Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, June 11, 2016

اقتصادي راهداري ۽ چيني حڪمتِ عملي!


 
اقتصادي راهداري ۽ چيني حڪمتِ عملي!

اڱارو 03 مئي 2016ع
 
 
آرمي چيف جنرل راحيل شريف تازو گوادر ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ”چيني اقتصاديءَ راهداري منصوبي کي سبوتاج جي ڪوششن جي باوجود اها رٿا مڪمل ڪئي ويندي ۽ چين مان پهرين ڪارگوشپمينٽ هلندڙ سال ئي هن ڊيپ سامونڊي بندرگاهه تي پهچي ويندي.“ جنرل راحيل شريف هن راهداريءَ کي خوشحاليءَ جي راهداري سڏيو. ڪجهه مهينا اڳ سياسي جماعتن جا تڪراري بيان اچي رهيا هئا، پر پوءِ جلد ئي هن معاشي رٿا تي گڏيل راءِ جُڙي وئي. اها ڳالهه بيجنگ ۾ ويٺل هيءَ راهداري ٺاهيندڙن توڙي ان ۾ سيڙپ ڪندڙ لاءِ پڪ اطمينان جو باعث بڻي هوندي ته معاملو ڪجهه اڳتي وڌيو. اها راهداري رڳو چين جي سڃاڻپ آهي ۽ دنيا آڏو اعلان آهي ته هو معاشي طور هن خطي ۾ بالادست ٿي ويو آهي. وڏڙا ڳالهيون ڪن ٿا ته راجسٿان ۽ ڪڇ واري پاسي جيڪڏهن ڪو لک پتي ٿي ويندو هو ته هو پنهنجي گهر تي جهنڊو لڳائي، اهڙو اعلان هن جهنڊي وسيلي ڪندو هو، تنهن زماني ۾ لک پتي هجڻ اڄ جي ارب پتي هجڻ کان به گهڻو مٿي ڳالهه هئي. ٻين ملڪن ۾ ايڏي وڏي سيڙپ ڪرڻ جي اعلان سان گڏ هي پهلو به اهم آهي ته اها ساڳئي وقت آزمائش به آهي ته هن اقتصادي رٿا ۾ ڀائيواري ڪندڙ ملڪن جي معاشي، سياسي ۽ سياسي ڍانچي توڙي ڪلچر ۾ ”مداخلت“ ڪري انهن مان لهه وچڙ ۾ ايندي، پنهنجي پاڻ کي ان جو عادي بڻائي، اها مداخلت کڻي سڌي طرح نه به هجي، پر معاشي تبديليون پڪ سان سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حوالن سان پنهنجو اثر ڇڏينديون.
ڏکڻ ايشيا مشڪل ۽ پيچيده  خطو آهي. تيل ۽ عالمي واپار جي وڏي گذر گاهه آهي، ان سان گڏوگڏ هتي جمهوريت، معاشي  ماحول ۽ حالتون بظاهر کڻي هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ هجن، پر اندران ئي اندران پنهنجي جوهر ۾ الڳ ۽ مختلف آهن، بلڪه ڪن معاملن ۾ بنهه هڪ ٻئي جي ابتڙ پڻ. انهن ملڪن جا پنهنجا اندروني تضاد ۽ بکيڙا آهن، ساڳئي وقت انهن وري هڪ ٻئي سان جهيڙا ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. چين جڏهن هن خطي جي معاشي ميدان ۾ وڏي ملهه طور اچي ٿو ته کيس انهن سڀني شين کي مُنهن ڏيڻو پوندو. چين پنهنجي ڊپلوميسي ۾ اڳرائي نه ڪندو آهي. هتي ته وري معيشت ۽ سيڙپ جو معاملو آهي، ان ڪري کيس وڌيڪ نرم ٿيڻو پوندو يعني هو اهو سڀ ڪجهه بنا ڪنهن محاذ آرائي ۽ تضاد جي حاصل ڪري، اها ئي چين جي پاليسي لڳي ٿي. چين سمجهي ٿو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام بنا منصوبو ڪامياب نه ويندو ۽ گهربل نتيجا نه ملي سگهندا. چين جو خيال آهي ته ڪيئي سالن کان جاري جهيڙن، محاذ آرائي ۽ ڇڪتاڻ جي تلخ تجربن کان پوءِ خطي جي قومن کي اها ڳالهه هاڻ سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته معيشت ۽ ڪاروبار ترقيءَ جي ضمانت ٿي سگهن ٿا، ان ڪري چين حالتن کي ٿڌو ۽ معمول تي رکندي، رٿا ۾ ڌر بڻيل ملڪن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر هو هن اپروچ تحت ڪا به معاشي سوديبازي، حڪمت عمليءَ جي حوالي سان ڪا قيمت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. چين ۽ انڊيا جي وچ ۾ وڌندڙ گرمجوشي ان جو هڪ مثال آهي.
