Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, April 24, 2019

اِن هائوس تبديليءَ کان صدارتي نظام تائين- نيٺ ڇا ٿيندو؟


اِن هائوس تبديليءَ کان صدارتي نظام تائين- نيٺ ڇا ٿيندو؟

ھر گذرندڙ ڏينھن سان معاشي بحران گھرو ٿي رھيو آھي، ھاڻي ان جو اندازو واڳ ڌڻين کي بھ ٿي رھيو آھي. ملڪ کي ان بحران مان ڪڍڻ لاءِ مختلف نسخا ويچار ھيٺ آھن. انھن مختلف آپشنز جا سياسي اظھار به سامھون اچي رھيا آھن. اصل معاملو معيشت کي سنڀالڻ ھو، ڪپتان کي آڻڻ وارن جو خيال ھو تھ جيئن ئي ھو اقتدار جي پچ تي اچي بيھندو تھ رڳو ڇڪا ئي ڇڪا ھوندا، ملڪ تي ڊالرن جي برسات ٿيڻ لڳندي. 9 مھينن تائين دھل وڄندا رھيا تھ شادماني ٿيڻ واري آھي، پر عين وقت تي ماھرن رپورٽون ڏنيون تھ ھتان ڪجھھ بھ نھ ٿيڻو آھي، ڪا خوشخبري ناھي بلڪه بدخبري آھي. وڌيڪ بدخبريون آءِ ايم ايف سان ٺاھه ۽ بجيٽ جي اعلان سان گڏ سامھون اچي وينديون، ان ڪري سياسي شطرنج جا مھرا بدلائڻ واري سوچ پڪي ٿيڻ لڳي. (ياد رھي تھ عمران خان کي آڻڻ تي سڄي وڏي سنگت يڪراءِ نھ ھئي) شريف خاندان کي رليف ڏيڻ ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف ڪريڪ ڊائون نھ ڪرڻ جي پويان بھ اھا ئي سوچ ھئي، جنھن کي تحريڪ انصاف جا يوٿيا ڊيل ۽ ڍر سڏي پنھنجي حڪومت جي سياسي مورچي تي بيانن ۽ سوشل ميڊيا تي نياپن جي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري رھيا ھئا. متبادل لاءِ ھوم ورڪ شروع ڪيو ويو، پھرين نظر ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ تي ئي پوڻي ھئي. نواز ليگ اندر اھڙي صورتحال ۾ ٽي رجحان سامھون آيا، پھريون اھو تھ چئن پنجن سيٽن تي بيٺل حڪومت کي “ان ھائوس” تبديلي ذريعي ھٽائي شھباز شريف کي وزيراعظم بڻايو وڃي، پيپلزپارٽي حڪومت ٺاھڻ ۾ نواز ليگ جي مدد ڪري بلڪه گڏيل حڪومت ۾ شامل ٿئي پر حڪومت جي مهنداري پيپلزپارٽي نھ پر نواز ليگ وٽ رھي. نواز ليگ کي حڪومت ڏيڻ جي پويان رڳو قومي اسيمبلي ۾ ان جون سيٽون ئي نھ پر پنجاب جي ناراضگي کي ٿڌو ڪرڻ بھ ھو. ان صورتحال تي مولابخش چانڊيو جو بيان آيو تھ پوءِ کڻي وزيراعظم ئي پيپلزپارٽي جو کڻو. پيپلزپارٽي جي قيادت کي خبر آھي تھ ڪھڙي ڳالھھ ڪنھن جي واتان چورائجي.
نواز ليگ ۾ ٻيو رجحان اھو ھو تھ حالتون اھڙيون آھن جو ڪير بھ کڻي حڪومت ۾ اچي ڪجھه نٿو ڪري سگھي جيستائين واڳ ڌڻي پرڏيھي پاليسي، دفاع ۽ مجموعي حڪمت عملي بابت پنھنجي سوچ ۽ ايجنڊا تبديل نٿا ڪن، ان کانسواءِ ملڪ جون معاشي حالتون ٺيڪ ٿيڻون ئي ناھن. ھن سوچ جو حامي اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف آھي. جنهن موجب تڪڙي ناھي ڪرڻي. تحريڪ انصاف حڪومت ڀلي پنھنجي وزن ھيٺ ئي ڪري ۽ کيس سھارو ڏيندڙ بھ ٿڪجي پون. پوءِ معاملو ڀلي نين چونڊن ڏانھن وڃي، پراڻي ايجنڊا سان اِن ھائوس تبديلي ڪنھن جي بھ ڪم جي ناھي.
