Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, June 20, 2018

نواز ليگ جي حڪومت ۽ شريف خاندان وڌندڙ بحرانن جي وچ ۾!

Crisis in Sharif family
اڱارو 26 ڊسمبر 2017ع                        

سهيل سانگي

آرمي چيف جي جمهوري گهٽيءَ ۾ آمد ۽ ڏنل بريفنگ بعد لڳو پئي ته، ملڪ ۾ بحران واري شدت کي گهٽائڻ لاءِ ڪو حل ۽ رستو نڪري پيو آهي. ملڪ جون سياسي ڌريون هاڻي ان واٽ تي هلي پونديون. ان ڏس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي اها ٿي ته پيپلز پارٽي سميت ٻين جماعتن جي حمايت سان نين تڪ بندين بابت آئيني ترميم سينيٽ مان منظور ٿي ويئي. سينيٽ ۾ رٽائرمينٽ بعد خالي ٿيندڙ سيٽن جي چونڊن توڙي عام چونڊن جو آسرو پڪو ٿي ويو هو. مکيه سياسي جماعتون اليڪشن جي موڊ ۾ هليون ويون. ان سڄي سياسي اڳڀرائي جي پويان ٻه ڳالهيون سمجهيون پئي ويون. هڪ اها ته خطي ۾ آمريڪا جي دٻاءُ ۽ چين جي وڌندڙ اثر بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت پيش اچي ويئي هُئي. ٻيو اهو ته پارٽي اندر ٽڪراءُ يا جهيڙي جي پاليسي ۽ مفاهمت واري پاليسي جي ٻن لاڙن جي وچ ۾نواز شريف ڄڻ ساڻو ٿي پيو هو. ساڄي ڌُر جو دٻاءُ مذهبي نعري سان مختلف شڪلين ۾ سامهون اچي رهيو هو. کيس پنهنجو ووٽ بئنڪ به بچائڻو هو ته وري ساڳئي وقت پارٽي به. هن پارٽي اندر مفاهمت واري لائين جو چيمپئين سمجهئي ويندڙ شهباز شريف کي ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي جو وزيراعظم نامزد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ٻين لفظن ۾ اهو ته هن پنهنجي عدالت هٿان ”نااهلي“ کي سياسي طور مڃيندي ”مائنس ون“ فارمولا قبول ڪري ورتو آهي.
پوءِ اوچتو خبر آئي ته، نواز شريف ايندڙ چونڊ لاءِ شهباز شريف جي وزيراعظم طور نامزدگي جو ذڪر ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ شروع ڪيو، پارٽي طرفان سرڪاري طور اهو چيو ويو ته، اهڙو فيصلو پارٽي جي ورڪنگ ڪميٽي ڪندي. ان سان گڏوگڏ اهي به خبرون آيون ته، رڳو پارٽي اندر ئي نه پر خود شريف خاندان جي رڌڻي ۾ به رولو آهي. خاندان جي ڪن گهڻگهرن وري اها رٿ پيش ڪئي ته، سياست ۾ گهڻو پرعزم ۽ پُرجوش رهندڙ مريم نواز کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏني وڃي ۽ شهباز شريف وزيراعظم ٿئي. مريم نواز جيتوڻيڪ نيب جي ڪيس کي منهن ڏيئي رهي آهي پر، ڪنهن ٺاهه جي نتيجي ۾ شايد ڪو گس نڪري پيو، اهو ئي سبب آهي جو قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه کي اهو بيان ڏيڻو پيو ته، مريم نواز پنجاب جي وزير اعلى نٿي ٿي سگهي. نواز شريف عوام جي عدالت سان رجوع ڪري سويلين بالادستي لاءِ جدوجهد جو نعرو هڻي رهيو هو، سندس چونڊن وار تڪ يعني پنجاب کيس ان لاءِ ڀرپور موٽ ڏني. سندس برطرفي بعد سموريون ڪوششون ٿيون ته، حڪومتي ڪنٽرول ۽ پارٽي جو ڪنٽرول سندس هٿن مان وڃي پر، اهي ٻئي ڪنٽرول وٽس رهيا. پوءِ اندروني ڀڃ ڊاهه جا وڏا پيچ وڌا ويا.
سينيٽ ۾ جنرل باجوه جي بريفنگ جا ٻه پاسا هُئا، هڪ ملڪي حوالي سان هو ۽ ٻيو ڏکڻ وچ ايشيا واري آمريڪي پاليسي بابت هو. خاص اهو پيغام ڏيڻو هو ته، خطي جي صورتحال ۾ پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت هڪ صفحي تي اچي رهيون آهن. سينيٽ ۾ بريفنگ جي ٻئي ڏينهن تي آمريڪي نائب صدر افغانستان ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي بگرام ۾ خطاب ڪندي الزم مڙهيو ته، پاڪستان دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون ڏئي رهيو آهي پر هاڻي اهي ڏينهن ختم ٿي ويا، هاڻي آمريڪي صدر پاڪستان کي نوٽيس تي رکيو آهي. ان بيان صورتحال بگاڙي