Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Thursday, April 04, 2019

نئين سياسي صف بنديءَ جا اشارا!


هڪ نئين سياسي صف بنديءَ جا اشارا!


تيل، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ مهانگائي جو اهڙو طوفان آڻي ڇڏيو آهي، جنهن بعد ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن کان وٺي عام واهپي جي بنيادي شين تائين ڪنهن به شيءِ جو نه ڪو مقرر اگهه رهيو آهي ۽ نه ئي وري ان تي ڪو چيڪ اينڊ بيلنس. غريب طبقو ته هونئن ڪنهن جي ليکي ۾ ئي نه هو، پر اهي نوان اگهه ۽ مهانگائي وچولي طبقي جي مختلف پرتن تي سڌي طرح اثر وجهي رهي آهي. تحريڪ انصاف وچولي طبقي کي هرکائيندڙ نعرن سان مقبوليت ماڻي هئي، اهو طبقو ان کان پري ڌڪجي رهيو آهي. روڊن جي سياست ۾ هن طبقي جو اهم ڪردار هوندو آهي، ان ڪري هرڪا حڪومت ماڻهن ۾ پنهنجي مڃتا رکڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هن طبقي کي سهولت ڏيندي رهي آهي. توانائي واري شعبي جي انهن اسمن جي اگهن ۾ واڌ جي پويان عالمي مارڪيٽ هجي نه هجي پر انهن شعبن سان واڳيل ڪمپنيون ۽ آءِ ايم ايف جو دٻاءُ ضرور موجود آهي. واسطيدار ڪمپنين جي نفعي ۾ واڌ يا وري سرڪاري شعبي ۾ هلندڙ ادارن جي خساري جو بار عوام تي وڌو ويو آهي، ساڳئي وقت حڪومت جو به ان قدم ۾ گهرو مالي مفاد موجود آهي. ايف بي آر مقرر حد تائين وصولي ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، نتيجي ۾ حڪومت جو مالي خسارو وڌي ويو. اهو خسارو ڪيئن پورو ڪجي؟ ٻيو ڪو رستو ڪونه هو، واحد رستو توانائي جي شعبي جا اگهه وڌائڻ هو، جنهن ۾ توانائي واري شعبي سان واسطو رکندڙ سرڪاري ادارن جي آمدني وڌندي، ساڳئي وقت بجلي، گئس ۽ تيل وغيره تي لاڳو ڪيل ٽيڪس جي ذريعي سڌي طرح حڪومت جي آمدني به وڌندي. هي حڪومت جي جارحاڻي اقتصادي پاليسي آهي، پر ان جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ پهرين ڌڪ ۾ عام ماڻهو يا وچولو طبقو متاثر ٿئي ٿو. پر ٽن ڇهن مهينن جي مدت کانپوءِ ان جو اثر واپارين ۽ ڪارخانيدارن تي ظاهر ٿيندو، ڇاڪاڻ جو عام ماڻهو توڙي وچولي طبقي وٽ ڄڻ صرف کاڌ خوراڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ پئسو هوندو، هو ٻي ڪا به خريداري ڪري نه سگهندو، جنهن سبب ننڍا ننڍا پيداواري سيڪٽر متاثر ٿيندا ۽ هڪ اڻ کٽ معاشي ڪساد بازاري جو سلسلو شروع ٿي ويندو، جنهن جا خاص اهڃاڻ گهٽ پيداوار ۽ غير معياري پيداوار تي وڃي بيهندا.
جهجهي لفاظي ۽ کُهري زبان استعمال ڪرڻ جي باوجود هڪ ڳالهه ماڻهو سمجهن ٿا ته احتساب جو دهل هاڻي وڌيڪ وقت وڄي ڪونه سگهندو، ڇاڪاڻ جو نواز ليگ کي هڪ حد تائين رعايت يا سهولت ملي چڪي آهي، آصف علي زرداري به پاڻ کي اهڙي رعايت جو مستحق سمجهي ٿو، مٿان وري جنرل مشرف ۾ وڃي هٿ پيا آهن. جيڪڏهن مشرف کي سهولت ملي سگهي ٿي ته نواز شريف ۽ زرداري کي ڇو نه؟ پاڻ به شايد ڪنهن هڪ نقطي تي متفق ناهن، اهو ئي سبب آهي ته عمران خان کي سماجي ڀلائي واري پروگرام جو اعلان ڪرڻو پيو، روٽي ڪپڙا اور مڪان سان گڏ صحت وارن اسمن کي به آئين ۾ ضمانت ڏيڻ جي ڳالهه ڪرڻي پئي، احتساب جي دهل مان هوا نڪرڻ بعد حڪومت پنهنجي جواز طور اهو نعرو ڏنو آهي.