ھوڏانھن اِن ھائوس تبديلي جا حامي پنھنجي آئيڊيا کي پچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ لڳا پيا آھن. علاج جي لاءِ شھباز شريف جي لنڊن ۾ موجودگي کي ھڪ ٻيو “لنڊن پلان” پيا سڏين. پيپلزپارٽي جو اڳواڻ مخدوم محمود ۽ چوڌري شجاعت بھ لنڊن ۾ آھن، اھو تاثر ڏنو پيو وڃي تھ اھي اڳواڻ ضرور ڪا کچڻي پچائيندا ۽ پوءِ ديڳڙو کڻي اچي لاھور ۾ لاھيندا. جيتوڻيڪ شھباز شريف ۽ چوڌري شجاعت جي حلقن ان جي ترديد ڪئي آھي پر مخدوم محمود يا پيپلزپارٽي طرفان ڪا بھ ترديد يا وضاحت سامھون نھ آئي آھي.ويجھن ذريعن جو چوڻ آھي تھ بلاول ڀٽو جڏھن نواز شريف جي طبيعت پڇڻ ويو ھو تھ اڳوڻي وزيراعظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين کي اھا ڳالھھ ڪن ۾ وڌي ھئي تھ ھرڀرو تڪڙ نھ ڪريو. ڪپتان ۽ کيس سھارو ڏيندڙ کي وقت ڏيو، جيئن کين احساس ٿئي تھ ملڪ جو گاڏو ايئن نھ ھلندو جيئن هو چاھين ٿا. پيپلزپارٽي جو اھو خيال ھو تھ تڪڙ ۾ چونڊون بھ نٿيون ڪري سگھجن، ڇاڪاڻ جو چونڊن جا نتيجا اڳواٽ طئي ٿيل ھوندا آھن. نواز شريف سمجھي ٿو تھ موجوده حالتن ۽ ايجنڊا جي ھوندي ڪابھ سياسي ڌر ڪجھھ بھ نٿي ڪري سگھي، بس ڪجھھ ڪاسميٽڪ تبديليون آڻي سگھجن ٿيون. ھڪ حد تائين پيپلزپارٽي بھ اھا ڳالھھ سمجھي ٿي، پر ان لاءِ ڏکيو سوال اھو آھي تھ قيادت مني لانڊرنگ ۽ ٻين ڪيسن جي دٻاءُ ۾ آھي، ان ڪري پيپلزپارٽي کي معاملن ۾ تڪڙ آھي. اھو ئي سبب آھي جو ٻئي پارٽيون ھڪ پيج تي ھجڻ باوجود وڇوٽي تي بيٺل آھن. جيئن ٻن وڏين پارٽين تڪڙ نھ ڪئي تھ ھڪ نئون خيال مارڪيٽ آندو ويو تھ جيڪڏھن سياسي پارٽيون ھروڀرو لئھ ٿيون ڪن ته پوءِ ماڳھين پارلياماني نظام کي ئي پاسيرو رکي صدارتي نظام ڏنو وڃي. اھو درست آھي تھ آئين اھڙي اجازت ڪونھ ٿو ڏئي، پر اھڙن معاملن ۾ آئين کان اجازت ڪير گھرندو آھي ڇا؟
مھانگائي ۽ معاشي بدنظمي عام ماڻھو کي جھجھو متاثر ڪيو آھي پر ان اشوءَ کي ڪابھ سياسي جماعت کڻي نھ رھي آھي. ايئن نھ ڪرڻ جي پويان ٻھ وڏا سبب آھن. ھڪ اھو تھ جيڪڏھن عوام کي روڊن تي آندو ويو تھ انھن کي روڊن تان واپس ڪير موڪليندو، ٻيو اھو تھ مھانگائي ۽ معاشي بدنظمي جا مطالبا پچي راس ٿي بيانئي جي شڪل اختيار ڪري ويا تھ پوءِ وڏا معاشي سڌارا ڪرڻا پئجي ويندا، ايئن سڄو ايجنڊا ئي بدلجي ويندو. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ۽ ايم ڪيو ايم وفاق جي گڏيل حڪومت ۾ ويٺل آھي، انھن ٻنھي کي مھانگائي ۽ معاشي سوال تي ماڻھن کي روڊن تي آڻڻ ڀانءِ نھ پوندو.
معاشي دٻاءُ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي چئلينج ٿيڻ بعد ڪابينا ۾ تبديليون ڪيون ويون، ڪابينا ۾ تبديليون بھ ڪجھھ تبديل ڪري نھ سگھنديون، ڇاڪاڻ جو اڳوڻي ٽيم بي اثر سمجھي وئي، ھاڻوڪي تھ ماڳھين “اسٽيٽسڪو” جي علامت آھي. ٻئي پاسي ڪابينا ۾ اڻ چونڊيل ماڻھن جو اضافو ٿي ويو آھي جيڪا ڳالھھ پارليامينٽ ۽ عوام جي مينڊيٽ جي نفي ڪري ٿي. ھونئن بھ پارليامينٽ موجودھ حڪومت ۾ غير اھم بڻيل آھي، ان جي حيثيت ٽاڪ شو يا پريس ڪانفرنس کان وڌيڪ نھ رھي آھي. ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين کي ڪرپٽ قرار ڏيڻ جي بيانئي سان سياسي خال وڌي ويو آھي، ان سان نھ ڪا معيشت جي ۽ نھ وري سياسي نظام ۾ ترقي جي ڪا صورتحال پئي نڪري. اوڌر ۽ پِن سِن سان معاشي ترقي پري جي ڳالھھ، معاشي استحڪام بھ حاصل نٿو ڪري سگھجي. تاريخ شاھد آھي تھ معاشي طور ڪمزور ملڪ مضبوط پرڏيھي پاليسي نھ ٺاھي سگھندا آھن. صدارتي نظام، ارڙھين ترميم ھٽائڻ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس بحث جا موضوع ۽ دڙڪا توڙي چئلنيج آھن. ايئن اڄ ڪلھھ سياسي پارٽيون، حڪومت ۽ اھم ڌريون ھڪ ٻئي جو پاڻي ڪڇي رھيون آھن.
In-house change?, 2019,pahenji Akhbar, PPP, PTI, PMLN

Labels: , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home