Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, August 06, 2021

سنڌ بابت تحريڪ انصاف جي حڪمت عملي جا ڪجھه ور وڪڙ اڃا کلڻا آهن

 August 6, 2021 

سنڌ بابت تحريڪ انصاف جي حڪمت عملي جا ڪجھه ور وڪڙ

اوچتو وزيراعظم عمران خان کي سڄي سنڌ جو خيال آيو، هن سنڌ جون حالتون تبديل ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، نه ته ڪجھه مهينا اڳ تائين عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي سياست رڳو ڪراچي تائين محدود هئي، جيڪي ڪجھه گھُريو پئي ويو سو ڪراچيءَ لاءِ گھريو ۽ ڏنو پئي ويو، ايتري قدر جو وزيراعظم پاڻ هڪ کان وڌيڪ موقعن تي سنڌ جي مسئلن ۽ حالتن بابت لاتعلقي ڏيکاري اهو تاثر ڏنو ته سنڌ جا ماڻهو ڄاڻن ۽ پيپلز پارٽي ڄاڻي. ماڳهين سنڌ کان ان جا وسيلا ۽ ناڻو به گھريو پئي ويو.

گذريل ڪجهه وقتن کان وفاقي ۽ حڪمران جماعت سنڌ ۾ سياست ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. پهرين گرائونڊ ورڪ ڪيو ويو، سنڌ جي ڪجھه بااثر ماڻهن ۽ مذهبي گروپن جي هڪ گڏجاڻي جنهن ۾ ٽيهارو کن ماڻهن شرڪت ڪئي، اهي سڀ اهي ماڻهو آهن جن کي پيپلز پارٽي ۾ ڪنهن سبب جي ڪري جڳهه نه ملي يا پيپلز پارٽي انهن کي جڳهه نه پئي ڏني. 
ان بعد هڪ ٻه گڏجاڻيون سکر ۽ گھوٽڪي ۾ به ٿيون، رڳو ايتروئي نه پر اسلام آباد ۾ رهندڙ ڪجھه سنڌي دانشورن ۽ صحافين سان وفاقي وزير اسد عمر ملاقات ڪئي، اها ملاقات عمرڪوٽ واري اقليتي ايم اين اي لال مالهي جي ٽياڪڙيءَ هيٺ ٿي، انهيءَ گرائونڊ ورڪ کان پوءِ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي پرڏيهي معاملن وارو وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم وٽ وٺي ويو، جنهن تحريڪ انصاف ۾ باقاعده شموليت جو اعلان ڪيو. کيس سنڌ جي معاملن بابت اسپيشل اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. 
ارباب رحيم 2018ع جي چونڊن کان وٺي تحريڪ انصاف جو اتحادي رهيو آهي. چونڊن جي هڪ سال کان پوءِ جڏهن شاهه محمود قريشي ڇاڇري ۾ جلسو ڪيو ته هن پنهنجي تقرير ۾ باقاعدي اهو چٽو ڪيو ته هو تحريڪ انصاف ۾ شامل نه پيو ٿئي. اصل ۾ ارباب تحريڪ انصاف ۾ پنهنجي لاءِ ڪا جڳهه نه پيو ڏسي. ٻين لفظن ۾ اهو ته هو سمجھي پيو ته حڪمران جماعت کي سندس ڪا ضرورت ناهي. نه وري ڪو ارباب پاڻ به ضرورت پيو محسوس ڪري. جيتوڻيڪ هڪ دور ۾ پير پاڳاري ارباب غلام رحيم تي ڇوهه ڇنڊيندي “ڪارو نانگ” سڏيو هو پر ڪنهن جو ساٿ ڏجي، ان بابت هو پاڳاري جي روايتن جي پوئيواري ڪري رهيو هو. جيڪو چوندو هو ته ڌر ڌڻين کي ضرورت پوندي ته پاڻ ئي سڏ ڪندا. 
سو نيٺ ارباب کي به سڏ ٿيو. شاهه محمود قريشي ان ڪري به ارباب کي شامل ڪرايو جو تڏهن تازو ٿرڪول ايريا بلاڪ ٽو ۾ ڪوئلي واري ڪمپني جي سيڪيورٽي ايجنسيءَ هٿان دودو ڀيل مارجي ويو هو، جنهن خلاف ڀيل ڪميونٽي ۾ وڏو تاءُ پکڙيل هو. وڏو احتجاج ٿي رهيو هو. ٿر ۾ پيپلز پارٽي مختلف برادرين کي ڪنهن نه ڪنهن طرح اقتدار ۾ حصو ڏئي يا پارٽي جي عهدن تي کڻي خوش ڪيو ويٺي آهي پر ڀيل ڪميونٽي پيپلز پارتي کان ٻاهر آهي، بلڪه پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ڪندي پئي اچي. اها اسلام ڪوٽ واري صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ تي باقاعدي اثر انداز ٿيندڙ آهي. ڀيلن جي احتجاج جي شاهه محمود قريشي ٿوري گھڻي پرگھور لڌي، جنهن بابت ڀيلن جي اڳواڻ جذباتي ٿي بيان ڏنو ته عيد کان پوءِ پرڏيهي وزير مٺي ۾ اچي ڌرڻو هڻندو ۽ وڏو احتجاج ڪندو. 
شاهه محمود قريشي جا ٿر ۽ عمرڪوٽ ٻنهي ضلعن ۾ رڳو مريد ئي ناهن پر هو سياسي مفاد به رکي ٿو. انهن ٻنهي ضلعن ۾ ارباب غلام رحيم جو به اثر آهي ۽ ان جا به اتي سياسي مفاد آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو گڏيل اثر اڃا تائين رنگ ڏيکاري نه سگھيو آهي. ان صورت ۾ شاهه محمود قريشي لاءِ ضروري ٿي پيو ته ارباب جي پارٽي ۾ شموليت ڪرائي ۽ ڀيل برادريءَ جي سالڊ ووٽ ۽ احتجاج.ڪندڙ قوت کي پاڻ سان سلهاڙي رکڻ لاءِ ڪا شيلڊ مهيا ڪري .اهو ته ٿيو ارباب جي پارٽي ۾ شموليت جو مقامي سطح وارو پاسو پر ان کان وڌيڪ اهم باقي سنڌ جي سياست آهي.
ٿر جي مقامي واقعي کان اڳ سنڌ ۾ ٽي وڏا واقعا ٿيا. هڪ وفاق طرفان سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو اعلان، بحريه ٽائون جي والار خلاف سنڌ جي سياسي ڌرين جو گڏيل احتجاج، جڏهن ته ٽيون واقعو قوم پرست پارٽين سان واڳيل ڪارڪنن جي پراسرار گمشدگي. سنڌ ۾ هڪ دفعو وري قومپرستي جو رنگ ظاهر ٿيڻ لڳو جنهن ۾ جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، زين شاهه ۽ ٻين ڌرين اڳتي اچي نئين اڀار جي مالڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 

