Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

ٽرمپ جون پاليسيون ۽ دنيا جي ملڪن تي پوندڙ اثر

           آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن کان صدارتي چونڊ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيو آهي، تڏهن کان وٺي پنهنجي عهدي جو قسم کڻن تائين تڪراري رهيو آهي. قسم کڻڻ بعد به تڪرار ختم نه ٿيو آهي. هن چونڊون کٽيون، تڏهن به آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مظاهرا ٿيا. ماڻهن سندس چونڊجڻ تي سرهائي نه ڏيکاري. سندس قسم کڻڻ واري ڏينهن به ڪيپيٽل هل، جتي هو قسم کڻي رهيو هو، ماڻهو مظاهرا ڪري رهيا هئا. احتجاج ڪري رهيا هئا. ناپسنديدگي جو اظهار ڪري رهيا هئا. واشنگٽن، لنڊن، نيويارڪ، ٽوڪيو وغيره ۾ به وڏا مظاهرا ٿيا آهن. ”اسان جا حق کسڻ لاءِ ناهن“ جا نعرا بينرن تي لکيل هئا. ماڻهن جو اهو اظهار ٽرمپ جي پاليسين خلاف آهي. اهي پاليسيون گهرو يعني ملڪ ۾ سماجي تحفظ کسجڻ کان وٺي مختلف معاشي ۽ سماجي فائدن جي گهٽجڻ جون آهن. لڳي ٿو ته آمريڪين اوباما جي پاليسين ۾ تبديلي ٿي چاهي پر اها تبديلي ٽرمپ جي شڪل ۾ سندن آڏو نه آئي آهي. آمريڪا ۾ ائين ڪو ورلي ٿيندو آهي ته صدر چونڊجڻ خلاف ماڻهو انهيءَ حد تائين احتجاج ڪن ۽ لڳاتار ڪندا رهن. شايد هو سمجهن ٿا ته ڪا کانئن غلطي ٿي ويئي آهي. اهڙي ئي صورتحال برطانيا جي يورپي يونين کان علحيدگي جي حوالي سان پڻ نظر اچي ٿي. ريفرنڊم ۾ عوام فيصلو ته علحيدگي جي حق ۾ ڪيو، پر ٻيهر جيڪو خيال آيو، سو اهو هو ته شايد اهو فيصلو صحيح ناهي. ڪا مختلف شڪل هجڻ گهرجي. ترڪي ۾ صدر طيب اردگان چونڊجي ته ويو پر ان خلاف مضبوط آواز موجود هو، جنهن کي هن ٻئي طريقي سان نبيريو. مختلف ملڪن ۾ عوام طرفان جيڪي اظهار سامهون اچي رهيا آهن، سي ٻڌائين ٿا ته مونجهارا وڌيڪ آهن. پاليسين ۽ عمل بابت ڪي واضح يا ڪليئر ڪٽ لائنون موجود ناهن. هي دنيا جي نئين معاشي ۽ عالمي نظام جو هڪ نئون مظهر آهي. ملڪن ۽ ماڻهن جو هڪ ٻئي تي دارومدار ۽ رابطو گهڻو وڌيل آهي. هو مختلف معاملن بابت ڄاڻ رکن ٿا. ان بابت فيصلو به ڪن ٿا. پر ٻئي لمحي ڄڻ اهو فيصلو تبديل ڪري ڇڏين ٿا ۽ ڪنهن ٻئي فيصلي تي بيهن ٿا. اهو چئي سگهجي ٿو ته معاشي ۽ سياسي پاليسيون عالمي طور تي شڪ جي نگاهه سان ڏٺيون پيون وڃن.
