Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Tuesday, June 11, 2019

زرداريءَ جي گرفتاري پي پي پي کي ڪيترو سياسي فائدو ڏيندي؟


آصف زرداريءَ جي گرفتاري پيپلز پارٽي کي سياسي فائدو ڏيندي؟




سڀني جو انتظار ختم ٿيو، پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري گرفتار ٿي ويو. گرفتاري جو انتظار خود زرداري صاحب کي پاڻ کي به هو. حالتن جو رخ ڏسندي هو ٻه مهينا کن اڳ ذهني طرح تيار ٿي چڪو هو ته ڪيڏي به مهل کيس گرفتار ڪيو ويندو. هن کي پنهنجي مال ملڪيت توڙي پارٽي حوالي سان جيڪي هدايتون ڏيڻون هيون سي به ڏيئي ويٺي ڇڏيون هيون. اهڙي انتظار پارٽي ڪارڪنن توڙي رئيس وڏي پاڻ کي به ڄڻ ٿڪائي ڇڏيو هجي. روز ٿا ڳالهيون ڪن، اشارا پيا اچن ته بس اڄ يا سڀاڻ ٻڌون ٿا. زرداريءَ جي گرفتاري ۾ دير ان ڪري پئي ڪئي وئي جو قانون ۽ عدالت جا سمورا پاسا ڏسڻ سان گڏ ملڪ ۾ سياسي حالتن بابت به حڪومت ڪنهن مناسب وقت جي انتظار ۾ هئي.
زرداري جي گرفتاري ان ڪري به اڻ ٽر هئي ته وزيراعظم عمران خان جي اها شديد خواهش هئي ته نواز شريف ۽ زرداري ٻنهي کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهجي. هن اهو قدم کڻي ماڻهن کي توڙي وڏن کي ٻڌائڻ پئي گهريو ته ڏسو آئون ايڏو شينهن مڙس آهيان جو وڏن وڏن سياسي رانديگرن کي ٻڌي ڍير ڪريان پيو، هروڀرو توهان کي اهو ڊپ هو ته اهي پاپولر ليڊر ۽ وڏا گرگهه آهن. بهرحال ٻن وڏين پارٽين جي مک ليڊرن جي گرفتاري عمران خان جي وڏي سياسي اسڪورنگ ليکي ويندي.
هوڏانهن ڪالهه شهباز شريف لنڊن مان پهتو آهي ته ٻئي ڏينهن تي آصف زرداري جي گرفتاري ٿي آهي. جڏهن نواز شريف به لنڊن مان وطن ويو ته سياست ڇا چونڊن جا نتيجا ئي تبديل ٿي ويا هئا. شهباز جو واپس موٽڻ اهم آهي. هفتو کن اڳ اسلام آباد ۾ اهي ڳالهيون هُليون ته رڳو زرداري ئي نه پر، نواز ليگ مان شاهد خاقان عباسي ۽ حمزه شهباز به گرفتار ٿيندا. خيال آهي ته شايد شهباز شريف پٽس کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ آيو هجي. اها ڳالهه فطري لڳي ٿي پر ان ۾ سياسي پهلو به آهي. بلاول ڀٽي جي افطار پارٽي ۾ سمورين اپوزيشن پارٽين متحد ٿيڻ جو موڊ ڏيکاريو. مولانا فضل الرحمان کي آل پارٽيز ڪانفرنس جو اختيار ڏنو ويو. افطار پارٽي ۾ پارٽي جي سينيئر ليڊرن هوندي به عملي طور قيادت مريم نواز ڪري رهي هئي. ان کان اڳ جڏهن بدليل حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارٽي عهدن ۾ تبديليون آنديون ويون، پارٽي جنهن لائين وٺڻ جو اشارو ڏنو سو نواز شريف ۽ مريم نواز وارو بيانيو هو. يعني جهيڙي واري حڪمت عملي شهباز شريف جي مفاهمت واري عملي جي ابتڙ هئي. تازو وري نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز کي نياپو ڪيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ريفرنس جي حوالي سان وڪيلن جو ساٿ ڏنو وڃي. اهڙي صورت ۾ نواز ليگ کي هن سڄي معاملي کان دور رکڻ لاءِ حمزه شهباز جي گرفتاري اڻٽر بڻجي رهي هئي، جيڪو اپريل جي پهرين هفتي کان آصف زرداري وانگر هر هفتي عبوري ضمانت ۾ توسيع واري عمل کان گذري رهيو هو.
ظاهر آهي ته پيپلزپارٽي آصف زرداري جي گرفتاري تي ماٺ ڪري ڪونه ويهندي، احتجاج ڪندي. فوري طور تي رڳو سنڌ ۾ پارٽي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، جڏهن ته مصطفيٰ کوکر بلاول ڀٽو جي ترجمان طور ڪارڪنن کي پرامن رهڻ لاءِ چيو آهي يعني سنڌ کان علاوه في الحال احتجاج نه ڪيو وڃي. سنڌ کي ڇڏي باقي ملڪ ۾ پيپلزپارٽي ٻين اپوزيشن پارٽين سان گڏجي احتجاج ڪرڻ گهري ٿي خاص ڪري نواز ليگ ته لازمي طور هجي ئي هجي ڇاڪاڻ جو پيپلزپارٽي جي حڪمت سازي ڪندڙن کي ڄاڻ آهي ته ڳالهه تيستائين مزو نه ڪندي جيستائين نواز ليگ به ان ۾ شامل نٿي ٿئي.
