Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, March 27, 2019

پ پ جو ٽرين مارچ ڪو سياسي پيغام ڏئي سگهندو؟



پ پ جو ٽرين مارچ ڪو سياسي پيغام ڏئي سگهندو؟


پيپلز پارٽي احتجاج ۾ داخل ٿي چڪي آهي. پهرين جهلڪ راولپنڊي ۾ نظر آئي جڏهن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيءُ سان گڏ نيب آڏو پيش ٿيو. ٻي جهلڪ 26 مارچ تي حيدرآباد کان لاڙڪاڻي تائين ٽرين مارچ جي موقعي تي سامهون ايندي. گذريل چئن مهنين کان مني لانڊرنگ ڪيس ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس وارا معاملا جنهن رخ ۾ وڌي رهيا هئا، تن مان لڳو پئي ته هاڻوڪي پيپلز پارٽي جي قيادت انهي پڪڙ کان بچي نه سگهندي، ان ڪري پيپلز پارٽي احتجاج جي موڊ ۾ اچي ويئي. وڌيڪ ڪاريگري نيب ۽ حڪومت ڪئي جو ان نيب آڏو آصف زرداري، بلاول ۽ فريال ٽالپر کان پڇا ڳاڇا ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪئي. ان جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي جيڪڏهن ريفرنس هلندو ته اهو به راولپنڊي ۾ هلندو. پيپلز پارٽي اهڙي امڪاني صورتحال کان آگاهه نظر ٿي اچي جو ڪيس منتقل ڪرڻ کان اڳ بلاول جيل پهچي نواز شريف سان ملاقات ڪري ورتي. ايئن حڪومت جي ان قدم مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين کي هڪ پيج تي آڻي بيهاري ڇڏيو.
تاريخي طور تي پيپلز پارٽي ۽ پنڊي جا رشتا ۽ جهيڙا پراڻا آهن. هن شهر سان پيپلز پارٽي جون ڏکوئيندڙ يادون وابسته آهن. انهي شهر ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، محترمه کي هن شهر جي باغ ۾ قتل ڪيو ويو.
پيپلز پارٽي هونئن سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ ۽ تحريڪ هلائڻ جا اعلان پئي ڪيا پر ڪيسن جي جاچ پنڊي کڻي وڃڻ سان ماڳهين پيپلز پارٽي کي ڪوٺ ملي ته اها اقتدار جي مرڪز ۾ اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري. ان هنڌ جي ڪيترن حوالن سان اهميت آهي. هڪ اهو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ۽ بينظير ڀٽو جو قتل هن شهر ۾ ٿيو. ٻيو شهر جي عسڪري مرڪز واري اهميت سان گڏوگڏ هي شهر ان ڪري به اهم آهي جو وفاقي گاديءَ واري هنڌ سان گڏيل شهر آهي. هن هنڌ تي خيبر پختونخواه توڙي پنجاب مان ماڻهو آساني سان پهچي سگهن ٿا. پاڪستان جي سياسي توڙي اقتداري بناوٽ اهڙي آهي جو ان ۾ گهڻي اهميت پنجاب ئي رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ذوالفقار علي ڀٽو توڙي بينظير اقتداري سياست جي حوالي سان سدائين پنجاب کي اهميت ڏني. بينظير کان پوءِ جڏهن پيپلز پارٽي آصف زرداري جي هٿن ۾ آئي ته ان به گهڻا ئي زور لاتا ته پنجاب ۾ اثر ۽ حمايت رهي پر نواز شريف کيس پير کوڙڻ ئي نه ڏنا. پنجاب ۾ پنهنجي مقبوليت جي بحالي لاءِ آصف زرداري ڪيترائي حيلا هلايا، نسخا آزمايا. بلاول هائوس اتي ٺهرايو، هفتن جا هفتا بلاول ڀٽو کي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ رهايو، ڪو گهڻو فرق نه پئجي سگهيو. پنجاب جي حوالي سان ٻي وڏي تبديلي اها به آئي ته نواز ليگ کان پري بيٺل ماڻهو کي عمران خان پنهنجي جهول ۾ جهلي ورتو، نتيجي ۾ پنجاب ۾ ٻه نه پر ٽي پارٽيون ميدان ۾ نظر اچڻ لڳيون، اهڙي صورت ۾ پيپلز پارٽي جي ٽئين پوزيشن وڃي بيٺي. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جيڪي هڪ ٻئي کي بنهه نه پيون سهن تن کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته هاڻي اهي هڪ ٻئي جون مخالف نه پر اتحادي آهن. پر ان احساس کي عملي شڪل ڏيڻ کان اڳ معاملو گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو.
