Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, July 30, 2018

اليڪشن کانپوءِ حڪومت سازيءَ لاءِ ٿيندڙ صلاحون!

سهيل سانگي 
جمع 27 جولاءِ 2018غ


هن ڀيري چونڊن ۾ سنڌ ڪيترن هنڌن تي حيران ڪندڙ نتيجا ڏٺا آهن. سمورن آسرن، وڏن واڪن جي باوجود گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سنڌ مان ڌوپجي وئي آهي. هن اتحاد جي مرڪزي قيادت به هارائي ويٺي. اهو الائنس فنڪشنل ليگ لاءِ بنهه سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيو، جو خيرپور مان به اها پارٽي هارائي ويٺي. پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ آيل نتيجا لڳ ڀڳ اهڙا ئي هئا، جن جي رٿابندي ڪئي وئي هُئي. عمران خان جي تحريڪ انصاف اڪثريت رکندڙ پارٽي طور تي اڀري آئي آهي ۽ اها ئي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهيندي. پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي سيٽن ۾ ڪو ٿورو فرق آهي. اتي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو آزاد اميدوار ڪندا، جيڪي ٻه ڊزن کان ڪجهه وڌيڪ تعداد ۾ کٽي آيا آهن. سواءِ تحريڪ انصاف جي باقي سمورين پارٽين چونڊ نتيجن کي رد ڪيو آهي يا وري ان تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. نواز ليگ جي صدر شهباز شريف نتيجن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڌانڌلي ٿي آهي. پيپلز پارٽي نتيجن کي تڪراري سڏيو آهي. پارٽي مطابق ان جي ايجنٽن کي ووٽن جي ڳڻپ بعد هر اميدوار جي کنيل ووٽن واري شيٽ، جيڪا فارم 45 ڪوٺجي ٿي، سا نه ڏني وئي آهي. مذهبي جماعتن جي اتحاد ايم ايم اي جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان نتيجن مڃڻ کان انڪار ڪندي ان نقطي تي آل پارٽيز ڪانفرس سڏائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته اهڙين چونڊن ۽ ان جي نتيجن جي خلاف ملڪ ۾ نئين صف بندي ٿيندي. عوامي نيشنل پارٽي ملڪ جي اڪيلي سياسي جماعت آهي، جنهن هارائڻ بعد به نتيجن کي قبول ڪيو آهي. اي اين پي جي اڳواڻ هارون بلور کي دهشتگرد حملي ۾ شهادت کان پارٽي اڳواڻن کي خطري جا الرٽ مليا. پر ماضي ۾ پختون قومپرستي ۽ کاٻي ڌر ڏي جهڪاءُ رکندڙ پارٽي، جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن کان زوال جو شڪار آهي، چونڊ مهم جو حصو بڻيل رهي. ان مين اسٽريم سياست ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو، حالانڪه پارٽيءَ جي هن پاليسي تي تنقيد به ٿي ته اسفنديار ولي اسٽيبلشمينٽ کي هروڀرو گهڻو ويجهو رهيو آهي، پر هن شايد بلوچ قومپرست سياستدانن جي سياسي اڪيلائپ ۾ وڃڻ واري ڪجهه غلطين کي آڏو رکي اهو فيصلو ڪيو. هونئن به ايندڙ حڪومت تي مجموعي طور تي پختون رنگ چڙهيل هوندو. ان ڪري به شايد اسفنديار ولي انهن چونڊن جي ساک کي ڇيهو رسائڻ نه پئي گهريو.