ڇڏي، جواب ۾ رڳو پرڏيهي وزير خواجه آصف ئي نه پر چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي به آمريڪا جي ان موقف خلاف ڳالهايو. ڇهن ملڪن جي اسپيڪرن جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻنهي چونڊيل ايوانن جي ڪسٽوڊين کي پنهنجو موقف عالمي سطحح تي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي چيئرمين سينيٽ رضا رباني جي بيان کان لاتعلقي ڏيکاري آهي ۽ هن جي بيان کي سندس ذاتي موقف سڏيو آهي. اسپيڪر اياز صادق جو بيان رضا رباني جي بيان کان ٿورو ان ڪري به مختلف آهي، جو سندس چوڻ آهي ته ”غير رياستي عنصر“ خطي ۾ امن ۽ ويجهن ملڪن جي لاڳاپن کي متاثر ڪن ٿا. سندس بيان هڪ حد تائين آمريڪي موقف کي ويجهو بيهي ٿو. جڏهن ته رضا رباني جو بيان آمريڪا تي سخت تنقيد جي دائري ۾ اچي ٿو. صدر ممنون حسين ساڳي ڪانفرس ۾ سي پيڪ جي حمايت ۾ به ڳالهايو، سندس بيان ۾ آمريڪا تي سڌي تنقيد موجود ناهي. اها ڳالهه هاڻي لڪل نه رهي آهي ته، آمريڪا هن خطي ۾ چين جي وڌندڙ اثر تي ناراض آهي. سي پيڪ چين جي وڌندڙ اثر ڪردار جي چٽي شڪل آهي. فاٽا ۾ سڌارا آڻڻ واري رٿ به ان ڪري ٽنگيل آهي جو اها راهداري اتان اچڻي آهي ۽ آمريڪا ان تي اعتراض واري بيٺو آهي ته، تڪراري ۽ اڻ تبديل علائقي مان پاڪستان اهو رستو نٿو ٺاهي سگهي.
دنيا ۾ پرڏيهي پاليسي گهرو پاليسي جي ماتحت هوندي آهي، ان جي روشني ۾ ئي پرڏيهي پاليسي ويندي آهي. پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن جي پرڏيهي پاليسي پنجاهه واري ڏهاڪي کان وٺي گهرو پاليسي کان هٽيل هوندي آهي. جو گهرو پاليسي پرڏيهي پاليسي جي ماتحت هوندي آهي ۽ پرڏيهي پاليسي وري دفاعي پاليسي جي ماتحت هوندي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو ان جدول کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڳو حڪومت ئي نه وڃائي پر سِر به وڃائي ويٺو. هن وقت به خطي ۾ تبديلين ۽ وڌندڙ دٻاءُ جا ملڪي سياست تي چٽا اثر نظر اچي رهيا آهن.
هاڻي صورتحال اها آهي جو جماعت اسلامي جو امير سراج الحق چوي ٿو ته، ”هاڻي نواز شريف کي ڪير به بچائي نٿو سگهي.“ پير سيالوي چيو ته، ”نواز شريف، رانا ثناءُ الله خلاف قدم کڻڻ وارو وعدو پورو نه ڪيو آهي، انڪري 31 ڊسمبر کان پوءِ 25 اسيمبلي ميمبر استعيفائون ڏيندا.“ ائين هڪ دفعو وري استعيفا ٿراپي زير عتاب نواز ليگ تي آزمائي پئي وڃي. هوڏانهن اهي به خبرون آهن ته، شهباز شريف سان 16 ملڪن جي سفيرن ۽ سفارتڪارن لاهور ۾ نيرن تي ملاقات ڪئي آهي. ڪجهه هفتا اڳ آزاد ٿيل حافظ سعيد جنهن تي آمريڪا توڙي انڊيا ٻنهي کي چِڙ آهي، تنهن لاهور ۾ سندس سياسي شڪل ملي مسلم ليگ جي آفيس کولي ورتي آهي. نواز شريف جي ويجهي ساٿي سعد رفيق جو چوڻ آهي ته، وڙهڻ سان ڪجهه نه ملندو، سڀ هڪ ٻئي کي معاف ڪن. هو اهو به ياد ڏياري ٿو ته، آرمي چيف جمهوريت جو حامي آهي، انڪري سندس حڪم مڃيندڙ به ان تي عمل ڪن. لڳي ٿو ته ڳالهه ٺهندي ٺهندي ڪنهن هنڌ وري بيهي رهي آهي. واسطيدارن کي هڪ دفعو ٻيهر گڏجي ويهڻو پوندو ۽ آرمي چيف جي ملڪي توڙي پرڏيهي پاليسي ۽ خطي جي حڪمت عملي بابت ڪيل ڳالهين ۽ خاطرين تي عمل ڪرڻ کي يقيني بنايو ويندو. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته، هڪ جهيڙو آمريڪا ڪرڻ وارو آهي. اهو سمجهڻ گهرجي ته آمريڪا سان جهيڙو ڪرڻ ايڏو سولو ناهي، ٻيو جهيڙو ملڪ اندر ئي هوندو. في الحال سعيد رفيق واري ڳالهه چٽي نظر اچي ٿي ته، سڀ هڪ ٻئي کي معاف ڪن.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2017/2017/26%20Dec%202017.htm

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home