Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, June 11, 2016

اپوزيشن حڪومت خلاف دُرست پتا پئي کيڏي؟

 
اپوزيشن حڪومت خلاف دُرست پتا پئي کيڏي؟

جمع 13 مئي 2016ع
 
 
             پاڪستان ۾ سياسي منظر ايترا جلدي تبديل ٿي رهيا آهن، ايتري تيزيءَ سان ڪنهن پاپ يا جديد موسيقيءَ جي وڊيو ۾ به تبديل نه ٿيندا هوندا. هر روز هڪ نئين فلم آهي، اڃان ماڻهو ويچارا هڪ فلم کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن ته ملڪ ڪيڏانهن پيو وڃي، ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڪهڙي واقعي جو اڳ وارن مختلف واقعن سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ته مٿان وري ٻيو واقعو ڪڏهن ڊگهي فلم يا وري شارٽ موويءَ جي طور سامهون اچي ويندو آهي. ميڊيا جنهن جو ڪردار واقعن ۽ حالتن کي صحيح سياق ۽ سباق ۾ رکي، انهن جي تحقيق ۽ تشريح ڪرڻ آهي، سا انهن فرض کان پري بيهي، انهن واقعن جا منظر رڪارڊ ڪرڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. نتيجي ۾ جيترا مونجهارا حالتن ۾ آهن، انهيءَ کان به وڌيڪ مونجهارا ماڻهن جي ذهنن ۾ آهن. هو ڏينهون ڏينهن ملڪي حالتن کان مايوسي ۽ اوپرائپ جو شڪار ٿي رهيا آهن يا وري رڳو تماشائي بڻيل آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ماڻهن جي ملڪي سياست، معيشت ۽ حالتن کان لاتعلقي وڌي رهي آهي. غير يقيني واري صورتحال جي ڪري هو ذهني ۽ نفسياتي دٻاءَ هيٺ آهن، ان سان گڏوگڏ هڪ خاص ذهنيت ٺهي رهي آهي، جنهن جا اثر سماجي ۽ ذاتي روين ۽ جلدي شاهوڪار ٿيڻ، جيڪي هٿ لڳي، سو تڳائڻ ڏي وڃي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو ڪرپشن خلاف ايڏي وڏي بحث، واويلا ۽ تحريڪن جي باوجود سرڪاري کاتن ۾ ڪٿي به ڪرپشن گهٽ نه ٿي سگهي آهي، بلڪه وڌي آهي. هر ڪو سمجهي ٿو ته هتي ڪو به نظام ڪونهي، قاعدا قانون ڪتابن ۾ لکيل آهن. عملي طور جيڪو ٿي رهيو آهي، دراصل اها ئي حقيقت ۽ رواج آهي. هو انهي تي ئي هلن پيا. جيڪو ان واٽ تي نه ٿو هلي، ان کي ڪنهن ٻئي دور جو ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو. وڌندڙ غير يقيني حالتن سبب موقعو لڳي ته سڀ ڪجهه ۽ جلدي حاصل ڪرڻ جي بي اصوليءَ وارو اصول هلي رهيو آهي. ڪهڙي خبر ٻيهر اهو موقعو ملي نه ملي!
گذريل مهيني جيئن پاناما پيپرز ذريعي وڏا ڦاٽ ڦاٽا ته پنجاب ۾ اتان جي بدنام ڌاڙيل غلام رسول عرف ڇوٽو جي فلم ٽن هفتن تائين هلندي رهي. ميڊيا ذريعي اها فلم ماڻهن جي ذهنن تي ڇانيل رهي، ان ۾ ڪجهه ڊرامائي موڙ به آيا. پهرين پنجاب پوليس آئي، پوءِ رينجرز ۽ ان بعد فوجي ڪمانڊوز به هئا. بعد ۾ ڳالهيون ٿيون نيٺ فوج ڇوٽو کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. ان بعد اها فلم ڪنهن ڊٻي ۾ بند ٿي وئي، هاڻي ان جو ڪو ذڪر فڪر ئي ڪونهي.
