Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 08, 2017

ٽرمپ جون انڊيا کي ڏمک ميارون ۽ پاڪستان لاءِ پيدا ڪيل مسئلا!

 خميس 24 آگسٽ 2017ع
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا بابت پاليسي خطي کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جنهن سان سموري خطي ۾ آمريڪا بابت ماڻهن ۾ بي چيني وڌندي ۽ عام راءِ وڌيڪ آمريڪا جي خلاف جڙندي. آمريڪا جي فوجي هيڊ ڪوارٽر ۾ قوم کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ افغانستان ۾ وڌيڪ آمريڪي فوجي موڪلڻ ۽ پاڪستان تي دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ جا الزام مڙهيندي، افغانستان ۾ انڊيا جي ڪردار کي وڌائڻ جي فرمائش ڪئي آهي.
پهرين نظر ۾ آمريڪي صدر جي ڏکڻ ايشيا يا افغانستان بابت نئين حڪمت عملي ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي، جيڪا 16 سالن کان افغانستان ۾ هلندڙ جنگ جو خاتمو آڻي سگهي. بلڪه سخت گير حڪمت عملي ويتر خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ رتوڇاڻ واري صورتحال کي وڌائيندي. 80ع واري ڏهاڪي کان افغانستان وٽان شروع ڪيل آمريڪي هٿ چراند، جنهن ۾ پاڪستان کي به افغان جهاد جي نالي ۾ ملوث ڪيو ويو هو. لڳ ڀڳ انهي چاليهه سالن جي عرصي ۾ خطي اندر جيڪا معاشي، سياسي، سماجي توڙي ثقافتي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ بگاڙ آندو، رت جي راند شروع ڪرائي سا اڃا تائين جاري آهي. جنهن جا خطي جي ماڻهن جي زندگي، خوشحالي، حقن ۽ جمهوري نظام تي منفي اثر پيا ۽ اڃان جند ڇڏڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. پهريان افغانستان ۾ پراڪسي جنگ هلي رهي هئي پر، نائين اليون واري واقعي کانپوءِ آمريڪا بهادر پاڻ جنگ ۾ سڌي طرح ٽپي پيو ۽ ان افغانستان ۾ پنهنجون فوجون لاٿيون. 2014ع ۾ آمريڪا جي اتحادين ناٽو جي ملڪن جون ڪجهه فوجون موجود هيون. آمريڪا طرفان مختلف اپاءُ وٺڻ جي باوجود افعانستان ۾ سڪون يا امن قائم نه ٿي سگهيو آهي. هر ڇهن اٺن مهينن اندر دهشتگردي جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پوندو آهي، جنهن کي ڪنهن به طرح سان آمريڪا ٻنجو نه ڏئي سگهيو آهي.
گذريل 16 سالن جي آمريڪي فوج جي موجودگي ۽ ان طرفان افغانستان ۾ هلندڙ ويڙهه هن ملڪ توڙي خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ بدران ڄڻ ان کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪيو آهي. انهن سمورن تجربن بعد هڪ دفعو وري آمريڪي صدر مسئلي جو فوجي حل ڳوليو آهي. ان جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ آمريڪا پاڻ کي وڌيڪ ڦاسائي رکندو. آمريڪا جڏهن فوجي حوالي سان موجود هوندو آهي ته ان جا ڀرپاسي جي ملڪن تي به اثر پوندا آهن يعني خطي اندر هٿيارن ۽ عسڪري حلقن جي ضرورت ۽ مٿڀرائپ رکي ويندي آهي.
ٽرمپ طرفان افغانستان ۾ ڪيترا فوجي موڪلياويندا ۽ اهي ڪيترو عرصو رهندا؟ ان بابت حڪمت عملي ۾ ڪابه واضح ڳالهه موجود ناهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو انگ ڪيترو به ٿي سگهي ٿو، جيڪو وري اڻ ڄاڻايل مدي تائين هتي موجود رهندو. ائين ٽرمپ وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جنگ جي ڀوت کي مڇرائي وڌو آهي، وچ اوڀر ۾ هلندڙ جنگ بعد ايشيا ۾ هڪ ٻيو محاذ کلي رهيو آهي.
تعجب جي ڳالهه آهي ته ٽرمپ پنهنجي صدارتي چونڊ مهم دوران افغان جنگ کي وقت ۽ وسيلن جو زيان سڏيو هو، تنهن وري 360 ڊگري جو ڦيرو کائي هتي جنگ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ جي هن اعلان تي سندس ووٽر ۽ آمريڪا جي عام راءِ ڪيئن ردعمل ڏيکاريندي؟ ۽ ان جا ڪهڙا ڪهڙا روپ جڙندا؟ اهي سوال اهم آهن. آمريڪا جيڪو پاڻ کي دنيا جي وڏي جمهوريت قرار ڏي ٿو، ان جي صدر طرفان اهو اعلان به معنيٰ خيز آهي ته، سڄي دنيا ۾ جمهوريتون آڻڻ يا ايترو پري جمهوريت کي بچائڻ جو اسان ٺيڪو ڪونه کنيو آهي. اڄ جي تبديل ٿيل دنيا ۾ هڪ پاسي آمريڪي صدر، افغانستان ۽ وچ اوڀر ۾ فوجون موڪلي پوءِ سڄي دنيا کي ٺيڪ ڪرڻ وارو نعرو ڏي ٿو ته، ٻئي طرف پاڻ کي دنيا ۾ جمهوريت واري عمل کان پري بيهاري ٿو. انهي جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته سڄي دنيا ۾ غير جمهوري يا غير سياسي حلقن کي آمريڪا موڪل ڏئي ڇڏي آهي؟ حالانڪه اها موڪل آمريڪا طرفان اڳ به هئي، پر ائين کليل لفظن ۾ اعلان نه ڪيو ويو هو.