چونڊ نتيجن جاري ٿيڻ ۾ دير، ايجنٽ اٿارڻ يا ايجنٽن کي نتيجن جو تصديق ٿيل فرام 45 نه ڏيڻ بابت پيپلز پارٽي جي شڪايتن ۾ وزن آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حد تائين نتيجا اهو ٻڌائين ٿا ته هن صوبي ۾ پيپلز پارٽي سان ڪا راند يا هٿ چراند نه ٿي آهي. ان کي جيڪڏهن لياري مان ڪو جهٽڪو لڳو آهي ته اهو ٿيڻو ئي هو. لياري کي سياسي، انتظامي ۽ ترقياتي حوالي سان جيترو نڌڻڪو ڇڏيو ويو هو، ان جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو. لياري ان نڌڻڪائي جي ڪري پهرين گينگ وار ۽ مافيا جو ڳڙهه رهيو، بعد ۾ اتان ماڻهن ڪو سڪون ڳولڻ لاءِ مذهبي جماعتن ۾ جاءِ ورتي، جيڪي ڄڻ جهولي کولي ان لاءِ واجهائي رهيون هيون. سنڌ ۾ مجموعي طور پيپلز پارٽي جون سيٽون وڌيون آهن، پر لياري مان پيپلز پارٽي جو هارائڻ گهڻو ڳايو ويندو ۽ تاريخ جو حصو رهندو، واري ڦيري سان جنهن جو طعنو پيپلز پارٽي کي ملندو رهندو. سنڌ ۾ جڏهن جي ڊي اي کي پيپلز پارٽي جي متبادل طور لاٿو ويو ۽ جي ڊي اي صوبائي حڪومت ٺاهڻ بابت ڳالهيون ڪيون ته ان سنڌ جي ماڻهن کي ماڳهين ڊيڄاري وڌو. ڪجهه سرگرم ۽ حقن لاءِ وڙهندڙ ڌريون جي ڊي اي کان ڪاوڙ ڏيکارڻ لاءِ پيپلز پارٽي جون حامي بڻجي ويون. جي ڊي اي پاڻ کي ماڻهن لاءِ نه، پر اليڪٽ ايبلز لاءِ متبادل طور پيش ڪيو. ان جي موٽ به ماڻهن ساڳي انداز سان ڏني ۽ اهو نياپو ڇڏيو ته جي ڊي اي پيپلز پارٽي جو متبادل ناهي. جي ڊي اي جي قيادت ۾ ڪا به سافٽ چهري واري شخصيت نه هُئي.
ڪراچي ۾ آيل چونڊ نتيجا ڪنهن حد تائين توقع جي ابتڙ آيا. خيال هو ته پراڻي ايم ڪيو ايم وارو ووٽ ان جي ڪُک مان جنم وٺندڙ پارٽين جي وچ ۾ ورهائجي ويندو ۽ سيٽن ۾ به ان مطابق ورهاست ٿيندي، پر ٿيو ائين جو ايم ڪيو ايم کان گذريل پنجن سالن ۾ سرعام پهرين بغاوت ڪندڙ گروپ، جنهن پاڻ کي پاڪ سرزمين پارٽي جي شڪل ۾ سامهون آندو، سا پارٽي صاف ٿي ويئي، ڪا به سيٽ نه کڻي سگهي. پيپلز پارٽي، جنهن آخري ڏينهن ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن تي وڏيون رقمون خرچ ڪيون، تنهن کي اميد هئي ته ايم ڪيو ايم ۾ ٿيل ورڇ ۽ نيئن سر ٿيل تڪن جي ڊيزائين ۾ اها قومي جون پنج کان ڇهه سيٽون ۽ صوبائي جون ان جي ٻيڻ تي سيٽون کڻندي- پر ٿيو ائين جو ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي جاءِ نه ان جا مختلف گروهه وٺي سگهيا، نه ئي پيپلز پارٽي ۽ نه وري مذهبي جماعتن جو اتحاد، جنهن ۾ جماعت اسلامي، جعميت علماءِ پاڪستان، ۽ جمعيت علماءِ اسلام به شامل هيون. انهن مان ٻه جماعتون 80ع واري ڏهاڪي کان اڳ ڪراچي جي سياست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهينديون رهيون، بلڪه ٻه ڀيرا مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ جماعت اسلامي پنهنجو اثر ڏيکاريو هو، پر انهن روايتي مذهبي جماعتن کي ڪراچي ۾ سياسي طور جڳهه نه ملي. ٿيو ائين جو تازو ٺهيل ۽ پنجاب ۾ هيڊ ڪوارٽر رکندڙ نوان مذهبي گروپ نروار ٿيا. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي جڳهه تحريڪ انصاف کي ڏني وئي، جنهن جي تشريح ائين پئي ڪئي وڃي ته ان سان ڪراچي محدود حدن جي بدران ملڪ گير ۽ قومي وهڪري واري سياست ۾ شامل ٿي ويو آهي، انڪري اهو سٺو سنئوڻ آهي. ڪراچيءَ ۾ پي ٽي آءِ کي ميل سيٽون انڪري به اهم آهن، جو ان جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ٻئي نمبر تي وڏي پارٽي ٿي ويئي ۽ ائين سنڌ اسيمبلي ۾ اها اپوزيشن جي قيادت ڪندي. ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف واقعي ڪراچي کي محدود سوچ مان ڪڍي ٿي يا ماڳهين پاڻ ان جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