پاناما ليڪس سبب ڪراچيءَ وارو آپريشن ڄڻ پس منظر ۾ هليو ويو. تازو اتي ڪجهه واقعا ٿيا، ان بعد ڪراچي معاملو ٻيهر ميڊيا ۾ اُڀريو. بلوچستان ۾ اوچتو ڪرپشن جو انڪشاف ۽ سيڪريٽري خزاني جي گرفتاري ۽ سندس گهران پئسن جون ڀريل ٻوريون هٿ اچڻ، ڊاڪٽر عاصم جنهن کي دهشتگردن جو علاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري رينجرز 90 ڏينهن لاءِ تحويل ۾ رکيو. هاڻي ڊاڪٽر عاصم ۽ ڇهن ٻين خلاف عدالت ۾ فرد جرم عائد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ان الزام جو ڪو ذڪر ناهي، جنهن سبب کيس گرفتار ڪيو ويو هو. چارج شيٽ ۾ مٿس لڳل الزام ان کان گهڻو ڳرا آهن، جو اربين رپين جي گهوٻين جو الزام آهي. ڊاڪٽر عاصم وارو معاملو سنڌ، وفاقي حڪومت توڙي رينجرز جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ بڻيل رهيو. سمجهيو اهو پئي ويو ته پڪ ڪا بنهه ”وڏي مڇي“ به هاڻوڪي ڄار ۾ هوندي، پر ايئن نه ٿيو. انهي سڄي گوڙ گهمسان دوران سنگين غداريءَ جي ڏوهه هيٺ آيل ريٽائرڊ جنرل مشرف علاج جي بهاني پرڏيهه هليو ويو. هاڻي پتو پيو آهي ته هن عدالت ۾ جيڪي طبي رپورٽون پيش ڪيون هيون، سي ڪوڙيون هيون. عدالت هاڻ کيس مفرور جوابدار قرار ڏنو آهي. ايئن انيڪ ننڍا وڏا واقعا آهن، جن جا ڌاڳا ڪٿي ڪنهن سان ملن ٿا، ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا؟ ان بابت سوال اپوزيشن طرفان وزير اعظم نواز شريف کان پُڇيل سندن سوالن کان تعداد ۾ به گهڻا آهن ۽ وزن ۾ به وڌيڪ آهن. وزير اعظم ۽ آرمي چيف جي وچ ۾ ٿيل ملاقات جي وڊيو پُراسرار طور پڌري ٿي آهي.
پاناما ليڪس بابت ملڪ ۾ پکڙيل تاءُ ۽ عمران خان طرفان رستن تي اچڻ ۽ ڌرڻن ۽ گهيرو ڪرڻ جي سياست بعد پيپلز پارٽي ڏاڍي ڪاريگريءَ سان سڄي معاملي کي سهيڙي پارليامينٽ جي دائري ۾ آندو. جيڪڏهن پيپلز پارٽِي ايئن نه ڪري ها ته کيس نه رڳو پنجاب ۾ وڏو ڌڪ رسي ها، جتي نواز حڪومت سان مفاهمت ۽ سنگت واري پاليسي پارٽي جا صفا ترا ڪڍي ڇڏيا هئا، پر ساڳئي وقت پارٽي پنهنجي اپوزيشن واري حيثيت به وڃائي ويهي ها، ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي رستن واري احتجاج جي نه پوزيشن ۾ آهي ۽ نه وري ان موڊ ۾ آهي. ان حڪمت عملي وزير اعظم نواز شريف کي هٿي ڏني، کيس ساهه کڻڻ جي وِٿي ملي. پارليامينٽ اندر معاملو پهچڻ بعد معاملو نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي هٿن ۾ اچي رهيو هو. گڏيل مخالف ڌر جا ڏنل ٽي او آرز ڪجهه ڏکيا سهي، پر منطقي طور ان جو فائدو نواز حڪومت کي ئي ملي رهيو هو. وزير اعظم کان استعيفا جي مطالبي تي مخالف ڌر ورهايل هئي، جنهن کي هٿرادو طور ورهايل رکيو ويو هو. جيئن  ٽي او آرز حڪومت وٽ پيش ٿيا ۽ معاملو ڳالهين ۾ وڃڻ لڳو ته مخالف ڌر وٽان اهو مطالبو سامهون آيو ته وزير اعظم پارليامنٽ ۾ اچي. اصولي طور اهو مطالبو دُرست هو، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ وزير اعظم پارليامنٽ ۾ اچڻ کان لنوائيندو رهيو هو. هو قوم کي ٽي وي ذريعي خطاب، صحافين سان ڳالهه ٻولهه، عوامي رابطي واري مهم جي نالي ۾ جلسن کي خطاب، مختلف رٿائن جي سنگ بنياد رکڻ جي قطار لڳائڻ جي ذريعي ڪري رهيو هو. اصل ڳالهه پارليامينٽ هئي. جڏهن سڄو قصو پارليامنٽ ۾ آندو ويو ته جلسن جي سياست ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. هي ته اهو رستو هو، جيڪو عمران خان اختيار ڪرڻ پيو گُهري، ان ڪري پيپلز پارٽيءَ طرفان وزير اعظم کي پارليامنٽ ۾ اچڻ وارو مطالبو ان جي حڪمت عملي کي هٿي ڏئي ٿو.
