ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون 2018ع جي چونڊن لاءِ اڻ اعلانيل، پر عملي طرح سان تيارين ۾ لڳي ويون آهن. تحريڪ انصاف جي سربراهه باقاعده اهو علان به ڪري ڇڏيو آهي ته سندس پارٽي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جو مک اڳواڻ آصف علي زرداري به وطن موٽي آيو آهي. پنهنجي طور تي ننڍيون پارٽيون به اهڙين تيارين ڏي وڃن پيون. پر اهي ان انتظار ۾ آهن ته ايندڙ چونڊ لاءِ يا چونڊن مهل ماحول ڪهڙو ٿو جڙي ۽ انهن لاءِ ڪٿي ۽ ڪهڙي جاءِ نڪري ٿي؟ وڏيون پارٽيون خاص ڪري نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف اهڙو ماحول ٺاهڻ ۾ رڌل آهن، جيڪو انهن لاءِ سازگار هجي. اهي ٽئي پارٽيون هڪ ٻئي سان چٽاڀيٽي ۽ مقابلي ۾ به آهن ته وري ساڳئي وقت خاص طور تي تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي يا وري نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي هڪ ٻئي سان ويجهڙائپ ۽ دوري ٻنهي قسمن جا رويا هلي رهيا آهن. مطلب ته سياست ۽ ايندڙ چونڊن تي اثرانداز ٿيندڙ مختلف قوتن ۽ ڌرين جو پاڻ ۾Inter Play شروع آهي. تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي پاناما ليڪس واري معاملي تي جيئن جيئن موجوده اسيمبلين جو مدو پورو ٿي رهيو آهي، تيئن تيئن ويجهڙائپ ڏيکاري رهيون آهن. ساڳي وقت اتحاد جا اشارا به ڏيئي رهيون آهن. پيپلز پارٽي پنهنجي حڪمت عملي ۾ احتجاج ۽ لابنگ ٻنهي قسمن جي سياست شروع ڪئي آهي. لاهور مان لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هوڏانهن نواز ليگ جي حڪومت گهڻ طرفي دٻاءَ ۾ آهي. هڪ پاسي سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ پاناما ليڪس وارو ڪيس آهي، جنهن ۾ هڪ ڏينهن ڪارروائي مان اهو تاثر ٿو ملي ته وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس حڪومت ڏاڍي ڏکيائي ۾ آهي، ته وري ٻئي ڏينهن اهو پيو سمجهيو وڃي ته تحريڪ انصاف وٽ ثبوت ۽ دليلن جي کوٽ آهي، ان ڪري ڪيس ثابت نه ٿي سگهندو. سپريم ڪورٽ مان تازا آيل ريمارڪس اهي آهن ته: وزيراعظم تي جيڪي الزام لڳا آهن، تن جي غلط هجڻ ثابت ڪرڻ حڪومت/ وزيراعظم جي ذميواري آهي. هيءُ هڪ وڏو قانوني نقطو آهي، جنهن تي آئيني ۽ قانوني حوالي سان ايندڙ وقت به ضرور بحث ٿيندو.
حڪومت تي ٻيو دٻاءُ عمران خان طرفان لڳاتار هلايل مهم آهي. جيتوڻيڪ اڃان تائين عمران خان سنڌ ۽ بلوچستان تائين نه پهتو آهي. شايد وڏي پيماني تي ۽ عملي طرح هو هتي پهچڻ به نٿو چاهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته بلوچستان ۾ چونڊن جي حد تائين ڪو وڏو مسئلو ناهي. اتي جوڙ-ڪٽ ڪري وفاق يا پنجاب ۾ ٺهندڙ حڪومت موجب حساب ڪتاب ٺاهي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ عمران خان ساڳيو نواز شريف وارو ئي فارمولا رکڻ گهري ٿو. اڪثريت ڀلي پيپلز پارٽي کڻي، سنڌ ۾ به ڀلي اها ئي حڪومت ٺاهي، نالي ۾ چار پنج سيٽون تحريڪ انصاف جي حصي ۾ اچن، تڏهن به ڪم هلي ويندو. هاڻ عمران خان توڙي نواز شريف ٻنهي لاءِ اهو ضروري آهي ته پيپلز پارٽي چونڊون ڀلي کٽي، پر ان جي خلاف ڪو مضبوط Narrative ضرور موجود هجي، جيڪو ان جي عوامي مقبوليت کي مشڪوڪ بڻائي. حالانڪه پيپلز پارٽي جهڙي قسم جي حڪمت عملي سنڌ ۾ جوڙي آهي، سا خود عوامي مقبوليت واري نه، پر ڳولي ڳولي بااثر وڏيرا هٿيڪا ڪرڻ آهي. جيئن ڪٿي به، ڪنهن پارٽي کي ڪو متبادل اميدوار طور نه ملي سگهي. البته پيپلز پارٽي خلاف ڪنهن امڪاني بنياد کي روڪڻ لاءِ پيپلز پارٽي وچولي طبقي خاص دانشورن، اديبن ۽ شاعرن کي پاڻ سان جوڙي رکڻ جي ڀرپور حڪمت عملي ٺاهي آهي، تنهن ڪري ان خلاف اهڙي صورتحال شايد پيدا نه ٿئي، جهڙي 2012ع ۽ 2013ع ۾ ٺهي هئي.