هونئن ملڪي صورتحال جو زائچو ڪجهه ايئن آهي ته ڪو انتظام نظر نٿو اچي. بدترين گورننس، ناتجربيڪاري، معيشت جي بدحالي عام ماڻهو لاءِ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ترقياتي رٿائون ٺپ آهن، ڊالر بي قابو، بيرروزگاري ۾ اضافو، صنعتون بند، سيڙپڪار گم آهن، پارليامينٽ بي معنيٰ بڻيل آهي. ڊيپوٽيشن تي آيلن ذريعي حڪومت هلائي پئي وڃي، سياسي ماحول به ڪو چڱو ڪونهي. اختر مينگل چوي ٿو ته هو بجيٽ جي منظوري ۾ حڪومت جو ساٿ نه ڏيندو. پي ٽي آءِ اندر اختلافن ڪرُ کنيو آهي. پارٽي جو ترجمان ايتري قدر جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به وضاحتون ڪندو ٿو وتي ته وزيراعظم عمران خان ئي رهندو.
هڪ نظر ۾ ڏٺو وڃي ته اها سڄي صورتحال ماحول کي سازگار بڻائي ٿي ته اپوزيشن جي اي پي سي نهايت سولائي سان حڪومت ڊاهڻ بابت حڪمت عملي جو فيصلو ڪري ڇڏي. اپوزيشن جي ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ پارليامينٽ جي ٻاهران احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي مرحلي ۾ عوام کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ جلسا جلوس ڪيا ويندا. ٽئين مرحلي ۾ ماڻهن کي اسلام آباد پهچڻ جو سڏ ڏنو ويندو. لڳي ٿو ته ان کان اڳ جو اپوزيشن منظم ٿي ڪا شڪل اختيار ڪري، احتجاج جي ڀرپور حڪمت عملي جوڙي وٺي، حڪومت آصف زرداري کي گرفتار ڪري ورتو ۽ حمزه شريف جي گرفتاري جو ڊپ ڏئي شهباز شريف کي به وطن ورڻ تي مجبور ڪري ورتو. مولانا فضل الرحمان اي پي سي جون جي ٻئي ٽئين هفتي ۾ ٿيڻي آهي. في الحال ڪوشش ڪئي ويئي ته نواز ليگ اپوزيشن سان منظم نه ٿئي ۽ اهو به ته پيپلزپارٽي احتجاج ڪري ته اڪيلي سر ڪري. اهو حڪومت جو خيال آهي ته ايئن پيپلزپارٽي اڪيلي ٿي ويندي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي اڪيلي ٿي بيهي ٿي ته ان کي مارڪٽ ڪرڻ ته سولو آهي، ساڳئي وقت تي ويجهڙ ۾ حڪومت خلاف اپوزيشن جي تحريڪ به نه اڀري سگهندي.
هتي ٻه ڳالهيون تمام اهم آهن، هڪ سنڌ جي عام راءِ، ان مان مطلب سماج ۾ اثر رکندڙ اهڙا گروپ يا ماڻهو جيڪي هونئن پيپلزپارٽي ۾ ناهن پر ڏکئي وقت تي پارٽي جو ساٿ ڏين ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي عمران خان ۽ ان جي پاليسين کي بنهه درست نٿا سمجهن، هن کي سنڌ لاءِ ڌاريو ٿا سمجهن. ان جي ڀيٽ ۾ سمورين براين ۽ تنقيدن جي باوجود پيپلزپارٽي بطور پارٽي بهتر سمجهن ٿا. اهي ئي ماڻهو يا گروهه عام راءِ جوڙين ٿا. انهن جو رول نهايت اهم بڻجي ٿو. لڳي ٿو ته اهي پيپلزپارٽي سان بيهندا. وڏو امتحان خود سنڌ حڪومت لاءِ آهي، جيڪا وفاقي حڪومت جي بيوقوفين سبب اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويئي آهي ته عمران خان جي حڪومت ناڻي ۽ ترقياتي رٿائن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪري رهي آهي ۽ ان جو جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت جي اها حڪمت عملي سياسي طور پارٽي کي ته فائدو ڏيندي پر ڇا اهو پنهنجو پاڻ به بچائي سگهندي؟ پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت جي موجودگي پارٽي کي تحريڪ دوران فائدو ڏئي سگهي ٿي، ان ڪري موڊ تي هلندڙ وفاقي حڪومت ڪا وڌيڪ بيوقوفي به ڪري سگهي ٿي.

https://www.pahenjiakhbar.com/articles/آصف-علي-زرداريءَ-جي-گرفتاري-پيپلز-پارٽ/?fbclid=IwAR0YJ0mZ8A5wnKTNjfo2rKhJbikoucpWDYmFqJidVkU-8etTPsl2zSMjdKU

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home