Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, June 11, 2016

ڇوٽو گينگ خلاف آپريشن ۽ سنڌ جي ”ڇوٽن“ جا ڀوتار!


ڇوٽو گينگ خلاف هلندڙ آپريشن ۽ سنڌ جي ”ڇوٽن“ جا سرپرست ڀوتار!

سومر 18 اپريل 2016ع

سوشل ميڊيا تي ڪنهن شرارتي اها پوسٽ رکي ته پنجاب جي ڌاڙيل غلام رسول عرف ڇوٽو مطالبو ڪيو آهي ته هو بيمار آهي، کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ ڏنو وڃي. ڇوٽو گذريل چئن ڏينهن کان راڄڻ پور ويجهو ڪچا جمال ۾ پوليس ۽ رينجرز جي گهيري ۾ آهي، جتي هيليڪاپٽرن ذريعي گوليون وسايون ويون. هاڻي فوج ۽ اُن جي ڪمانڊوز کي گُهرايو ويو آهي. ڇوٽو جو اهو مطالبو کن پل لاءِ چرچو ڀوڳ لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو هو ڏوهاري آهي، ماڻهن کي مارڻ، ڦُرلٽ ڪرڻ وغيره ان جو ڪم آهي. جيئن سوشل ميڊيا تي تبصرا ٿيندا آهن، تيئن ڪجهه تبصرن ۾ چيو ويو آهي ته کيس ساڳي اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي، جتي نواز شريف يا مشرف کي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ته مشرف تي به غداريءَ جو داخل آهي، پر هو جيڪڏهن علاج جي بهاني ٻاهر وڃي ٿو، وزير اعظم به پاناما ليڪس جي ڪري ذهني دٻاءَ سبب بيمار ٿي پيو آهي ۽ علاج لاءِ وڃي پيو ته اهڙي صورت ۾ ڇوٽو جي مطالبي ۾ به منطق آهي.
جيترو سنجيدگيءَ سان حڪومت هاڻي ڇوٽو جي معاملي کي ورتو آهي، نه ٿو لڳي ته هو بچي نڪري، پر ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون ڪندڙ ڄاڻو عملدارن جو خيال آهي ته هو اتان فرار ٿي چڪو هوندو. ممڪن آهي ته سنڌ جي ڪچي ۾ داخل ٿي ويو هجي. ان ڳالهه ۾ ان ڪري به وزن آهي، جو ماضيءَ ۾ به هو هتي پناهه وٺندو رهيو آهي. معاملو سنجيده آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڇنڇر ڏينهن رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل بلال اڪبر سان ملاقات ڪئي ۽ پنجاب ۾ هن گينگ خلاف جاري آپريشن جي سنڌ تي پوندڙ اثرن تي ويچاريو ويو ۽ ٻنهي صوبن جي دنگ تي چوڪسي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڇوٽو عرف غلام رسول لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو 13 سالن جي عمر ۾ پيءُ جو پلاند ڪرڻ لاءِ ڌاڙيل بڻيو هو. ڪجهه عرصو پنجاب پوليس جو مخبر به رهيو، سندس ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي نمبر ون سڏجندڙ ڌاڙيل سلطان عرف سلطو شر سان دوستي آهي. پوليس مطابق سلطو شر گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ سرگرم آهي. ٻنهي ڄڻن جي گڏيل خصوصيت اها آهي، جو سندن ڪوش قبيلي سان پراڻي دشمني آهي.