نواز ليگ تي ٽيون دٻاءُ پيپلز پارٽي جو احتجاج ڏي وڃڻ آهي. اهو عمل جيتوڻيڪ پارٽي جو پنجاب ۾ پنهنجو اميج بحال ڪرڻ ۽ ” جي ٽي روڊ“ جي سياست جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ آهي. ساڳئي وقت اهو تحريڪ انصاف کي Contrast ڪرڻ به آهي، جيڪا پنجاب ۾ عملي طرح اپوزيشن پارٽي يا متبادل پارٽي جي روپ ۾ اڀري آهي. پيپلز پارٽي جي اها حڪمت عملي حدن اندر رهندي نواز شريف کي ڪو نقصان نه ڏيندي، سواءِ ان جي جو پنجاب ۾ پارٽي لاءِ عام تاثر ٿورو بهتر ٿيندو. پر ان عام تاثر کي عملي طرح ووٽ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ۽ وڌيڪ حڪمت عملي جي ضرورت پوندي.
ان کان وڌيڪ اثرائتو تحرڪ سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي طرفان اٿاريل اڳوڻي چيف جي سعودي عرب جي پاڇي ۾ ٺهندڙ فوجي اتحاد جي اڳواڻي وارو معاملو آهي، جنهن جو ذڪر ڪجهه ڏينهن اڳ وزير دفاع خواجا آصف هڪ بيان ۾ ڪيو هو. پر سينيٽ ۾ جڏهن گذريل ڏينهن کيس سرڪاري طرح موقف ڏيڻو پيو ته هن ٻڌايو ته رٽائرڊ جنرل راحيل شريف سعودي حڪومت طرفان آڇيل عهدي بابت ڪابه اين او سي نه ورتي آهي. ائين پيپلز پارٽي جو اهو تحرڪ ڄڻ عسڪري ڌرين ۽ نواز شريف کي هڪ پيج بدران ڌار ڌار ۽ آمهون سامهون وارن صفحن تي وٺي پيو وڃي. اهو تحرڪ عسڪري ڌرين ۽ حڪومت ٻنهي کي امتحان ۾ وجهي رهيو آهي. اهڙو امتحان هن کان اڳ اڳوڻي آرمي چيف رٽائرڊ جنرل مشرف جي پرڏيهه وڃڻ ۽ مٿس هلندڙ ڪيس بابت پڻ آڏو آيو هو، جنهن جو اعتراف تازو جنرل مشرف هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته جنرل راحيل شريف سندس پرڏيهه وڃڻ وغيره ۾ مدد ڪئي هئي. ان معاملي تي حڪومت ۽ عسڪري ڌرين جا ناتا بگڙي به سگهن ٿا. ڪجهه حلقا اهو به سمجهن ٿا ته وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي چيف راحيل شريف کي اهو ياد ڏيارڻ چاهي ٿو ته هن کي ڪيئن ڏکئي وقت ۾ وڌو ويو هو.