آمريڪا سڄي دنيا لاءِ ان ڪري به اهم آهي، جو اهو معاشي، سياسي ۽ فوجي طور دنيا جو لٺ سردار بڻيل آهي. اها لٺ سرداري هن زوريءَ ورتي آهي. ان بعد مختلف ملڪن ۽ گروهن ان کي قبول ڪيو. آمريڪا ٻين ملڪن لاءِ مثالي ملڪ پڻ سمجهيو پيو وڃي. پر ٽرمپ جي ”سڀ کان پهرين آمريڪا“ واري اعلان ته ان سڄي عمل ۽ آئيڊيا کي لوڏي ڇڏيو. پهرين اوليت آمريڪا آهي ته ٻيا ملڪ ۽ قومون ڪيڏانهن وينديون؟ انهن جي لاءِ آمريڪا وٽ ڪا اهميت نه هوندي؟ اهو آءِ ايم ايف ۽ ٻين اهڙن عالمي مالي ادارن سان گڏوگڏ ٻين ادارن لاءِ به هڪ نئون چئلينج آهي. سرد جنگ دوران فوجي اتحادن واري تباهي، جنهن بعد معاشي اتحاد وارو دور شروع ٿيو، جنهن کي گلوبلائزيشن جو نالو ڏنو ويو پر هاڻي هڪ دفعو وري ڄڻ هر ملڪ پنهنجي پنهنجي باري ۾ سوچي ۽ پنهنجي طور انفرادي پاليسيون ٺاهي. يعني ڪنهن بلاڪ يا لٺ سردار آمريڪا طرفان ڪا پاليسي نه ايندي! ڇا دنيا ان صورتحال طرف وڌي رهي آهي؟ بنهه ائين به ناهي. هر ڪو ملڪ پنهنجون پاليسيون ڀلي جوڙي پر جڏهن ۽ جتي آمريڪا کي اعتراض هوندو، اتي ”فرسٽ آمريڪا“ اچي ويندو ۽ اهو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ان جي هڪ معنيٰ اها به ورتي پئي وڃي ته آمريڪا پنهنجون پاليسيون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري وڏي حد تائين پنهنجي پاڻ کي دنيا جي کوڙ سارن معاملن ۽ ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تيار نه پيو ٿئي. يا ائين کڻي چئجي ته جيڪا ڳالهه کيس نه وڻندي/ يا مفادن وٽان نه هوندي، سا ڪرڻ ڪونه ڏيندو. پر ان لاءِ هو ذميواري نه کڻڻدو. ورنه اتر آمريڪا کان وٺي آسٽريليا تائين سمورن فوجي معاشي بلاڪن جي ذميواري آمريڪا تي ئي هئي. اهي بلاڪ ٺهرائيندڙ ۽ انهن ۾ تبديليون آڻيندڙ، وقت گذرڻ بعد انهن کي ختم ڪندڙ به آمريڪا پاڻ ئي هوندو.
في الحال سمورين ڌرين کي ٽرمپ جي نئين پرڏيهي پاليسي سمجهڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. پر ڪجهه رخ اهڙا آهن، جن ۾ تبديلي اچڻي آهي. چين، ايشيا ۾ نئين معاشي ۽ فوجي رانديگر طور اڀري رهيو هو. آمريڪا 1979ع ۾ چين کي ويجهو ٿيڻ شروع ٿيو. ان سان معاشي لاڳاپا شروع ڪيائين. تائيوان، جنهن کي چين پنهنجو صوبو سمجهي ٿو، ان جي حمايت ڪرڻ گهٽ ڪيائين. ائين چين کي مڃتا ملي وئي. اوباما جي ڏينهن ۾ چين سان آمريڪا جي گهڻي ويجهڙائپ رهي. ٽرمپ اٿندي ئي چين جي ”هڪ چين“ واري نعري جي مخالفت تي لهي آيو. هن تائيوان جي صدر کي فون ڪيو، جيڪا ڳالهه چين سان تعلقات ڦٽائڻ جو اشارو ڏئي ٿي. ساڳي وقت ٽرمپ چين سان ايتري جهجهي واپار جي به خلاف آهي. ڇاڪاڻ جو عملي طرح چين جو عام استعمال جون ننڍيون ننڍيون شيون آمريڪا ۾ عام جام استعمال ۾ آهن ۽ انهن جي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي. ٽرمپ چين سان ايڏو وڏو واپار رکڻ نٿو چاهي. هن ٻن ٽن اهم موقعن تي چين کي واپار جي حوالي سان Manipulator سڏيو آهي. ٽرمپ جو اهو به خيال آهي ته سندس ڪرنسي جي قيمت ڪيرائڻ ۾ چين جو ڪار وهنوار اهم جز آهي. ٽرمپ جو خيال آهي ته هو چيني اسمن تي آمريڪا ۾ ڳرا ٽيڪس