نواز شريف جي بيماري نواز ليگ کي به احتجاج طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، سندس ڌيءَ مريم علاج ڪرائڻ لاءِ جيل جي ٻاهران ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو، بلاول جو ٽرين مارچ ۽ مريم نواز جي ڌرڻي جو اعلان ساڳئي ڏينهن ٿيا آهن. انهن اعلانن بعد حڪومت هڪ هڪ وک ٻنهي پاسن کان پوئتي هٽي آهي. پسند جي ڊاڪٽر کي جيل ۾ نواز شريف جو معائنو ڪرڻ ۽ ملاقات جي اجازت ڏني وئي، سڌ سماءُ واري وزير فواد چودري بلاول ڀٽو زرداري کي غدار سڏڻ وارن لفظن جي وضاحت ڪئي ۽ کيس محب وطن قرار ڏنو. اصل ۾ پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته حڪومت کي سندن ذاتي لفظن ۽ سندس ئي ڄار ۾ ڦاسائي. ان لاءِ هر حڪومتي بيان کي ڳنڍي پنهنجو هڪ مڪمل بيانيو ٺاهي رهي آهي.
چونڊن کان پوءِ بلاول ڀٽو جو سنڌ جي ماڻهن سان ٽرين مارچ واري موقعي تي پهريون ڀيرو سڌو ڏيکاءُ ٿيندو، ان ذريعي بلاول جي شخصيت ماڻهن اڳيان کلندي، ڇاڪاڻ جو چونڊ مهم مختلف ڳالهه هوندي آهي. اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته بلاول ڀٽو اهو ئي ڪري ٿو جيڪو سندس پيءُ چوي ٿو. تڏهن بلاول جي شخصيت، سندس عمل ۽ سوچ کي زرداريءَ کان ڌار ڪري نه پئي ڏٺو ويو. گهڻي ڀاڱي ميڊيا به کيس ان طرح سان وٺي رهي هئي. هاڻي ماڻهو کيس اڳ کان مختلف بلاول ڪري وٺي رهيا آهن، جنهن جا پنهنجا به ڪي فيصلا آهن، پنهنجي به ڪا سوچ آهي، ان جي باوجود جو مٿس وڏي زرداري جي سوچ جو پاڇو گهڻو ڇانيل رهندو. بلاول جي عوام ۾ حقيقي لانچنگ هاڻي ٿي رهي آهي. ائين هو عوامي ليڊر طور سياسي منظر تي اڀري رهيو آهي. بينظير ڀٽو سياسي منظرنامي تي تڏهن آئي جڏهن آمر ضياءَالحق سندس پيءُ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، ان بعد کيس قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري سزا ڏني وئي. هوءَ جيتوڻيڪ پنهنجي پيءُ کي بچائي نه سگهي ۽ کيس ڦاهي تي چاڙهيو ويو. بينظير ڀٽو ان بعد جڏهن ميدان ۾ لٿي ته سندس هٿ ۾ ٻه تلوارون هيون. مظلوميت ۽ جمهوريت جي بحالي. محترمه جيڪي به فيصلا ڪيا تن بابت بيگم نصرت ڀٽو سان صلاح مشورو ضرور ڪيو ويو پر گهڻي ڀاڱي اهو سڀ ڪجهه آزادي سان ڪيو.
بلاول ڀٽو ماءُ جي قتل بعد سياسي منظر تي آيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماڻهن کيس بينظير ڀٽو جو پٽ هجڻ جي ناتي محبت ڏني ۽ همدردي به ڏني. ان موقعي بعد ٽي ڀيرا چونڊون ٿيون، پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آئي. آصف علي زرداري صدر به ٿيو، سنڌ ۾ اڄ به پارٽي جي حڪومت آهي. لڳاتار حڪومت ۾ رهڻ به ڪڏهن ڪڏهن برائي ڳڻي ويندي آهي. ناڪاميون، مشڪلاتون، ناراضگيون جام ٿي وينديون آهن، بلاول ڀٽو کي اهو سمورو بار کڻي احتجاج جي سياست ۾ لهڻو پيو پوي، جڏهن ته وڏي حد تائين مظلوميت واري کاتي مان گذريل ٽن چونڊن دوران گهڻو حصو کاڄي ۽ کپي ويو آهي.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي بهرحال اڄ به وڏي پارٽي آهي ۽ حڪومت ۾ به آهي، ٽرين مارچ ته ڪامياب ٿي ويندو، پر ان ذريعي ڌر ڌڻين کي ڪو وڏو سياسي پيغام نه ملي سگهندو. ڏسڻو اهو آهي ته ان ٽرين مارچ تي حڪومت ڪيئن ٿي موٽ ڏي ۽ ان بعد پيپلز پارٽي ٽرين مارچ کانپوءِ ڪهڙي حڪمت عملي ٿي جوڙي.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home