Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, June 11, 2016

نوازشريف سياسي بحران مان نڪري سگهندو؟


 
ڇا نوازشريف سياسي بحران مان نڪري سگهندو؟

اربع 25 مئي 2016ع

 
 
نواز ليگ حڪومت 3 سال پورا ڪري ورتا. حڪمران پارٽي پنهنجي پر اُن کي وڏو ڪارنامو سمجهي ٿي ته آئيني مدت ته ٽُپي آئي، ورنه اڳي ٽن سالن اندر ئي سندس حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ۽ ايئن ٻه دفعا ٿي چڪو آهي. بظاهر اهو اسٽيبلشمينٽ سان ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءَ سبب ئي ٿيو. اهو نوي وارو ڏهاڪو هو، جو ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي جا پير ڪڍي رهيون هيون، کانئن ايندڙ چونڊن تائين صبر نه پئي ٿيو. اها سياسي نابلوغت ئي هئي، جنهن ٻاهرين قوت کي مداخلت جو سڏ پئي ڏنو، پر جڏهن مشرف نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري آيو ته هن ٻنهي پارٽين کي آئوٽ ڪري نوان پاور بروڪر ميدان ۾ لاٿا. ٻنهي پارٽين کي ڳالهه دير سان سمجهه ۾ آئي ته اقتدار جي نئين فارمولي ۾ نه رڳو ٻئي پارٽيون ٻاهر آهن، بلڪه طاقت جو توازن ئي تبديل ٿي رهيو آهي. نوي واري ڏهاڪي ۾ ”ٽرائيڪا“ جي نالي ۾ جيڪو ميڪنزم جوڙيو ويو هو، مشرف جو قدم ان کان پوءِ اڳتي وڃي رهيو هو. ڏٺو وڃي ته اڄ به ٻئي پارٽيون نون پاور بروڪرز جي ڊپ کان هڪ ٻئي جي ويجهو آهن.
وزير اعظم نواز شريف ايندي ئي بسم الله ڪراچيءَ ۾ آپريشن سان ڪئي. ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري وغيره ايتري وڌيل هئي، جو سالن تائين رينجرز جي موجودگي به ان کي ڪجهه نه پئي ڪري سگهي. 2013ع وارو آپريشن وفاقي حڪومت جي نگراني ۾ شروع ڪيو ويو. رينجرز پوليس جا اختيار گُهريا، ان بعد آپريشن جو دائرو چائنا ڪٽنگ ۽ ڪرپشن خلاف ڪاررواين تائين وڌايو ويو. رينجرز کي پوليس جا اختيار ڏيڻ تان سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي، پر پيپلز پارٽي پنهنجي ڪرتوتن جي ڪري داٻي ۾ اچي وئي. وزير اعظم ان معاملي ۾ سنڌ حڪومت جو ساٿ نه ڏئي سگهيو، اتان کان نواز ليگ جي سياسي اڪيلائپ جو سفر شروع ٿي ويو. ورنه جڏهن عمران خان ۽ طاهرالقادري ڌرڻن ذريعي جڏهن نواز حڪومت کي سوڙهو ڪيو هو ۽ حڪمران جماعت اڪيلي ٿي وئي هئي، تڏهن پيپلز پارٽي ئي سندس جان ڇڏائي. اهو ضرور ٿيو ته ڪراچيءَ جي حد تائين عسڪري ڌريون نواز حڪومت سان گڏ رهيون. خيبر پختونخوا ۾ تحريڪ انصاف ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت رهي، اهي ٻئي جماعتون وفاق ۾ اپوزيشن ۾ رهيون، ان ڪري وفاق سان صوبائي تضاد به رهيو.
نواز ليگ جو پهريون سال جيئن تيئن گذري ويو، پر ٻئي سال دوران سندس حڪومت کي ٻن وڏن چئلينجن کي مُنهن ڏيڻو پيو. جڏهن عمران خان ۽ طاهرالقادري پنهنجي حامين سان آگسٽ ۽ ڊسمبر 2014ع ۾ پارليامينٽ آڏو ڌرڻو هنيو ۽ لانگ مارچ ڪيو، اهو احتجاج عمران خان کي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور واري سانحي ڪري مجبوراً ختم ڪرڻو پيو. هن واقعي سياسي ڌرين کي ڌڪي هڪ هنڌ تي ويهاريو ۽ نيشنل ايڪشن پلان منظور ڪيو ويو ته جيئن دهشتگرديءَ کي روڪي سگهجي.
عمران خان جي مطالبي تي 2015ع ۾ انڪوائري ڪميشن ٺهي، جنهن سندس ان الزام جي جاچ ڪئي ته 2013ع جي عام چونڊن ۾ منظم طريقي سان ڌانڌلي ٿي آهي يا نه؟ ڪميشن نواز ليگ کي منظم ڌانڌليءَ جي الزامن مان بري ڪيو، اهو سڄو عرصو حڪومت سخت دٻاءَ هيٺ رهي. جيڪڏهن انڪوائري ڪميشن حڪومت جي خلاف فيصلو ڏي ها ته نواز حڪومت تڏهن ئي هلي وڃي ها.