چين پنهنجي ڊپلوميسي ڏاڍي سياڻپ سان هلائي رهيو آهي، جنهن ملڪ جو جيترو (Stake)اسٽيڪ آهي، ان کي اوتري ئي اهميت ڏئي رهيو آهي. پنهنجي ڏکڻ اولهه واري صوبي يونان کي انڊيا، بنگلاديش ۽ ميانمر جي راهداري ذريعي ڏکڻ ايشيا سان ملائي، هند چيني سامونڊي گذرگاهه تائين پنهنجي پهچ وڌائي رهيو آهي، اهو رڳو معاشي طور تي ئي نه، بلڪه جنگي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان به اهم ٿيندو، خاص ڪري تڏهن جڏهن ايشيا پئسفڪ ريجن ۾ آمريڪا جنگي حڪمت عملي جي حوالي سان موجود آهي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته چين لاءِ اصل چئلينج تڏهن ايندا، جڏهن هي رٿا مختلف ملڪن جي هڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ واري صورت ۾ عمل ۾ ايندي ۽ ڪم شروع ڪري ڏيندي. اها رٿا مڪمل ٿيڻ بعد چين ڪهڙي ريت ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جو مقابلو ڪندو ۽ اُڪلائيندو. هتي ٻه هڪ ٻئي جا وڏا مخالف پاڪستان ۽ انڊيا موجود آهن، ان سان گڏوگڏ خطي ۾ ٻيا ننڍا ملڪ خاص ڪري سري لنڪا ۽ نيپال، جن کي اڳ ئي انڊيا جي بالادستيءَ جي شڪايت آهي. هونئن به خطي جي ننڍن ملڪن کي شڪايت آهي ته ٻئي وڏا ملڪ پاڻ ۾ دشمني ڪري ”سارڪ“ کي مضبوط ٿيڻ نه ٿا ڏين.
ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام ۽ سيڪيورٽي ۾ بلڪل چين جي دلچسپي هوندي. هو ان کي ضرور ترجيح به ڏيندو، پر اهو سڀ ڪجهه پنهنجي معاشي مفادن جي قيمت تي نه. چين جو ”هڪ بيلٽ هڪ روڊ“ وارو تصور جنهن تحت هي راهداري ٺهي رهي آهي، سو دراصل اُڀرندڙ ۽ اُسرندڙ تصور آهي، جنهن ۾ چين وقت سان گڏوگڏ ۽ بوقت ضرورت ترميمون ۽ تبديليون به ڪندو رهندو. چين هن وقت به ان کي سائنسي اپروچ جو نالو ڏئي ٿو. مطلب ڪو ٺهيل ٺُڪيل آئيڊيا وارو منصوبو ناهي. سڄي قصي ۾ ٽائيم لائين اهم آهي. چين وٽ اضافي صلاحيتون  موجود آهن، جيڪي بنا استعمال جي پيون آهن. هن جا سيڙپڪار ڏوڪڙ لڳائڻ لاءِ ڪنهن تڪڙي هنڌ جي ڳولا ۾ آهن، جتي هو پنهنجي ليبر فورس، هنر، پئسو ۽ ٻيون صلاحيتون استعمال ڪري سگهن. ماهرن جو خيال آهي ته چين کي جيڪڏهن اهو نظر آيو ته اهو منصوبو ٽائيم فريم ۾ عمل ۾ نه پيو اچي ته هو ان ڳالهه کي ترجيح ڏيندا ته ان ۾ ردوبدل ڪن يا مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏين. شايد اهو ئي سبب آهي، جو چين ڪنهن به اسٽيڪ هولڊر ملڪ سان باضابطا ٺاهه ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي، متان ايندڙ وقت ۾ ڪا ذميواري يا ميار ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي.
هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ جي-20 ڪانفرنس، جنهن جي ميزباني چين ڪري رهيو آهي، ان جي باري ۾ به چين جو موقف اهو آهي ته اها ڪانفرنس معاشي معاملن لاءِ هجڻ گهرجي، نه ئي سياسي معاملي تي ويچارڻ لاءِ. هن ڪانفرنس ۾ آمريڪي صدر اوباما جي شرڪت پڻ متوقع آهي. چين جڏهن هن راهداري ۽ ان سان ڳنڍيل مختلف رٿائن وسيلي خطي سان ڳنڍجي ويندو، چين جا هن خطي جي مختلف هنڌن تي ۽ مختلف هنڌن تي هلندڙ ماڻهن جا چين ۾ دلچسپيون ۽ مفاد پيدا ٿي ويندا. ان صورت ۾ هتان جي معاشي ۽ واپاري صورتحال ڇا هوندي؟ ان جو في الحال ٿورو گهڻو اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو. هن معاملي ۾ وڏي رڪاوٽ پاڪستان ۽ افغانستان  ۾ هلندڙ دهشتگردي آهي، جنهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان، خاص ڪري ان جون عسڪري ڌريون اهم رول ادا ڪري رهيون آهن. ڏکڻ ايشيا جي اندروني ڇڪتاڻ ۽ تضادن بابت چين جي پوزيشن واضح آهي. چين جو خيال آهي ته سيڪيورٽي وارو معاملو بنيادي طرح انهن ملڪن جي پنهنجي ذميواري آهي، هو رڳو راهداري يا ان سان واڳيل معاشي زون جي تحفظ لاءِ پاڻ کي فڪرمند سمجهي ٿو.
 چين جو قطعي طور ارادو ناهي ته هو ڏکڻ ايشيا خاص ڪري انڊيا ۽ پاڪستان يا ڪن ٻين اهڙن ملڪن جي وچ ۾ مداخلت يا ٽياڪڙي ڪري. چيني ماهرن جو خيال آهي ته ”هڪ بيلٽ هڪ روڊ“ واري رٿا ۾ چين پنهنجي پاڻ تي هڪ وڏي ذميواري وجهي ڇڏي آهي، جنهن جا معاشي، سياسي ۽ سماجي اثر خود چيني معاشري تي به پوندا. چين جي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان حڪمت عملي اها رهندي ته هن رٿا ۾ ڌر بڻيل ملڪن جي وچ ۾ ڪنهن ڇڪتاڻ جي صورت ۾ هو رڳو اخلاقي دٻاءُ وجهي. مطلب ته خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ پنهنجي گهٽ توانائي ۽ وقت استعمال ڪري، جنهن کي ”محدود رول“ چئي سگهجي ٿو. اهڙو ئي محدود رول جيڪو هو افغانستان ۾ امن جي عمل ۾ ادا ڪري رهيو آهي، پر کيس اها پڪ ڪرڻي پوندي ته اها ڇڪتاڻ ان حد تائين نه وڃي، جو خود چين جا مفاد خطري ۾ پئجي وڃن.
بهرحال اهو هڪ چئلنج آهي، جنهن لاءِ چين کي ڪا نه ڪا اٽڪل بازي ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي ناهي ته چين هاڻ سارڪ کي علائقائي سهڪار جي فورم طور مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو، ايئن جيئن ڏور ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ ”آسيان“ مضبوط علائقائي سهڪار واري فورم طور اُڀريو آهي، تيئن هو سارڪ کي به ڏسڻ گُهري ٿو.
پاڪستان جي جاگرافيائي حڪمت عمليءَ واري پوزيشن واضح آهي. سوال اهو آهي ته ڇا هو انهن چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو؟ وڏي ذميواري سياسي حڪومتن تي اچي ٿي. ملڪ خراب حڪمراني ۽ ان جي غريب معيشت ڪرپشن جو شڪار آهي. چين جو پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي نظام ۾ ڪجهه اچي نه وڃي، ان جي دلچسپي رڳو ان ۾ آهي ته راهداري رٿا مقرر مدت ۾ ڪنهن طرح راس ٿي وڃي. پاڪستان جي اندروني سيڪيورٽي  ۽ سياسي استحڪام بابت ان جي رڳو ان حد تائين دلچسپي ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو اندروني سيڪيورٽي ۾ سياسي توڙي ملڪي استحڪام هن راهداري جي مڪمل ٿيڻ لاءِ ضروري آهن. بهرحال اهڙي ڪا به صورت نظر نه ٿي اچي. جيڪڏهن معاملا خراب ٿيڻ لڳن ته چين مداخلت ڪري، اهڙو ڪم نه ان ماضيءَ ۾ ڪيو آهي ۽ نه ئي وري نئين پاليسيءَ ۾ اهڙي شئي جي ڪا گنجائش نظر اچي ٿي.
sohailsangi@yahoo.com
 

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home