي، تڏهن کان وٺي پنهنجي عهدي جو قسم کڻن تائين تڪراري رهيو آهي. قسم کڻڻ بعد به تڪرار ختم نه ٿيو آهي. هن چونڊون کٽيون، تڏهن به آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مظاهرا ٿيا. ماڻهن سندس چونڊجڻ تي سرهائي نه ڏيکاري. سندس قسم کڻڻ واري ڏينهن به ڪيپيٽل هل، جتي هو قسم کڻي رهيو هو، ماڻهو مظاهرا ڪري رهيا هئا. احتجاج ڪري رهيا هئا. ناپسنديدگي جو اظهار ڪري رهيا هئا. واشنگٽن، لنڊن، نيويارڪ، ٽوڪيو وغيره ۾ به وڏا مظاهرا ٿيا آهن. ”اسان جا حق کسڻ لاءِ ناهن“ جا نعرا بينرن تي لکيل هئا. ماڻهن جو اهو اظهار ٽرمپ جي پاليسين خلاف آهي. اهي پاليسيون گهرو يعني ملڪ ۾ سماجي تحفظ کسجڻ کان وٺي مختلف معاشي ۽ سماجي فائدن جي گهٽجڻ جون آهن. لڳي ٿو ته آمريڪين اوباما جي پاليسين ۾ تبديلي ٿي چاهي پر اها تبديلي ٽرمپ جي شڪل ۾ سندن آڏو نه آئي آهي. آمريڪا ۾ ائين ڪو ورلي ٿيندو آهي ته صدر چونڊجڻ خلاف ماڻهو انهيءَ حد تائين احتجاج ڪن ۽ لڳاتار ڪندا رهن. شايد هو سمجهن ٿا ته ڪا کانئن غلطي ٿي ويئي آهي. اهڙي ئي صورتحال برطانيا جي يورپي يونين کان علحيدگي جي حوالي سان پڻ نظر اچي ٿي. ريفرنڊم ۾ عوام فيصلو ته علحيدگي جي حق ۾ ڪيو، پر ٻيهر جيڪو خيال آيو، سو اهو هو ته شايد اهو فيصلو صحيح ناهي. ڪا مختلف شڪل هجڻ گهرجي. ترڪي ۾ صدر طيب اردگان چونڊجي ته ويو پر ان خلاف مضبوط آواز موجود هو، جنهن کي هن ٻئي طريقي سان نبيريو. مختلف ملڪن ۾ عوام طرفان جيڪي اظهار سامهون اچي رهيا آهن، سي ٻڌائين ٿا ته مونجهارا وڌيڪ آهن. پاليسين ۽ عمل بابت ڪي واضح يا ڪليئر ڪٽ لائنون موجود ناهن. هي دنيا جي نئين معاشي ۽ عالمي نظام جو هڪ نئون مظهر آهي. ملڪن ۽ ماڻهن جو هڪ ٻئي تي دارومدار ۽ رابطو گهڻو وڌيل آهي. هو مختلف معاملن بابت ڄاڻ رکن ٿا. ان بابت فيصلو به ڪن ٿا. پر ٻئي لمحي ڄڻ اهو فيصلو تبديل ڪري ڇڏين ٿا ۽ ڪنهن ٻئي فيصلي تي بيهن ٿا. اهو چئي سگهجي ٿو ته معاشي ۽ سياسي پاليسيون عالمي طور تي شڪ جي نگاهه سان ڏٺيون پيون وڃن.