حڪومت جي سياسي اڪيلائپ اڳي کان اڳري آهي، سندن اتحادي به پري بيٺل آهن، وزيراعظم عمران خان نوان اتحادي ٺاهڻ جي بدران گڏيل حڪومت جي حامين کي به پاڻ سان گڏ نه پيو بيهاري سگهي. نه فيصلي سازي ۾ ساڻن ڪا صلاح ڪئي ٿي وڃي ۽ نه وري اعتماد ۾ ورتو ٿو وڃي. سياسي جماعتون ته ڇڏيو مذهبي جماعتن سان به وڇوٽيون وڌي ويون آهن. احتساب جي عمل بيوروڪريسي کي به ڊيڄاري ڇڏيو آهي، اها جيئن جو تيئن حڪومتي فيصلن تي عمل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، ان جا ڪيترائي واقعا هر هفتي سامهون اچي رهيا آهن. مشرف دور ۾ سياسي مڪينزم ۾ وڪيلن جي ڌر جو اضافو ٿيو هو، جنهن کي چوڌري افتخار محمد کان وٺي ثاقب نثار تائين سياسي توڙي حڪومت ۽ معاشري ۾ وڏي مڃتا مليل هئي، اهو سمجهي ٿو ته سندن اهو شان ۽ دٻدٻو گهٽجي رهيو آهي، اهو به ميدان ۾ لهڻ لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي. ميڊيا بابت حڪومت جي پاليسين هن اهم شعبي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، اهو شعبو جيڪو حڪومت تي چيڪ اينڊ بيلنس جو ڪم ڪندو هو يا عوام ۾ آگاهي ۽ سجاڳي جو ڪم ڪندو هو، سو سخت گهوٽالي جو شڪار آهي، نتيجي ۾ شهري آزاديون ۽ اظهار راءِ جي آزادي خطري ۾ پئجي رهي آهي، هي شعبو به حڪومت مان بنهه خوش ڪونهي.
هوڏانهن صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ تعلقات به ساراهه جوڳا ناهن. خيبر پختونخواهه، مرڪز ۽ پنجاب صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هجڻ ڪري هڪ حد تائين اطمينان نظر اچي ٿو، پر اهو اطمينان وقتي آهي، اها ڳالهه هي صوبو به محسوس ڪري ٿو. خيبر پختونخوا ۾ پيدا ٿيل بي چيني ۽ احتجاج جون ڪجهه شڪايتون ٻه مهينا اڳ تائين واضح طور تي نظر اچي رهيون هيون، پنجاب ۾ عام ماڻهو پنهنجي پاڻ کي حڪومت ۾ شريڪ نٿو سمجهي، تحريڪ انصاف اندر شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين جي وچ ۾ ٿيل تازي جهيڙي سان هيڪاري ان تضاد جي نئين ڪنڊ ظاهر ٿي وئي آهي.
بلوچستان جي حالتن کي ميڊيا ۾ ڳالهائي نه پيو سگهجي، جيستائين سنڌ جو تعلق آهي ته اهو بظاهر پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ سياسي تضاد جي شڪل ۾ ڏٺو پيو وڃي پر ان ۾ صوبي جي دُوري پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، سنڌ جي سامونڊي پٽي کان 60 ڪلو ميٽر جي پنڌ تي نڪرندڙ تيل ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڦير ڦار مهل هڪ دفعو وري اهو تضاد کليل نموني سامهون ايندو.
اهي سڀ حالتون نئين ۽ سنجيده صف بندي ڏي اشارو ڪن ٿيون، اهڙي صف بندي جنهن ۾ موجوده حڪومت سبب تڪليف ۾ آيل سموريون ڌريون، پارٽيون ۽ طبقا هڪ پاسي ۽ حڪومت ٻئي پاسي وڃي بيهندي، آخر ادارا سڀ ڪجهه ۽ ڪيستائين ٺاهي ڏيندا؟

Polerisation,18th amendment,2019,

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home