ڪوشش اها رهي ته ان سڄي اڀار کي پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت خلاف استعمال ڪجي پر پيپلز پارٽي ڏاڍي ڏاهپ سان اها ڳالهه ٽاري وئي. قوم پرستن کي پنهنجي ڇٽي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پيپلز پارٽيءَ جي ڪوشش رهي ته سنڌ ۾ قوم پرستي جي انهيءَ اڀار کي وفاقي حڪومت خلاف بيهاري، پاڻي واري ٺاهه، ڪالاباغ ڊيم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ مجموعي طور سنڌ بابت وفاقي حڪومت جي رويي خلاف سنڌ جي ماڻهن کي بيهاري. ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۽ حڪومتي وزيرن جا بيان ته پنهنجي جاءِ تي، خود بلاول ڀٽو به پيش پيش رهيو. هو ان حد تائين ويو ته 91ع واري پاڻي جي ٺاهه تي عمل نه ٿا ڪيو ته پوءِ هاڻي نئون ٺاهه ڪيو.

قومپرستن کي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت خلاف بيهارڻ جي هڪ دفعو اها صورتحال وڃي بيٺي جو بلاول ڀٽو اسلام آباد مان خاص طور تي ڪراچي آيو ۽ ٽوئيٽ ڪيائين ته گرفتارين ۽ ڪيسن وارا معاملا ٿين پيا ان ۾ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيڻ گھرجي، مطلب ان معاملي ۾ سنڌ حڪومت کي هدايتون ڏنيون ويون ته هٿ هلڪو رکو.
ڳالهه پئي هلي ته تحريڪ انصاف کي اوچتو سنڌ ڇو ياد آئي جو اسلام آباد ۾ ڳالهيون پيون هلن ته وقت کان اڳ چونڊون ٿيڻ واريون آهن، يعني 2022ع چونڊن جو سال آهي، ان جي پويان اها منطق ۽ دليل ڏنو پيو وڃي ته هن وقت تحريڪ انصاف پنهنجي مقبوليت جي عروج تي آهي. خاص ڪري پي ڊي ايم ۾ ڏڦيڙ، سيالڪوٽ جي چونڊ ۽ ڪشمير ۾ چونڊون کٽڻ کان پوءِ ڏسجي ته سياسي سطح تي واقعي ايئن لڳي ٿو، اهو وقتي اڀار به ٿي سگھي ٿو، جنهن جي پويان خود نواز ليگ ۾ ٻه متضاد موقف آهن، 