پيپلز پارٽيءَ جي اها حڪمت عملي عمران خان ۽ ڪجهه ٻين ڌرين کي دير سان سمجهه ۾ آئي، ان ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ ست سوال پيش ڪري ڇڏيا، ايئن هاڻي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ”ڏي جواب وٺ جواب“ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. اپوزيشن جيڪي ست سوال پيش ڪيا آهن، تن جي ٽن سوالن جا جواب مملڪتي وزير محمد زبير عمر ڏئي چڪو آهي، ان سان گڏوگڏ  هو پيپلز پارٽيءَ طرفان ”هارڊ لائين“ وٺندڙ اعتزاز احسن کي به ذاتي طرح نشانو بڻائي چڪو آهي. وزير اعظم جو اپوزيشن جي ستن سوالن تي اهو موقف آهي ته اپوزيشن تحقيقات نه ٿي چاهي، پر سندس پيڇو ڪرڻ ٿي گُهري، ان مان سندس مطلب اهو آهي ته اپوزيشن ڄڻ سندس حڪومت جو خاتمو ٿي چاهي. سندس چوڻ آهي ته جيڪا ڳالهه پارليامنٽ ۾ چوڻي آهي، سا هو پارليامينٽ ۾ چوندو ۽ جيڪا ڳالهه ڪميشن ۾ چوڻي آهي، سا هو اتي ڪندو. مطلب هو پارليامينٽ ۾ سياسي ڳالهه ڪندو، باقي معاملا جيڪي سوال جي صورت ۾ آهن، ان بابت پارليامينٽ ۾ نه ڳالهائيندو. جيڪڏهن حڪومت اپوزيشن جا ٽي او آرز مڃي ٿي، معاملو ڳالهين ۾ وڃي ٿو ته انهن سوالن جو هن موقعي تي اُٿارڻ جي ڪا منطق نظر نه ٿي اچي. جيڪڏهن پارليامينٽ يا ان جي ڪاميٽي پاناما ليڪس جي جاچ ڪندي هجي ها ته اهي سوال واجبي بيهن ٿا.
اصل ۾ اپوزيشن جون ڪجهه پارٽيون خاص طور تي تحريڪ انصاف جو موقف لڳاتار تبديل ٿيندو رهيو آهي. پهرين اهو مطالبو ڪيو ويو ته جڊيشل ڪميشن ريٽائرڊ ججن تي نه هجي، حاضر سروس جج هجن، جڏهن اهو معاملو نبريو ته نيب يا ايف آءِ اي کان جاچ جو مطالبو سامهون آيو. ڪميشن بعد حڪومت جا ٽي او آرز رد ڪري اپوزيشن پنهنجا ٽي اور آرز ڏنا. حڪومت ڪجهه گهٻرائيندي ڪجهه لنوائيندي، انهن ٽي او آرز تي ڳالهين لاءِ بيٺي ته ڏند ڪٿائن وانگر ست سوال سامهون آيا ته جيڪڏهن انهن جا جواب نه ٿا ملن ته پوءِ جهيڙو آهي.
اها ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي ته جيترو ٽي او آرز تي معاملو اينگهائبو اوترو وڌيڪ وقت لڳندو، اتي دير ٿيڻ بعد انڪوائري به دير سان شروع ٿيندي. اها ڳالهه به سوچڻ جي آهي ته خود انڪوائري ۾ به ڊگهو وقت گُهربل ٿيندو. حڪومت جو پاڻ  فائدو آهي ته معاملو اينگهجي. ايتري قدر جو تحقيقات جو وارو ئي نه اچي ۽ جيڪڏهن تحقيقات ٿئي ته سڀني جي ٿئي يا وري ان کي ”ڪليئر هجڻ جي چِٽ“ ملي. اپوزيشن جيڪڏهن پنهنجا پتا صحيح طرح سان نه ٿي کيڏي ته معاملو سرڪار جي فائدي ۾ وڃي ٿو. اپوزيشن پنهنجي ان حڪمت عمليءَ جي باوجود سمجهي ٿي ته عدالتي ڪميشن ۾ ڊيگهه ٿيندي، ان ڪري ڪو شارٽ ڪٽ ڳولي. اهو شارٽ ڪٽ رستن ۽ ڌرڻن جي سياست آهي، جيڪا هڪ دفعو وري نواز ليگ پيپلز پارٽي ۽ ٻين واڳ ڌڻين کي وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيندي. ڏسجي ته معاملا اهو گس وٺن ٿا يا وچ ۾ ڪا واٽ نڪري ٿي اچي، جيڪڏهن انهيءَ گس ڏي شيون وڃن ٿيون ته سياسي ڌرين کي ڏسڻو پوندو ته وٽن ڪيتري تياري آهي.
sohailsangi@yahoo.com
 

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home