آمريڪا سڄي دنيا لاءِ ان ڪري به اهم آهي، جو اهو معاشي، سياسي ۽ فوجي طور دنيا جو لٺ سردار بڻيل آهي. اها لٺ سرداري هن زوريءَ ورتي آهي. ان بعد مختلف ملڪن ۽ گروهن ان کي قبول ڪيو. آمريڪا ٻين ملڪن لاءِ مثالي ملڪ پڻ سمجهيو پيو وڃي. پر ٽرمپ جي ”سڀ کان پهرين آمريڪا“ واري اعلان ته ان سڄي عمل ۽ آئيڊيا کي لوڏي ڇڏيو. پهرين اوليت آمريڪا آهي ته ٻيا ملڪ ۽ قومون ڪيڏانهن وينديون؟ انهن جي لاءِ آمريڪا وٽ ڪا اهميت نه هوندي؟ اهو آءِ ايم ايف ۽ ٻين اهڙن عالمي مالي ادارن سان گڏوگڏ ٻين ادارن لاءِ به هڪ نئون چئلينج آهي. سرد جنگ دوران فوجي اتحادن واري تباهي، جنهن بعد معاشي اتحاد وارو دور شروع ٿيو، جنهن کي گلوبلائزيشن جو نالو ڏنو ويو پر هاڻي هڪ دفعو وري ڄڻ هر ملڪ پنهنجي پنهنجي باري ۾ سوچي ۽ پنهنجي طور انفرادي پاليسيون ٺاهي. يعني ڪنهن بلاڪ يا لٺ سردار آمريڪا طرفان ڪا پاليسي نه ايندي! ڇا دنيا ان صورتحال طرف وڌي رهي آهي؟ بنهه ائين به ناهي. هر ڪو ملڪ پنهنجون پاليسيون ڀلي جوڙي پر جڏهن ۽ جتي آمريڪا کي اعتراض هوندو، اتي ”فرسٽ آمريڪا“ اچي ويندو ۽ اهو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ان جي هڪ معنيٰ اها به ورتي پئي وڃي ته آمريڪا پنهنجون پاليسيون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري وڏي حد تائين پنهنجي پاڻ کي دنيا جي کوڙ سارن معاملن ۽ ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تيار نه پيو ٿئي. يا ائين کڻي چئجي ته جيڪا ڳالهه کيس نه وڻندي/ يا مفادن وٽان نه هوندي، سا ڪرڻ ڪونه ڏيندو. پر ان لاءِ هو ذميواري نه کڻڻدو. ورنه اتر آمريڪا کان وٺي آسٽريليا تائين سمورن فوجي معاشي بلاڪن جي ذميواري آمريڪا تي ئي هئي. اهي بلاڪ ٺهرائيندڙ ۽ انهن ۾ تبديليون آڻيندڙ، وقت گذرڻ بعد انهن کي ختم ڪندڙ به آمريڪا پاڻ ئي هوندو.
في الحال سمورين ڌرين کي ٽرمپ جي نئين پرڏيهي پاليسي سمجهڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. پر ڪجهه رخ اهڙا آهن، جن ۾ تبديلي اچڻي آهي. چين، ايشيا ۾ نئين معاشي ۽ فوجي رانديگر طور اڀري رهيو هو. آمريڪا 1979ع ۾ چين کي ويجهو ٿيڻ شروع ٿيو. ان سان معاشي لاڳاپا شروع ڪيائين. تائيوان، جنهن کي چين پنهنجو صوبو سمجهي ٿو، ان جي حمايت ڪرڻ گهٽ ڪيائين. ائين چين کي مڃتا ملي وئي. اوباما جي ڏينهن ۾ چين سان آمريڪا جي گهڻي ويجهڙائپ رهي. ٽرمپ اٿندي ئي چين جي ”هڪ چين“ واري نعري جي مخالفت تي لهي آيو. هن تائيوان جي صدر کي فون ڪيو، جيڪا ڳالهه چين سان تعلقات ڦٽائڻ جو اشارو ڏئي ٿي. ساڳي وقت ٽرمپ چين سان ايتري جهجهي واپار جي به خلاف آهي. ڇاڪاڻ جو عملي طرح چين جو عام استعمال جون ننڍيون ننڍيون شيون آمريڪا ۾ عام جام استعمال ۾ آهن ۽ انهن جي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي. ٽرمپ چين سان ايڏو وڏو واپار رکڻ نٿو چاهي. هن ٻن ٽن اهم موقعن تي چين کي واپار جي حوالي سان Manipulator سڏيو آهي. ٽرمپ جو اهو به خيال آهي ته سندس ڪرنسي جي قيمت ڪيرائڻ ۾ چين جو ڪار وهنوار اهم جز آهي. ٽرمپ جو خيال آهي ته هو چيني