Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

هاڻوڪي احتجاج مان نه عمران خان کٽيو، نه نواز ليگ ڪامياب ٿي


هاڻوڪي احتجاج مان نه عمران خان کٽيو، نه نواز ليگ ڪامياب ٿي
پاناما ليڪس جي مخالفت ۾ اٿاريل طوفان، جنهن موجوده جمهوري نظام کي ذري گهٽ لوڏي ڇڏيو هو، سپريم ڪورٽ وچ ۾ اچي احتجاج ڪندڙ عمران خان ۽ حڪومت ڪندڙ نواز شريف ٻنهي جي في الحال ڄڻ ضمانت ڪرائي وڌي آهي. سپريم ڪورٽ شروع ۾ ان معاملي جي وچ ۾ پوڻ نه پئي چاهيو، پر جڏهن اهو معاملو پارليامينٽ ۾ سياسي ڌريون اڪلائي نه سگهيون ۽ عمران خان جي هوڏ سبب اسٽيٽ پاور ۽ اسٽريٽ پاور ڄڻ آمهون سامهون ٿي ويو، اوڏيءَ مهل سپريم ڪورٽ کي وچ ۾ اچڻو پيو. اسٽريٽ پاور جي ايڏي شو ڊائون بعد ٽي آپشن هئا. هڪ اهو ته وزير اعظم سڌو سنئون عمران خان جو مطالبو مڃيندي استعيفيٰ ڏي. ٻيو اهو ته عسڪري ڌريون حرڪت ۾ اچن. ٽيون اهو ته عدليه پنهنجو ڪم ڏيکاري. عسڪري ڌرين جي بدران عدليه جي وچ ۾ اچڻ واري ڳالهه هر ڪنهن کي وڻي. اهو ان ڪري به، جو ان جي آئيني ۽ قانوني حيثيت به آهي. نتيجو اهو نڪتو جو نه نواز شريف جي هار ٿي، نه عمران خان جي جيت- معاملو وچ ۾ ئي ٽنگيل رهجي ويو. ساڳئي وقت تي اهو به چئي سگهجي ٿو ته اهو معاملو اڃا حل نه ٿيو آهي، بلڪه حل ڪرڻ جو طريقو ڳولي هٿ ڪيو ويو آهي. چلو اها به چڱي ڳالهه آهي، پر ان چڱائيءَ سان گڏ اهم ڳالهه اها به آهي ته سياسي ڌريون اهو سڄو بحران نبيري نه سگهيون. پيپلزپارٽي معاملي کي پارليامينٽ ۾ کڻي آئي، ڪميٽي ٺهي، پر اهي ئي سهي جون ٽي ٽنگون. حڪومت اپوزيشن جو ٽي او آر نه مڃيو ۽ اپوزيشن وري حڪومت جا شرط نه مڃيان. ايئن ٽئين ڌر جي لاءِ گنجائش خود سياسي ڌرين پيدا ڪئي. پاڪستان جي تاريخ جو اهو عجب معاملو آهي، جو سياسي معاملا عدليه يا ٻين غير سياسي ادارن جي ذريعي اُڪلايا وڃن ٿا، اها ڳالهه مجموعي طور سياسي پارٽين جي ناڪامي جي کاتي ۾ اچي ٿي.
في الحال حڪومت کي وٿي ملي وئي آهي، ان جو چوڻ آهي ته ان عمران خان جي ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي دعوا آهي ته ان وزيراعظم نواز شريف کي جهڪائي احتساب لاءِ تيار ڪري ورتو آهي. اهي ٻئي دعوائون پنهنجي جاءِ تي، پر ڳالهه اڃا ڊيگهه وٺندي. ان ڏس ۾ ڊگهي ڪارروائي ٿيڻ باقي آهي. سڀ کان پهرين اهو ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومت ٻئي سپريم ڪورٽ آڏو رٿيل جڊيشل ڪميشن لاءِ ٽي او آر پيش ڪنديون، انهن ٽي او آر تي ڳالهيون ۽ شنوائيون ٿينديون. جيڪڏهن اهي ٻئي ڌريون متفقه طور ڪنهن ٽي او آر تي نه بيٺيون ته پوءِ سپريم