جيئن مٿي ڄاڻايو آهي ته نتيجن مان لڳي ٿو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ نه ٿي آهي پر پوءِ به پارٽي کي اها شڪايت آهي ته چونڊون تڪراري آهن. سو انڪري جو چونڊن جي نتيجن بعد جيڪا وڏي تصوير ٺهي آئي آهي، ان ۾ پيپلز پارٽي جو ڪو رول نه پيو بيهي. اها حڪومت سازي توڙي مخالف ڌر جي اڳواڻي ڪرڻ واري حيثيت وڃائي ويٺي آهي. لڳي ٿو ته ايندڙ وقت جي وڏي تصوير ٺاهيندڙن پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ سيٽون ڏيئي ڇڏيون، جو انهن سيٽن جي مٿي ڪا اهميت نه ٿي رهي. فيصلو ڪندڙ ڌرين جي اصل دلچسپي پنجاب جي نتيجن ۾ هُئي. نتيجا ان جي خواهشن ۽ ضرورت مطابق اچي ويا، ائين پيپلز پارٽي ملڪي سطح تي ٽئين نمبر تي هلي وئي آهي. اصل ۾ 88ع کان پوءِ ملڪ ٻه پارٽي نظام تحت هليو پئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مکيه پارٽيون هيون. باقي ننڍا وڏا گروپ ۽ پارٽيون- پر مشرف دور کان ملڪ اندر ٽن جماعتن وارو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي. مذهبي جماعتن ”ٽئين ڌر“ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جا مرڪزي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا سراج الحق پنهنجون سيٽون به وڃائي ويٺا. ٽه جماعتي نظام جوڙيندڙن  جي ويجهو ايم ايم اي وارو آپشن وڌيڪ فيصله ڪن نه پئي بيٺو، جو اهي پراڻيون پارٽيون هيون، جن جي ڪلهن ۽ پٺن تي ماضي جي رڪارڊ جو پراڻو بار کنيل به هو. ان سان گڏوگڏ اهو ته ملڪ مذهبي جماعتن جي حوالي ڪرڻ سان عالمي طور تي به مسئلا هئا ۽ معاملو وري واپس ٻن جماعتن واري نظام ۾ هليو وڃي ها.
تحريڪ انصاف چونڊون کٽي ته ويئي آهي، پر مرڪز ۾ ان کي حڪومت ٺاهڻ توڙي ان کي مضبوط رکڻ لاءِ به ڊزن کن ميمبرن جي ضرورت پوندي. اڳي سمجهيو پئي ويو ته ايترا آزاد ميمبر چونڊجي ايندا، پر زرداري صاحب جي پيشن گوئي صحيح ثابت نه ٿي ۽ ان ڪري سندس خواهش به پوري نه ٿي ته آزاد اميدوارن سان گڏجي هو حڪومت سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. پيپلز پارٽي نه حڪومت سازي، نه وري حڪومت ڊاهڻ جي پوزيشن ۾ بيهي ٿي. تحريڪ انصاف ان ڳالهه کي ترجيح ڏيندي ته ميمبرن جو باقي گهربل انگ بلوچستان ۽ ڪجهه ٻين ننڍن گروپن يا پارٽين جي ذريعي پورو ڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي، جو ان جي ڊي اي، بلوچستان جي پارٽي ”باپ“ ۽ ٻين کي پنهنجي اڄوڪي پاليسي تقرير ۾ دعوت ڏني آهي. ائين هو پيپلز پارٽي يا ٻي ڪنهن وڏي پارٽي سان سياسي ٺاهه ڪرڻ کان بچي ويو آهي. جيڪڏهن هو پيپلز پارٽي سان ٺاهه ڪري ٿو ته هڪ ته هميشه ايڏي وڏي انگ وارن ميمبرن جي کيس محتاجي رهندي. ٻيو اهو ته اهڙي وڏي پارٽي هن جي پاليسين ۽ فيصلن تي به اثرانداز ٿيندي، ڇاڪاڻ جو وڏي پارٽي جون فرمائشون به وڏيون هونديون آهن. ننڍي پارٽي ۽ ننڍن گروپن جا مفاد به ننڍا ۽ فرمائشون به ڪي وڏيون نه هونديون آهن. ان ڪري انهن کي منهن ڏيڻ به سولو ٿيندو آهي. ”نئين پاڪستان“ جي عملي شڪل جو هڪ ٻيو پاسو به آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي، پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ کي سرسي آهي. 2013ع جي چونڊن ۾ به صوبن جي حد تائين ايئن هو. بلوچستان ۾ اڳي نواز ليگ بلوچ قوم پرستن جي هڪ ڌر سان گڏجي حڪومت ٺاهي. ساڳي صورتحال هن صوبي ۾ هاڻي به بيهندي. رڳو حاصل بزنجو ۽ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جي جاءِ تي سردار اختر مينگل هوندو.
