Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Tuesday, June 04, 2019

پاڪستان کي ڏکئي موڙ تي آڻيندڙ امريڪا- ايران جهيڙو!

پاڪستان کي ڏکئي موڙ تي آڻيندڙ امريڪا- ايران جهيڙو!




پاڙيسري ۽ مسلمان ملڪ ايران تي آمريڪا جو دٻاءُ وڌي ويو آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ ايران تي معاشي پابنديون مڙهيون آهن، انهن پابندين ۾ سختي آندي پئي وڃي، جنهن موجب جيڪو ملڪ ايران کان تيل خريد ڪندو ان ملڪ خلاف معاشي پابنديون هنيون وينديون. آمريڪا پهرين ڳالهين لاءِ تيار نه هو، جڏهن روس ايران جي حمايت ڪئي ۽ زور ڀريو ته آمريڪا ايران سان ڳالهيون ڪري تڏهن بظاهر آمريڪا چوي ٿو ته هو بنا ڪنهن اڳواٽ شرط جي ڳالهيون ڪندو پر ان سان گڏ ٽي فرمائشون ڪيون اٿس. هڪ اهو ته ايران هڪ عام رواجي ملڪ وارو رويو اختيار ڪري. ٻيو اهو ته پنهنجي جوهري پروگرام کي روڪي ۽ لبنان ۾ موجود تنظيم حزب الله ۽ شامي حڪومت جي مدد نه ڪري. ان ۾ هڪ ڌمڪي به شامل آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير پومپيو چوي ٿو ته “ايران کي وچ اوڀر ۾ مجرماڻين سرگرمين جي اجازت نه ڏني ويندي.” ايران جو ڳالهين بابت اهو موقف آهي ته ان کي عزت ڏني وڃي.
گذريل سال آمريڪي صدر ٽرمپ ايران ۽ عالمي طاقتن جي وچ ۾ ايران جي جوهري پوگرام کي روڪڻ لاءِ گڏيل جامع ٺاهه تان يڪ طرفو هٿ رکڻ جو اعلان ڪيو. اهو ٺاهه 2015ع ۾ ٿيو هو. ان ٺاهه کان پوءِ ايران مٿس لڳل پابندين ۽ سختين کي منهن ڏيندو رهيو پر هاڻي آمريڪا ٺاهه تان ڦري ويو آهي. آمريڪا ايران تي علائقي ۾ عدم استحڪام پکيڙڻ جو الزام هنيو. ان سان گڏوگڏ آمريڪي بحريه طياره بردار جهاز کي ايراني نار ڏانهن روانو ڪيو. ساڳئي وقت 52 بمبار جهاز قطر جي اڏي تي بيهاري ڇڏيا اٿس.اصل ڳالهه 2015ع واري ٺاهه تي عمل نه ڪرڻ جي ناهي ڇاڪاڻ جو ان تي ته ايران عمل ڪري رهيو هو، اصل ڳالهه وچ اوڀر ۾ ايران جي وڌندڙ اثر جي آهي، جنهن کان رڳو آمريڪا ئي نه پر سعودي عرب به ڊنل آهي. ايران جو موقف اهو آهي ته جڏهن آمريڪا ٺاهه تان هٿ کڻي ويو آهي ته هروڀرو کيس ان ٺاهه لاءِ ڇو پيو زور ڀريو وڃي؟
اصل ۾ آمريڪا وچ اوڀر ۾ ان سان گڏوگڏ جتي چين جو معاشي توڙي فوجي اثر وڌي رهيو آهي، ان کي روڪڻ گهري ٿو. ان ڪم جي مهنداري سعودي عرب کي ڏني ويئي آهي. ٻه هفتا کن اڳ سعودي، نار واري ملڪن جي سهڪاري تنظيم جو اجلاس گهرايو هو، جنهن ۾ سعودي عرب عالمي اداري تي زور ڀريو ته هو ايران کي ٻين جي معاملن ۾ مداخلت کان روڪي. هن نار وارن ملڪن کي چيو ته اچوته سڀ گڏجي ايران جو مقابلو ڪريون، ان مقصد لاءِ ٺوس فيصلائتو موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان بعد اسلامي ملڪن جي تنظيم جو مڪي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان به شرڪت ڪئي. مڪي وارو اعلان نامو لڳ ڀڳ نار وارن ملڪن جي ڪائونسل جي ٺهراءُ جهڙو ئي آهي.
ٽرمپ جي فرمائش تي ايران مان ڀارت، ڏکڻ ڪوريا، جپان سميت سڀ هٿ ڪڍي ويا آهن. مئي ۾ انهن ملڪن ايران کان تيل نه ورتو، چين به في الحال هٿ هلڪو ڪري ويو آهي.
