Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, December 24, 2018

سنڌ جو پاڻي ڪيس ڦٽائڻ جون ڪوششون

سياري شروع ٿيڻ سان جيئن دريائي وهڪرا گهٽيا آهن، پاڻي جي کوٽ ويتر وڌي وئي آهي، اهڙي کوٽ هميشه پڇڙي واري صوبي يعني سنڌ کي ڀوڳڻي پوندي آهي، اهو ورجاءُ هن ڀيري به ٿيندو. سنڌ جي ٽنهي بئراجن ۾ گذريل ٽن مهينن کان پاڻي جي کوٽ رهندي اچي، اها صورتحال تڏهن به هئي جڏهن برف ڳري پئي ۽ دريائي وهڪرا بهتر هئا، پر هن پڇڙي واري صوبي کي تڏهن به پاڻي لاءِ سڪايو ويو.

پاڪستان ۾ پاڻي جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ پيچيده ٿيندو پيو وڃي، ان جي انصاف ڀرئي حل لاءِ ڪوششون نه پيون ورتيون وڃن، جيتوڻيڪ ان مقصد لاءِ 91ع وارو پاڻي ٺاهه فريم ورڪ طور موجود آهي، پر ان ٺاهه تي ڪنهن هڪ ڏينهن به عمل نه ڪيو ويو. پهرين مختلف آنا بهانا ڏئي ان تي عمل ڪرڻ کان گوٿ ناٿ ڪئي وئي، پوءِ جڏهن بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ غلام مصطفيٰ کر وٽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت آئي ته هن 91ع واري ٺاهه کي اورانگهي تاريخي استعمال جو فارمولا پيش ڪيو، ان بعد اهو ٺاهه ڪنڊائتو ٿي ويو ۽ کر فارمولا لاڳو ٿي ويو، جنهن تي گذريل ٻن ڏهاڪن کان عمل ٿي رهيو آهي. هن کر فارمولا جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، جڏهن ته پاڻي واري ٺاهه کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ڪري آئيني حيثيت مليل آهي، جيڪڏهن پاڻي واري ٺاهه ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کان مٿڀرا ٿي فيصلا ڪيا وڃن ٿا ته اهي رڳو انتظامي نوعيت جا ته ٿي سگهن ٿا پر انهن فيصلن جي ڪابه آئيني يا قانوني حيثيت ڪونه ٿي بيهي.

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو پنجاب پاڻي جي حوالي سان ٺاهه ڪري ڦري ويو هجي، هن کان اڳ 1935ع ۽ 1945ع ۾ به مختلف ٺاهن کان ڦري ويو. ماضي جي ڀيٽ ۾ پهريو ڀيرو سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي تڪرار 1901ع برطانوي دور ۾ ٿيو هو.  انڊين ايريگيشن ڪميشن سنڌ جي اڳواٽ منظوري بنا سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻڻ جي منع ڪري ڇڏي. ساڳئي طرح 1919ع ۾ انڊيا جي برطانوي حڪومت ۾ سر آرٿر جي ڪميٽي واري رپورٽ ۾ به پنجاب کي سنڌ مان پاڻي کڻڻ جي اجازت نه ڏني وئي، بلڪه اها هدايت ڪئي وئي ته جيستائين سکر بيراج ٺهي ان ذريعي توڙي هونئن سنڌ جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ٿين، تنهن بعد سوچيو ويندو، 1925ع ۾ وائسراءِ لارڊ ريڊنگ پنجاب جي ٿل ڪئنال لاءِ درخواست ان بنياد تي رد ڪري ڇڏي ته ان کان هيٺ وارو سنڌ جو علائقو متاثر ٿيندو. 1945ع ۾ رائو ڪميشن سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه نالي سان ٺاهيو، پر 1947 وارو ورهاڱو هن ٺاهه تي اثر انداز ٿيو، ڇاڪاڻ جو پنجاب سان واسطو رکندڙ هيڊ ورڪس ورهائجي ويا، اُتان پنجاب کي جيڪو نقصان ٿيو ان جي پورائي لاءِ پنجاب بانبڻ والا راوي بيديان لنڪ ڪئنال سنڌ جي اجازت بنا کوٽيو، جيڪو 45ع واري پاڻي جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي هو.

