Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 28, 2019

مخالف ڌر کي حڪومت جي ڪمزور سِرَ جي ڳولا!

مخالف ڌر کي حڪومت جي ڪمزور سِرَ جي ڳولا!:

مخالف ڌر کي حڪومت جي ڪمزور سِرَ جي ڳولا!





Posted on (1:16 pm)




انگريزي ۾ چوڻي آهي ته، “روم هڪ ڏينهن ۾ ڪونه ٺهيو هو”، سو هي ته اڌ ڊزن کان وڌيڪ سياسي پارٽين جي حڪومت خلاف گڏيل تحريڪ هلائڻ جو معاملو آهي. اهي جماعتون جيڪي مختلف نظريا ۽ پس منظر رکندڙ آهن، جيڪي هڪٻئي جون مخالف ۽ مقابلو ڪندڙ به آهن. هونئن به ڪا تحريڪ ڪنهن هڪ ڪانفرنس سان ڪڏهن به شروع نه ٿي آهي. اصل ۾ سياسي تحريڪن جو عوامي هجڻ تمام ضروري آهي، اهو تڏهن ٿي سگهندو آهي جڏهن عوام حڪومت کان بنهه بيزار ٿي روڊن تي نڪري ايندو آهي. ڪنهن به تحريڪ هلڻ لاءِ هڪ ٻيو شرط به ضروري هوندو آهي، سو هي ته حڪومت اقتدار ۾ ايترو عرصو گذاريو هجي، جو ان جي ڪارڪردگي جا هاڪاري ۽ ناڪاري اثر سماج تي پئجي چڪا هجن. ماڻهن ان مان بهتريءَ جو بنهه آسرو پليو هجي. ساڳئي وقت تي اهو ته حڪمران طبقا پاڻ بيزار ٿي ان کي هٽائڻ چاهيندا هجن، واڌو اهو ته ان حڪومت کي هٽائڻ بعد مناسب ۽ هڪ حد تائين متفق متبادل موجود هجي. ان ڪري اهو سوچڻ غلط ٿيندو ته سڀاڻي هي حڪومت ڊهي پوندي يا حڪومت لاءِ ڪا وڏي مصيبت کڙي ٿي پوندي. اپوزيشن ڪجهه ڳالهين تي اتفاق ڪيو آهي. سي اهي ته 25 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. چئني صوبن ۾ ان ڏينهن تي جلسا ٿيندا. سياسي پارٽيون پارليامينٽ اندر به جدوجهد ڪنديون. يعني خاص طور تي ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پارليامينٽ جي اندر وارو آپشن ڇڏڻ نٿيون چاهين. انهن جو خيال آهي ته خود پارليامينٽ اندر ڪجهه اهڙيون سِرون موجود آهن جن کي سرڪائڻ سان حڪومت آئيني ۽ قانوني طريقي سان ڪمزور ٿي سگهي ٿي ۽ ڊهڻ جي عمل ۾ داخل ٿي سگهي ٿي.


ماضي ۾ به اپوزيشن جي ڪا تحريڪ هڪ ڌڪ ۾ نه هلي آهي. ايوب خان جي خلاف پهريون اتحاد خواجه خيرالدين ۽ ممتاز دولتانه جي ڪائونسل مسلم ليگ، عوامي تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي جي ڀاشاني توڙي ولي خان گروپن، نظام اسلام پارٽي ۽ جماعت اسلامي تي ٻڌل هو، جنهن ڪمبائينڊ اپوزيشن پارٽيز (سي او پي) جي طرفان صدارتي اليڪشن ۾ ايوب خان جي خلاف قائداعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح کي بيهاريو، جيڪا اليڪشن ته کٽي نه سگهي پر ايوب حڪومت کي چئلينج ۽ ڪمزور ضرور ڪيو.


ٻيو اتحاد نوابزاده نصرالله خان جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي نالي سان 1967ع ۾ ٺهيو، جنهن 1969ع ۾ پنهنجو نالو ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪميٽي (ڊيڪ) رکيو. هن اتحاد ٺهڻ جي ٻن سالن کان پوءِ تحريڪ شروع ٿي سو به جڏهن ايوب خان پنهنجي حڪومت جي ڏهه سالن جي ڪارڪردگي جو جشن ملهائي، ماڻهن کي پنهنجا ڏک سور ياد ڏياريا ۽ “ڊيڪ” کي وجهه ڏنو. ايوب خان رياستي ڏاڍ ذريعي پنهنجي خلاف تحريڪ روڪڻ گهري ته اها سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي. ڪراچي، لاهور، ڍاڪا، پشاور کان فوج گهرائي ويئي. فيبروري 69ع ۾ ايوب خان سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ مجبور ٿي ويو. هن اپوزيشن سان ٺاهه ڪرڻ پئي چاهيو، ان ڪري هن نئين آئين ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو پر کيس جنرلن وٽان حمايت نه ملي سگهي. نتيجي ۾ يحيٰ خان ملڪ ۾ مارشل لاڳو ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي اها صورتحال بيٺي جو يحيٰ سياسي پارٽين سان ڳالهيون شروع ڪيون ته هر ڪا پارٽي پنهنجا مطالبا رکڻ لڳي. مولانا مودودي اسلامي آئين جو مطالبو ڪيو. عوامي ليگ صوبائي حقن وارو مطالبو مقبول ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ ڊيڪ غير موثر ٿي وئي. ساڄي ڌر جون جماعتون وڏي حد تائين irrelevant ٿي ويون. باقي ميدان ۾ پيپلزپارٽي ۽ عوامي ليگ وڃي بچيون.