اسمن تي آمريڪا ۾ ڳرا ٽيڪس مڙهي ان جي مارڪيٽ گهٽائي سگهي ٿو. ائين هو آمريڪا جي پنهنجي صنعتن وغيره کي جيئاري ماڻهن لاءِ روزگار پيدا ڪري سگهي ٿو. اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ سو پڻ هڪ وڏو سوال آهي، ڇاڪاڻ جو آمريڪي معيشت بنيادي طرح سان ڳري صنعت ۽ سروس سيڪٽر تي بيٺل معيشت آهي. عام استعمال جون ننڍيون ننڍيون شيون ٺاهڻ لاءِ سيڙپ کڻي ٿوري گهرجي پر آمريڪا ۾ ايتري سستي مزدوري ناهي، جو اها چين ۾ ٺهندڙ ڪنهن شئي جو مارڪيٽ ۾ اگهه جي حوالي سان مقابلو ڪري سگهي. ٽرمپ تائيوان جي حوالي سان چين سان کئونس ڪرڻ سان گڏ واپاري رستا روڪ جو سوچي ويٺو آهي. ان سان گڏوگڏ هن کي چيني سمنڊ ۾ چين جي فوجي موجودگي (جنهن کي ٽرمپ چين جو فوجي ڪامپليڪس چوي ٿو) تي به اعتراض آهي. ساڳي طرح چين جي پاڪستان مان لنگهندڙ سي پيڪ واري رٿا تي به اثر پوندا. ڇاڪاڻ جو سي پيڪ چين کي نه رڳو معاشي طور مضبوط ڪندو، بلڪه فوجي حڪمت عملي جي حوالي سان پڻ مٿڀرائپ ڏيندو. چين کان پوءِ ٻئي نمبر تي ٽرمپ جي لاءِ ايران اهم آهي. اوباما حڪومت ايران سان ايٽمي ڦهلاءُ جي حوالي سان ٺاهه ڪيو هو. ٽرمپ ان ٺاهه کي ٽوڙڻ چاهي ٿو، جنهن جو اثر وچ اوڀر سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ افغانستان تي به پوندو. هن وقت شام ۽ عراق ۾ داعش جي ڌرين سان وڙهڻ ۾ ايران گهڻي مدد ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اهو ٺاهه ختم ٿي ويو ته ايران ان مان هٿ ڪڍي ويندو. ٽرمپ انتظاميا جي نظر ۾ آمريڪا لاءِ ايران ۾ سيڙپ يا واپار جا موقعا گهٽ آهن. ان جي ڀيٽ ۾ سعودي عرب ۽ ان جي ويجهن عرب ملڪن ۾ اهي موقعا وڌيڪ آهن. ٻي ڳالهه اها ته ايران سان آمريڪا جي ويجهڙائپ نه ڪو اسرائيل کي پسند آهي ۽ نه وري سعودي عرب کي. جيڪڏهن ٽرمپ ايران سان معاهدو ٽوڙي ان کي مخالف ڪيمپ ۾ بيهاري ٿو ۽ سعودي عرب سان گڏ بيهي ٿو ته ڀرپاسي جي چئن پنجن ملڪن ۾ شيعا سني تضاد وڌي ويندو. ان جو اثر خود پاڪستان تي به پوندو.
پاڪستان بابت آمريڪي پاليسيءَ ۾ ٽرمپ انتظاميا جي دور ۾ ڪا وڏي تبديلي جي توقع ناهي، بلڪه دٻاءُ وڌڻ جو امڪان آهي، جنهن جو اظهار ٽرمپ جي پرڏيهي سيڪريٽري پنهنجي تقرير ۾ ڪيو هو. هن رڳو اهو آسرو ڏنو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان سڀني طالبان گروهن خلاف سڀ ڪجهه ڪري ٿو ته پوءِ آمريڪا پاڪستان لاءِ به ڪجهه ڪري سگهي ٿو. ٽرمپ جون پاليسيون دراصل بدليل دنيا کي ظاهر ڪن ٿيون. اهڙي دنيا، جيڪا معاشي، سماجي ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان گهڻو تبديل ٿي وئي آهي. گهڻو ويجهي اچي وئي آهي. سياسي طور وڌيڪ شڪي ٿي وئي آهي. اهڙي موقعي تي ٽرمپ جو اچڻ هڪ حد تائين انهن زميني حقيقتن سان ٽڪراءُ ۾ به آهي. اهو ٽڪراءُ نئين صورتحال پيدا ڪندو. ڏسڻو اهو آهي ته نئين صورتحال ٽرمپ جي دور ۾ سامهون اچي ٿي يا ان کي پختي شڪل ۾ اچڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو.
sohailsangi@yahoo.com

Daily Kawish - Trump policies 
سومر 23 جنوري 2017ع

Labels: ,