60ع واري ڏهاڪي ۾ پنجاب عالمي بينڪ ۽ ٻين ادارن جي مدد سان پنهنجو پاڻي جو نظام سڌارڻ لاءِ جهجها پئسا ورتا، پر پوءِ به ان جون اکيون سنڌو جي پاڻي تي کتل رهيون. سٺ واري ڏهاڪي جي اختر حسين ڪميٽي، ستر واري ڏهاڪي ۾ فضل اڪبر ڪميٽي جي فيصلن کي نه مڃيو ويو، تان جو نواز شريف 91ع ۾ اچي پاڻي جو ٺاهه ڪرايو، اهو ٺاهه پنجاب جي مقبول حڪومت ۽ سنڌ جي غير مقبول حڪومت جي ڌرين ۾ ٿيو، پر پنجاب ان ٺاهه تان ڦري ويو. ايتري قدر جو هاڻي هو کر فارمولا کان به وڌيڪ پاڻي گهري رهيو آهي.
سنڌ ۾ هيل برساتون نه پوڻ ڪري زراعت کي وڏو هاڃو رسيو آهي، رهيل ڪسر وري ڪمند جي وقت سر ڪٽائي نه ٿيڻ پوري ڪري ڇڏي آهي. هاڻي جڏهن ڪڻڪ پوکڻ جي مند آئي ته پاڻي ئي ڪونهي، مٿان وري ڪوٽڙي ۽ سکر بيراجن جي صفائي ۽ سار سنڀال لاءِ وارا بندي هڪ ٻن ڏينهن ۾ شروع ٿيڻ واري آهي.
پاڻي واري تڪرار ۾ هڪ نئون عنصر بلوچستان جي شڪايت جي روپ ۾ شامل ٿيو آهي، بلوچستان جي شڪايت تي ارسا سنڌ حڪومت کي خط لکيو آهي ته اهو سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏئي. زميني حقيقت اها آهي ته سنڌ کي هن موسم ۾ پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي پيو ملي، پر ان هوندي به ارسا ۽ وفاق جي فرمائش تي گڊو وٽان 1320ڪيوسڪ ۽ سکر وٽان کير ٿر ڪئنال ذريعي 500 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، ائين سنڌ بلوچستان کي پاڻي واري ٺاهه جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 29 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي ڏئي رهيو آهي، اصل ۾ ارسا جي اها اٽڪل بازي آهي، جنهن جا 2 مقصد آهن، هڪ اهو ته سنڌ جي پاڻي جي ڪيس کي ڪمزور ڪجي، ٻيو اهو ته سنڌ ۽ بلوچستان جيڪي سياسي، ثقافتي توڙي سماجي حوالي سان گڏ رهيا آهن، انهن جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪري. اها پراڻي “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” واري حڪمت عملي آهي.
اسين ارسا توڙي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪنداسين ته پاڻي جي ورهاست لاءِ اٽڪل بازين بدران اڳ موجود قانوني فريم ورڪ تي عمل ڪري سنڌ جي زراعت کي وڌيڪ پوئتي ڌڪي ٻهراڙين کي وڌيڪ غربت جي جهنم ۾ اڇلائڻ کان پاسو ڪري. سنڌ حڪومت تي زور ڀريون ٿا ته اها بلوچستان جي شڪايت بابت حقيقتون سامهون آڻي پنهنجا هٿ صاف ڪري ته جيئن سنڌ جي پاڻي واري ڪيس توڙي ٻنهي صوبن جي ڀائرن جهڙن رشتن تي پوندو ڇنڊ ڌوپجي سگهن

https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%D8%B3%D9%86%DA%8C-%D8%AC%D9%88-%D9%BE%D8%A7%DA%BB%D9%8A-%DA%AA%D9%8A%D8%B3-%DA%A6%D9%BD%D8%A7%D8%A6%DA%BB-%D8%AC%D9%88%D9%86-%DA%AA%D9%88%D8%B4%D8%B4%D9%88%D9%86/

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home