ڪورٽ پنهنجو ٽي او آر ڏيندي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته نومبر جو سڄو مهينو ٽي او آر جي گيم ۾ گذري ويندو. ان بعد جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو معاملو آهي. جڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ ٽي اسٽيڪ هولڊر آهن، عدليه، حڪومت ۽ عمران خان- ان ڪري جڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ خود هڪ اهم مرحلو آهي. ماضيءَ ۾ نواز شريف تي جسٽس سجاد علي شاهه واري ڪيس ۾ مختلف الزام لڳندا رهيا آهن، ان ڪري نواز شريف سميت سموريون ڌريون وڌيڪ احتياط ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺنديون. اهو ٽي او آر ئي طئه ڪندو ته پاناما ليڪس جي جاچ جو دائرو ۽ وقت ڪڏهن کان شروع ڪيو وڃي ۽ طريقو ڪهڙو اختيار ڪيو وڃي، جو عوام وٽان ڦريل هن رقم جو پيرو کڻي ثابتيون هٿ ڪيون وڃن. هي ڏکيو عمل آهي، جنهن ۾ انهن ملڪن جا قانون جتي آف شور  ڪمپنيون قائم آهن، ۽ ڪجهه عالمي قانون به آڏو اچي سگهن ٿا. عمران خان طرفان عدليه جي فيصلي تي جيڏو جشن ملهايو ويو آهي، اها به غور طلب ڳالهه آهي. يا ته کيس اها پڪ آهي يا پڪ ڏياري وئي آهي ته عدليه جو فيصلو ڪجهه اهڙو ايندو، جيڪو سندس خواهشن کي ويجهو هوندو يا وري اهو ته همراهه صفا ٿڪجي پيو هو. سندس انهيءَ ٿڪاوٽ جو اظهار ”جشن تشڪر“ واري خطاب مان به ملي ٿو، جنهن ۾ هن ڊپ ڏيکاريو آهي ته هو جيڪڏهن ڌرڻو ختم نه ڪري ها ته رتوڇاڻ جو خطرو هو.
عمران في الحال پنهنجي هن اوچتي فيصلي بابت ڪنهن کي قائل نه ڪري سگهيو آهي. هن لاءِ رڳو پنهنجي پارٽي اندر ئي نه، پر عوام کي به قائل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. بقول هڪ سينيئر صحافي جي ته ٻيو ته ڇڏيو عمران خان ميڊيا کي به مايوس ڪيو، جنهن کيس کڻي ستين آسمان تي پئي پهچايو. عمران خان تي اها به تنقيد ٿيندي رهي آهي ته هو پنهنجي اوچتن فيصلن بابت نه پارٽي کي اعتماد ۾ وٺندو آهي، ۽ نه وري هن جا جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اتحادي آهن، تن کي اعتماد ۾ وٺڻ هن لاءِ ضروري آهي. فيصلي يا حڪمت عملي جو ڪو منطق هجڻ به ضروري آهي، پر هن فيصلي وارو منطق مٿڀرو لڳي ٿو.