ٽرمپ پنهنجي فوجي حل واري پاليسي جو اعلان هڪ اهڙي وقت ڪيو آهي، جڏهن خود آمريڪي حلقن موجب افغانستان جي 40 سيڪڙو علائقي تي طالبان يا ٻيون اهڙيون دهشتگرد ڌريون قابض آهن. افغان حڪومت جي ڪنٽرول ۾ رڳو 60 سيڪڙو علائقو  آهي. جڏهن ته اندروني بيچيني افغانستان جي صورتحال جو هڪ ٻيو پاسو آهي، افغان حڪومت ۽ آمريڪا جي سامهون ڪجهه چئلينجز آهن جن ۾ طالبان سان جهيڙو، ڪمزور ۽ ڪرپٽ حڪومت ۽ اتي خطي جون ٻيون طاقتون به پنهنجو اثر رکن ٿيون ۽ اهي پنهنجو اثر ڏيکارينديون به رهيون آهن. جڏهن افغانستان جي انهي منظرنامي کي ڏسجي ٿو ته لڳي ٿو ته آمريڪا افغان مسئلي جي حل ۾ غير سنجيده آهي. وڌيڪ آمريڪي فوجون توڙي سخت گير اُپاءُ ڪنهن به ريت افغانستان ۾ هلندڙ جنگ جو توازن تبديل نه ڪري سگهندو. بلڪه ٿيندو ائين جو طالبان توڙي داعش ۽ ٻين اهڙين انتهاپسند ڌرين جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو وڌندو ۽ اهو افغانستان توڙي باقي خطي جي ملڪن لاءِ وڌيڪ خطرا پيدا ڪندو. اچرج جي ڳالهه آهي ته اهڙي صورتحال ۾ سياسي ۽ سفارتي حل نٿو ڳوليو وڃي، ان جي بدران رڳو فوجي حل ڳوليو پيو وڃي، جنهن جا تجربا ٽرمپ کان اڳ وارا آمريڪي صدر به ڪري چُڪا آهن.
ٽرمپ جي ڏنل نئين حڪمت عملي نه رڳو سڄي خطي ۾ سخت گير ماحول پيدا ڪندي ۽ پراڪسي جنگين ۾ اضافو آڻيندي، ساڳئي وقت ان ۾ وڏا نقص به آهن. آمريڪا ڪيتري فوجي موجودگيءَ ۽ مداخلت چاهي ٿو ۽ عملي طرح ڪندو؟ ان جو ڪو اشارو ناهي. فوجن جي واپسي جو ڪو ٽائيم ٽيبل ناهي. ڪو واضح طور تي حاصل ڪرڻ جهڙو مقصد به بيان ڪيل ناهي ۽ نه ئي افغانستان لاءِ ڪو سياسي، معاشي پلان ڏنو ويو آهي. بلڪه ٽرمپ جي اعلانيل پاليسي موجب آمريڪا معاشي تعمير مان به هٿ ڪڍي ويو آهي.
ٽرمپ جي هن پاليسي جا پاڪستان تي به اثر پوندا، جيتوڻيڪ ٽرمپ جي تقرير کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان جي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان فون تي ڳالهايو هو. وري اڄ آمريڪي سفير، جنرل باجوه سان ملاقات ڪئي آهي پر آمريڪي صدر جي پاليسي بيان ۾ ڪيل اعلان ڏاڍا چٽا آهن. هڪ اهو ته افغانستان ۾ ٽرمپ انڊيا جو ڪردار وڌائڻ گهري ٿو. ان لاءِ هن انڊيا کي اهو ڏوراپو ڏنو آهي ته آمريڪا سان واپار ۾ اربين ڊالر ڪمايو ٿا پر افغانستان ۾ اسان جي مدد نٿا ڪريو. افغانستان ۾ انڊيا جي رول وڌائڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته اتي پاڪستان جو رول گهٽجي. ائين ٻئي پاڙيسري ملڪ جيڪي اڳ به هڪ ٻئي تي ”کڻن ۽ کائين ٿا“ تن جي وچ ۾ مخالفت جو هڪ ٻيو ٺوس سبب به جڙي پوندو ته، ائين ٻنهي ملڪن ۾ موجود دوستي جا خيال ۽ جذبا ڪمزور ٿيندا. پاڪستان جي لاءِ اهو ڏکيو آهي ته، هُو آمريڪي صدر جي ان مطالبي کي صفا ٿڏي ڇڏي، جنهن ۾ هُن ”ڊو مور“ جي فرمائش ڪئي آهي پر ساڳئي وقت تي پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي واري سوال کان به غافل نٿو رهي سگهي. ائين پاڪستان گهڻ طرفو دٻاءُ ۾ اچي ويندو. اهو دٻاءُ ان ڪري به شديد محسوس ٿيندو جو گذريل اٺن مهينن دوران پاڪستان ٽرمپ انتظاميا کي پنهنجي ڳالهه سولي طريقي سان سمجهائڻ ته پري رهيو پر ٻڌائي به نه سگهيو آهي. اهڙي صورت ۾ جڏهن آمريڪا هر قيمت تي مخالف ۽ دشمن جي شڪست گهري ٿو، تڏهن پاڪستان لاءِ وڌيڪ مونجهاري ۽ ڏکيائي واري صورتحال پيدا ٿيندي نظر اچي ٿي. مجموعي طور تي ٽرمپ جي هن حڪمت عملي سان خطي ۾ نه ختم ٿيندڙ جنگ جو هڪ نئون سلسلو ٿيندو نظر پيو اچي

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home