ان کان به وڏو دليل اهو آهي ته اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ بعد آئيني طور تي مقرر وقت تي جڏهن 2023ع ۾ چونڊون ٿينديون تڏهن ملڪ جي اهم ادارن جا يعني عدليه، فوج، اليڪشن ڪميشن، نيب تائين جا سربراهه تبديل ٿي چڪا هوندا. انهن عهدن تي نوان ماڻهو اچڻ بعد انهن جون ترجيحون مختلف ٿي وينديون. اهڙي ئي طرح سان جنهن تناظر ۾ عمران خان وزيراعظم ٿيو آهي اهو تبديل ٿي ويندو. اهو تبديل ٿيندو ته پوءِ عمران خان کي ٻيهر چونڊرائڻ توڙي موجوده پاليسين کي جاري رکڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي، عمران خان حڪومت کي پڻ توسيع ڏني وڃي. انهيءَ ڳالهه ۾ گھڻو وزن لڳي ٿو.
وقت کان اڳ چونڊن وارو معاملو ايترو سنجيده آهي جو مولانا فضل الرحمان به سنگت ساٿ ۾ اها ڳالهه ڪندو رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ته ماڳهين انهيءَ حوالي سان سنڌ جي پارٽي ليڊرن سان وڏي مشاورت به ڪئي ۽ سمورن وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجا تڪ سنڀالڻ جون هدايتون ڏنيون. انهن هدايتن جو چٽو اظهار ڏهاڪو ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو پنهنجي تڪ جو دورو ۽ اتي سندس ٿيندڙ استقبال ۽ دوري جون تياريون آهن.، چونڊون ويجھو هجڻ جو اشارو سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي به آهي، جنهن ۾ سمورين گروپن ۽ ڌرين کي وزارتن ، مشيرن يا وري اسپيشل اسسٽنٽ جي عهدن تي راضي ڪيو ويو آهي.
خود ارباب غلام رحيم جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت پنهنجي جاءِ تي وڏو اشارو آهي. اسلام آباد کي سنڌ ۾ چونڊن مهل معاملا “ارينج” ڪندڙ ماڻهو جي ضرورت پوندي رهندي آهي. هن کان اڳ اهو ٽاسڪ پير پاڳاري جي حوالي ٿيندو رهيو آهي، پر وڏي پير پاڳاري جي وفات کان پوءِ حالتون پاڳارن جي وس ۾ نه رهيون آهن، ظاهر آهي ته نه وڏي پاڳاري وارا تعلقات ۽ لاڳاپا آهن نه اهڙو ڪو ويزن، نتيجي ۾ ٿيندو ايئن رهيو جو پاڳاري جي فنگشنل ليگ سُسندي وئي، ايتري قدر جو هلندڙ سال سينيٽ جي چونڊن ۾ ماڳهين ان کي ڪنڊائتو ڪري اقتدار جي ايوانن کان ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو. هن وقت پاڳاري وٽ نه قومي اسيمبلي جي سيٽ آهي ۽ نه سينيٽ جي.
پاڳاري کي اقتدار جي گھٽين کان پري ڪرڻ جو مطلب ٿيو سنڌ بابت اسلام آباد وٽ ڪا نئين حڪمت عملي آهي، هڪ اهڙي حڪمت عملي جنهن ۾ پاڳاري يا ڪنهن ٻئي اهڙي وڏي ماڻهو جي پاڇي يا ڇٽيءَ بنا فارمولا ٺاهيو وڃي. اها ڳالهه 2018ع وارين چونڊن بعد اڀرڻ شروع ٿي هئي پر هلندڙ سال سينيٽ جي چونڊن مهل صفا پڌري پٽ ٿي پئي. پهرين سمجھيو پئي ويو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي طور سامهون ايندي ۽ پيپلز پارٽي مخالف خال ڀريندي پر اهو خيال خيال ئي رهيو. 

تحريڪ انصاف سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به ڪا تنظيم سازي نه ڪئي، ماڻهن تائين نه پهتي، صرف اهو ٿيو جو سنڌ ۾ ڪو به مسئلو ٿيو ٿي ته حليم عادل شيخ پيراشوٽي ٿي اتي پهتو ٿي ۽ گوڙ گھمسان ۽ ميڊيا تي خبرون ڪندو ٿي رهيو. مقامي سطح تي پارٽي جي نه هجڻ ڪري تحريڪ انصاف جي اهڙي پيراشوٽي نمائندي کي ماڻهن به سنجيدگيءَ سان نٿي ورتو. 

