Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Thursday, March 09, 2017


ٻه ڏينهن اڳ ڪامريڊ مانڌل شر جي شهزادي جمال ناصر فيس بڪ تي اسٽيٽس رکيو ته بابا جي طبيعت گهڻي خراب آهي، پر مون کي يقين هو ته جيڪڏهن ڪامريڊ سڪرات جي حالت ۾ هليو ويو اتان به نڪري ايندو. ڇاڪاڻ جو هو جيترو اڏول، بهادر ۽ همت وارو هو، لڳندو هو ڪڏهن به ڪنهن درد يا تڪليف جي شدت هن ماڻهو جي ساهه جي تند ٽوڙي نٿي سگهي. سندس حوصلا بلند هوندا هئا، مايوسي ڄڻ هن لاءِ ڪفر هئي. ڪيترن ئي پراڻن ساٿين جا ان ڏينهن موبائيل تي ميسيج اچڻ لڳا ته ڪامريڊ مانڌل گذاري ويو آهي، هي پهريون ۽ آخري موقعو هو جو مون سندس بيماري جو غلط اندازو لڳايو هو، هونئن هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا سندس بيماري بابت گهر ڀاتين يا دوستن سان حال احوال ٿيندا رهيا ۽ ڪجهه ڏينهن بعد پتو پوندو هو ته هاڻ طبيعت ٺيڪ ٿي ويئي اٿس ۽ وري پنهنجي ڪِرت کي لڳي ويو آهي.
ماڙي گئس جا ذخيرا هٿ اچڻ ته اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارو علائقو عام طرح سان سردارن جي ڪري مشهور رهيو آهي، پر هن علائقي جو سڀ کان وڏو حوالو ۽ نالو ڪامريڊ مانڌل هو ۽ آهي، جيڪو پهرين صف جو هاري اڳواڻ ۽ انقلابي هو. سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد ويجهو کروهي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ مانڌل ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي، اعزاز نذير ۽ مزدور اڳواڻ مولابخش جي هٿ چڙهيو ته رچي ريٽو ٿي ويو. ياد نٿو اچي ته مانڌل سان پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي، پر اها پڪ آهي ته اهو 1970ع وارو ئي زمانو هو، جڏهن بنگال ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو هو. ان بعد ملاقاتن، ڪچهرين ۽ گڏجاڻين جو اڻکٽ سلسلو رهيو.
ڀٽي جو حڪومتي دور هجي يا ضياءَ الحق جي مارشل لا مانڌل شر، جيل ۾ رهيو هوندو يا وري پوليس سندس پويان رهي هوندي. هن جو ڏوهه اهو هو ته هو هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو هو، گڊو بئراج جون زمينون انعام ۽ نيلام ۾ڏيڻ خلاف ويڙهه ڪندو هو. ان ويڙهه ۾ هن انتظامي طور عدالتي در به کڙڪايا، هارين کي منظم ڪيو، روڊن تي اچي احتجاج به ڪيائين. سندس ڏوهه اهو به هو ته عام ماڻهن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندو هو، وڏو ڏوهه اهو به هو ته هو ملڪ جي انقلابين جي تنظيم سان سلهاڙيل هو. اهڙن ڏوهن جي هڪ ڊگهي لسٽ هئي، جنهن کيس ڄڻ ته رياست وٽ ”هسٽري شيٽر“ بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن به ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ کان جمهوري يا قومي حقن جي تحريڪ اٿندي هئي ته پوليس سڀ کان پهريان ڪامريڊ مانڌل ۾ هٿ وجهندي هئي.
