Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Tuesday, December 25, 2018

نواز شريف کي سزا مٿس ”هلڪو هٿ“ ته ناهي؟

نواز شريف کي سزا مٿس ”هلڪو هٿ“ ته ناهي؟

هاڻي نواز شريف خلاف مبينه ڪرپشن جي ٽنهي ڪيسن جو  فيصلو ٿي ويو، اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي احتساب عدالت مان العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ آيل قيد ۽ ڏنڊ جي سزا غير متوقع نه هئي. عدالت ۾ ساڳئي وقت تي فليگ شپ ريفرنس به هلندڙ هو، جنهن مان کيس بري ڪيو ويو آهي، ايون فيلڊ فليٽس جي ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي ڏنل ڏهه سالن واري سزا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان معطلي، ساڳئي وقت مريم نواز جي بري ٿي وڃڻ ۽ نواز شريف جي سياسي طور غير سرگرم ٿيڻ تي سياسي طور تي کوڙ ڳالهيون پئي هليون ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪو ٺاهه ٿي ويو آهي، پر سومر ڏينهن واري فيصلي ۾ آيل سزا ڪنهن حد تائين اهڙي ڪنهن ٺاهه جي ترديد ڪري ٿي. پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته انهن ٻن ريفرنسز بابت فيصلي جي اها وضاحت ڪڍي پئي ته نواز شريف تي ڪنهن حد تائين هٿ هلڪو رکيو ويو آهي، جو هڪ ريفرنس ۾ کيس آجو قرار ڏنو ويو آهي، ٻئي ڪيس ۾ ست سال قيد جي سزا آئي آهي. جيڪڏهن فليگ شپ ڪيس ۾ به سزا ڏني وڃي ها ته عملي طرح ڪو گهڻو فرق نه پوي ها. جيل جي مدت ساڳي رهي آهي. عدالت نواز شريف جي اها درخواست به منظور ڪئي ته کيس اڊيالا جيل راولپنڊي جي بدران ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ رکيو وڃي.
نواز شريف تي هلڪو هٿ رکڻ جي تشريح ڪندڙن جو خيال آهي ته ان ۾ ٺاهه کان وڌيڪ ان ڳالهه جو تعلق آهي ته اسٽيبلشمينٽ نواز شريف جو ڪم لاهڻ کانپوءِ آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي کي پڄڻ گهري ٿي. ان ڪري اهي نواز شريف واري ڌر کي رعايت ڏئي رهيا آهن پر هتي اها ڳالهه اهم آهي ته خود پنجاب ۽ ڪنهن حد تائين اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه حلقن ۾ اها ڳالهه محسوس ڪئي پئي وڃي ته ساڻس ايتري جُٺ نه ڪرڻ گهرجي. اهڙيون معنائون ڳوليندڙ وزير اعظم عمران خان جي لڳاتار انهن بيانن جو حوالو ڏيڻ جنهن ۾ هن چيو هو ته ڪنهن سان گهٽ نه ٿيندي، ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، وغير وغيره، وزير اعظم جا اهي بيان شايد نواز شريف جي حمايتي ڪمزور لابي کي جواب طور هئا.
جيئن حڪومت اپوزيشن جي ٻن وڏين پارٽين پٺيان لٺ کڻي پئي آهي، ان مان لڳي ٿو ته اها هر حال ۾ ٻنهي پارٽين کي انهن جي مکيه ليڊر شپ آصف زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف کان خالي ڪرڻ گهري ٿي. پوري ڪوشش آهي ته اهي ڪنهن طرح سان سياست مان آئوٽ ٿين.
تحريڪ انصاف ۽ ڌر ڌڻين جي انهي حملي کان بچڻ  لاءِ اهي ٻئي جماعتون هڪٻئي کي ويجهو اچي رهيون آهن ته جيئن حڪومت تي پنهنجي بقاءَ لاءِ دٻاءُ وجهي سگهن، پر ٻنهي پارٽين جي اندر رڳو پاڻ بچائڻ ۽ ڊپ سبب گڏيل اپوزيشن وارو سپنو ساڀيان نه ٿي سگهيو آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو اهي جماعتون متحد نٿيون ٿي سگهن. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته وڏيون ڌريون واري ڦيري سان انهن پارٽين تي دٻاءُ وجهڻ ۽ ڪي ٻيون اٽڪلون ڳولين جو اهي متحد نه ٿي سگهن.
سوال اهو آهي ته ٻئي جماعتون احتجاج ڇو ڪري رهيون آهن؟ حڪومت جي سمورين وضاحتن باوجود ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ملڪ ۾ جاري احتسابي عمل ”سليڪٽو“ آهي. جيئن ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ گذريل هڪ ڏهاڪي کان حڪومت ۾ رهيون آهن، تنهن ڪري احتساب انهن جو ٿيندو، جن وٽ سرڪاري عهدا هئا پر زميني حقيقتون احتساب کي سياسي مقصدن کان خالي نه ٿيون سمجهن.