جيتوڻيڪ پاناما اسڪينڊل حڪومت کي وڏو ڌڪ رسايو آهي، پر اڪثر تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هاڻي معاملو پارلياماني ڪميٽي ۾ آهي، جيڪا عدالتي ڪميشن جا ٽي او آرز ٺاهيندي، ان بعد اهو معاملو گرم سياسي اشو طور نه رهندو. سياسي ڌرين ۾ سمورن اختلافن ۽ نقطهءِ نظر جي فرق جي باوجود اها ڳالهه حاوي آهي ته اهي ڪنهن به غير جمهوري قدم جي حمايت نه ڪنديون. جيڪڏهن اهو اتفاق راءِ هلندو رهيو ته نواز حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري وٺندي. اها راءِ ان ڪري به آهي ته نواز شريف کي ”ڪنٽرول ۽ ضابطي“ ۾ رکڻ سمورن مخالفن جو مقصد ٿي سگهي ٿو، پر ان کي هٽائي ڪنهن کي آڻجي؟ عمران خان کي ويهارجي؟ ان تي خود سياسي ۽ غير سياسي ڌرين ۾ اتفاق راءِ ناهي. ٻيو آپشن اهو ته فوج اچي، جيڪا پڻ سڌي طرح حڪومت ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي. پيپلز پارٽي لاءِ به ڌرين کي تحفظات آهن، پر ان لاءِ وري نين چونڊن جي ضرورت پوندي. ڳالهه اُتي وڃي بيٺي ته انهن خفن کي ڇڏي، نواز شريف مان ئي ڪم هلايو وڃي.
سياسي ڌرين جي هڪ صفحي تي نه سهي، پر برابر واري صفحي تي هجڻ ان مان به نظر اچي ٿو ته حڪمران جماعت ۽ اپوزيشن جماعتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي، پر اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ۽ ان جي ميمبرن جي اهليت بابت ٻاويهين ترميم تي سڀ متفق ٿي ويون. مزيدار ڳالهه اها آهي ته اڃا سال ڏيڍ اڳ اليڪشن ڪميشن تي اهي الزام پئي مڙهيا ويا ته اها ڌانڌلين ۾ ملوث آهي وغيره. نه رڳو ايترو بلڪه عمران خان وڏي تحريڪ به هلائي هئي، جنهن حڪومت کي ڌوڏي وڌو هو.
ڏٺو وڃي ته نواز حڪومت جي ٽن سالن جي سفر مان ٻه سال وڌيڪ ڏکيا رهيا. کيس سول ۽ عسڪري توازن رکڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي، کيس سويلين جو الاهي سارو اسپيس ڇڏڻو پيو. کيس نه چاهيندي به مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻي پئي. پاڪ ڀارت ناتن بابت به سويلين ۽ عسڪري نقطهءِ نظر ۾ فرق آهي. هي اهو نقطو آهي، جيڪو گهڻو حساس آهي ۽ هتي پيل ڏار ڏکيو پوندو آهي، ان جون جهلڪيون مختلف وقتن تي نظر اينديون رهيون آهن، پر ٿيندو اهو رهيو آهي ته نواز حڪومت ئي پوئتي هٽندي رهي آهي. پنجاب ۾ دهشتگرديءَ خلاف اپاءَ کڻڻا هئا، پر سويلين حڪومت نه ڪري سگهي يا وري جنهن طرح سان عسڪري ڌرين چاهيو پئي، تيئن نه پئي ٿيو. في الحال نواز شريف ان کي هڪ حد تائين روڪي ويٺو آهي، ڇاڪاڻ جو هتي ته پيرن هيٺان زمين نڪرڻ جو معاملو آهي، پر هو گهڻو عرصو ايئن ڪري نه سگهندو. بدنام ڌاڙيل غلام رسول ڇوٽو جو ڊرامائي آپريشن ڪيترين ئي ڳالهين جي اُپٽار ڪري ٿو.
افغان معاملو ڏاڍو اهم ۽ حساس آهي، پر ان تي نواز شريف کي ڪو سخت موقف وٺڻ ۾ فائدو ناهي. اها ڳالهه کيس طالبان سان سندس حڪومت طرفان ڳالهين وارين ڪوششن مهل سمجهه ۾ ضرور آئي هوندي. آمريڪا سان ناتن ۾ بگاڙ آيو آهي، اهو معاملو شدت پسند گروپن کي مُنهن ڏيڻ يا انهن سان تعلقات ڪيئن هجن بابت آهي، اهي معاملا به سويلين ڌُر نه پئي ڏسي. نواز شريف جي حڪومت کي آئيني مدت مڪمل ڪرڻ ۾ ٻه رڪاوٽون ٿي سگهن ٿيون. هڪ پاڪ-ڀارت ناتن بابت موقف ۽ ٻيو پنجاب ۾ ڪارروائي.