اهي ملڪ روزانو 16 لک بيرل تيل وٺندا هئا. انهن سمورن ملڪن ان ڊپ وچان اهو قدم کنيو آهي ته ڪٿي اهي نه آمريڪا جي معاشي پابندين، واپار ۾ ملندڙ مختلف رعايتن جي لپيٽ ۾ نه اچي وڃن. يعني ٻين ملڪن کي به مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهي آمريڪا جي انهيءَ يڪطرفي فيصلي ۾ ساڻس گڏ بيهن. دراصل معاشي پابنديون پنهنجي جاءِ تي خود جارحيت ۽ معاشي حملو آهي. هي هڪ اهڙي تياري ۾ آهي جيڪا مڪمل حملي کان اڳ ڪئي ويندي آهي. اصل يا مڪمل حملي ۽ پابندين جي وچ ۾ ڪجهه وٿي آهي جنهن ۾ حب الوطني جو دهل وڄائي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي جيئن ايران خلاف ڪارروائي يا جنگ جي لاءِ ماحول ٺاهيو وڃي، هڪ بيانيو جوڙي عوام وٽان حمايت حاصل ڪئي وڃي. عراق، شام، نڪاراگوا خلاف ڪاررواين مهل به ايئن ئي ڪيو ويو هو. آمريڪي آئين موجب جنگ جي اعلان لاءِ ڪانگريس کان منظوري وٺڻ ضروري هوندو آهي. ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي ته آمريڪي ڪانگريس وٽان جنگ بابت آخري منظوري 1942ع ۾ ورتي وئي هئي، ان بعد امريڪا جيڪي به جنگيون ڪيون سي سڀ سندن آئين موجب غير قانوني آهن.
ماهرن جو خيال آهي ته ايران کي پنهنجي معيشت برقرار رکڻ لاءِ روزانو 15 لک بيرل تيل وڪڻڻ ضروري آهي، ان کان گهٽ مقدار جي صورت ۾ ان جي معيشت ويهي رهندي ڇاڪاڻ جو ايران جي معيشت جو دارو مدار تيل تي ئي آهي. انهن معاشي پابندين کي منهن ڏيڻ حساس معاملو آهي. جيڪڏهن ايران تڪڙ ۾ ڪو قدم کڻي ٿو ته اهو ٽرمپ کي جواز مهيا ڪندو ته سڌو سنئون هو فوجي حملو ڪري. ايران وٽ وڏي ۾ وڏي چال اها آهي ته هو هرمز اسٽريٽ کي بند ڪري. هرمز اسٽريٽ وڏو سامونڊي لنگهه آهي جتان نار وارن ملڪن جو وڏي پيماني تي تيل سميت ٻيو واپار ٿئي ٿو. جيڪڏهن هرمز اسٽريٽ بند ٿئي ٿي ته هڪ ئي ڌڪ سان اولهه جون معيشتون ۽ اسٽاڪ مارڪيٽون ڌڙام سان ڪري پونديون. ڪجهه ڏينهن اڳ نار واري علائقي ۾ هڪ تيل بردار جهاز تي حملو ٿيو هو. ايران حملي کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو. پر اهو ايران سميت سڀني لاءِ پيغام هو ته اتان لنگهندڙ جهاز ڪنهن به لپيٽ ۾ اچي سگهن ٿا. يعني ايران جيڪڏهن پنهنجو تيل لڪ چوري موڪلڻ گهري، ته نٿو ملڪي سگهي.
ايران چوي ٿو ته جيڪڏهن اسانکي هرمز اسٽريٽ استعمال ڪرڻ نٿي ڏني وڃي ته ٻيو ڪير به ڪري نه سگهندو. ڪو شڪ ڪونهي ته ايران وٽ هرمز اسٽريٽ وڏو هٿيار آهي. پر اهڙي ڪنهن قدم جي صورت ۾ آمريڪي بحريه جو ٻيڙو ۽ قطر ۾ بيهاريل بمبار جهاز حرڪت ۾ اچي ويندا. في الحال ايران کي معاشي ۽ سياسي لحاظ کان اڪيلو ڪيو پيو وڃي ۽ ڪمزور ڪيو پيو وڃي. ان مقصد لاءِ آمريڪا علائقي ۾ سمورا معاملا سعودي عرب جي ذريعي ڪري رهيو آهي. هن ڪم ۾ سعودي عرب جو به مفاد آهي ته ايران جن ملڪن کي تيل ڏيندو هو، تن کي هاڻي سعودي عرب تيل ڏيندو ۽ نفعو ڪمائيندو.
پاڪستان جي لاءِ ڏاڍي نازڪ صورتحال آهي. وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ دوري تي آيل ايراني پرڏيهي وزير کي يقين ڏياريو هو ته هو ايران خلاف جنگ جو حصو نه بڻبو. وزيراعظم ايران خلاف آمريڪي جنگ جي به مخالفت ڪئي هئي. پاڪستان يمن ۽ سعودي عرب واري جهيڙي ۾ پاڻ کي پري رکڻ ۾ ڪامياب ويو. تڏهن ملڪي معيشت جون حالتون مختلف هيون ۽ صف بندي به ايڏي وڏي ۽ ان جا ليڪا به ايترا چٽا نه هئا. هاڻي آمريڪا سعودي عرب ۽ نار وارا ملڪ سڀ هڪ پاسي آهن ۽ اهو پاسو ايران جي خلاف آهي. پاڪستان مالي طور تي انهن ئي ملڪن جي ٽيڪ تي بيٺو آهي. تيل اوڌر تي وٺڻ، واپار کان وٺي سيڙپڪاري تائين ويندي آءِ ايم ايف وارو قرض پاڪستان لاءِ ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي. هو بس اها ئي دعا گهري سگهي ٿو ته ايران آمريڪا جهيڙو جنگ تائين نه وڃي، ان تائين وڃڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻو پوندو. ممڪن آهي ته خود پاڪستان جي اندر به گهڻو ڪجهه تبديل ٿي وڃي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home