Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, December 11, 2017

آدمشماريءَ جو عمل ۽ سنڌ ۾ درپيش سياسي چئلينج

سومر 13 مارچ 2017ع 
Census and challenges faced by Sindh
 هلندڙ مهيني جي 15هين تاريخ کان ملڪ ۾ نئين آدمشماري ٿي رهي آهي، جنهن جون تياريون مڪمل آهن. آدمشماري جي اهميت جي پيش نظر ان عمل کي غير تڪراري ۽ شفاف رکڻ جي اشدت ضرورت آهي. 1998ع کانپوءِ آدمشماريءَ جو عمل 2008ع ۾ ٿيڻو هو پر اهو اينگهايو ويو. ان ڏس ۾ نه سرڪاري ادارن ۽ نه وري سياستدانن ڪو ڪم ڪيو آهي. ايتريقدر جو ان جي اهميت کي به ماڻهن ۾ اجاگر نه ڪيو ويو  جو ماڻهو آدم ڳڻپ جي اصلي جوهر کان واقف ٿي سگهجن ته جيئن اهي سمورن ڪٽرپڻن کان مٿڀرا ٿي ان ۾ جوش ۽ جذبي سان حصو وٺن.
 دراصل ملڪ اندر مختلف علائقن توڙي صوبن جي وچ ۾ سياسي توڙي معاشي اڻ برابري، هڪ ٻئي کان ننڍين وڏين شڪايتن بي اعتماديءَ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪابه ڌر اڳتي اچڻ ۽ سچي دل سان اهي شڪايتون ۽ غلط فهميون دور ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان جي نتيجي ۾ سٺي ۾ سٺيون تجويزون ۽ معاملا به تڪراري بڻجي وڃن ٿا. اسان هڪ اهڙي سياسي، معاشي ۽ سماجي نظام کي جنم ڏنو آهي ۽ وقت به وقت ان کي پاڻي به ڏيندا رهياسين، جو اهي تڪرار ختم ٿيڻ بدران ويتر وڌندا رهيا. آدم ڳڻپ جي معاملي ۾ مختلف صوبن، علائقن ۽ ڌرين کي ڪيتريون ئي شڪايتون آهن. کين خدشا آهن ته جهڙي نموني سان اهو ضروري ۽ اهم عمل ڪيو پيو وڃي، ان مان هرو ڀرو ۽ پنهنجي پسند جا انگ اکر ۽ نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. بلوچستان جون سياسي پارٽيون آدم ڳڻپ کي جهڙي نموني ڏسن ٿيون، ان جو اظهار سردار اختر مينگل ۽ حاصل بزنجو ڪري چڪا آهن. کين ڊپ آهي ته بلوچستان ۾ افغان پناهگيرن کي به ڳڻيو ويندو. نتيجي ۾ بلوچستان جي ڊيموگرافي تبديل ٿي ويندي، جنهن جو اثر وسيلن جي مالڪي کان وٺي اقتدار ۾ حصي پتي ۽ فيصلي سازي تائين پهچندو. ساڳي طرح سنڌ جي ڌرين کي به فڪر آهي ته افغان آبادي توڙي ٻين صوبن ۽ علائقن کان آيل ماڻهن جي سنڌ جي رهواسي طور ڳڻپ ٿيندي. ان ۾ افغانين کان علاوه اهي پرڏيهي به شامل آهن، جيڪي وقت بوقت سنڌ ۾، خاص ڪري ان جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا، جتي هو ملڪيتون ٺاهي، ڪاروبار به ڪري رهيا آهن.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي طرفان به آدم ڳڻپ تي تحفظات ڏيکاريا ويا آهن ۽ سندس موقف آهي ته ان سان شهري آبادي گهٽ ڏيکاري ويندي. ”شهري آبادي“ جي لفظ مان سندس مراد اردو ڳالهائيندڙ يا ورهاڱي کانپوءِ لڏي آيل آهن، جيڪي سندن ووٽ بئنڪ ۽ سياست جو بنياد آهن.
گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ شهري آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي. نوان شهر نهيا آهن. جيڪي ننڍا ماڻهو هئا. اهي وڏا ماڻهو ٿيا آهن ۽ وڏا شهر اڃا وڌيڪ وڏا ٿيا آهن. انهن شهرن جي آباديءَ ۾ واڌ رڳو اڳ رهندڙ شهرين جي ڄم ذريعي ٿيندڙ واڌ کان وڌيڪ ٻاهران آيل ماڻهن جي اچڻ جي ڪري آهي. ان حقيقت کي به مڃڻو پوندو ته ڪراچي هجي يا حيدرآباد، ميرپورخاص هجي يا سکر ۽ نوابشاهه- اتي سنڌ جي ٻهراڙين مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو لڏي آيا آهن، جنهن جو سبب صوبي اندر زرعي ڍانچي ۾ تبديلي، ٻهراڙين ۾ روزگار، تعليم وغيره جا موقعا گهٽ هجڻ. ٻوڏون، ڏڪار، پاڻي جي کوٽ ۽ امن امان جهڙا معاملا شامل آهن. اهو هونئن ته معاشيات جو اصول آهي پر ان سان گڏوگڏ وقت جي حڪومتن طرفان ٻهراڙين جي سار سنڀال نه لهڻ به ان جو وڏو ڪارڻ آهي. پنجاب کي به تحفظات آهن، ڇاڪاڻ جو جڏهن سنڌ جي آبادي وڌي ويندي ته هن صوبي جي قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي کان علاوه نوڪرين، ترقياتي ڪمن ۽ خود مالي وسيلن ۾ به حصو وڌي ويندو. ائين صوبن يا هڪ ئي صوبي جي مختلف علائقن جي وچ ۾ انگ اکر وڌيڪ ڏيکارڻ جي سڌي يا اڻ سڌي طرح ڊوڙ شروع ٿي ويندي.
سنڌ جي لاءِ آدم ڳڻپ وارو گهڻ رخو ۽ گهڻ پاسائون مسئلو آهي. هڪ طرف نامياري معيشت دان قيصر بنگالي جي اها اڳڪٿي آهي ته 2040ع ڌاري ڪراچي پٺاڻن جو وڏي ۾ وڏو شهر ٿي ويندو. ٻئي پاسي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار سڃاڻپ ڏيئي بيهارڻ وارين ڌرين جو معاملو آهي. ٽئين پاسي سنڌ اندر سنڌي ماڻهن جي حقيقي نمائندگي جو سوال آهي، جيڪي انهن سمورن چئلينجن کي سمجهي سگهن، ان لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهن.
1998ع واري آدمشماري موجب، ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 48 سيڪڙو هئي. پنجابي 13.94 سيڪڙو، پشتو ڳالهائيندڙ 11.42 سيڪڙو، سنڌي 7.22 سيڪڙو، بلوچي 4.34 سيڪڙو ۽ 2.11 سيڪڙو سرائيڪي ڳالهائيندڙ هئا. هتي اٽڪل 16 لک بنگالي، 4 لک برمي آهن، جيڪي پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙن جي کاتي ۾ وجهن ٿا. انهن انگن اکرن جي باوجود ايم ڪيو ايم 90 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ سياسي نمائندگي جي دعويٰ ڪندي رهي آهي. ان کانسواءِ پاڻ ڊيموگرافي جي تبديلين جو جيئن ته ذڪر ڪري آيا آهيون ۽ هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته، پشتو ڳالهائيندڙ افغانين ۽ سنڌي ماڻهن جي آبادي وڌي آهي. نتيجي ۾ جڏهن آدم ڳڻپ ٿيندي ته شهر جي مجموعي طور آبادي ۾ واڌ ظاهر ٿيندي. ان واڌ جي نتيجي ۾ قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جو تعداد به وڌندو.
ايم ڪيو ايم جي ڀرپور ڪوشش رهندي ته اها پنهنجو ووٽ بئنڪ، سيٽون ۽ سياست برقرار رکي. ٻئي پاسي سنڌ جي ٻهراڙين يا سوات، وزيرستان ۽ ٻين آپريشنن جي نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا آهن، انهن جي نمائندگي وارو سوال به پيدا ٿي ويندو. فرض ڪجي ته ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي 40 سيڪڙو تائين بيهي ٿي، ته ڇا باقي سٺ سيڪڙو آبادي کي بنا ڪنهن سياسي نمائندگي جي رکيو ويندو؟ حڪومت ۽ پاليسي ساز ادارا ان سوال جو حل ڪيئن ڳولهين؟ جيڪڏهن حقيقي نمائندگي واري حل لاءِ نئين تڪ بندي ٿئي ٿي ته، ان جا بنياد ڪهڙا رکيا ويندا؟ ڇا ان جا بنياد لساني رکيا ويندا؟ اهڙي صورت ۾ ڪراچي هڪ دفعو وري لساني ڇڪتاڻ جي ڌٻڻ ۾ هليو ويندو، جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال هوندي ۽ مختلف لساني ڌريون سدائين ٽڪراءَ ۾ هونديون. جي نه ته ٻيا اهي ڪهڙا سائنسي، حقيقي بنياد يا معيار ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ هر ڪو ماڻهو سياسي، معاشي، ثقافتي ۽ سماجي طور تي پنهنجي پاڻ کي شريڪ سمجهي؟ ڪراچي هڪ گهڻو اڀريل ڪيس آهي. ٻين شهرن توڙي علائقن ۾ به آدم ڳڻپ جا اثر پوندا، جيڪي نون سياسي چئلينجن کي جنم ڏيندا.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home