هلندڙ سال پاڪ-چائنا اقتصادي راهداري منصوبو آيو. هن منصوبي بابت ٻئي ڌريون هڪ صفحي تي رهيون، بلڪه وزير اعظم ۽ آرمي چيف هڪ جيپ ۾ به ويٺل رهيا. مطلب خوشگوار ناتا رهيا. اڃا اهي سڀ معاملا هلي رهيا هئا ته پاناما اسڪينڊل وارو ڌماڪو ٿيو. وزير اعظم ٻه ڀيرا قوم کي خطاب ڪيو، ساڳئي وقت هن عوامي رابطي جي مهم به شروع ڪئي. قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي ڪٽنب جي ڪاروبار جا تفصيل به ڏنا. اپوزيشن جيتوڻيڪ قومي اسيمبليءَ جي هن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ وزير اعظم جي تقرير کي غير اطمينان بخش سڏيو، پر ان حڪومتي آڇ کي قبولي ورتو ته گڏيل پارلياماني ڪميٽي انڪوائري ڪميشن جا ٽي او آرز ٺاهي. وزير اعظم چوي ٿو ته الزام ثابت ٿيا ته هو استعيفا ڏيندو. اپوزيشن جون ٻه وڏيون جماعتون پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف چون ٿيون ته تحقيقات مڪمل ٿيڻ تائين هو عهدو ڇڏي ڏي.
جيڪڏهن قانون سازي وغيره بابت نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڀيٽ ڪجي ته اها هن ريت بيهي ٿي. پيپلز پارٽي ارڙهين ترميم آندي، جنهن سان صوبن کي چڱي خاصي خودمختياري ملي. (اها ٻي ڳالهه آهي ته ان تي عمل ٿيڻ اڃا باقي آهي) هن ترميم سان پرويز مشرف جي ڪيل سترهين ترميم ختم ٿي، جنهن سان صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جا اختيار ٻيهر ملي ويا هئا ۽ مشرف پنهنجو سياسي فارمولا هن ترميم تي ئي جوڙيو هو. نواز ليگ ايڪيهين ترميم آندي، جنهن تحت فوجي عدالتون ٺهيون ۽ انهن کي آئيني تحفظ مليو. ٻاويهين ترميم ۾ اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ۽ ميمبرن لاءِ سابق جج وارو شرط ختم ڪيو ويو. هاڻي ڪو به 22 هين گريڊ جو آفيسر يا ٽيڪنوڪريٽ به اليڪشن ڪميشن جو ميمبر يا سربراهه ٿي سگهي ٿو. پيپلز پارٽي تي لڳاتار عدليا جو دٻاءُ رهيو. ميموگيٽ، ايبٽ آباد ڪميشن کان علاوه هفتي ڏهن ڏينهن ۾ هڪ ٻه سوموٽو نوٽيس ايندا رهيا. جسٽس چوڌري افتخار محمد جا چند مهينا ڇڏي، باقي عرصو عدليا واري محاذ تي نواز ليگ لاءِ سڪون رهيو.
نواز حڪومت نه بجلي جو بحران ختم ڪرائي سگهي آهي ۽ نه وري مهانگائيءَ جي حوالي سان ڪي ٺوس اپاءَ وٺي سگهي آهي. سندس دعويٰ آهي ته هو ڊگهي مُدت واريون رٿائون شروع ڪري رهي آهي. هوڏانهن صوبن کي آدمشماري، اين ايف سي ايوارڊ، ترقياتي رٿائن ۽ فيصلا سازيءَ ۾ نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون به آهن. وزير اعظم سکر- ملتان موٽروي جو ته افتتاح ڪري ويو، پر ٿرڪول پروجيڪٽ جو ملتوي ڪيل پروگرام ٻيهر نه ڪري سگهيو. وفاقي حڪومت وٽ ٻيا صوبا نظرانداز ئي ٿيل رهيا، رڳو پنجاب ئي اهم رهيو.
پيپلز پارٽي جي طرز حڪمراني سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر اهو ان جو سياسي فن هو، جو مخالف جماعتن جا ڪيترائي اشوز هجڻ جي باوجود پنجن سالن دوران ان خلاف ڪو گرينڊ الائنس نه ٺهي سگهيو. نواز شريف خلاف ٽن سالن اندر الائنس ٺهي ويو آهي. ٽي سال ته پورا ٿي ويا، ڏسجي چوٿين سال ۾ معاملا ڪهڙو رُخ ٿا وٺن يا معاملا نواز ليگ کي ڪهڙو رُخ ٿا ڏيکارين.
sohailsangi@yahoo.com
 

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home