گهوٽڪي کان مٿي سنڌو درياهه جي ويڪر 8 کان 11 ڪلوميٽرن تائين آهي، جتي ننڍا وڏا ٻيٽ ٺهي ويا آهن، جتي ڪچو ڪراچي، ڪچو مورو، ڪچو اورنگي، ڪچو حيدرآباد وغيره جي نالن سان ڪوٺبا آهن. اُهي ٻيٽ درياهه ۾ وچولي درجي جي چاڙهه ۾ به محفوظ رهندا آهن. پوليس مطابق پنجاب جا ڌاڙيل هن جاگرافيائي صورتحال جو فائدو وٺن ٿا. 2010ع واري آپريشن کان پوءِ ڇوٽو بلوچستان جي علائقي ۾ گهڻو اڳتي وڃي پناهه ورتي، جڏهن صورتحال معمول تي آئي ته واپس موٽي آيو. ان آپريشن ۾ تن ڏينهن ۾ وچولي سنڌ ۾ مقرر هڪ ايس ايس پي به شريڪ هو. هن جو چوڻ هو ته 2012ع ۾ هڪ دفعو وري آپريشن ٿيو، جنهن ۾ ڇوٽو جا مٽ مائٽ به گرفتار ٿيا، پر هن راڄڻ پور پوليس چوڪي تي حملو ڪري 11 پوليس اهلڪار اغوا ڪري ورتا ۽ بدلي ۾ پنهنجي مائٽن کي آزاد ڪرائي، سنڌ طرف نڪري آيو. هن پوليس عملدار مطابق ڇوٽو پوليس کان صرف چند ميٽرن تي بچي ويو، جڏهن بهاولپور ٽول پلازا تي سندس گاڏيءَ کي روڪيو ويو. پر هن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حادثي جو شڪار ٿي ويو. حادثي ۾ سندس هڪ مائٽ فوت ٿي ويو. پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پر ڇوٽو اُتان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
سنڌ ۾ ڇوٽو جو ٺڪاڻو هن جي دوست سلطو شر جي پناهگاهه آهي. اخبارن ۾ ڇپيل تصوير ۾ به کيس گهوٽڪي اسٽائل جي سنڌي ٽوپي پاتل آهي. گذريل سال جڏهن ڪچي ۾ پوليس آپريشن ڪيو ته ڇوٽو اُتي موجود هو ۽ هن سلطو شر گروهه سان گڏجي پوليس سان مقابلو ڪيو. هن آپريشن ۾ هڪ ايس ايڇ او مارجي ويو، بعد ۾ جڏهن پوليس لاچار ٿي وئي ته رينجرز آپريشن جي ڪمانڊ سنڀالي ۽ ٻيلي کي باهه ڏني، ان بعد ڌاڙيل پوئتي هٽيا ۽ علائقو ڇڏي ويا، ان بعد ڇوٽو پنهنجي علائقي ۾ هليو ويو.
اپر سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي طرف خيرپور، شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ۾ هن وقت به ڌاڙيل سرگرم آهن. قبائلي جهيڙن جي ڪري انهن جون حدون وغيره غير اعلانيه طور محدود آهن. انهن علائقن ۾ ڌاڙيل نظرو ناريجو جي دهشت رهي آهي، جيڪو گذريل سال مقابلي ۾ مارجي ويو. پوليس سندس مائٽن جو پيڇو ڪيو، بعد ۾ ميرپور خاص ۾ ٻه ڄڻا مقابلي ۾ مارجي ويا.
سنڌ ۾ ڌاڙيل اغوا کان علاوه ڀتاخوري ۽ ڪچي جي زرخيز زمينن تي پوک به ڪن ۽ مينهون به پالين ٿا، جن جو کير ويجهن شهرن ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي. نظرو ناريجو بابت چيو وڃي ٿو ته سياسي ڌرين جي اختلافن بعد هن جي موت جو پروانو جاري ڪيو ويو.
