Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, May 25, 2019

وفاقي حڪومت کي سنڌ ۽ پيپلزپارٽي ۾ فرق ڪرڻ گھرجي!



وفاقي حڪومت کي سنڌ ۽ پيپلزپارٽي ۾ فرق ڪرڻ گھرجي!

عمران خان حڪومت جو پيپلزپارٽي سان ٽڪراءُ اڻٽر ٿيندو پيو وڃي. حڪومت نيب جي ذريعي پارٽي قيادت ۽ پارٽي جي ڪجھه اھم ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ڏي وڃي پئي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سراج دراني خلاف ريفرنس داخل ڪيو پيو وڃي، جڏھن تھ قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ زرداري گروپ لميٽيڊ سميت ٽن انڪوائرين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، آفيسر ھائوسنگ سوسائٽي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ اڳوڻي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي به منظوري ڏني آھي. ھوڏانھن سنڌ اينگرو ڪمپني جي چيئرمين خورشيد جمالي سميت ٽن ڄڻن کي جعلي بئنڪ اڪائونٽن واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي. ايئن لڳ ڀڳ ڏيڍ ڊزن کن انڪوائريون اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ٿي رھيون آھن.
اھي سڀ ڪارروايون نيب جي ذريعي ٿي رھيون آھن، نيب جي چيئرمين ريٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي تازي انٽرويو ۾ ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ھڪ ٿي ويون آھن. انھن پنھنجي پر ۾ نيب کي نو لفٽ ڪرڻ جو سوچيو آھي، اھو ئي سبب آھي جو ڪالهه جمعي جي ڏينھن نيب وٽ پيشي تي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زداري حاضر نه ٿيا. آصف زرداري جيتوڻيڪ اسلام آباد ۾ ھو پر طبيعت جي ناسازي جو ٻڌائي ڪراچي ھليو آيو، جڏھن تھ بلاول ڀٽو گهٽ مدت جو نوٽيس ھجڻ ڪري پيش ٿيڻ کان معذرت ڪئي، سندن غير حاضري ۾ وڪيل پيش ٿيا. ساڳي طرح نواز ليگ جو نائب صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاھد خاقان عباسي به نيب آڏو پيش نه ٿيو. خيال آھي ته اھي ٻئي پارٽيون چاھين ٿيون ته ھو اھڙي نافرماني ڪري ڏسن ته نيب يا حڪومت وڌ ۾ وڌ ڪهڙو قدم ٿي کڻي، خاص ڪري اھڙي موقعي تي جڏھن نيب جي چيئرمين خلاف ھڪ مبينه ويڊيو وائرل ٿيل آھي. ٻئي پارٽيون گذريل چئن ڏينھن دوران نيب جي سربراھ جي ساک گهٽائڻ جي پوري ڪوشش ڪري چڪيون آھن.
ھن منظر ۾ افسوسناڪ صورتحال اها به اُڀري آھي جو وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي خلاف ڪارروائي ڪندي، سنڌ کي بھ گهيري ۾ آڻي رھي آھي. 30 جون تي پڄاڻي تي پھچندڙ مالي سال دوران سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ مقرر ٿيل حصي کان 131 ارب رُپيا گهٽ مليا آھن، جنھن جي ڪري صوبي ۾ ترقياتي ڪم متاثر ٿيا آھن. عجيب ڳالھه اھا آھي جو ان صورتحال بابت صوبن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو. ھلندڙ مالي سال دوران گهٽ رقم ملڻ جو سنڌ حڪومت اھو اشارو ڏنو آھي ته نئين بجيٽ ۾ ڪابه نئين ترقياتي اسڪيم نه رکي ويندي. ايئن صوبي ۾ سمورين حالتن يا ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت تي وجھي رھي آھي. ان ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان جو اھو اعلان خاص حوالو بڻجي رھيو آھي ته صوبا نه به چاھين پر کين پنھنجي حصي مان فاٽا لاءِ ٽي سيڪڙو ڏيڻو پوندو.
ايم ڪيو ايم جي ذريعي وفاقي حڪومت پوري ڪوشش ڪئي ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن ۽ شھري سھولتن جي کوٽ واري فلم سنڌ حڪومت جي ڳچي ۾ وجھي. سنڌ ان حملي ۾ بچاءُ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، ان سان گڏوگڏ صوبي ۾ ڪنھن نه ڪنھن ھنڌ ڪو ننڍو مسئلو به خراب حڪمراني جي ڪري ڀڙڪي پوي ٿو ۽ سنڌ حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پوي ٿو، جنھن سان صوبائي حڪومت توڙي پارٽي جي ساک متاثر ٿي رھي آھي، ان صورتحال جي مستقل حل لاءِ حڪومت توڙي پارٽي ٻئي ڪي به اثرائتا اپاءَ نه وٺي سگھيون آھن.
سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ تيل ھٿ نه اچڻ جي ناڪامي جي اعلان سان گڏ وزيراعظم عمران خان ٿرڪول ۾ وفاقي حڪومت طرفان مدد ڏيڻ جي ڳالھه ڪئي آھي نه ته گذريل 9-8 سالن کان سنڌ منٿون ڪندي رھي ته ڪوئلي کي ترقي ڏيارڻ ۾ مدد ڪري پر ان جي ھڪ به نه ٻڌي وئي. عمران خان ٿر جي علائقي ڇاڇرو ۾ به ڪجھه مھينا اڳ جلسو ڪيو، پر ھن تڏھن ٿرڪول ۾ ھٿ ونڊائڻ جي ڳالھه نه ڪئي. ھاڻي سمنڊ مان تيل ھٿ ڪرڻ ۾ ناڪامي بعد ڪوئلي تي سندس نظر پئي آھي. اھا ڳالھھ اھم آھي تھ سمنڊ ۾ تيل جي ڳولا بابت سنڌ حڪومت جو اھو موقف ھو ته اھو سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ آھي. ان ڪري ان ۾ ھن صوبي جو حصو بيھندو. ڪٿي ايئن ته ناھي وفاقي حڪومت ھڪ دفعو وري معدني وسيلا صوبن کان وٺڻ گھري ٿي؟
وفاقي حڪومت ٻه ڏينھن اڳ ڪراچيءَ جون ٽي وڏيون اسپتالون پنھنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آھي. سپريم ڪورٽ مختلف اپيلن ۽ پٽيشنن تي جن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر، دل جي مريضن جي اسپتال (اين آءِ سي وي ڊي) ۽ جناح اسپتال جي ڀرسان موجود ٻارن جي اسپتال واپس وفاق کي ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ھو. فيصلو ته ڪجھھ مھينا اڳ ڪيو ويو ھو. پر نوٽيفڪيشن ھاڻي جاري ڪيو ويو آھي. نوٽيفڪشن جي ٽائيمنگ اھم آھي. ارڙھين آئيني ترميم بعد جڏھن تعليم وانگر صحت کي به صفا صوبائي کاتو قرار ويو ته اھي اسپتالون سنڌ کي ڏنيون ويون، ھن وقت اين آءِ سي وي ڊي جا سنڌ جي مختلف شھرن ۾ 8 سينٽر ھلندڙ آھن. ھن نوٽيفڪيشن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ توڙي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شديد ردعمل ڏيکاريو آھي. مراد علي شاھه جو چوڻ آھي ته “نوٽيفڪيشن سان ڪھڙو فرق ٿو پوي. اھي اسپتالون اڳ به اسان پي ھلايون، ھاڻي به اسين ھلائينداسين!” پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ھن نوٽيفڪيشن کي صوبائي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو آھي. سنڌ جي عام راءِ طرفان به وفاقي حڪومت جي ھن فيصلي تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو آھي.
سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ دادو ضلعي ۾ واقع نئين گاج جي اڏاوت بابت به اختلاف ھلندڙ آھن. مشرف دور ۾ واپڊا جي ذريعي ان ڊيم جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو ھو. پر بعد ۾ وفاقي حڪومت ھٿ ڪڍي وئي. سنڌ جو موقف آھي ته اسين زمين ڏيڻ لاءِ تيار آھيون، فنڊ وفاق مھيا ڪري. سنڌ حڪومت جي موقف موجب باقي ٽنھي صوبن ۾ اھڙا منصوبا ھلندڙ آھن. اھا رٿا سنڌ ۾ آھي ان ڪري وفاق اھو ڇو ٿو سمجھي ته اھو منصوبو سنڌ جو آھي؟ اھڙي طرح سنڌ ڪول مائنز لاکڙا ۾ ارڙھين ترميم تي عمل شروع ڪيو ويو آھي. وفاقي آفيسر لاکڙا ڪول مائنز مان غائب آھن. ڪجھه آفيسرن تي ڪوئلو چورائڻ جا ڪيس به داخل ٿيا آھن. ھوڏانھن پاڪستان منرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ لاکڙا ڪول مائنز ڪمپني جي ليز سنڌ ڪول مائنز ڪمپني رد ڪري ٻي ڪمپني کي الاٽ ڪري ڇڏي آھي. اطلاع آھن ته پاڪستان منرل ڪارپوريشن ۽ لاکڙا ڪول ڪمپني جا پروجيڪٽ بند ڪيا ويا آھن. سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جو چوڻ آھي ته لاکڙا ڪول پي ايم ڊي سي کي ٽيھه سالن جي ليز تي ڏنو ويو ھو، جنھن جو مدو 2015ع ۾ پورو ٿي چڪو، ھاڻي وفاقي ڪارپوريشن ھتي غير قانوني مائننگ ڪري رھي ھئي.
اسلام آباد ۾ رھندڙ ھڪ سينيئر رٽائرڊ بيوروڪريٽ مطابق، ”ايئن وفاقي حڪومت، پيپلزپارٽي سان پنھنجي جھيڙي کي سنڌ سان جھيڙي ۾ تبديل ڪري رھي آھي. جنھن جو تحريڪ انصاف پارٽي توڙي ان جي حڪومت کي ڪو فائدو نه ملندو، بلڪه ان سان سنڌ ۾ ماڳھين پيپلزپارٽي جي پوزيشن مضبوط ٿيندي، وفاقي حڪومت کي سنڌ ۽ پيپلزپارٽي ۾ فرق ڪرڻ گھرجي!”

Labels: , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home