Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, February 02, 2019

ايندڙ مالياتي ايوارڊ: خدشا ۽ اميدون!


ايندڙ مالياتي ايوارڊ: خدشا ۽ اميدون!


ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ملڪ جي موجوده مالي ۽ سياسي صورتحال ۽ بااثر حلقن طرفان نئين مالياتي ايوارڊ تي تحفظات جي ڪري وڏي اهميت وارو آهي. هڪ پاسي انديشو ڏيکاريو پيو وڃي ته ارڙهين ترميم ۽ ستين ايوارڊ ذريعي پاڪستان ۾ جيڪو مالي ۽ سياسي توازن پيدا ٿيو آهي، تنهن ۾ ڪو بگاڙ نه اچي وڃي. ڪابينا جا ڪجهه وزير ارڙهين ترميم ۾ ڪجهه تبديلين جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته شاهه محمود قريشي ۽ ڪجهه ٻيا ان ترميم کي تبديل نه ڪرڻ جي ڳالهه پيا ڪن.
مالياتي ايوارڊ رڳو چئن صوبن ۽ وفاق جي وچ جو معاملو ناهي، بلڪه ان جو ٻيو پاسو وفاق کي حصو ڏيڻ کانپوءِ جيڪا رقم بچي ٿي، ان جي صوبن جي وچ ۾ ورهاست جو معاملو به آهي. صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ سبب مالي وسيلا ئي ڪنهن صوبي يا علائقي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو ڪارڻ ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي ته ماضي ۾ بنگال ۽ ان کانپوءِ باقي بچيل پاڪستان ۾ ٽيئي ننڍا صوبا مالي وسيلن جي ورهاست ۽ اختيارن لاءِ جهيڙيندا رهيا آهن ۽ صوبائي خودمختياري جو مطالبو ڪندا رهيا آهن.
ماضي ۾ صوبن کي گهٽ حصو ملڻ ڪري اهي وفاق جي رحم ڪرم تي رهيا، ان صورتحال ۾ ستين مالي ايوارڊ ذريعي ڪنهن حد تائين توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان ايوارڊ ۾ هڪ پاسي صوبن جو حصو وڌايو ويو، ٻئي طرف ان حصي کي آئيني تحفظ ڏنو ويو ته آئيني ترميم بنا صوبن جو حصو گهٽائي نٿو سگهجي. اهو ايوارڊ جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ آيو پر ان وقت ملڪ جي ٻي وڏي پارٽي مسلم ليگ نواز اپوزيشن ۽ پنجاب ۾ حڪومت ۾ هئي. ان ڪري اهو ايوارڊ وڏي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ٺاهيو ويو هو، ان ايوارڊ کانپوءِ آءِ ايم ايف ۽ اسٽيبلشمينٽ صوبن کي ايڏي وڏي رقم ڏيڻ تي سواليه نشان وجهندي رهي آهي. عالمي اداري سال کن اڳ هن ايوارڊ ۾ وڏي پيماني تي تبديلين لاءِ چيو. ڇاڪاڻ جو ان جو خيال آهي ته وفاق جا خرچ پورا نه پيا ٿين. آءِ ايم ايف جي مشوري جا ٽي نقطا اهم آهن. (1) گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ماتحت ٽيڪنوڪريٽس جي هڪ ڪائونسل جوڙي وڃي، جيڪا صوبن هٿان ٿيندڙ خرچ تي نظر رکي. (2) وفاق ۽ صوبا گڏيل نگراني ۾ مستقل ڪانٽيجنسي فنڊ قائم ڪن، جيڪو ضرورت پوڻ تي وفاق يا صوبا استعمال ڪري سگهن. (3) صوبن ۽ وفاق جي دائري ۾ ايندڙ کاتن ۾ وڌيڪ ٽيڪس هڻڻ لاءِ سفارشون جوڙيون وڃن.
آءِ ايم ايف جا اهي ٽئي شرط صوبن کي ملندڙ وسيلن ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا ۽ ان تي وفاق جو اختيار وڌائين ٿا. آءِ ايم ايف جي پاڪستان جي مالي حالتن تي نظر هڪ واپاري واري آهي، جنهن نظر سان هو هڪ گراهڪ کي ڏسندو آهي. پاڪستان اڄ به عالمي مالياتي اداري جو اربين رپين جو قرضي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به هو ان کان قرض وٺندو. ان ڪري آءِ ايم ايف کي پاڪستان جي عوام يا صوبن جي مفاد جي بدران پنهنجي قرض ۽ ان تي ملندڙ وياج سان دلچسپي آهي.