هڪ رپورٽ موجب ڪل 79 سياستدانن خلاف احتساب لاءِ ڪيس، جاچ ۽ انڪوائريون هلندڙ آهن، انهن ۾ سڀ کان وڏو تعداد يعني 37 سيڪڙو پيپلز پارٽي، ٻاويهه کان پنجويهه سيڪڙو تائين نواز ليگ ۽ ڏهه کان تيرهن سيڪڙو تائين تحريڪ انصاف جا ماڻهو آهن، جڏهن ته نيب وارا رڳو نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي وارن جي خلاف جاچ ڪن ٿا ته انهن پارٽين جو اهو چوڻ درست ٿو لڳي ته احتساب جو عمل يڪسان ۽ سڀني سان ساڳي طريقي جو نه پيو ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي نفيسه شاهه چوي ٿي ته سڀني جو احتساب قبول آهي، پر انتقام جي مزاحمت ڪنداسين، عمران کي گهرجي ته هو پنهنجي ڀيڻ عليمه خان ۽ جهانگير ترين کي به احتساب لاءِ پيش ڪري، جيڪڏهن واقعي اڻ ڌريي يا بي رحم احتساب جو تاثر ڏنو ٿو وڃي ته موجوده حڪمران جماعت وارن کي به کنيو وڃي. ايئن نه ڪرڻ جي صورت ۾ وزيراعظم عمران خان تي حڪومت ۽ نيب جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ جو الزام اچي ٿو وڃي.
ياد رهي ته حڪومت جون واڳون سنڀالڻ واري ڏينهن تي وزيراعظم عمران خان سخت رويو رکڻ جو اظهار ڪندي چيو هو ته ايف آءِ اي ۽ وزارت داخلا وٽس ئي رهندا. ”اهي کاتا “ پاڻ وٽ ان لاءِ پيو رکان جو ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جي پاڻ نگراني ڪرڻ گهران ٿو ۽ مني لانڊرنگ جي جاچ جي پيش رفت پاڻ ڏسڻ گهران ٿو، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي عدالت سڳوري سندس مدد لاءِ اچي پهتي.
اهم ڳالهه اها آهي ته سسٽم عمران خان جي حمايت ۾ بيٺل آهي، اهو نواز شريف ۽ آصف زرداري جي حق ۾ ناهي، هاڻي نواز شريف کي ته سزا اچي وئي پر آصف زرداري خلاف ڪرپشن جا الزام، ڪيس ۽ جاچ جي تلوار لٽڪيل آهي. وزيراعظم جو خاص مددگار نعيم الحق چوي ٿو ته جي آءِ ٽي رپورٽ بعد ڪرپٽ حڪمرانن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ تائين ان نظام مان ڇوٽڪارو نٿو حاصل ڪري سگهجي. سڌ سماءَ وارو وزير چوڌري فواد چوي ٿو ته ”آصف زرداري ۽ نواز شريف جي سياست ختم ٿي چڪي آهي“ حڪومت چاهي ٿي ته اهي ٻئي اڳواڻ يا سياست کان پري ٿي وڃن يا وري ايترو ٻارڻ ٻاريو وڃي جو پاڻ ئي سياست کان رٽائر ٿي وڃن. آصف زرداري جڏهن ڪجهه ادارن جي سربراهن جي نالي اڻ سڌي طرح ٽن سالن جي مدت واري ڳالهه ڪري ٿو ته لڳي ٿو ته هو سياستدانن کي ڏنل اهڙي ريٽائرمينٽ واري ”آڇ“ جو جواب ڏئي رهيو هجي ٿو.
جيستائين نواز شريف کي ڏنل سزا جو تعلق آهي ته مريم نواز جنهن ٽن مهينن جي چپ جو روزو ٻه ڏينهن اڳ کوليو هو، تنهن ٽوئيٽ ذريعي ردعمل ڏنو آهي ته“انڪوائري انتقام جي آخري هڏڪي آهي، هڪ ئي شخص کي چوٿون ڀيرو سزا ڏني وئي آهي.“ مسلم ليگ نواز هن سزا تي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو آهي. اسلام آباد ۾ پوليس کي اڄ ڳوڙها آڻيندڙ گيس وهائڻي پئي. عدالتي فيصلي کان هڪ ڏينهن اڳ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿي هئي. ملاقات ۾ اها گڏيل راءِ بيٺي ته جيڪو به فيصلو آيو ان حوالي سان قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو. فيصلي خلاف پارليمينٽ اندر احتجاج ڪيو ويندو. نواز ليگ، چيف جسٽس ثاقب نثار جي ايندڙ  ڏينهن ۾ ريٽائرمينٽ بعد عدليه ۾ ايندڙ تبديلين کي به پرکڻ گهري ٿي ته اهو به سمجهي ٿي ته ان سان جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي چڪو هاڻ ٻي سنگت يعني پيپلز پارٽي سان ڇا ٿو ٿئي ۽ اها ڇا ٿي ڪري، ان مطالبق قدم کڻبو.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home