ذوالفقار علي ڀٽي خلاف به پهريون اتحاد يونائٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ (يو ڊي ايف) 1973ع ۾ ٺهيو. پنجن سالن کان پوءِ هڪ نئون اتحاد پاڪستان نيشنل الائنس وجود ۾ آيو، جنهن ان خلاف تحريڪ هلائي، اها تحريڪ به تڏهن هلي جڏهن آمريڪا ڀٽي کي هٽائڻ پيو چاهي. ساڳي طرح جنرل ضياءُ الحق خلاف ايم آر ڊي تحريڪ تڏهن هلي جڏهن هو آمريڪا جي فرمائشن باوجود سويلين اقتدار ۾ حصو پتي ڏيڻ نه پيو چاهي. يعني رڳو ملڪي ڌريون ئي نه پر غير ملڪي ڌريون به ضياءُ الحق جي خلاف ٿيل هيون. نيٺ پاڪستان کي سي 130 جهاز ۽ آمريڪا کي پنهنجي سفير جي قرباني ڏيڻي پئي. جيڪڏهن بينطير ڀٽو ۽ نواز شريف جي 90ع واري ڏهاڪي جي حڪومتن جو جائزو ورتو وڃي تڏهن به ٻه ڳالهيون بنهه چٽيون نظر اينديون. هڪ اها ته ٻئي حڪومتون ٻه ٻه سال گذاري چڪيون هيون ٻي ڳالهه ته ملڪ جي اندر واڳ ڌڻي کين هٽائڻ چاهين پيا. ڇا عمران خان کي به واڳ ڌڻي هٽائڻ گهرن ٿا؟ گهٽ ۾ گهٽ آصف زرداري ۽ مريم نواز بار بار اهو ئي سوال ڪن ٿا يا اهو چون ٿا ته ڳالهيون انهن سان ٿينديون، اسان جو مطالبو انهن کان آهي.


تحريڪ هڪ ڊگهو ۽ پيچيده عمل هوندو آهي. ڪهڙو قدم ڪڏهن کڻجي؟ ۽ ڪهڙي سر ڪيئن کسڪائجي؟ انهن شروعاتي اپائن جا ڪهڙا اثر ۽ نتيجا نڪرندا؟ اهو سڀ ڪجهه اهم هوندو آهي. اڃان اپوزيشن پارٽين کي ڪيترن ئي مطالبن ۽ حڪمت عملي جي پهلوئن تي متفق ٿيڻو آهي. گذريل ڏينهن واري ڪل جماعتي ڪانفرنس کي ئي وٺو. اندريان ذريعا چون ٿا ته مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو جي وچ ۾ ٻن موقعن تي تڪرار 45 منٽن تائين جاري رهيو. مولانا چاهيو پئي ته معاملو وچ مدي وارين چونڊن ڏانهن وٺي وڃجي، جيڪڏهن مارشل لا لڳي ته ڀلي لڳي، پر پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جو موقف هو ته حڪومت کي ٿڪائجي، بلاول ڀٽو مارشل لا جهڙي صورتحال جي حق ۾ نه هو. هو ايتري قدر جذباتي ٿي ويو جو چيائين ته مارشل لائن منهنجي نانا، ٻن مامن ۽ ماءُ کي ڳڙڪايو، اسين پارليامينٽ کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏينداسين. مولانا فضل الرحمان جي اها تجويز به هلي نه سگهي ته “وزيراعظم عمران خان صحابه جي توهين ڪئي آهي جنهن جو گڏيل پڌرنامي ۾ ذڪر ٿيڻ گهرجي.” بلاول ان جي مخالفت ڪئي، چيو ته “مذهب کي سياست کان الڳ رکڻ گهرون ٿا.” اصل ۾ مولانا جو پارليامينٽ کان ٻاهر وارن معاملن تي ان ڪري زور آهي جو ان صورت ۾ تحريڪ سندس هٿ ۾ هوندي ۽ پارليامينٽ اندر ٿيندڙ ڪاررواين ۾ اڳواڻي پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي وس هوندي.


اپوزيشن جڏهن پارليامينٽ اندر ويڙهه ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿي ته ان مان مطلب قومي اسيمبلي اندر ٽف ٽائيم ڏيڻ سان گڏوگڏ وڏو ڪم اهو ڪرڻو آهي ته سينيٽ جو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين تبديل ڪيا وڃن. موجوده چيئرمين صادق سنجراڻي پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي گڏيل ووٽن تي چونڊجي آيو آهي. اپوزيشن خاص ڪري پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جو خيال آهي ته حڪومت خلاف جنهن ڪمزور سر جي ڳولا آهي سا سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي تبديل ڪرڻ آهي.هوڏانهن پارليامينٽ ۾ وڌندڙ دٻاءُ ۽ روڊن تي گڏيل اپوزيشن جي سرگرمين ڪري پنجاب حڪومت خلاف اپوزيشن اسيمبلي اندر توڙي ٻاهر تحريڪ شروع ڪري سگهي ٿي. حڪمت عملي جي حوالي سان عملي طرح اپوزيشن اهو پئي چاهي ته حڪومت کي ڊاهڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻ ٿورو وقت کان اڳ ٿيندي. ان تحريڪ کي ميچوئر ڪجي ۽ مرحليوار انداز ۾ حڪومت کي ڪمزور ڪجي. اهو سلسلو نومبر جي آخر تائين ڇڪي وڃجي، جڏهن هڪ سگهاري اداري جي سربراهه جي تبديلي ٿيندي.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home