نظرو ناريجو کانپوءِ اڄ ڪلهه سنڌ جو وڏو ڌاڙيل سلطو شر آهي، جيڪو هاڻي پاڻ اغوا جون وارداتون نه ڪندو آهي، بلڪه هو ننڍن گروهن کان اغوا ٿيل ماڻهو خريد ڪندو آهي، پوءِ تاوان سلطو وصول ڪندو آهي. ڇوٽو به اهو ئي طريقو اختيار ڪيو آهي. هاڻي ٻئي نامي گرامي ڌاڙيل سنڌ ۽ پنجاب جي يرغمالين جي مٽا سٽا به ڪندا آهن. ڪنهن يرغماليءَ لاءِ پوليس جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي ته ان کي ڪنهن ٻئي محفوظ هنڌ تي پهچايو ويندو آهي. سنڌ ۾ اغوا جي وارداتن ۾ ڪجهه قدر ڪمي آئي آهي، اڳي جيئن روڊن تي نڪري ڌاڙيل اغوا جون وارداتون ڪندا هئا، هاڻي ان شدت ۾ ڪمي آئي آهي، پر ان جو ٻيو رُخ اهو به آهي ته اهي هاڻي واپارين کان ڀتو وٺن ٿا، جن ۾ هندو برادريءَ جا واپاري، دوڪاندار وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. سنڌ ۾ هندو برادريءَ جا واپاري زرعي دوائن، زرعي جنسن ۽ ريزڪي سامان سان گڏوگڏ سونارڪو ڪاروبار به ڪن ٿا، ان ڪاروبار جي ڪري اهي ڏوهارين لاءِ هاٽ ڪيڪ آهن. اهو ئي سبب آهي، جو انهن ڪيترن واپارين پنهنجا خاندان ڪراچي ۽ حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ جو هاڻي اهو زمانو نه رهيو، جو چيو ويندو هو ته ڌاڙيل عورتن ۽ ٻارن ۾ هٿ نه وجهندا.
سنڌ ۾ پرو چانڊيو، محب شيدي، ڪارو نانگ، ڪراڙو ٿيٻو، نادر جسڪاڻي جهڙا ڌاڙيل به ٿي گُذريا، جن مان ڪي وڏيرن جي ظلمن جي ردِعمل ۾ ڌاڙيل ٿيا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن ڌاڙيلن جي زندگيءَ تي فلمون به ٺهيون، جنهن ۾ انهن کي هيرو جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تي اها تنقيد به ٿيندي رهي ته ڏوهارين جي ذريعي رومانس پيش ڪيو پيو وڃي.
ڪو به ڏوهه پُشت پناهي بنا پروان نه ٿو چڙهي، اها پُشت پناهي مقامي وڏيري جي هجي يا رياستي حڪومتي اداري جي هجي. جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏنل هئي بعد ۾ انهن خلاف ڀرپور آپريشن  ٿيو، ڪچي جا ٻيلا بيدرديءَ سان وڍيا ويا ۽ اُتي جون زمينون من پسند ماڻهن کي ڏنيون ويون. ڪشمور کان وٺي ٺٽي تائين درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي واقع زمينون ڪيٽيون بڻجي ويون، انهن جا مالڪ اُهي ئي آهن، جن جو رُخ سدائين پنڊيءَ ڏانهن هوندو آهي. قبائلي بنيادن تي سياست ڪندڙ انهن سردارن ۽ جاگيردارن جي ڌاڙيل مجبوري آهن، جن جي ذريعي هو پنهنجي حڪمراني ڪن ٿا.
سنڌ سرڪار کي ڳڻتي آهي ته ڇوٽو گينگ سنڌ ۾ نه داخل ٿي وڃي، پر هن وقت پنهنجي ئي صوبي ۾ جيڪي ڌاڙيل لڪل آهن، جن خلاف شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ آپريشن ناڪام ٿي چڪا آهن، تن تي تشويش نظر ڪو نه ٿي اچي. ڇوٽو گينگ خلاف اهو آپريشن هن صوبي جي ڏاکڻي پٽيءَ ۾ مذهبي شدت پسندن جي نرسرين جي اطلاعن ۽ ان بعد تازو شروع ڪيل آپريشن جو حصو ئي آهي. پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن کي ڇوٽو تائين آندو ويو آهي.
sohailsangi@yahoo.com

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home