هڪ ڳالهه عمران خان جي کاتي ۾ ضرور لکي سگهجي ٿي ته هن احتجاج جي جيڪا ديڳ چاڙهي، تنهن سياسي فضا ۾ ايتري ضرور گرمائش پيدا ڪئي، جو ملڪ جون ٻيون مکيه پارٽيون به حرڪت ۾ آيون ۽ سرگرم ٿيون، جنهن ۾ خود پيپلزپارٽي به شامل آهي. اها ئي ڳالهه آهي، جو پيپلزپارٽي جو رويو ڏاڍو محتاط رهيو. اها نواز حڪومت کي ان حد تائين ته ڪمزور ڪرڻ پئي چاهي جو ايندڙ وقت ۾ پنهنجي لاءِ پنجاب وغيره ۾ ڪا وٿي ڪڍي سگهي. پر ان حد تائين نه، جو سڄو موجوده سيٽ اپ گهر ڀيڙو ٿئي، ڇاڪاڻ جو نئين سيٽ اپ ۾ پيپلزپارٽي پنهنجي لاءِ ڪا مناسب جڳهه نه پئي ڏسي. ڌرڻي دوران خيبر پختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ اهو نعرو ڏنو ته پٺاڻ اچن پيا، جنهن جي موٽ ۾ چوڌري نثار کي اهو بيان ڏيڻو پيو ته، پنجابي پٺاڻ جي ڳالهه نه ڪئي وڃي. ڳالهه چوڌري نثار واري به صحيح هئي، ڇاڪاڻ جو پرويز خٽڪ جيڪو پتو اڇلايو، اها ڏکي راند هئي، ڇاڪاڻ جو اسٽيبلشمينٽ ۾ پختون عنصر موجود آهي. ائين ڌرڻي دوران بظاهر وفاقي حڪومت جيڪا نواز ليگ جي آهي ۽ جنهن جو ڳڙهه پنجاب آهي ۽ خيبر پختونخوا جي حڪومت، جيڪا تحريڪ انصاف جي آهي ان وچ ۾ ڪشيدگي وڌي ها. ڄڻ ته هن سڄي معاملي صوبن ۽ مرڪز جي وچ ۾ ناتن کي هڪ نئون رخ ڏنو، اهو رخ ان ڪري به اهم آهي، جو ارڙهين ترميم تي عمل اڃا اڌورو آهي ۽ صوبن کي ان حوالي سان ڪافي شڪايتون به آهن. جڏهن ته قومي مالياتي ايوارڊ، پاڻيءَ جو تڪرار، توانائي ۽ قدرتي وسيلن جي اختيار ۽ استعمال جا معاملا نبريل هجڻ جي باوجود اڻ نبيريل ۽ تڪراري بڻيل آهن. اهڙي صورت ۾ ڪو به صوبو پنهنجي حقي واجبي ۽ آئيني اختيارن يا حقن لاءِ وفاق سان مهاڏو اٽڪائي ۽ 30-25 هزار لٺ بردار ماڻهو وٺي اچي اسلام آباد ويهي سگهي ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان ته کڻي ”ويچارا“ صوبا آهن، انهن مان ان ڳالهه جي توقع گهٽ آهي، پر پنجاب بنهه بهتر پوزيشن ۾ آهي، جو اسلام آباد جو گهيرو ڪري سگهي ٿو. مطلب ته هاڻي حڪومت ۽ سياست ٻئي جي ٽي روڊ جون رهنديون، معاملو پشاور کان لاهور تائين ئي رهندو. شير شاهه سوري جي چڱن ڪمن اڄ پاڪستان جي رياست جي رڌڻي ۾ رولو وجهي ڇڏيو آهي. اقتدار ۽ اختيار رڳو جي ٽي روڊ تائين رکڻ خود جمهوريت، ملڪي سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪيترو فائدي مند آهي، سا ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. هڪ پارٽي خيبر پختونخوا ۽ ٻي پنجاب جي، هڪ ٻئي سان ملهه ڪن ٿيون، اهي پارٽيون آخر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڇو نٿيون اچن؟ هتي پنهنجون سرگرميون ڇو نه ٿيون ڪن؟ اڳي بلوچستان کي سياسي مک ڌارا کان الڳ رکيو ويو، هاڻي سنڌ سان به اهڙو سلوڪ ٿيندو ڇا؟ اهو پيپلزپارٽي، اقتدار ۽ اختيار جا فيصلا ڪندڙ ٻين ادارن کي سوچڻ گهرجي.
sohailsangi@yahoo.com


سهيل سانگي

جمع 14 آڪٽوبر 2016ع 

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home