Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, May 03, 2019

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”: “


ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي.
سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊپارٽمينٽ مان آيل ھڪ فون ھوندو هو، جنھن ۾ ھدايت ڪئي ويندي ھئي تھ فلاڻي خبر ڇاپڻي آھي تھ ڪيتري ۽ ڪيئن؟ ۽ فلاڻي خبر ناھي ڇاپڻي. شفٽ انچارج فون تي ڏنل سرڪاري ھدايت نامو ھڪ رجسٽر ۾ نوٽ ڪري واسطيدار آفيسر جو نالو ۽ وقت لکي پنھنجي صحي ڪندو ھو. اھو سلسلو ڪنھن نھ ڪنھن شڪل ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏينھن ۾ به جاري رھيو. 70ع واري ڏھاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ ضياءُالحق جي مارشل حڪومت سوين صحافين کي گرفتار ڪيو. ڊزن کان مٿي صحافين کي ڦٽڪا پڻ ھنيا ويا. ضياءُالحق جي ئي مارشل لا حڪومت ۾ باقاعدھ سينسرشپ لاڳو ٿي، جنھن تحت اھو لازم ھو تھ اخبار جي تيار ٿيل ڪاپي انفرميشن آفيسر چيڪ ڪري ان تي صحي ڪري، ان کانپوءِ اھا ڇپجڻ لاءِ پريس کي موڪلي ويندي ھئي. پوءِ ٿيندو ايئن ھو تھ شھر ۾گندگي يا پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ واريون خبرون بھ شايع ٿيڻ نه ڏنيون وينديون ھيون. پڇڻ تي ٻڌايو ويندو ھو تھ، “مٿان کان آرڊر آھي.” ٽائون ڪاميٽي يا ميونسپل ڪاميٽي بھ سرڪاري ادارو آھي، ان خلاف خبر ڇپجڻ معنيٰ حڪومت جي خلاف ڇپڻ ٿيو. نتيجي ۾ بٽر پيپر تي لي آئوٽ سان پيسٽ ٿيل خبرون قئنچيءَ سان ڪوري ڪڍيون وينديون ھيون. ظاھر آھي تھ انھن جي جاءِ تي ٻيون خبرون ھٿ ڪرڻ ۽ لڳائڻ مشڪل ھوندو ھو. ايئن ڪٽيل خبرن واري جاءِ خالي ڇڏي ويندي ھئي. اڳتي ھلي مارشل لا حڪومت کي احساس ٿيو تھ خالي جاءِ ڇڏڻ جو تاثر صحيح ناھي، ايئن ڄڻ اخباري ڪارڪنن کي ڏيڍ اخبار جيترو مواد ٺاھڻو ھوندو ھو ته نه ڄاڻ ڪيتريون خبرون سينسر جي نذر ٿي وڃن.
مشرف دور کان صحافت ۽ صحافين تي گھڻ پاسائو دٻاءُ پيو. رياست صحافت تي دٻاءُ جا ڪيئي طريقا اختيار ڪيا. ڪيترن ئي معاملن ۾ صحافين کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو، جنھن سبب اھي وڌيڪ خطري ۾ اچي ويا. گذريل پندرھن سالن دوران پاڪستان انھن ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جتي صحافي خطري ۾ آھن. مشرف دور جي 2002ع کان وٺي 2018ع تائين پاڪستان ۾ 72 صحافي قتل ٿيا. پنجن ڪيسن کان علاوھ باقي 67 ڪيس حل نھ ٿي سگھيا يا وري جوابدارن کي ڪا سزا نھ ملي. حڪومتون صحافين جي قتل ڪيسن جي جاچ ڪرائڻ کان ڊنل رھيون. ان کانپوءِ صحافين جي گرفتاري، ڪيس داخل ڪرڻ، توھين عدالت نوٽيس، ڏنڊ، مارڪٽ جا ھر سال ڊزن ڏيڍ واقعا ٿيندا رھيا. ڪراچي ۽ حيدرآباد پريس ڪلبن جي تاريخ ۾ پھريون دفعو ھٿياربند اندر گھڙي آيا. ڪجھھ ھنڌن تي صحافين ۽ ميڊيا ادارن تي بھ حملا ٿيا، جنھن ۾ صاف نظر اچي رھيو ھو تھ صحافي نھ آفيس ۾ نھ روڊ تي ھلندي ۽ نه پريس ڪلب ۾ محفوظ آھي، بلڪھ گھر ۾ بھ محفوظ ناھي ڇاڪاڻ جو مثال قائم ڪرڻ لاءِ ڪجھھ صحافين جي گھرن تي بھ حملا ڪيا ويا. ايئن صحافي پنھنجي گھرڀاتين کي بھ غير محفوظ سمجهڻ لڳو.