لڳاتار رياستي ڏاڍ جو مرد ٿي مقابلو ڪندڙ هن ڪامريڊ جدوجهد جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو، نه ڪڏهن پنهنجو ڪنڌ جهڪايائين ۽ نه وري سنگت جو، نه ئي وري ”سنگت جي سار“ لڌائين، جيئن ڪڏهن ڪڏهن، ڪي سيکڙاٽ سياسي ڪارڪن گرفتاري کانپوءِ پويان رهجي ويلن جا نالا کڻي لهندا آهن، سنڌ جون سڀئي جيلون ۽ ايذاءَ گهر هن جا ڏٺل هئا. سموريون ننڍيون وڏيون ياترائون ٿيل هئس، کيس لاڪپ يا ٽارچر سيل ۾ رهڻ جو ڄڻ ته آرٽ اچي ويو هو، آرٽ به اهڙو جو رياستي ادارا ٿڪي پون پر مانڌل نه ٿڪي. رڳو مانڌل کي ئي نه پر گهر جي ٻين ڀاتين ۽ خاص ڪري هن جي ٻارن کي به اهو آرٽ اچي ويو هو، جيئن هر ڊگهي ۽ سخت جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن جي گهر ڀاتين کي اهڙين حالتن ۾ زندگي گذارڻ جو هلي هلي ڏانءُ اچي ويندو آهي. وڏي ڳالهه ته مانڌل کڻي ڪهڙي به حال ۾ رهيو، پر هن سنگت کي ڪا ميار ڏني ۽ نه ڪو ڏک ڏوراپو ته، توهان ڪا سار نه لڌي. سندس ويساهه هو ته آئون جيڪي ڪجهه ڪريان ٿو سو سڀ ڪجهه ڄاڻندي، سمجهي ۽ ڇنڊي ڇاڻي پوءِ ڪريان ٿو، اهو ڪم ڪرڻ جو يا رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو منهنجو پنهنجو آهي، آئون ڪنهن تي ڪو احسان ڪونه پيو ڪريان، سِر تي اچي ته هر ڪو پاڻ نڀائي. اها ڏاڍي وزنائتي ڳالهه هئي، جيڪا ڪجهه سال اڳ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هڪٻئي سان حال اوريندي هِن مون کي ٻڌائي هُئي. مون کيس ماڙي گئس ۽ مقامي ماڻهن جي هلايل تحريڪ جنهن جي هن اڳواڻي ڪئي هئي، بابت پنهنجو لکيل ڪتابڙو به هن کي ڏنو هو. هن شخص ۾ عزتِ نفس ۽ بلا جي خودداري هئي، جيڪا آخر تائين شان سان قائم رهي. ان جو مشاهدو مختلف تحريڪن ۾ گڏ هجڻ ۽ جڏهن هو گرفتار ٿي ڪراچي جيل پهتو ته، اتي گڏ رهندي به ٿيو. چوندا آهن ته مڙس جي خبر ريل يا جيل ۾ پوندي آهي، هو ٻنهي امتحانن ۾ پاس ويو، يعني سياسي پنڌ ۾ به ۽ قيد ڪاٽڻ ۾ به.
پنهنجي جدوجهد تي ۽ ورتل واٽ جي صحيح هجڻ تي هن جو پڪو ويساهه هو. هو شروع کان جنهن انقلابي لڏي سان جُڙيو، آخر تائين ان سان ئي جُڙيل رهيو. ماڙي گئس فيلڊ واري تحريڪ ڪيترن ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن ۾ سندس نياڻين به حصو ورتو. تحريڪ جي ڪاميابي تي ماڙي گئس انتظاميا کي مانڌل شر ۽ سندس تحريڪي ساٿين سان لکت ۾ ٺاهه ڪرڻو پيو، جنهن ۾ ضلعي حڪومت به شاهد ۽ ضمانت طور ٺاهه جو حصو ٿي، اها وڏي ڪاميابي هئي. ڄاڻايل تحريڪ جي ڪجهه ڏينهن بعد آئون جڏهن ان معاملي تي رڪارڊ لکڻ لاءِ پهتس ته، هن مون کي اهي سڀ هنڌ ڏيکاريا، جتي ڳوٺاڻن پوليس سان مقابلو ڪيو هو، اها لوهي پل به