موجوده مالي ايوارڊ جنهن کي صوبن جي حق ۾ قرار ڏنو پيو وڃي، ان جو جهڪاءُ به ننڍن صوبن ڏي گهٽ آهي، ڇاڪاڻ جو وفاق کي42.5 سيڪڙو ڏيڻ کانپوءِ باقي بچيل 57.5 سيڪڙو صوبن ۾ ورهايو ويندو آهي. انهي باقي بچيل حصي مان پنجاب کي 51.7، سنڌ کي 24.55، خيبر پختونخواهه کي 14.62 ۽ بلوچستان کي 9.09 سيڪڙو حصو ملي ٿو. هن فارمولا تحت صوبن جي وچ ۾ مالي وسيلن جي ورهاست جو وڏو بنياد آبادي آهي ۽ 82 سيڪڙو وسيلا انهي بنياد تي ورهايا ويندا آهن. سنڌ کي جيتوڻيڪ هن فارمولا مان ڪجهه فائدو مليو آهي پر ان باوجود سنڌ سمجهي ٿو ته هو قومي خزاني ۾ 70 سيڪڙو آمدني ڏئي ٿو پر کيس مشڪل سان 24 سيڪڙو ملي ٿو.
موجوده حالتن ۾ مالياتي ايوارڊ جي حوالي سان بظاهر سنڌ جو ڪردار وڌيڪ نظر اچي ٿو، ان جو هڪ سبب سنڌ مان وفاقي خزاني ۾ جهجهو حصو ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو به آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ وفاق ۾ اها اپوزيشن جي اهم پارٽي آهي. سنڌ قدرتي گيس، تيل جي پيداوار وڌيڪ ڏي ٿو ۽ سيلز ٽيڪس جي وصولي به هن صوبي مان وڌيڪ آهي. تحريڪ انصاف جي وفاق سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه، پنجاب ۾ حڪومت آهي، اها بلوچستان ۾ به حڪومت ۾ شامل آهي. تحريڪ انصاف جو بنيادي طرح ننڍن صوبن ڏي جهڪاءُ ڪونهي.
وفاق جو موقف آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ چارئي صوبا ايڊجسٽمينٽ ڪن. وفاق جي نئين رٿ موجب صوبن جو حصو گهٽايو ويندو ۽ فاٽا کي 3 سيڪڙو ڏنو ويندو.وفاق جي انهي موقف تي سنڌ طرفان سرڪاري طرح سخت موقف آيو. سنڌ اسيمبلي يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪري مطالبو ڪيو آهي ته مالي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽايو نه وڃي. گذريل نومبر ۾ خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي خزاني واري وزير تيمور سليم جهگڙا چيو هو ته ڪي پي ڪي حڪومت صوبن جو حصو گهٽائڻ جي حق ۾ ناهي پر سنڌ فاٽا لاءِ ان جي مدد ڪري. بلوچستان جي موجوده اسيمبلي به آڪٽوبر ۾ يڪراءِ ٺهراءُ ذريعي مطالبو ڪيو هو ته نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ غربت، پسماندگي، قدرتي وسيلن، سامونڊي پٽيءَ جي ترقي کي وسيلن جي ورهاست جو بنياد بڻايو وڃي.
مطلب ملڪ جي چئن صوبن مان ٻن صوبن جي اسيمبلين يڪراءِ طور اين ايف سي ايوارڊ کي صوبن جي حق ۾ وڌيڪ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ سوشل سيڪٽر جڏهن مڪمل طور تي صوبن جي حوالي آهي تڏهن ان کي وسيلا به وڌيڪ ڏيڻ گهرجن. ساڳئي وقت جيڪو صوبو وڌيڪ وسيلا ۽ آمدني ڏئي ٿو، ان کي ان حساب سان حصو ڏنو وڃي، جيڪڏهن ايئن نٿو ڪيو وڃي ته پوءِ وڌيڪ بدگمانيون پيدا ٿينديون.

https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%D8%A7%D9%8A%D9%86%D8%AF%DA%99-%D9%85%D8%A7%D9%84%D9%8A%D8%A7%D8%AA%D9%8A-%D8%A7%D9%8A%D9%88%D8%A7%D8%B1%DA%8A-%D8%AE%D8%AF%D8%B4%D8%A7-%DB%BD-%D8%A7%D9%85%D9%8A%D8%AF%D9%88%D9%86/

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home