بهرحال پيپلز پارٽيءَ جو اهو تحرڪ ان ڪري به مضبوط آهي، جو پارليامينٽ ۾ موجود سموريون پارٽيون ان تي هڪ جهڙو موقف رکيو بيٺيون آهن ته ساڳئي وقت اهو به ياد ڏياري رهيون آهن ته جڏهن سعودي عرب جي پاڇي ۾ اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ته پارليامينٽ ٺهراءُ پاس ڪري ان اتحاد ۾ نه وڃڻ لاءِ حڪومت کي چيو هو. نواز حڪومت وڌ ۾ وڌ اهو ڪري سگهي ٿي ته رٽائرڊ جنرل راحيل شريف جي مخالفت ڪري، پر ان لاءِ اهو ڏکيو ٿي پوندو ته اها سعودي حڪومت جي مخالفت ڪري. مخالف ڌر جي پارٽين طرفان هڪ پاسي پارليامينٽ جي اڳوڻي ٺهراءَ کي ورجايو پيو وڃي ته ٻئي پاسي اهو به سوال اٿاريو پيو وڃي ته خطي ۾ ٻه ٻيا اتحاد به زير تعمير آهن. هڪ لاءِ ايران ڪوششون وٺي رهيو آهي. اها ڳالهه لڪل ناهي ته خطي ۾ ايران ۽ سعودي عرب پنهنجي حڪمت عملين ۽ موقف ۾ هڪ ٻئي خلاف بيٺل آهن. ٻئي طرف روس به اها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ترڪي، ايران، روس ۽ شام تي مشتمل اتحاد ٺاهجي، جيڪو داعش کي منهن ڏئي. روس جي رٿيل هن اتحاد کي آمريڪا جي به حمايت حاصل آهي. مخالف ڌر جون پارٽيون سمجهن ٿيون ته پاڪستان اڳ به ڪيترائي ڀيرا شيعه- سني ٽڪراءَ سبب گهڻو لوڙي چڪو آهي ۽ هاڻي جي صورتحال ۾ ملڪ اندر به ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي. ساڳي وقت خطي ۾ به پاڪستان لاءِ وڌيڪ اڪيلائپ ٿيندي.
حڪومت لاءِ فوجي ڪورٽون ٻيهر جوڙڻ وارو سوال پڻ ڏکيو آهي. اها ان پوزيشن ۾ ناهي ته ڪو ان جي شروعات ڪري. اپوزيشن انهيءَ انتظار ۾ آهي ته ڀلي حڪومت ان جي شروعات ڪري، يا وري اهو ته اقتدار ۾ ”وڏي ڌر“ طرفان دٻاءُ اچي. اهڙي صورت ۾ اپوزيشن واريون پارٽيون پنهنجي پنهنجي طور تي سياسي يا ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ڪو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿيون. اصولي طور تي سمورين سياسي ڌرين کي سمجهڻ گهرجي ته اهي جيڪڏهن سولين اختيارين کي ڪمزور ڪن ٿيون ته ٻين لفظن ۾ پنهنجي پاڻ کي ڪمزور ڪن ٿيون. وقتي طور هو ڀلي اهو سمجهن ته اهي ائين ڪندي ممڪن آهي ته اقتدار کي ويجهو اچن، پر ملڪ اندر جمهوريت ۽ عوامي اختيار کان پري ٿي وينديون.
هينئر جڏهن ملڪ اندر سياسي ڌرين طرفان چونڊن جي تياري واري مهم جون حڪمت عمليون ٺهن پيون، تڏهن اهو سوال به اهميت وارو آهي ته چونڊ سرشتي ۾ سڌارن کي عملي شڪل ڏني وڃي. چيو پيو وڃي ته چونڊن جي نظام ۾ سڌارن لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي پنهنجون سفارشون پارليامينٽ کي پيش ڪري ڇڏيون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن سفارشن کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪميٽي 29 مهينا ورتا. پارلياماني ڪميٽي جي انهن سفارشن کي قانون جي شڪل ڏيڻ کان اڳ انهن کي عوام آڏو آندو وڃي ۽ ان جي مختلف پهلوئن تي بحث هجڻ گهرجي. ان ڳالهه جو امڪان آهي ته اڃان ڪجهه نقطا ۽ پاسا رهجي ويا هجن، جيڪي چونڊن کي وڌيڪ شفاف ۽ حقيقي معنيٰ ۾ جمهوري بنائڻ لاءِ ضروري هجن. خاص ڪري سماج جي پوئتي پيل طبقن يعني عورتن، اقليتن، هارين، مزدورن جي شرڪت ۽ نمائندگي وارا معاملا، پولنگ، ڳڻپ ۽ نتيجن جي اعلان بابت نقطا اهڙا آهن، جن کي گهڻن پاسن کان ڏسڻو پوندو ۽ ان لاءِ مضبوط قانون ۽ ضابطا جوڙڻا پوندا.
sohailsangi@yahoo.com
|
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home