Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, April 10, 2019

پيپلز پارٽي لاءِ ”سودو“ مهانگو ڪونهي!


پيپلز پارٽي لاءِ ”سودو“ مهانگو ڪونهي!

نوازشريف ۽ شهباز شريف جي گرفتارين توڙي کين بعد ۾ رليف ڏيڻ کانپوءِ هاڻي سياست جو ميدان جنگ سنڌ بڻجي رهي آهي، ملڪ جي هڪ مک مخالف ڌر جي جماعت پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ مان آهي، ان جي هن صوبي ۾ حڪومت به آهي ۽ حمايت به. اسلام آباد ۽ لاهور جون ڌريون پيپلز پارٽي کي سنڌ جي پارٽي سمجهن ٿيون، سنڌ جا ماڻهو پيپلز پارٽي سان ناراضگي ضرور رکن ٿا، پر آخري وقت تي پاسو پيپلز پارٽي جو ئي کڻن ٿا، ڇاڪاڻ جو انهن جي ويجهو بحث ۽ عمل جي آخري نتيجي ۾ ان کان بهتر ٻي ڪا پارٽي موجود ناهي. هنن ڏٺو ته سنڌ جي قومپرستن ۾ پارليماني افعال ۽ ٻڌي ڪونهي، پنجاب ۾ بنياد رکندڙ پارٽيون پوءِ اها نواز ليگ هجي يا تحريڪ انصاف، سنڌ کي ليکي ۾ نٿي آڻي. ايتري قدر جو انهن پارٽين جي حمايت ڪندڙن ۽ پارٽي ليڊرن کي پارٽي قيادت توڙي وفاقي حڪومت ۾ لفٽ ناهي.

آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر جي راولپنڊي ۾ نيب طلبي ۽ سوالنامه ڏيڻ بعد هاڻي نيب مني لانڊرنگ ۽ ڪورٽ بئنڪ اڪائونٽس وارو ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو آهي، جنهن جي ڪالهه ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جي موقعي تي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر پيش ٿيا، جنهن ۾ عدالت سندن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. هاڻي اها ٻڌڻي 16 اپريل تي ٿيندي، بلاول ڀٽو کي في الحال احتساب عدالت نه گهرايو آهي پر اطلاعن موجب جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي، جنهن جي لپيٽ ۾ سنڌ جو ڪو وڏو وزير ۽ ڪامورا به اچي سگهن ٿا
.
گذريل ٻن مهينن کان نيب پيپلز پارٽي جي قيادت جي گرفتاري جا سانباها ڪري رهي هئي، ان عرصي دوران پارٽي قيادت عوامي سطح تي توڙي لابنگ ۾ وڏي پيماني تي سرگرمي ڏيکاري. آصف علي زرداري توڙي بلاول ڀٽو سڌي طرح سنڌ جي ماڻهن ۽ صوبي ۾ اثر رکندڙ اسيمبلي ميمبرن سان رابطا ڪيا، جلسا ڪيا، بلاول ڀٽو ٽرين مارچ ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي چاليهين ورسي جي موقعي تي هڪ دفعو وري پارٽي ڪارڪنن کي گڏ ڪرڻ ۽ کين متحرڪ ڪرڻ جو وجهه مليو. ٻئي پاسي آصف علي زرداري نواز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين پراڻن اتحادين سان ڳالهيون ڪيون، ايتري قدر جو بلاول ڀٽو نواز شريف جي طبعيت پڇڻ به ويو، ايئن حڪومتي پروپيگنڊا مشنري ۽ بيان بازي پنهنجي جاءِ تي، پر اها سمورن الزامن، ڪيسن ۽ جاچ جي باوجود پيپلز پارٽي کي سياسي طوراڪيلو نه ڪري سگهي
.
پيپلز پارٽي پاڻ کي حڪومت مخالف ڌرين توڙي عوام سان پاڻ کي ڳنڍي رکڻ ۾ ڪامياب رهي. امڪاني گرفتاري جي صورت ۾ پيپلز پارٽي طرفان احتجاجي مهم هلائڻ ۽ پنجاب کي نواز ليگ جي مدد سان مهم جو حصو بڻائڻ جي تياري کان حڪومت به آگاهه رهي. ان ٻه ٽي مهينا اڳ ڪارڊ ڏيکاريو هو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڳڙٻڙ ڪندي ته کيس ان جي قيمت سنڌ حڪومت وڃائڻ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پوندي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم وارا همراهه سکر ۽ گهوٽڪي ۾ وڃي گڏ ٿيا هئا، سڄو معاملو ان تي وڃي بيٺو ته خانڳڙهه جي مهرن جي ذريعي ناصر شاهه ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ٽن ڏينهن بعد ناصر شاهه وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي، هڪ دفعو ٻيهر پارٽي سان وفادار بيهڻ جو اعلان به ڪيو، ان موقعي تي هن اهڙي پريس ڪانفرنس به ڪئي، هاڻي هڪ دفعو ٻيهر ساڳيو فارمولا آزمائڻ جا اشارا ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم عمران خان جو خانڳڙهه جو دورو، اتي ٿيل ڳالهه ٻولهه ۽ وائرل ٿيل وڊيو مان به ڪجهه ڳالهيون ظاهر ٿيون، باقي رهيل ڳالهيون سمجهي سگهجن ٿيون.
اهم واقعو اهو ٿيو آهي جو وزيراعظم عمران خان کي ايم ڪيو ايم سڳي ۽ بنهه ويجهي جماعت محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جو هن ڪراچي ۾ اظهار ڪيو. اهڙي ويجهي مائٽيءَ جو سال کن اڳ اظهار علامه قادريءَ سان ڌرڻي ۾ به ڪيو ويو هو. وزيراعظم کي اوچتو ايم ڪيو ايم وارن جي نفاست نظرا چي وئي، نه ته هن جماعت کي ته عسڪري لڏي دهشتگرد قرار ڏئي ان خلاف آپريشن ڪيو، ان جون آفيسون بند ڪيون، جيڪي اڃا تائين بند آهن. وزيراعظم اهو به چيو ته تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڪو فرق ڪونهي، بلڪه گهڻو امڪان آهي ته ايندڙ چونڊون اهي ٻئي جماعتون گڏجي وڙهن. وزيراعظم جي هن بيان جي تشريح اها ٿي بيهي ته وفاقي حڪومت هاڻي سنڌ ۾ اڪثريتي جماعت کي پاسيرو رکي، ڪنهن ٻي ڌر کي اهم ذميواري ۽ ڪردار ڏيڻ پئي گهري. عجيب ڳالهه آهي ته وزيراعظم ڪراچي کي ڇڏي سنڌ جي ٻين هنڌن تي موجود پنهنجي پارٽي جي ماڻهن توڙي اتحادين کي بنهه کنگهيو ئي ڪو نه، ٻيو ته ڇڏيو کين ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم به ڪو نه ڏنائين، ايتري قدر جو اهي سڀ هاڻي پنهنجو سياسي دفاع ڪرڻ لاءِ به لاچار ٿي پيا آهن.
وفاقي حڪومت جي انهيءَ تحريڪ جو پتو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي گذريل هڪ مهيني ۾ ڏنل بيانن مان به پوي ٿو، جنهن مان هڪ ۾ هن چيو هو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت ڊاهي ٿي سگهي. تازي بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت هٽائڻ لاءِ مخالفن کي 56 ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻي پوندي. ٻه ڏينهن اڳ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جو هڪ خانگي چينل کي ڏنل انٽرويو به خطري جي گهنٽي طور وڳو. هن چيو ته هن وزيراعظم کي سنڌ ۾ آئيني مداخلت جو مشورو ڏنو آهي، هو اهو به چوي ٿو ته اڳ پوءِ وزيراعظم کي سنڌ ۾ اهو قدم کڻڻو پوندو. قانون واري وفاقي وزير جي مشوري موجب آئين جو آرٽيڪل 149 وفاق کي اجازت ڏي ٿو ته ڪنهن به صوبي ۾ امن امان ۽ معيشت جي مسئلي تي مداخلت ڪري سگهي ٿو. هن اها ڳالهه سڌو سنئون سنڌ حڪومت جو نالو کڻي چئي آهي.
حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ مهل پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت هجڻ جا فائدا پنهنجي جاءِ تي، پر اهو نقصان به آهي ته اها داءُ تي لڳل هوندي، جنهن جو اظهار ڪري وفاقي حڪومت قانون واري وزير ذريعي سڌي طرح ۽ ايم ڪيو ايم جي نفاست ۾ گرفتار وزيراعظم ان جماعت سان قربت ڏيکاريندي سياسي طور ڪري رهيو آهي. ان جي موٽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو به ڏني آهي، هو چوي ٿو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت سنڌ حڪومت خلاف قدم کڻڻ تي بيٺي آهي ته وفاقي حڪومت کي ڪيرائڻو ئي پوندو. هن صوبن کي پيپلز پارٽي جي تحريڪ سان ڳنڍڻ لاءِ (خاص ڪري ننڍن صوبن کي) ارڙهين ترميم کي ريڊ لائين قرار ڏنو آهي. ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان چٽو اعلان ڪيو آهي ته اسين حڪومت ڪيرائينداسين، جيڪو ڪرڻو اٿئو سو ڪيو. مولانا اهو اعلان پنو عاقل ۾ اچي ڪيو آهي. آصف علي زرداري تازو ئي سنڌ جي ماڻهن کي بلاول، بختاور ۽ آصفه جي پارت جو نياپو ڏئي جنگ ۾ ٽپي پوڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته هن وقت جيڪا به پارٽي حڪومت سان سڌي جنگ ۾ ويندي ايندڙ حڪومت ان جي ئي هوندي. نواز ليگ جي حڪومت ۾ ان جنگ ۾ تحريڪ انصاف اڳ – راکُو ٿي، جڏهن ته پيپلز پارٽي فرينڊلي اپوزيشن بڻيل رهي، هن وقت نواز ليگ پوئين مورچي تي بيٺل آهي، ان ڪري اپوزيشن ۾ سامهون اچي بيهڻ ۾ پيپلز پارٽي جو فائدو ئي آهي. نواز شريف بيمار آهي، ان جي ضمانت ٿي سگهي ٿي، آصف علي زرداري به ڪو پڃريون ڪو نه پيو کڻي، سندس به طبعيت ايتري صحيح ڪونهي، ان جي به ضمانت ٿي سگهي ٿي، ان ڪري سودو مهانگو ڪونهي.
PPP,Money Laundering, zardari, 2019, PPP-PMLN,pahenji Akhbar,


Labels: , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home