هتي اها ڳالهه اهم آهي ته ڪنهن به ضلعي يا شهر ۾ ڪو به ماڻهو سياسي طور تي پيپلز پارٽي جو مخالف ٿي بيهي، ننڍي وڏي مسئلي تي احتجاج ڪري، سا صورتحال نه پئي بيٺي. وڏي پير پاڳاري جي ڏينهن ۾ هڪ گروپ يا لابي طور سنڌ جي ضلعن ۾ معاملا نظر ايندا هئا. هاڻي ته اهي به ختم ٿي ويا آهن. مطلب تحريڪ انصاف نه ضلعن يا خود سنڌ سطح تي نه ڪو پارٽي اڳواڻ ٺاهي يا بيهاري سگھي نه وري ڪو اهو خال ڀرجي سگھيو. 

هڪ خيال اهو به آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفت سياسي يا اقتداري مخالفت جي ڪري آهي. اها عوامي سطح تي ناهي يا قوم پرست مخالف آهن يا وري اقتدار کان ٻاهر ويٺل وڏيرا. قوم پرستن کي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور پاڻ سان کڻڻ يا مٿن ويساهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن يا وري سمجهن ٿا ته انهن جي عوام توڙي صوبي اندر لابين ۾ ڪا وٿ ناهي. ڌر ڌڻين جو خيال آهي ته سنڌ جو عام ماڻهو پيپلز پارٽي کان ٻاهر نه ويندو.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ناهي ته ڪير وڏو وزير ٿئي؟ ان لاءِ مهرن کان وٺي لياقت جتوئي ۽ ارباب تائين سڀ اميدوار آهن. 

اصل ڳالهه اها آهي ته انهن جي پنهنجي سگھه ڪيتري آهي؟ اهي ڪيترن ماڻهن کي پاڻ سان ملائي سگھن ٿا؟ 

اسٽيبلشمينٽ هن ڀيري شايد پ پ مخالفت ۾ آپشن کليل رکڻ ٿي چاهي. اڳواٽ ئي ڪو نالو يا ڪو وڏو پاڇو ڏيڻ نه ٿي چاهي. 

ارباب رحيم هڪ آپشن طور اهو ڪري سگھي ٿو ته پيپلز پارٽي مخالفن کي نروار ڪري سگھي ٿو. ممڪن آهي ته ڪنهن پاليسي ٺاهيندڙ کي اها ڳالهه ذهن ۾ ويهاري وئي هجي ته مشرف دور ۾ ارباب چونڊون ارينج ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اول ته ان جو ڪو ايڏو وڏو ڪردار ڪونه هو، ڇاڪاڻ جو سواءِ مڪاني ادارن جي چونڊ جي باقي عام چونڊن وارا معاملا سامهون آهن، ٻيو اهو ته ارباب تڏهن پئي کيڏيو جڏهن بينظير ڀٽو، زرداري ۽ ٻيا رانديگر قيد يا راند کان ٻاهر هئا، هاڻي ايئن ناهي.

ارباب جي ذريعي سنڌ ۾ پ پ مخالفن کي هڪ وڻ هيٺ بيهارڻ ان ڪري به ڏکيو ٿي پوندو ڇاڪاڻ جو ان اسڪيم ۾ پير پاڳارو ۽ جي ڊي اي مائنس ٿي وڃن ٿا. هن وقت به جڏهن ارباب غلام رحيم سنڌ جي مختلف ڌرين سان ملاقاتون ڪري رهيو هو ته جهانگير ترين پير پاڳاري سان ملاقات ڪري رهيو هو. ان سڄي تحرڪ بعد تازو وزيراعظم سان مهرن جي ملاقات به اهم آهي. ماضي ۾ مهر ۽ ارباب گڏ به رهيا آهن پر اها به تاريخ آهي ته علي محمد مهر کي هٽائي ارباب وڏو وزير ٿيو هو. اها به تاريخ آهي ته 2018ع جي چونڊ مهم دوران پير پاڳاري چيو هو ته جي ڊي اي جو وڏو وزير علي گوهر مهر آهي.
بهرحال سنڌ بابت تحريڪ انصاف جي حڪمت عملي اڃان پوريءَ طرح کلي سامهون نه آئي آهي، ان جا اڃان ڪجھه ور وڪڙ کلڻا آهن.

Pahenji Akhbar 
August 6, 2021

Labels: , ,