ڏيکاريائين، جتي شيرياڻين پوليس کي ڀڄائي ڪڍيو هو ۽ لوهي پُل کي اسٽالن گراڊ بڻائي ڇڏيو. هن مونکي اتي پنهنجو جوڙيل ڪميونيڪيشن سسٽم به سمجهايو ته ڪيئن مستري مارڪ ريڊيو ذريعي اعلان ٿي ويندو هو ته پوليس اچي پئي ۽ پوءِ ڳوٺاڻا عورتون توڙي مرد لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي وڃي سامهون بيهي رهندا هئا. مستري مارڪ ريڊيو مقامي طور تي ڪجهه ڪاريگرن ٺاهيو هو، جنهن جو آواز ٻن ميلن جي مفاصلي تائين ٻڌو ويندو هو، ان ريڊيو تان گانا وغيره به هلندا هئا. مونکي اتي مانڌل شر پنهنجي سموري جدوجهد جا داستان ٻڌايا ۽ سرزمين تي بيهي پورو نقشو پڻ سمجهايو. کيس چيو هئم مطلب ته ڪامريڊ تون باقاعده وڙهڻ ڄاڻين ٿو. جنهن تي هن وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو ته وڙهڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، اسين ته پنهنجي وسيلن ۽ حقن جو بچاءُ ۽ تحفظ پيا ڪريون. گهوٽڪي ۽ سکر ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون تحريڪون هليون، ڪامريڊ انهن ۾ ضرور شامل رهيو، ايئن انهن تحريڪن ۾ سندس حصي ۾ ڪجهه ڪاميابيون آيون ته ڪجهه ۾ وري اڳئين تحريڪ شروع ڪرڻ لاءِ تجربو حاصل ٿيو.
ڪميونسٽ پارٽي جي جدوجهد هجي، هاري هلچل هجي يا حُر تحريڪ، ڪامريڊ مانڌل انهن بابت ڄاڻ جي هڪ وڏي کاڻ هو. هن پاڻ انقلابي تحريڪ ۾ وڌي حصو ورتو ته سندس والد صاحب وري حر جدوجهد ۾ حصو ورتو. ڪامريڊ حُر تحريڪ جون ننڍپڻ جون يادگيريون به ڪڏهن ڪڏهن شيئر ڪندو هو. ٻار هوندي به هو حر تحريڪ ۾ شامل رهيو.
آخري ٻن ٽن ملاقاتن دوران مون ڪامريڊ کي فرمائش ڪئي ته، تون پنهنجون يادگيريون لِک، چائين ته اهو لکڻ وارو ڪم توهان جو آهي، آئون لکي ڪونه سگهندس. مون زور ڀريو ته تون جيئن به، جيڪو به لکين، لِک ضرور، واعدو ٿو ڪريان ته آئون انهن لکڻين کي صاف ۽ ايڊٽ ڪري ڏيندس. پوءِ هڪ ڏينهن اسان ويهي اهڙو منصوبو به ٺاهيو هو، پر ڪامريڊ جي ڪابه لکڻي مون تائين نه پهتي. پڪ اٿم ته هن لکيو ضرور هوندو. ڪجهه مهينا اڳ هن پاڻي جي کوٽ بابت ڌرڻو به هنيو هو، پڪ اٿم ته تڏهن به سندس صحت ڪا چڱي نه هوندي، پر جيئن ڀٽائي چيو آهي؛ جان جان هُئي جيئري ورچي نه ويٺيءَ، هن کي ورچي ويهڻ ته ايندو ئي نه هو. ننڍي قد وارو هي چِيڙهو مُڙس مون کي هماليه سان ڪُلهو هڻندي نظر اچي ٿو، مانڌل سراپا جدوجهد جو نالو هو. سندس ويجهن ساٿين ۾ ڄام ساقي، ڪامريڊ عبدالقادر انڊهڙ، چاچو شاهه محمد دراني، اسماعيل کوسو، نور الله ملڪ، عاشق سومرو، اسماعيل قريشي، عبدالرشيد انڊهڙ، الهبچايو، امر لال ۽ ٻيا شامل آهن.

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home