سياسي نقشي جي نئين شڪل ڪجهه هن ريت بيهي ٿي ته تحريڪ انصاف وٽ وفاقي حڪومت ۽ سرحد جي صوبائي حڪومت هوندي، پر اها پارٽي ٻن صوبن پنجاب ۽ سنڌ ۾ اپوزيشن ۾ هوندي. نواز ليگ وٽ پنجاب جي حڪومت ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو عهدو هوندو. پيپلز پارٽي وٽ سنڌ حڪومت ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو هوندو. اڄ جڏهن هڪ دوست سان بحث دوران مون اها ڳالهه ڪئي ته هن اهڙي نقشي جي تشريح ماڳهين هن ريت ڪئي ته وفاق ۽ خيبر پختوخوا ۾ پختون رنگ بيهندو، ڇاڪاڻ جو نواز ليگ جي حڪومت جو مطلب پنجاب جي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي حڪومت مان مراد سنڌين جي حڪومت سمجهيو ٿي ويو. اها ڳالهه مون کي عمران خان جي اڄوڪي ٽي وي واري خطاب جي موقعي تي عجيب لڳي، جڏهن هن چيو ته اسين افغانستان واري سرحد کليل رکنداسين.
ڀُٽي کان وٺي محترمه تائين پيپلز پارٽي جي حڪومتن کي سنڌ ۽ پنجاب جي اتحاد ۽ اقتدار ۾ شراڪت داري جو نالو پئي ڏنو ويو. هن ڀيري خيبر پختونخوا وٽ ڪيڪ جو وڌيڪ حصو پيو اچي. اهو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيو ٿئي. بقول اسان جي دوست اسلم خواجه جي جيڪڏهن حڪومت پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي گڏيل طريقي سان ٺهي ها ته خيبر پختونخوا مان هوتي وزيراعظم ٿئي ها، جيڪڏهن معاملو مولوين ڏانهن سياسي ڦيرو کائي ها ته مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هجي ها.
تحريڪ انصاف جيڪڏهن وڌيڪ اقتدار جي حوس ۾ اچي ڪجهه آزاد ميمبرن کي ملائي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهي، نواز ليگ کي آئوٽ ٿي ڪري ته اهو ڪو سٺو فيصلو نه هوندو. پنجاب صوبي توڙي وفاق ٻنهي ۾ اپوزيشن ۾ ٿي ويندي. بينظير ڀٽو اهڙو تجربو ڪيو هو. اهو دليل ڏئي سگهجي ٿو ته تحريڪ انصاف هاڻي پنجاب جي پارٽي ٿي وئي آهي، پر ڇا پنجاب ان کي دل سان قبول ڪندو؟ يا ان سان پيپلز پارٽي جهڙو سلوڪ ڪندو؟ هاڻي ان جو سمورو دارومدار عمران خان تي آهي ته هو اقتدار جي ڪيڪ جي تقسيم ڪهڙي ريت ٿو ڪري؟ اڪيلي سر حڪومت ڪرڻ يا وڌ ۾ وڌ اختيارن جي خواهش ٿو رکي يا شراڪت جي فارمولا کي اڳتي ٿو واڌئي؟ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ کي حڪومت جو ٺاهڻ جو موقعو ڏئي، اتي چيڪ اينڊ بيلنس لاءِ تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ موجود آهي. عمران خان وٽ اها ئي پوانٽ آهي، جو خيبر پختونخوا ۾ نواز ليگ اپوزيشن ۾ ناهي جيڪا صوبي ۾ ان جو چيڪ اينڊ بلينس رکي.
انهن نتيجن جي هڪ شرط اها به آهي ته سنڌ ۽ پنجاب وري به پنهنجي روايتي سياست تي آهن. عمران خان جي حڪومت جي سياسي طور مخالفت موجود آهي ۽ عددي لحاظ کان ڪمزور حال هوندي ان کي ٻين وڏين پارٽين جي سينيئر پارليامينٽرين کي منهن ڏيڻو آهي. جيڪڏهن ان سنڌ يا پنجاب ۾ ڪا غلطي ڪئي ته اقتدار کي ڌڪ لڳي سگهي ٿو.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/27%20Jul%202018.htm

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home