مڙهي ان جي مارڪيٽ گهٽائي سگهي ٿو. ائين هو آمريڪا جي پنهنجي صنعتن وغيره کي جيئاري ماڻهن لاءِ روزگار پيدا ڪري سگهي ٿو. اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ سو پڻ هڪ وڏو سوال آهي، ڇاڪاڻ جو آمريڪي معيشت بنيادي طرح سان ڳري صنعت ۽ سروس سيڪٽر تي بيٺل معيشت آهي. عام استعمال جون ننڍيون ننڍيون شيون ٺاهڻ لاءِ سيڙپ کڻي ٿوري گهرجي پر آمريڪا ۾ ايتري سستي مزدوري ناهي، جو اها چين ۾ ٺهندڙ ڪنهن شئي جو مارڪيٽ ۾ اگهه جي حوالي سان مقابلو ڪري سگهي. ٽرمپ تائيوان جي حوالي سان چين سان کئونس ڪرڻ سان گڏ واپاري رستا روڪ جو سوچي ويٺو آهي. ان سان گڏوگڏ هن کي چيني سمنڊ ۾ چين جي فوجي موجودگي (جنهن کي ٽرمپ چين جو فوجي ڪامپليڪس چوي ٿو) تي به اعتراض آهي. ساڳي طرح چين جي پاڪستان مان لنگهندڙ سي پيڪ واري رٿا تي به اثر پوندا. ڇاڪاڻ جو سي پيڪ چين کي نه رڳو معاشي طور مضبوط ڪندو، بلڪه فوجي حڪمت عملي جي حوالي سان پڻ مٿڀرائپ ڏيندو. چين کان پوءِ ٻئي نمبر تي ٽرمپ جي لاءِ ايران اهم آهي. اوباما حڪومت ايران سان ايٽمي ڦهلاءُ جي حوالي سان ٺاهه ڪيو هو. ٽرمپ ان ٺاهه کي ٽوڙڻ چاهي ٿو، جنهن جو اثر وچ اوڀر سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ افغانستان تي به پوندو. هن وقت شام ۽ عراق ۾ داعش جي ڌرين سان وڙهڻ ۾ ايران گهڻي مدد ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اهو ٺاهه ختم ٿي ويو ته ايران ان مان هٿ ڪڍي ويندو. ٽرمپ انتظاميا جي نظر ۾ آمريڪا لاءِ ايران ۾ سيڙپ يا واپار جا موقعا گهٽ آهن. ان جي ڀيٽ ۾ سعودي عرب ۽ ان جي ويجهن عرب ملڪن ۾ اهي موقعا وڌيڪ آهن. ٻي ڳالهه اها ته ايران سان آمريڪا جي ويجهڙائپ نه ڪو اسرائيل کي پسند آهي ۽ نه وري سعودي عرب کي. جيڪڏهن ٽرمپ ايران سان معاهدو ٽوڙي ان کي مخالف ڪيمپ ۾ بيهاري ٿو ۽ سعودي عرب سان گڏ بيهي ٿو ته ڀرپاسي جي چئن پنجن ملڪن ۾ شيعا سني تضاد وڌي ويندو. ان جو اثر خود پاڪستان تي به پوندو.
پاڪستان بابت آمريڪي پاليسيءَ ۾ ٽرمپ انتظاميا جي دور ۾ ڪا وڏي تبديلي جي توقع ناهي، بلڪه دٻاءُ وڌڻ جو امڪان آهي، جنهن جو اظهار ٽرمپ جي پرڏيهي سيڪريٽري پنهنجي تقرير ۾ ڪيو هو. هن رڳو اهو آسرو ڏنو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان سڀني طالبان گروهن خلاف سڀ ڪجهه ڪري ٿو ته پوءِ آمريڪا پاڪستان لاءِ به ڪجهه ڪري سگهي ٿو. ٽرمپ جون پاليسيون دراصل بدليل دنيا کي ظاهر ڪن ٿيون. اهڙي دنيا، جيڪا معاشي، سماجي ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان گهڻو تبديل ٿي وئي آهي. گهڻو ويجهي اچي وئي آهي. سياسي طور وڌيڪ شڪي ٿي وئي آهي. اهڙي موقعي تي ٽرمپ جو اچڻ هڪ حد تائين انهن زميني حقيقتن سان ٽڪراءُ ۾ به آهي. اهو ٽڪراءُ نئين صورتحال پيدا ڪندو. ڏسڻو اهو آهي ته نئين صورتحال ٽرمپ جي دور ۾ سامهون اچي ٿي يا ان کي پختي شڪل ۾ اچڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو.
sohailsangi@yahoo.com

Daily Kawish - Trump policies 
سومر 23 جنوري 2017ع

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home