گذريل ھڪ سال کان سيلف سينسر شپ سان گڏوگڏ اشتھار ۽ انھن جا پئسا روڪڻ جي وسيلي ميڊيا انڊسٽري جي معاشي ناڪابندي ھلي رھي آھي. جيڪي ادارا ۽ صحافي رياستي بيانيي کان ھٽيل آھن، اھي سختين کي منھن ڏئي رھيا آھن. ڊان اخبار جي سرڪيوليشن روڪي ويئي، جيو چينل کي آف ڪيو ويو، نواءِ وقت بھ ڀڄي جند ڇڏائي. ان معاشي ناڪابندي ۽ اڻ اعلانيل سينسرشپ سبب ميڊيا جي ادارن پنھنجا پڙھندڙ وڃايا تھ وري پئسا ۽ اشتھار بھ. مٿان وري عدالت جو ھٿوڙو وڳو، جنھن انفرادي ڪيسن ۾ فيصلو ڏنو، جنھن سان ڪن فردن کي فائدو پھتو يا وري ان آرڊر جي ڊپ کان ميڊيا جا ادارا ڊڄي ويا، جنھن جو فائدو بھ حڪومت کنيو، جو ان وٽ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻيو ادارو ھٿ اچي ويو. پوءِ ڇا ٿيو؟ منظر سڀني جي سامھون آھي. اخبارون ۽ چئنل ڊزن جي حساب سان بند ٿيا، سوين تعداد ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ھزار کان مٿي صحافين جون پگھارون 20 کان 25 سيڪڙو تائين گھٽايون ويون. ڪيترن مکيھ چئنلن ملڪ جي اندرين علائقن ۾ پنھنجون سموريون آفيسون بند ڪري ڇڏيون، نمائندن کي ڪڍي ڇڏيو. ايئن ملڪ جي عام ماڻھو جي ڪوريج بند ٿي ويئي.
رڳو ايترو ئي نھ پر حڪومت پراڻن اشتھارن جا نھ رڳو پئسابند ڪيا، بلڪھ اشتھار جاري ڪرڻ بند ڪرڻ سان گڏوگڏ اشتھارن جا اگھھ بھ گھٽائي ڇڏيا. تحريڪ انصاف جي حڪومت پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ آن لائين ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ ھڪ سخت گڏيل ادارو جوڙڻ چاھي ٿي، جيڪو موثر طريقي سان ميڊيا کي ڪنٽرول ڪري. ميڊيا ادارن کي ڪجھ اشوز رپورٽ ڪرڻ کان منع ڪئي ويئي آھي، رياستي بيانيو اھو آھي تھ ھڪڙا سياستدان ڪرپٽ آھن ٻيا غير محب وطن يا ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آھن. ميڊيا انھن جي ڪيسن کي ھاءِ لائيٽ ڪري ھاءِ پروفائيل ڪيس ٺاھي سگھي ٿي، ڪوبھ سوال ناھي پڇڻو. جڏھن سوال پڇي نھ سگھي تھ پوءِ صحافت ئي ختم آھي. ايئن جيئن اختلاف راءِ رکڻ يا سوال پڇڻ کان روڪڻ تي جمھوريت ختم ھوندي آھي. ڊان اخبار جي ايڊيٽر ظفر عباس چواڻي تھ “اڻ اعلانيل سينسرشپ کان تھ اعلانيل سينسرشپ بھتر ھئي، جنھن ۾ روڪڻ يا ڇپڻ جي ذميواري واسطيدار انفرميشن آفيسر کي ھئي، اڄ وڌيڪ ٻوسٽ آھي.” ھڪ ٻيو سينيئر صحافي چوي ٿو تھ “نھ ڇُپ سڪتا ھي، نھ ڇَپ سڪتا ھي.” مزاحمتي صحافت ۽ تحقيقاتي صحافت پوين پساھن ۾ آھي. ھونئن پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي جو مستقبل ڌنڌلو نظر اچي ٿو پر ڪنھن ڏاھي چيو آھي تھ “خوشي يا تڪليف ٻنھي جو دور گذري ئي ويندو آھي.” ھي دور بھ گذرڻو آھي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان کي بھرحال جمھوري ۽ عوام جي امنگن ۽ خواھشن مطابق ٿيڻو آھي سو ضرور ٿيندو. بقول اياز جي ته؛
“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home